امداد حسيني - سنڌ جو عاشق مزاج شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    اڄ 10 مارچ آهي ، جيڪو سيد امداد حسيني جو جنم ڏينهن آهي۔ امداد حسيني (سڄو نالو: سيد امداد علي شاهه ولد سيد فضل محمد شاهه) ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ٽکڙ شهر ۾10 مارچ 1941 ۾ ڄائو. سندس ادبي نالو امداد حسيني/سانول آهي. پاڻ موجوده دؤر جو سرموڙ سنڌي شاعر آهي. پاڻ ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ٽماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيو. امداد تمام سٺي شاعري ڪئي آهي ۽ نوجوان ٽهيءَ جو هميشه هيرو رهيو آهي. امداد جي شعرن جو مجموعو “امداد آهي رول” گهڻو مشهور ٿيو ، هي ڪتاب 1976 ۾ ڇپيو هو. امداد جي شاعري جو هڪ ٻيو ڪتاب “هوا جي سامهون” پڻ آهي.

    امداد حسيني دراصل پيار ۽ پريت جو شاعر آهي پر شيخ اياز چواڻي، ”شاعرِ محبت شاعرِ انقلاب ٿي سگهي ٿو پر شاعرِ انقلاب شاعرِ محبت ٿي نه ٿو سگهي“ سو اسان جي نوجوان نسل کي شيخ اياز جي شاعريءَ سان گڏوگڏ امداد حسينيءَ جي شاعريءَ پڻ بيحد متاثر ڪيو آهي. ان جو سبب امداد حسينيءَ جا نڪورا خيال ٻوليءَ جي چاشني، شاعراڻيون خوبيون ۽ انتهائي سادگي ۽ بنا رک رکاءَ واري شاعري هئڻ ڪري، سندس شاعريءَ تي به ترقي پسند تحريڪ، ترقي پسند نظرئي ۽ سنڌي عوام جي مسئلن تي نظر واهه جا جوهر ڏيکاريا. هو جڏهن به ڪنهن محفل ۾ جلسي يا ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ پنهنجي شاعري پڙهندو آهي ته هر سنڌي هم تن گوش (ڪنائتو) ٿي کيس ٻڌندو ۽ سندس سٽ سٽ داد ٿيندو آهي. سندس شاعري جو مجموعو ”امداد آهي رول“ جي هڪ نظم ”دانهن“ ۾ ڏيهي دولتئي يا جاگيردار کي مخاطب ٿيندي ۽ پنهنجي هاري ناريءَ سان ڏاڍ جي هلت هلڻ ڏانهن اشارو ڪندي هيئن ٿو مخاطب ٿئي:

    ڌارين کي ته شراب پيارين،
    پنهنجن جو ٿو رت پئين تون،
    ڌڻي نڌڻڪا ڪري ڇڏيئي ڙي،
    بي ڏوهن کي ڏوهه ڏئين تون،
    روهه رليا ڇا ڊوهه ڪيا ٿئي،
    جو به جيين سو جاڙ جيين ٿو.
    تو جو چاهيو سو ٿيو، هاڻي،
    ٿيندو سو جو هيءَ چاهيندي،
    هيءَ ڌرتي توتي دانهيندي.




    [​IMG]

    [​IMG]


    [​IMG]

    [/CENTER]





     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 مارچ 2015
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: امداد حسيني - سنڌ جو عاشق مزاج شاعر

    اسان امداد حسيني صاحب جن کي سندن 70 جنم ڏينهن تي مبارڪ چئون ٿا۔ امداد حسيني سنڌ جو ڀلوڙ، غير معمولي ۽ دراصل پيار ۽ پريت جو شاعر آهي۔ امداد حسيني صاحب اسان جي سنڌي ادب جو سرمايو آهن۔ الله سندن ڄمار وڏي ۽کين هميشه صحتمند ۽ سلامت رکي۔ آمين۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: امداد حسيني - سنڌ جو عاشق مزاج شاعر

    سائين امداد حُسيني صاحب کي هن ٽي درجي واري شاعر نثاراحمد ناز پاران به دل جي گهرائين سان سندن جنم ڏينهن جون واڌايون ۔ ادا محمد سليمان جي جستجو کي سلام، جو هُو سنڌ جي مايه ناز شخصيتن کي محبت ڀريون ڀيٽائون ڏيندو رهندو آهي ۽ سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان سنڌ ڌرتي سان پنهنجي وفا جا ناتا ڏينهن هُجي يا رات هُجي سدائين نڀائيندو رهندو آهي، ساري دنيا جي سنڌين کي سائين امداد حُسيني جي جنم ڏينهن جون واڌايون

    هيپي برٿ ڊي ٽو يو سائين امداد حُسيني۔​
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: امداد حسيني - سنڌ جو عاشق مزاج شاعر

    اڄ 10 مارچ سائين امداد حسيني جو جنم ڏينهن

    مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ
    زور ڪيڏو هوا لڳايو آ

    [​IMG]
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: امداد حسيني - سنڌ جو عاشق مزاج شاعر

    اسانجي طرفان به امداد حسيني کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔امداد حسيني جا ننڊي هوندي ڪتابن ۾ بيت پڙهندا هئا سين ۔۔۔۔۔۔ تمام خوبصورت جذبن جو قومي شاعر آهي
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: امداد حسيني - سنڌ جو عاشق مزاج شاعر

    محترم کي جنم ڏينھن جون لک لک واڌايون، ادا سليمان محترم کي اوھان تمام بھترين ڀيٽا پيش ڪئي آھي۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي ناليواري شاعر سائين امداد حسيني کي جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪجن ٿيو۔​
    [​IMG]
     
  8. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڄ 10 مارچ ۽ سائين امداد حسيني جو جنم ڏينهن آهي۔ مون کي سندس مشهور غزل پئي ياد اچي

    ڄڳ کڻي آڳ لڳائي هوندي​
    پر تو به بارش نه وسائي هوندي​
    ايئن جو پاڻ ملي ويا هون ٻئي​
    ان ۾ به رب جي ڀلائي هوندي​
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روزانه سُڪار جي 10 مارچ 2013 جي ايڊيشن ۾ ڇپيل
    [​IMG]
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    امداد آ انمول

    مسرور پيرزادو

    موجوده دور ۾ امداد حسينيءَ جي شاعري ائين آهي جيئن ڪنهن سرڪاري اسپتال جي پراڻي، ميري بيڊ تي تازي ڄاول ٻار جون چمڪندڙ ۽ زندگيءَ سان ڀرپور اکيون!! موجوده دور جنهن ۾ شاعريءَ جي نالي ۾ ڪافي گند ٿي رهيو آهي ۽ فن کان عاري لکڻين کي عظيم فن پارا چيو ٿو وڃي، ان دور ۾ امداد فن ۽ شاعريءَ جي آبرو برقرار رکيو پيو اچي. اسان جهڙن جڏن شاعرن لاءِ به هن جهڙي سينيئر ۽ تجربيڪار شاعر جو هجڻ وڏي غنيمت آهي، ڇو ته اسان جيڪي غلطيون ڪيون ٿا هُو انهن کي درست ڪرڻ لاءِ صلاحون ڏيندو رهي ٿو.

    اڄ جڏهن هن جي 75هين سالگرهه آهي ته هڪ سوال ذهن مان اٿي رهيو آهي ته جنهن ماڻهوءَ سنڌي شاعري، ادب کي پنجاهه سال ڏنا آهن ان ماڻهوءَ جا ڪيترا ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ادارن ڇپرايا آهن؟ ڪيڏي عجيب ۽ افسوس جي ڳالهه آهي ته امداد جا هن وقت تائين فقط ٽي سنڌي شعري مجموعا ڇپيا آهن، جڏهن ته هن جي شاعريءَ جو مواد اٺن ڏهن مجموعن جيترو آهي. مسلسل ۽ تيزيءَ سان لکندڙ هن شاعر جي ٽن ڪتابن مان به ٻه ڪتاب پرائيويٽ پبليڪيشنز پاران ڇپايل آهن ۽ فقط هڪڙو ڪتاب سرڪاري اداري پاران ڇپي آهي ۽ ان ۾ به ان ”سرڪاري اداري“ پنهنجي روايتي سُست رفتاريءَ جو زبردست مظاهرو ڪيو ۽ سالن تائين اهو ڪتاب اُتي پيو رهيو. نيٺ پوءِ ڇپجي ويو. وڏي مهرباني انهن جي! اهو سرڪاري ادارو جنهن جي چڱن مڙسن لاءِ هن هڪ نظم ۾ چيو آهي ته:

    ساري جنهن جي جوابداري آ،
    سو ته آرام سان سُتل آهي
    ڦيٿ سان آهه جنهن ڇڏي ماپي
    آهه تنهن لاءِ زندگي جانان
    صرف ۽ صرف پيٽ ۽ کيسو-
    سو ته هر پل اهو ئي چاهي ٿو
    جو به آهي اهو کڻي وٺجي،
    وجهه آهي لپو هڻي وٺجي
    ڪير ڄاڻي سڀان رهون نه رهون
    هر پني تي ٺپو هڻي وٺجي!

    پر هي درويش شاعر پنهنجو ڪم ڪندو رهي ٿو. لکندو رهي ٿو. گهاءَ کي گيت جي ۽ زخم کي نظم جي شڪل ڏيندو رهي ٿو ۽ چوي ٿو ته:

    ڪو وٺي ٿو، وٺي، وٺي نه وٺي
    هڪڙو شاعر ته شاعري ٿو ڏي.

    سو هڪ شاعر شعر لکندو رهي ٿو. ائين جيئن گل خوشبو ڏيندو رهي ٿو، چنڊ روشني ڏيندو رهي ٿو- بغير ان سوچ جي ته ڪير ان جو قدر ڪري ٿو يا نه! ان خوبصورت غزل جا هي شعر ته ڏسو!

    رب هر ڪنهن کي زندگي ٿو ڏي
    خوش نصيبن کي عاشقي ٿو ڏي


    ڪا ته ان ۾ به آهه رمز رکيل،
    غم گهڻو، ٿورڙي خوشي ٿو ڏي.

    پر هي شاعر وري جڏهن اردوءَ ۾ شاعري ٿو ڪري ته اردو ادب جا ادارا هن جا ڪتاب ڇپائڻ لاءِ تيار نظر اچن ٿا- (امداد حسينيءَ جو گذريل سال اردو شعري مجموعو ڌوپ ڪرن ڇپيو آهي.) هو جڏهن ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ اردوءَ جي چوٽيءَ جي شاعرن سان گڏ شعر پڙهي ٿو ته سڀ کان وڌيڪ داد حاصل ڪري ٿو ۽ هن جي شاعريءَ تي انتظار حسين جهڙو گهڻ پڙهيو اديب انگريزيءَ جي وڏي اخبار ۾ تبصرو ڪري ٿو ۽ هن جي شاعريءَ کي اردوءَ جي موجوده دور جي بهترين شاعري چوي ٿو. هتي امداد جي اردو شاعريءَ مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ مان هن جا ٻه شعر ڏيان ٿو:

    اڇي دن ڀي تو گذر جاتي هين
    يه بُري دن ڀي گذر جائين گي

    ديکهه هم تيري بنان زنده هين
    تم ني سوچا ٿا ڪه مرجائين گي.

    اڄ هن جي سالگرهه تي اچو ته هن کي فون ڪري يا ايس ايم ايس ڪري ٻڌايون ته سنڌ جو عوام هن جي شاعريءَ سان پيار ڪري ٿو. هو جيڪو ٿورين ۽ ننڍين ڳالهين تي به اداس ٿي ويندڙ شاعر آهي ۽ ائين چوندو آهي ته:

    مون کي ڪنهن دوست يا همدم جي ضرورت ناهي
    آنءُ تنهائيءَ ۾ ڪجهه دير روئڻ ٿو چاهيان

    اچو ته ان کي ٻڌايون ته اسين هن جي شاعريءَ جا مداح آهيون ۽ چاهيون ٿا ته هو وڏي ڄمار ماڻي، صحتمند هجي ۽ شاعري ڪندو رهي. اهڙي شاعري جنهن ۾ زندگيءَ جيان سُک به آهن ته ڏُک به! اچو ته هن کي ٻڌايون ته اسان کي فقط هن جو مشهور غزل

    ”مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ
    زور ڪيڏو هوا لڳايو آ.“

    ياد ناهي پر اسان کي هن جو اهو به شعر ڏاڍو ياد ايندو آهي ته:

    اڪيلي اڪيلي ۾ ميلا اسين،
    ۽ ميلي، جهميلي ۾ تنها اسين

    سمايا سين گوريءَ جي گهاگهر ۾ ڪئن؟

    سوين ساگرن کان به گهرا اسين.

    هو جنهن چيو هو ته ”امداد آهي رول“، اچو ته ان رول ۽ آوارا بادل جهڙي سهڻي شاعر کي ٻڌايون ته توهان انمول آهيو. ”امداد آ انمول“.
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  12. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    اسانجي طرفان به امداد حسيني کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام خوبصورت جذبن جو قومي شاعر آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. امن ابن سنڌ

    امن ابن سنڌ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏18 آگسٽ 2023
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر ، اديب امداد حسيني جي زندگي بابت معلوماتي ويڊيو ڏسڻ جي لاء لنڪ تي ڪلڪ ڪريو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو