اشارن جي ٻولي اشارا هي سمجهن لهرن جي ٻولي ڪنارا هي سمجهن محبت آ انوکي سفر جو نالو اهو فلسفو صرف عشق وارا هي سمجهن ۔۔۔۔۔ توهان جو ڪنگ
لاجواب ادا جهانداد lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharing shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
ا ادا جهانداد حق موجود؛ مٺا سائين اوهانجو موڪليل مٿيون سنڌي بيت انتهائي سهڻو ۽ فهم سان ڀريل آهي ... سمجهڻ وارن لاءِ اشارا ئي ڪافي هوندا آهن ... جيئن چيو ويندو آهي ته ” ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو“ ڀائڙا هڪ ٻيو عرض ته اوهانجو موڪليل اهو سنڌي شعر اسان لاءِ ان اردو شعر کان هزار دفعا بهتر آهي ۽ ها جي اسين سڀ دوست اردو موڪلڻ شروع ڪنداسين ته ممڪن هي سنڌ سلامت ، اردو سلامت ٿي وڃي ... انڪري جي اسين دوست ڪوشش ڪري صرف سنڌي ادب موڪلينداسون ته ٻوليءَ جي خدمت به ٿيندي ۽ هڪ طرح سان اسين سڀ ايئن چوڻ ۾ حق بجانب رهنداسون ته هي سنڌ سلامت واري زمين نج سنڌي زمين آهي ... وڌيڪ پاڻ سياڻا آهيو ... دل ۾ نه ڪجو بس منهنجي خواهش آهي ته سنڌ سلامت نج سنڌي ميدان هجي ته بهتر ... نثار ابڙو
سائين نارائڻ شيام جو شعر آهي ته نئين آهي نت نازوارن جي ٻولي نگاهن، ادائن، اشارن جي ٻولي الله ايئن نه ٿي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي خزان حال اوري ته ڪنهن ساڻ اوري سڀئي سکيا جي بهارن جي ٻولي