باوفا بي وفا ٿي وئي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ جاويد نواز طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2011۔

  1. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    گيت
    باوفا بي وفا ٿي وئي
    ها هو مونکان جدا ٿي وئي

    مان صدا ۾ ڀي هُن کي گهريو هو
    مان دعا ۾ ڀي هُن کي گهريو هو
    سا دعا بددعا ٿي وئي
    ها هو مونکان جدا ٿي وئي

    هّن کي هُن کي سڀن کي چوان ٿو
    ميڙيون منٿون ۽ آزيون ڪيان ٿو
    ٍٍڄڻ ته خلقت خدا ٿي وئي
    ها هو مونکان جدا ٿي وئي

    سور صدمن جي ماري ها هي دل
    منهنجي نازڪ ويچاري ها هي دل
    اڄ صفا بي دوا ٿي وئي
    ها هو مونکان جدا ٿي وئي

    جي لکان ٿو ته هُن تي لکان ٿو
    سونهن هُن جي جي تعريف ڪيان ٿو
    سا به هُن لئي گلا ٿي وئي
    ها هو موکان جدا ٿي وئي

    وار پنهنجا گهمي ٿي وکيري
    مونکي ايندو ڏسي منهن ٿي ڦيري
    هُو سنگدل صفا ٿي وئي
    ها هو مونکان جدا ٿي وئي

    هن کي هُن کي هو ڇو ٿي کڻي چئي
    مونکي جاويد منهن ٿي اچي چئي
    مونکان ڪهڙي خطا ٿي وئي
    ها هو مونکان جدا ٿي وئي
    ها هو مونکان جدا ٿي وئي

    جاويد نواز
    دعائن ۾ ياد
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    واھ واھ ادا تمام بهترين گيت۔​
     
  3. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    ادا سائين چوڻي آ هي ته ماڻهو ۽ مند ڦرندي دير ناهي لڳندي ،محبوب ۽ معشوق جا انداز ۽ نخرا نرالا هوندا آهن ، ڪوشش ڪر متان مهربان ٿي پوَ ۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    واه سائين جاويد نواز اوهان پنهنجو ۽ اسانجو ڪم ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔ عام ۽ سادي ٻوليءَ ۾ اوهان دل جي ڳالهه سهڻي انداز سان ڪري ڇڏي آهي ۔۔۔ ڳالهه ته اوهان شايد پنهنجي ڪئي آهي يا اسان مان ڪيترن جي ڪئي آهي پر خوب ڪئي آهي ۔۔۔۔

    اسانجي جهوني سائينءَ جي ڳالهه به وزنائتي آهي ۔۔۔ ٻيهر ڪوشش ڪريو، بلڪ ور ور ڪري ڪوشش ڪريو ۔۔۔ من ڪو روح ۾ رحم پوي ۔۔۔ سهڻو ۽ معشوق ماڻان نه ڪري ته معشوق ڪهڙو؟

    سهڻو نظم
     
  5. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    ادا عاشق لک لائق وڏي مهرباني
     
  6. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    ادا الله اهو ڏينهن به ضرور آڻيندو۔(لائيف سسٽينس هوپ) دنيا اُميدن تي قائم آهي۔فلحال اسان سان هي ويڌن آهي۔
    مولا اهڙو ڏينهن ڪو آڻي
    منهنجي دل هي خوشيون ماڻي
    آهيان مان فلحال ڏکن ۾
    منهنجو مولا علي ٿو ڄاڻي
    جاويد نواز
     
  7. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    ادا چانڊيه صاحب اوهانجي مهرباني۔

    رحم جي نظر سان ڏسڻ ويو ڇڏي
    کلڻ ويو ڇڏي ۽ ملڻ ويو ڇڏي
    گهڻو اڳي پڇندو هو طبيعت ڪيئن ٿي
    هاڻي وات جو ڀي پڇڻ ويو ڇڏي
    جاويد نواز
     
  8. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    ادا عاشق پسند جي مهرباني۔
     
  9. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    لاجواب شاعري ادا جاويد
     
  10. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    مهرباني وحيد صاحب اوهانجي۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    قسمت جي ڳاله آهي، ڪڏهن ڪڏهن هوء جدا به ٿي ويندي آهي۔

    تمام بهترين شاعري آهي۔ اوهان لفظن جي سهڻي جوڙجڪ ڪري پنهنجي شاعري ونڊ ڪيو ٿا۔

    مهرباني
     
  12. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    لاجواب ونڊ۔۔۔
    جاري رهي۔۔۔۔۔
     
  13. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    ادا وساڻ صاحب اوهانجي وڏي مهرباني۔
     
  14. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    ادا آرزو پسند جي مهرباني۔
     
  15. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    [justify]پيارا جاويد نواز تمام سُهڻي ۽ سُٺي وزن واري ڪافي سنڌ سلامت جي ساٿين سان توهان شيئر ڪئي ، باوفا ئي بي وفا ٿيندا آهن ۔ پيار محبت ۽ چاهت ڪندڙن ۾ جڏهن نااتفاقي رڙ ڪري ڪاهي پوندي آهي ته چاهي صنف نازڪ هُجي چاهي اسان جهڙو ڏٽو مُٽو مُڇيون وٽيندڙ صنف ڪاٺوڙ هُجي هڪ ٻئي تي باوفائي مان بي وفا ٿيڻ جا الزام ڌريندا آهن باقي دوست باوفائي مان بي وفائي هڪڙو اهڙو برداشت کان ٻاهر ٿيندڙ صدمون آهي جو ڪو ڪو انهي سُور کي برداشت ڪري سگهي ٿو نه ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اصل اٺائو ميري ڀائي ڪو ٿي وڃي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔ تو واري ئي وزن ٽي فاعلن پر چار فائلن واري وزن جي هڪ منهنجي ڪافي آهي ته:[/justify]
    ڪا گهڙي هڪ ته ڇا پر جلي هر جنم !
    دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم !
    دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم !

    دل لڳايو متان ، دل جلايو متان ،
    پاڻ کي بي گناهه سڀ رُلايو متان ،
    چوٽ ڏاڍِي لڳي آ خُدا جو قسم !
    دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم !

    وار اهڙا ڪري دل ڪڍِي هِي وجهن ،
    هِي نشيلِي اکيون ڪونه ڪنهنجون بڻن،
    بي وفا هِي صفا ، هِي وڏيون بي رحم !
    دلبرن جا ستم ، ڄڻ ته جيون ختم !

    پاڻ پلڻو پوي ، شهر ڇڏڻو پوي ،
    موت کان اڳ هِتي يار مرڻو پوي ،
    ڪونه ڪنهنجا بڻن هِي هٺيلا صنم !
    دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم !

    هُو نه هِنَ پارَ آ، هُو نه هُنَ پارَ آ،
    ”ناز“ جي ڪا خبر ۽ نڪا چار آ،
    ڪو ته ڳولي وڃِي ، ڪٿ کُٽا ٿس قدم !
    دلبرن جا ستم، ڄڻ ته جيون ختم !
    ڪا گهڙي هڪ ته ڇا پر جلي هرجنم!​


    [justify]توهان پنهنجي ڪافي کي گيت ڪري پيش ڪيو آهي حالانڪه سئو فيصد اها شاعري ڪافي جي فارميٽ ۾ آهي ان کان علاوه توهان پنهنجي هن شاعري ۾ هذف وارِي قانون کي باربار استعمال ڪيو آهي ان ۾ خرابي ته ڪانهي پر پو به جيترو ان کان بچجي اوترو چڱو آهي ، دوست جاويد اها منهنجي ناقص را آهي لازمي ڪونهي ته ڪير ان تي عمل به ڪري ۔ سنڌ سلامت جي دوستن کي شاباسون جو هُو سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ کي پنهنجي بهترين ڪوششن سان مهڪائيندا اچن انهن بهترين دوستن مان هڪڙو اسان جو محبتي دوست جاويد نواز به هڪ آهي اصل مُنڊي تي ٽڪ آهي۔[/justify]
     
  16. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    سائين نثار صاحب اوهانجي جي شاعري تمام بهترين باقي جيڪا ڳالهه اوهان ڪئي سا سائين بلڪل سهي پر سائين اسان ايڏا وڏا شاعر ڪون آهيو اسان ٻهراڙي جا اسان کي ايڏي وڏي ڄاڻ ڪٿي جاٿئون سنڌو ملي اتان لنگهيا وڃون باقي اوهان جي جي ٿوري شفقت جي نظر جي منهنجي شاعري تي پوندي ته تمام سٺو لڳندو۔سائين لک لائق ڪروڙين قرب۔

    سائين هي ڪجهه سٽو اوهان جي نظر۔

    ٿو پڙهڻ چاهيان مگر پڙهجي نه ٿي
    ايڏي ارڏي اوکي جو لکجي نه ٿي
    ايڏو آقسمت بڻايو ويڳاڻو
    ٿو سنواريان زندگي سنوري نه ٿي۔

    جاويد نواز
     
  17. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    [justify]پيارا جاويد نواز شاعري ڪنهن ڳوٺ يا شهر واري جي ميراث ڪونه هوندي آهي ، ڏات مالڪ مٺي مهربان جي طرفان ملندي آهي ۽ ڏان باقائده سُکيو ويندو آهي، ادا جنهن انهي ڏانجا ڪُجهه نقطا اسان کي سيکاريا سو اسان جو استاد به صفا ٻهراڙي جو آهي اسان کان عمر ۾ به ٻه ٽي سال ننڍو آهي، مٺا مان به ٻهراڙي جو صفا ٽي درجي وارو شاعر آهيان، توکي خبر هُئڻ کپي ته ٻهراڙي ۾ فطرت جي حسين سُونهن نروار هوندي آهي، مُشاهدو ڪنهن کُليل ڪتاب وانگر ظاهر ظهور هوندو آهي ان ڪري جيتري سُونهن پنهنجي شاعري ۾ ڳوٺ ؛۽ ٻهراڙي کان ملندي آهي اها سُونهن شهر جي شور زده ماحول مان ملڻ تمام مشڪل آهي۔ سڀ کان وڏو شاعر سُهڻو لطيف ۽ ان جي شاعري اسان جي سامهون آهي ، لطيف سائين ٿر ، کان وٺي هنگلاچ جو سفر ڪري ٻهراڙي کي جييترو ايڪسپوز ڪيو آهي اهو ڪنهن کان لڪيل ڪونهي شاهه سائين گهيڙن ،گهٽن، پهاڙن ، پنڇين، اٺن ، ڪرهن، جو ذڪر ڪري ڳوٺ ۽ ٻهراڙين جي سُونهن کي اُجاگر ڪيو آهي اهو فن ۽ فلسفو ڪنهن به ٻي شاعر جي وس جي ڳالهه ڪانهي۔ ۽ اسان ته اڃان دريا جي ڪناري تي ويهي شاعري ۽ ان جي فن واري وسيع ساگر ۾ جي ڪنڌي تي ويهي صرف ٿاڦوڙا پيا هڻون، صرف بانبڙا پيا پايون۔ دوست زندگي سموري سکڻ ۽ سيکارڻ جو ٻيو نالو آهي۔ [/justify]
     
  18. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    سائين رپلا جي وڏي مهرباني۔
     
  19. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    ادا جاويد مطلب ته رڳو اسان جهونن جو ڏوه ڪونهي هتي سڀني جا جگر ڇنا پيا آهين پر خوار رڳو جهونا آهين ميدا ن ۾ ۔۔
    واه ادا واه تمام بهتري شاعري آهي پر هاڻي پارت ڪيو ڪا عاشق کي ته ان کي ڪا چتر ڪاري ڪري ۔۔۔۔۔
     
  20. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: باوفا بي وفا ٿي وئي

    ادا پسند جي وڏي مهرباني باقي ادا پاڻ کي چتر ڪاري اچي ڪون۔الائي ڇو ادا عاشق ناراض آهي۔ واهه واهه ته وڏي ڪري ٿو باقي چتر ڪاري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو