سنڌ منهنجي امان !

'سنڌي شاعري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ٻه حرف؛
    دوستو! مرحوم سائين تاجل بيوس سان نه فقط منهنجو روحاني رشتو آهي پر خانداني رشتو پڻ آهي، روحاني هينئن ته جڏهن آءُ ايم اي ڪندو هيس ته هو مونکي همٿائيندو ۽ مونکي سنڌي ادب جي باريڪين کان آگاه ڪندو رهندو هو ۽ جڌهن ايئن چوندو هيس ته ”سائين! سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کان سٺو آهي ته ڪٿي هزار ٻن جي وڃي نوڪري ڪريان“ ته مونکي همٿائيندو هو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لئه، سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ تي شاباشون ڏيندو هو ... خانداني هينئن جو سائين تاجل جي ڀاءُ کي منهنجي وڏي سالي ۽ سندس پٽ کي ننڍي سالي ڏنل آهي يعني ٻئي سنڍو آهن ... جنهنڪري هڪ ئي گهر آهي
    ________________________________________

    سنڌ منهنجي امان ! سونهن تنهنجيءَ مٿان،
    ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
    هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان،
    ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.

    هن ڪنڌيءَ تي ڪڏيو جو اڀم ٻار آ،
    ڪنهن ته جيجل جو جاني اکين _ ٺار آ،
    هي جو ٻالڪ سڀاڻي جو معمار آ،
    اِن جي ٻوليءَ ۽ لوليءَ تان صدقي وڃان

    تنهنجي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍيو وتان،
    تنهنجي لاڻن لَون کي به چند ن چوان،
    شال تنهنجي ئي ڪُک مان پيو هرهر ڄمان،
    کير تنهنجو پيان، وَير تنهنجو وٺان.

    هوءَ منڇر کُٽي ڪيئن جا کٽڻي نه آ،
    هوءَ ڪينجهر رُسي ڪيئن جا رُسڻي نه آ،
    هوءَ سنڌو سُڪي ڪيئن جا سُڪڻي نه آ،
    ڪَرُ کڻي ڪالهه آئي جا ڪيلاش کان.

    ٿر جي ٿوهر مٿان، جهنگ جهر تي لکان،
    مينهن جي بوند تي، سائي سَرَ تي لکان
    ڏاٽي، ڪوڏر، کُرئي، گهوٻي هر تي لکان،
    تنهنجو نالو وٺي تو تي لکندو رهان

    هوءَ جا ” بيوس“ بُکن تي مڙهي منڊ ٿي،
    اڄ به جوٽي اسر جو اُٿي جنڊ ٿي،
    جا گرم کير ۾ پئي گڏي کنڊ ٿي ،
    اُن سهاڳڻ کي مان ڪيئن نه سجدو ڪيان.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين سائين shabashshabash
    توهان جي اهڙي تحرير جي انتظار رهندوshal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا فقير سائين
    سائين تاجل جي شاعريءَ کي پسند ڪرڻ جي مهرباني
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ منهنجي امان !

    محترم تاجل بيوس جي هن خوبصورت شاعري کي جيجل عابده پنهنجي خوبصورت آواز ۽ انداز سان اهڙي طرح ڳايو آ جو ٻڌڻ سان هڪ ڪيفيت طاري ٿيو وڃي جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ به سائين نثار ابڙو جن ئي ڄاڻين۔۔۔۔۔۔۔۔

    [fv]113790818650456[/fv]​
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ منهنجي امان !

    ڪڏهن ڪرجي ڪات ٿي، ڪڏهن ٿجي ڪنڌ،
    ڪڏهن ڏات ڏياچ جي، ڪـــڏهن ٿــــجي ڪنــــڌ،
    سنــــــڌڙيءَ جو ســوڳنـــــڌ، ســــــاه ڏينداسين سڏ تي۔

    ادا رشيد يار! منهنجي مجال ناهي جو هن شاعري ۽ هن آواز ۽ مٿان وري هن فلسفي تي ڪجهه لکي سگهان، منهنجي پڻ اهڙي ئي حالت آهي ته ” ڇا لکي ڇا لکان“
     
  6. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ منهنجي امان !

    هونئن ته جيجل عابده پروين جي خوبصورت آواز جو ڪو به ثاني ڪونهي پر ڪاجل جو ڳايل هي انداز به پنهنجي جاءِ تي منفرد آهي۔۔
    سنڌ منهنجي امان ! سونهن تنهنجيءَ مٿان، ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.

    http://www.youtube.com/watch?v=yjCSB20LkIA
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو