هنڌ سنڌ جي نامياري شاعره محترما اندرا شبنم جو علمي ۽ ادبي دورو۔

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا ساٿيو، اڄ مونکي انتهائي خوشي پئي ٿئي ته سانئڻ اندرا شبنم وڏا وڙ ۽ احسان ڪري مونکي اجازت ڏني ته سندس جئه پور مهاشٽر انڊيا واري علمي ، ادبي ۽ معلوماتي دوري جو تصويري اکين ڏٺو حوال جيڪو هُنن جئه پور ۽ اجمير شريف ۾ 3 مارچ 2011 کان وٺي 9 مارچ تائين ڪيو هو سنڌ سلامت تي صرف مان ونڊ ڪريان، سانئڻ اندرا جا اهي ٿورا وسارڻ جهڙا ئي ڪونه آهن دوستو سنڌ سلامت کي هاڻي پوري دنيا جا سنڌي ڏاڍي شوق سان وزٽ ڪن ٿا، انهن ۾ اسان جا هند ۾ رهندڙ سنڌي ڀائر ۽ ڀينرون پڻ سرفهرست آهن ، دوستو توهان کي خبر هُئڻ کپي ته انڊيا ۾ ايم بي سنڌي کي تمام گهٽ اسان جا سنڌي يوز ڪندا آهن اُتي سنڌي لکڻ لا اڃان تائين پُراڻي لپي يوز ٿيندي آهي، ڪجهه دير پهرين سانئڻ اندرا شبنم مون سان اسڪائپي تي ڳالهائيندي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته هُن جي وڏي تمنا آهي ته هُو سنڌ سلامت جي ميمبر ٿي، سنڌ ڌرتي ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪري پر هُو صرف ان ڪري پريشان آهي ته کيس سنڌي ايم بي واري ڪي پنهنجي ونڊو ۾ لڳائڻ ڪانه ٿي اچي، ان سلسلي ۾ مون کين اسان جي شاگرد ۽ سنڌ سلامت جي کاهوڙي ميمبر ادا رنجيت ساحل رام رکيا جو ڏس پتو ڏنو اٿم ۽ کين گُذارش ڪئي اٿم ته رنجيت کي گهڙي کن لا گهرائي سنڌي ڪي کي پنهنجي پي سي ۾ انسٽال ڪري سنڌي ٻولي کي لکڻ جي ڪوشش ڪن، منهنجي انهي ڳالهه تي پاڻ تمام گهڻي خوش ٿي۔ ان کان علاوه اندرا شبم پونا والا جو چوڻ آهي ته اجمير شريف جي دوري جون تصويرون مصروفيات سبب ونڊ ڪري نه سگهي آهي جيڪي هُو اول خير سڀاڻي شيئر ڪندي. خير هاڻي پيش آهن ڀيڻ اندرا شبنم جي علمي ادبي دوري جو تصويري جهلڪيون محترما اندرا شبنم جي ذاتي ٿورن سان[/JUSTIFY]

    [​IMG]
    جئه پور وڪٽوريه هال ميوزم انڊيا جي ديوار تي لکيل جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هي ميوزم ڪافي تاريخي حيثيت رکي ٿو

    [​IMG]
    جئه پور وڪٽوريه هال ميوزم انڊيا ۾ رکيل ڪاشي جا ٿانو جيڪي پنهنجي خوبصورتي جي لحاظ کان ان دور جي شاندار عڪاسي جو ڏيک ڏين ٿا۔

    [​IMG]
    جئه پور پيلس انڊيا جو خوبصورت نظارو

    [​IMG]
    جئه پور وڪٽوريه هال ميوزم انڊيا ۾ رکيل هڪ خوبصورت چڪرو ۽ ان ۾ نهايت ئي دلڪش چٽ سازي

    [​IMG]
    سنڌ جي گهوٽ مرشد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ايجاد دنبوري جي هم شڪل رکيل دنبورو پڻ انڊيا جي جئه پور وڪٽوريه هال ميوزم جي هڪڙي اهم ترين شي آهي

    [​IMG]
    بلڪل سنڌي دنبورن جهڙن شڪل جا ساز

    [​IMG]
    سانئڻ اندرا شبنم جو انتهائي مسڪرائيندڙ انداز جئه پور وڪٽوريه هال ميوزم انڊيا ۾ رکيل قديم سازن سميت
    [​IMG]
    سانئڻ اندرا برلا مندر انڊيا جي علائقي ۾ ٽارين کان وانجهيل سُڪل وڻ جي سامهون بيٺي آهي سانئڻ اندرا شبنم جو چوڻ آهي ته کيس اهو وڻ تمام گهڻو سُٺو لڳندو آهي آخر ته شاعره آهي سندس سوچون سدائين جب بهار آئي تو صحرا ڪي طرف چل نڪلا وانگر ئي هونديون۔

    [​IMG]
    جئه پور انڊيا ۾ سنڌين طرفان هڪڙو ڀلوڙ مشاعرو منعقد ڪرايو ويو جنهن ۾ سانئڻ اندرا شبنم تمام خوش نظر اچي رهي آهي انهي مشاعري ۾ نصب ٿيل بينر پڻ واضح نظر اچي رهيو آهي

    [​IMG]
    واهه واهه هنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ڀيڻ جئه پور واري ميوزم ۾ گوتم ٻُڌ جي کوڙ سارن مجسمن جي اڳيان بيٺي آهي سانئڻ اندرا جي چوڻ مطابق کيس گوتم ٻُڌ جي فلسفي سان پيار جي حد تائين اُنسيت آهي​
     
  2. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هنڌ سنڌ جي نامياري شاعره محترما اندرا شبنم جو علمي ۽ ادبي دورو۔

    واهه سائين واهه
    جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي۔۔۔
    مهربانيون اوهان جون۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هنڌ سنڌ جي نامياري شاعره محترما اندرا شبنم جو علمي ۽ ادبي دورو۔

    دوستو ڪاڏي ٿا وڃو ڪافي ساريون تصويرون رهن ٿيون سانئڻ اندرا شبنم صاحبه جون

    [​IMG]
    نامياري شاعره سانئڻ اندرا شبنم جو انتهائي دلڪش انداز

    [​IMG]
    راجسٿان انڊيا جي سنڌي اڪيڊمي ۾ هند سنڌ جي مشهور شاعره ساڻس گڏ انڊيا ۾ رهندڙ سنڌي شاعرن جو جٿو ۽ ان کان علاوه جسٽس ايسراڻي پڻ موجود آهي جيڪو خاص مهمان هو سنڌي اڪيڊمي جي رچايل هن ادبي پروگرام جو

    [​IMG]
    جئه پور انڊيا ۾ مشهور سنڌي ليکڪ هرش ڪمار چنداڻي پنهنجي شاعره پتني وينا ڪرم چنداڻي سان گڏ محترما اندرا شبنم جو چوڻ آهي ته اها جوڙي تمام زبردست هندي ۽ سنڌي ٻولي ۾ پنهنجون لکڻيون لکندا آهن ۽ محترما اندرا شبنم انهن مٿان فخر ٿي ڪري ته هُنن تمام سادا خاڪي ڪپڙا ڪاٺي جي فريمن جهڙا زيب تن ڪيا آهن۔

    [​IMG]

    [​IMG]
    واهه واهه مُسڪرائڻ به ڪو سانئڻ اندرا شبنم کان سکي ۔ تمام زبردست جيڏل شال جُڙي رهي آمين

    [​IMG]
    هنڌ ۾ رهندڙ ٻه اهم ترين شخصيتون هڪڙو انڊيا ۾ رهندڙ نامور سنڌي ليکڪ هيرو ٺڪر ۽ ٻي سانئڻ اندرا شبنم انتهائي پياري ۽ اهم ترين تصوير۔

    [​IMG]
    سانئڻ اندرا شبنم پونا والا انڊيا جي مشهور جڳديش شهدادپوري سان گڏ، سانئڻ اندرا جو چوڻ آهي ته جڳديش شهدادپوري ڪرم ٿيٽر جو مالڪ آهي هي سنڌي تمام سُٺو ايڪٽر آهي، سُٺو ڊرامه رائٽر آهي ۽ ان کان علاوه هو تمام سُٺي سنڌي ۾ شاعري پڻ ڪندو آهي۔۽ سندس تعلق انڊيا جي شهر احمد آباد سان آهي۔

    [​IMG]
    سانئڻ اندرا شبنم پونا والا سنڌياڻي مشهور سنڌي ليکڪ گهنشام ساگر سان گڏ جيڪو ليکڪ سان گڏ هڪڙو آرٽسٽ پڻ آهي گهنشام ساگر جو تعلق پڻ انڊيا جي شهر احمد آباد سان آهي گهنشام فيس بُڪ تي به تمام گهڻو ايڪٽو آهي۔

    [​IMG]
    تمام پياري تصوير سانئڻ اندرا شبنم پونا والا جي

    [​IMG]

    سانئڻ اندرا شبنم پنهنجون ڪويتائون سنڌي مشاعري ۾ پڙهي رهي آهي۔​
    [JUSTIFY]دوستو سنڌي ساٿيو مونکي اميد آهي ته سنڌياڻي ڀيڻ اندرا شبنم جو تصويري احوال نامون توهان کي ضرور وڻيو هوندو پنهنجي را کان ضرور آگاهه ڪندا مهرباني[/JUSTIFY]
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هنڌ سنڌ جي نامياري شاعره محترما اندرا شبنم جو علمي ۽ ادبي دورو۔

    وڏا وڙ ادا آرزو جا جن اسان جي هن غريباڻي پوسٽ کي ڏسي واهه واهه چيو ۽ اسان جي همت افزائي ڪئي۔مهربانيون مٺا۔
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هنڌ سنڌ جي نامياري شاعره محترما اندرا شبنم جو علمي ۽ ادبي دورو۔

    سائين نثار ناز اوهان تي اسان کي هميشه ناز رهيو آهي ته اوهان سنڌي ٻولي جي هر شخصيت کي چاهي اها سنڌ جي هجي يا هند جي اوهان سڄي دنيا سان انهن کي متعارف ڪرائيندا رهندا آهيو ۽ ان تعرف جي هڪ ڪڙي محترمه اندرا شبنم پونا والا جن آهين سلام آهي اسان جو هر ان شخصيت کي جيڪي سنڌي ٻولي جي لاء پاڻ پتوڙي رهيا آهين سانئڻ اندرا شبنم پونا والا جون سندي ٻوليءَ ۾ شاعري جي حوالي سان ڪيل خدمتون ڪنهن کان به ڳجهيون نه آهين ٿوري دير پهرين اندرا شبنم پونا والا سان اسڪائپي تي ڪچهري ڪري اهو ئي احساس ٿيو ته ان جي شخصيت پر تاثير شخصيت آهي اهو اسان سڀني جا لاء باعث افتخار آهي ته محترمه پهنجي دوري کي سنڌ سلامت جي سونهن بڻايو ۽ اوهان جي ڪوشش سان اسان کي انهن جي باري ۾ معلومات ملي ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر محترمه اندرا شبنم پونا والا جا لک ٿورا ۽ قرب ۽ اوهان جي ان محنت ۽ اوهان جي ان ڪوشش جا ڪروڙين قرب
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هنڌ سنڌ جي نامياري شاعره محترما اندرا شبنم جو علمي ۽ ادبي دورو۔

    پيار ناز سائين!
    هونئن ته توهان جي رپورٽنگ فقط پنهنجي سنڌ جي پروگرامن تائين محدود هوندي آهي، جيڪا پڻ پنهنجو مثال پاڻ هوندي آهي۔۔ پر اڄ انڊيا جي رپورٽنگ ڪري توهان ته واهه واهه ڪرائي ڇڏي۔۔ الله پاڪ توهان جي جذبي کي سلامت رکي۔۔ ۽ محترمه اندرا شبنم جي هن ننڍڙي سفر جي رپورٽنگ اسان سان ونڊ ڪرڻ تي اوهان ٻنهيءَ جا ٿورائتا آهيون۔۔۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هنڌ سنڌ جي نامياري شاعره محترما اندرا شبنم جو علمي ۽ ادبي دورو۔

    ادا علي علي مونکي سنڌ جي گهوٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو هڪڙو تمام پيارو بيت پيو ياد پيو اچي ته
    ويٺي جنين وٽ ڏُکندو ڏور ٿِئي
    تن تني سين ڪٽ اوڏو اڏي پکڙا​


    [justify]دوست هي زندگي الائي ڪيتري آهي جيترو وقت به جيون جي ڏور سلامت آهي ڪوششون جاري رکڻ گهرجن ته ڪو ڪم اهڙو ڪجي جنهن سان اسان جي سورمن يا سُورمين جي صحيح معنى ۾ همت افزائي ڪري سگهجي، سنڌ سلامت جو مقصد ئي آهي سنڌي ماڻهن، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي خدمت ڪرڻ، اهو ئي اهم ترين مقصد کڻي اسان سڀني کي اڳتي اچڻ گهرجي توهان کي خبر هُئڻ گهرجي ته اسان جي سنڌ جي هر گهٽي هر وستي، هر شهر هر نگر ۾ ڪونه ڪو سنڌي ضرور رهندو هوندو جيڪو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هن ڌرتي جي پنهنجي لکڻين ذريعي پنهنجي آواز ذريعي پنهنجي فڪر ذريعي سينڌ سنواريندو هوندو،بلڪل اهڙيءَ طرح جيڪي ڌرتي ڌڻي ورهاڱي وقت اسان کان جُدا ٿِي ويا انهن جي دل ۾ به اڃان تائين دل جي دڙڪن جي وانگيان سنڌ ڌڪ ڌڪ ڌڙڪندي هوندي، سانئڻ اندرا شبنم پونا والا، کي فيس بُڪ تي مسلسل سنڌي دوستن سان رابطي ۾ ڏٺم ، سندن سنڌي شاعري به پڙهندو رهيس، ڪجهه ڏينهن پهرين جڏهن مون پنهنجي اسڪائپي آن ڪئي ته پنهنجي اسڪائپي ۾ سانئڻ اندرا شبنم کي ايڊ ڏٺم، سانئڻ سان هيلو هاءِ ٿي بلڪل توهان جي ڳالهه ته جڏهن توهان به اندرا سان ڪچهري ڪئي ته سندن شخصيت تمام گهڻي پُر تاثير لڳي، سندن هردي ۾ سنڌ ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جو پيار وسيع انداز سان سمايل آهي، پاڻ سنڌي شاعره جي حيثيت سان فيس بوڪ تي تمام گهڻي ايڪٽو آهن ان ڪري پاڻ جڏهن ڪچهري ڪندي چيائون ته مان سنڌي دوستن جي سڏ تي انڊيا جي شهر جئه پور ۽ اجمير شريف پورو هڪ هفتو گُذاري آئي آهيان ۽ هو پنهنجي فيس بُڪ جي وال تي اهي تصويرون شيئر ڪرڻ واري آهي ته مون چيو ته اندرا صاحبه توهان ڀلي پنهنجي فيس بُڪ تي پنهنجي دوري واريون تصويرون ونڊ ڪريو مان ان دوري واري تصويرن کي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي ائين شيئر ڪندس جو ساري دنيا جا سنڌي بلڪل ائين سمجهندا، ته جهڙوڪر سنڌ سلامت جي انتظاميه سانئڻ اندرا شبنم سان ڄڻ ته انهي دوري ۾ ساٿ ساٿ هُجن ، ادا علي علي ان سلسلي ۾ توهان مون حقير ۽ ٽي درجي واري شاعر جي همت افزائي ڪري اهو ثابت به ڪري ڇڏيو اسان سانئڻ سان ان دوري ۾ جسماني طور نه سهي پر من جي ۽ دل جي اکين سان ساٿ ساٿ هُئاسين، تنهنجا ٿورا لک لائق جو تمام بهترين ڪامينٽس ڏئي منهنجو ۽ هند ۾ رهندڙ سنڌي شاعره ڀيڻ اندرا شبنم پونا والا جو مان مٿاهون ڪيو۔[/justify]
     
  8. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هنڌ سنڌ جي نامياري شاعره محترما اندرا شبنم جو علمي ۽ ادبي دورو۔

    سائين سٺي شيئرنگ

    مئڊم کي شاباس هجي پر هڪ ڳاله جيڪا مون نوٽ ڪئي ته هن سڀني ڦوٽن ۾ نوجوان نه هئڻ جي برابر آهن۔ جيڪا ڳڻتي جهڙي ڳاله آهي۔ ڇا هندستان جا نوجوان انهن سرگرمين کان پاسي تي آهن ؟

    سائين اوهان کي عرض ته مئڊم کان اهو ضرور پڇجو۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هنڌ سنڌ جي نامياري شاعره محترما اندرا شبنم جو علمي ۽ ادبي دورو۔

    سائين نثار ناز سلام

    محترمه اندرا جي دوري ۽ سندس تازي ياتره جي رپورٽنگ لاجواب آهي۔ محترمس سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي سرگرم آرگنائزر هئڻ سان گڏ اسان جي رهنمائي به ڪندي رهندي آهي۔ سنڌ جي ڀلوڙ شاعره سان اسڪائي پي تي به ڳاله ٿيندي آهي پاڻ هميشه سنڌي ٻوليء جي ترقي جو سوچينديون رهنديون آهن۔

    لک ٿورا سهڻي رپورٽ ونڊ ڪرڻ جا
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هنڌ سنڌ جي نامياري شاعره محترما اندرا شبنم جو علمي ۽ ادبي دورو۔

    ادا اسد مست اهو سڀ توهان جي پُرخلوص همت افزائين جو نتيجو آهي جو رپورٽنگ ٿئي پئي، ۽ سنڌ سلامت جو هي محبتي اڱڻ نکري پيو ۽ سجي پيو نه ته ڇا هي جهونو نثارناز ٽي درجي وارو شاعر ۽ ڇا رپورٽنگ ، اسان توهان جي ذوق ۽ شوق کي سلام ٿا ڪريون ته دل سان اسان جا موڪليل سنڌي ڏات ڌڻين جا حال احوال ڏسو ٿا پڙهو ٿا۔ ميڊم شبنم توهان سڀني جا ٿورا مڃيا آهن ۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هنڌ سنڌ جي نامياري شاعره محترما اندرا شبنم جو علمي ۽ ادبي دورو۔

    مهرباني ادا جو توهان کي منهنجي موڪليل هي پوسٽ سُٺي لڳي۔ يار تنهنجي ڳڻتي بلڪل بجا آهي، لڳي ٿو اتي مرتضى وساڻ جهڙو نوجوان آهي ئي ڪونه هُجي ها ته نوجوانن جون سرگرميون سنڌ سلامت جيان هندوستان ۾ به اصل چوٽ چڙهيل هُجن ها، ڇا ڪجي ادا مان ڀي ته پوڙهو ۽ جهونو آهيان ان ڪري پنهنجي ڪيٽيگري جي ماڻهن کي هتي کڻي ونڊ ڪيو اٿم، ماشاالله توهان نوجوان آهيو هاڻي اهڙيون سرگرميون ۽ ذميواريون توهان پنهنجي ڪُلهن تي کڻي نوجوانن کي اڳيان آڻيو ته جيئن دنيا جي ماڻهن کي خبر پوي ته هند ۽ سنڌ ۾ نوجوان به ڪنهن کان گهٽ ڪونهن۔ لک لائق ادا۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هنڌ سنڌ جي نامياري شاعره محترما اندرا شبنم جو علمي ۽ ادبي دورو۔

    مهرباني ادا محمد سليمان وساڻ جو توهان کي اسان جي هي رپورٽ سُٺي لڳي۔
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هنڌ سنڌ جي نامياري شاعره محترما اندرا شبنم جو علمي ۽ ادبي دورو۔

    هي ڪُجهه وڌيڪ تصويرون سانئڻ اندرا شبنم پونا والا کان مليون آهن جيڪي توهان سان ونڊ ڪندي مونکي خوشي پئي ٿئي۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سانئڻ اندرا شبنم پونا والا جو چوڻ آهي ته هِي تصويرون سندس زندگيءَ جو يادگار ترين تصويرون آهي​

    [JUSTIFY]اميد ته توهان سڀني دوستن کي هند ۾ رهندڙ سنڌي شاعره سانئڻ اندرا شبنم جي جئه پور جي ياترا جون تصويرون سُٺيون لڳيون هونديون۔ مهرباني[/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو