منهنجو پنهنجي متعلق ننڊڙو عرض

'تعارف' فورم ۾ سلام خان طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2011۔

  1. سلام خان

    سلام خان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2011
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    خدا جا لک احسان جنهن اشرف المخلوقات انسان بڻائي پي ما جهڙي مهربان مخلوق جي گود ۾ وڌو اهو واقعو 1982 ۾‌صوڀوديري جي ڀر سان هڪ ننڊڙي ڳوٺ محمد لائق منڱڻيجو ۾‌ٿيو، ٻڌائين ۽ قسم کائين ٿا ته سَٺي تي پورا ٻه ڪُنا ڀت جا چاڙهيا هين پر مون کي بلڪل ياد نه آهي بهرحال منهنجا مهربان سڄڻ ۽ ساٿيو ڏکيو سکيو انٽر تائين پڙهيو هاڻي روزي جي تلاش ۾ پنهنجي ڪنهن پاڙيسري ملڪ ۾‌ ڏينهن رات هڪ ڪري موالي وانگر لڳا پيا آهيون ۽ ان سان گڏ ڪوشش هوندي آهي ته توهان جهڙن پڙهيل لکيل ڀلوڙ ڀائرن جي علمي فڪري۽ جديد دنيا کان به با خبر رهون پنهنجي ضمير کي خوش رکڻ لا مڙئي ان کي به ڪوڙا دلاسا ڏيون گذارو ڪريون توهان دوستن جي اخلاق گفتار نوشتار کان متاثر ٿي هن ٻيڙي ۾ چڙهيا آهيون ڏسون ته ڪٿي ٿا پڄون
    توهان جي دعائن جو بيحد محتاج
    سلام خان مڱڻيجو
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: منهنجو پنهنجي متعلق ننڊڙو عرض

    سلام..خان کي عاشق جو سلام....ادا اوهان کي هن جاکوري سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي اسان ڀليڪار ٿا چئون..ويلڪم سلام خان
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: منهنجو پنهنجي متعلق ننڊڙو عرض

    ادا سلام خان مڱڻيجو اوهان کي ڀليڪار

    سنڌ سلامت جي سهڻي فورم ۾ شامل ٿيڻ تي خوشي ٿي۔ اميد ته اوهان پنهنجي خوبصورت لکڻين سان فورم کي سونهن بخشيندا رهندا۔

    [​IMG]
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: منهنجو پنهنجي متعلق ننڊڙو عرض

    سهڻا سلام خان، ڀلي ڪري آيا ۔۔۔ اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔ اوهانجي ليک ۽ تعرف مان خبر پوي ٿي ته خوب گذرندي جڏهن ملندا چريا چار ۔۔۔۔

    رب العالمين اوهانکي پرديس جي فڪر کان جلد آزاد ڪندو، ڇاڪاڻ پرديس ۾ رزق حلال ڪمائڻ پڻ جهاد جي مد ۾ اچي ٿو، پرديس ۾ رهي انسان پنهنجن جي خوشين ۽ ڏکن کان پري رهي ٿو ۽ پنهنجن احساسن سان ويڙهه ڪندو رهي ٿو، انڪري اهو هڪ جهاد آهي ۔۔۔۔ اوهانکي شابس جو اوهان اهو جهاد ڪريو پيا ۔۔۔

    اوهانکي هي اوطاق پسند آئي ،،، لک ٿورا ،،، هي اوطاق اوهان جهڙن ڪيترن ئي دوستن سان سنواريل آهي ۔۔۔ جت سڀ دوست سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار ڪري هڪٻئي جي رهنمائي ڪندا آهيون ۔۔۔ ۽ حالي احوالي ٿيندا آهيون ۔۔۔

    اوهانجو ساٿ پڻ اسانجي روح جي راحت ٿيندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    رب اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: منهنجو پنهنجي متعلق ننڊڙو عرض


    [justify]ادا سائين اوهان جنهن سونهن سان اچڻ سان جيڪي فرامين و اقوال ونڊيا آهن انهن لکڻين مان اوهانجي ذوق جي خبر ته پئجي وئي آهي ته اوهين جتي به آهيو پر ميان آهيو ماڻهون محبتي الله اوهان جي محبتن جي ڇانَوَ کي اسان مٿان هميشه دائم و قائم رکي
    ٻيو ته ادا باضمير جا گذري سا انسانن جي زندگي هوندي آهي اها زندگي ئي ته مرداڻي زندگي آهي باقي بيضمير زندگي کي جهڙو غلط ناءُ ڏجي ان ناءُ جي توحين آهي الله اسان کي مرد ٿي زندگي گذارڻ جي توفيق ڏئي۔
    آمين وسلام[/justify]
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: منهنجو پنهنجي متعلق ننڊڙو عرض

    ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون

    سدائين گڏ
     
  7. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: منهنجو پنهنجي متعلق ننڊڙو عرض

    ادا سلام خان!
    هن محبتي اڱڻ تي ڀلي ڪري آيا۔۔۔ اسان جي استاد چواڻي ته توهان جي لکڻي مان لڳي ٿو توهان کي ادب سان ٿوڙي گهڻي دلچسپي آهي۔۔۔ خيئر جي نه به آهي ته هن اوطاق تي پاڻ‌هي ٿي ويندي۔۔ اسان جون اکيون ٿڌيون ٿينديون آهي۔۔جڏهن ڪوئي پنهنجي قرب جا قدم ڀري اسان جي هن غريباڻي اوطاق تي ايندو آهي۔۔ سڀني دوستن جي اها ئي ڪوشش رهندي آهي ته مهمان جي سٺي نموني خاطري ڪئي وڃي پر توهان ڪجهه ئي ڏينهن ۾ هتي مهمان نه پر ميزبان بڻجي پوندا۔۔۔ دوستن جي سجايل هن اوطاق ۾ توهان کي هر قسم جي ڄاڻ ملندي۔۔۔
    اميد ته ساٿ سدائين قائم رهندو۔۔۔
    سدائين گڏ۔۔۔۔ جيڏانهن پيرَ، تيڏانهن ڄنگهون \:d/
     
  8. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: منهنجو پنهنجي متعلق ننڊڙو عرض

    ادا سلام۔۔۔
    اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا۔۔
    اوهان جي ونڊن جو انتظار رهندو۔۔
    مهربانيون
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: منهنجو پنهنجي متعلق ننڊڙو عرض

    ادا سلام خان!
    هن محبتي اڱڻ تي ڀلي ڪري آيا۔۔۔ ادا اوهان ته مهنجا ڳوٺائي آهيو مطلب ته مهنجي ۽ رنجيت جي ضلعي خيرپور جا آهيو ادا ڀلي ڪري آيا جي ڪري آيا اسان جي طرفان اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڪهي آيا اوهان جا لک ٿورا اميد ته هن اوطاق تي اچي ڪري اوهان کي گهڻو مزو ايندو ۔۔ ڇو ته هتي مون جهڙا موالي به آهين ته شاعر به مست به آهين ته فقير به مولائي به آهين ته درويش به سو اوهان کي سلفي کان وٺي شعر تائين هر شي ملي ويندي۔۔۔ سو اميد ته توهان هتي گهڻو انجوائي ڪندا ۔۔۔۔
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: منهنجو پنهنجي متعلق ننڊڙو عرض

    مست طرفان به سنڌ سلامت تي سلام خان کي دل جي گهرائين سان سلام ۽ ڀليڪار ۔۔۔۔
    بيشڪ پنهنجي ملڪ ۾ روزگار جا موقعا گهٽ‌ملڻ سبب ڪيترائي سنڌي ٻاهرئين ملڪن ۾ رزق روزي حاصل ڪرڻ‌لاءِ‌نڪتل آهن۔۔ الله اوهان کي پرديس ۾ پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي۔۔۔
    اميد ته ادا توهان سنڌ سلامت تي پنهنجي مزيدار تعارف وانگر مزيدار موضوع ونڊ ڪندا رهندا۔۔۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: منهنجو پنهنجي متعلق ننڊڙو عرض

    اسلام عليڪم
    ادا سلام خان.
    توهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد.
     
  12. سلام خان

    سلام خان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2011
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: منهنجو پنهنجي متعلق ننڊڙو عرض

    بيحد مشڪور آهيان توهان سڀني مهربانن جو جن تصور کان به مٿانهين موٽ ڏني آ ڪنهن جو نالو کڻي ڪنهن کي، ڪنهن تي ترجيح‌ڏيان؟ بس ايترو يقين ڪيو توهان مان هر هڪ دوست جي لکت پڙهي هر هڪ جي ڦوٽو يا آ ڊي کي سلام بدران سُلوٽ ڪري هي جواب لکيو آهي الله ڪندو هميشه شاد ۽ آباد رهندا
     
  13. سلام خان

    سلام خان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2011
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: منهنجو پنهنجي متعلق ننڊڙو عرض

    بيحد مشڪور آهيان توهان سڀني مهربانن جو جن تصور کان به مٿانهين موٽ ڏني آ ڪنهن جو نالو کڻي ڪنهن کي، ڪنهن تي ترجيح‌ڏيان؟ بس ايترو يقين ڪيو توهان مان هر هڪ دوست جي لکت پڙهي هر هڪ جي ڦوٽو يا آ ڊي کي سلام بدران سُلوٽ ڪري هي جواب لکيو آهي الله ڪندو هميشه شاد ۽ آباد رهندا
     
  14. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: منهنجو پنهنجي متعلق ننڊڙو عرض

    ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون
     
  15. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: منهنجو پنهنجي متعلق ننڊڙو عرض

    اد سلام خان مڱڻيجو سهڻي سنڌه سلامت جي اڱڻ تي دل جي گيهراين سان خوش آمديد
     
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: منهنجو پنهنجي متعلق ننڊڙو عرض

    ادا اوهان کي ڀليڪار چئجي ٿو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو