مشل اوباما کان جرئت مند عورت جو ايوارڊ حاصل ڪندڙ

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    غلام صغرا سولنگي – جنهن تي سنڌ فخر ڪري ٿي


    [​IMG]
    1999
    [​IMG]
    2011

    خيرپور ضلعي سان واسطو رکندڙ سماج سڌارڪ عورت غلام صغرا سولنگي کي ڳوٺاڻن علائقن ۾ عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ تي آمريڪا ۾ جرئت مند عورت جو عالمي ايوارڊ / انٽرنيشنل وومين آف ڪريج ايوارڊ ڏنو ويو. غلام صغرا کي اهو ايوارڊ آمريڪا جي صدر بارڪ حسين اوبامه جي گهر واري مشل اوبامه ڏنو آهي، ان موقعي تي آمريڪا جي پرڏيهي وزير هيلري روڍم ڪلنٽن به موجود هئي.
    غلام صغرا سولنگي خيرپور ميرس کان 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع ڳوٺ عارب سولنگي ۾ جنم ورتو. سندس والد گورنمنٽ اسڪول ۾ ماستر هو پر علائقي ۾ جهالت جي صورت حال اها هئي جو هيءُ پڙهيل لکيل شخص به نياڻين جي تعليم جي خلاف هو ۽ هن پنهنجي نياڻيءَ کي علم جي روشني کان پري رکيو. نه رڳو ايترو پر صغرا اڃا 12 ورهين جي مس ٿي هئي ته ان عمر ۾ جڏهن اڃا کيس گُڏين سان راند ڪرڻي هئي ۽ گُڏي گُڏيءَ جي شادي لاءِ سهرا چوڻا هئا مائٽن سندس ئي هٿن تي ميندي لائيندي سندس شادي ڪرائي ڇڏي ۽ ايئن هوءَ ننڍپڻ ۾ ئي ڪنوار بڻجي ٻالڪ پڻي مان يڪدم عورت بڻائي وئي. صغرا ته صبر ڪيو پر سندس قسمت کي مٿس رحم نه آيو. ساهرن ۾ هن ٻن ٻارن کي جنم ڏنو ته مائٽن پاران تعليم نه ڏيارڻ جو ڏوهه سندس قسمت ۾ لکيو ويو. سندس مڙس صغرا کي اهو چئي طلاق ڏئي ڇڏي ته صغرا بدصورت ۽ جاهل آهي.
    صغرا ان آفت جو ثابت قدمي سان مقابلو ڪيو ۽ همت هارڻ بدران هن علم حاصل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو، هن گهر ۾ پڙهڻ شروع ڪيو ته سندس والد ۽ ڀائرن به سخت مخالفت ڪئي ۽ کيس سخت مارڪٽ ڪيائون صغرا رات جو ڪپڙا سبندي ۽ ڏينهن جو پڙهندي هئي. سندس اکين مان نير وهندا ها پر هن همت ۽ حوصلي سان پڙهڻ جاري رکيو. هن غير روايتي طريقي سان پهرين مئٽرڪ پوءِ انٽر، گريجوئيشن ۽ سوشالاجي ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي. نه رڳو ايترو پر هن پنهنجي ۽ علائقي جي ٻين نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. کيس ٽيچر ڀرتي ڪيو ويو. 1993ع ۾ هن اين جي او ماروي رورل ڊيولپمنٽ آرگنائيزيشن قائم ڪري نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙ ڪئي. ان ڏس ۾ مردن ته مخالفت ڪئي پر عورتن همت ڪندي نياڻيون پڙهائڻ جي حامي ڀري. پر مسئلو ڪتابن ۽ يونيفارم جو پيدا ٿيو. صغرا 10،10 رپيا ڦوڙي ڪري ڪتاب ۽ يونيفارم جو بندوبست ڪيو. پوءِ ويسي / ڪميٽي رکي وئي جنهن جون شروعاتي طور 25 عورتون ميمبر بڻيون اهڙي ريت هن تنظيم جو ڪم اڳتي وڌندو رهيو.
    اڳتي هلي هن تنظيم ننڍا قرض ۽ بچت اسڪيم شروع ڪئي. گلاب پوکڻ، صحت ۽ خانداني منصوبابندي لاءِ قرض ڏنا. اڄ سڄو ڳوٺ ۽ تر صغرا جي تنظيم مان فائدو کڻي رهيو آهي ۽ ان تي فخر ڪري ٿو. تنظيم جو دائرو سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي 500 ڳوٺن تائين پکڙجي چڪو آهي. صغرا جي پنهنجي ڌيءُ اسلام آباد ۾ علم حاصل ڪري رهي آهي. هن محنت سان مردن جي ذهنيت به تبديل ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب مٿس سڄي سنڌ کي فخر آهي.


    [​IMG]
    ايوارڊ وٺندي​

    عوامي آواز جي ٿورن سان
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مشل اوباما کان جرئت مند عورت جو ايوارڊ حاصل ڪندڙ

    مون فقير پاران ادي صغران سولنگي کي ٻنهي هٿن سان سلام

    سلام آهي سندس همت کي

    سدائين گڏ
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: مشل اوباما کان جرئت مند عورت جو ايوارڊ حاصل ڪندڙ

    اونداهين ۾ روشني پکيڙيندڙ بهادر عورت۔۔۔۔۔ ڏک ضرور ڏٺا پر اڄ پنهنجي محنت جي ڦل حاصل ڪرڻ تي سرخرو ضرور هوندي۔۔۔
    ادا عاشق توهان جي هن بهترين موضوعن ۾ تصويرن جو اضافو ڪيو ويو آهي....
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: مشل اوباما کان جرئت مند عورت جو ايوارڊ حاصل ڪندڙ

    سائين تصويرن جو اضافو ڪرڻ جي مهرباني.
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مشل اوباما کان جرئت مند عورت جو ايوارڊ حاصل ڪندڙ

    ادا بهترين .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو