غزل ابر کان پڇو ۽ ڪڪر کان پڇو مون تنهنجو ته ساري شهر کان پڇو تون ڪاٿي لڪي پئين آ زندگي مان تنهنجو ته شمسُ قمر کان پڇو پائي پرڙا اُڏري فلڪ تي وڃي مان ڪونجن جي ويندڙ ولر کان پڇو کڻي هٿ ۾ نيڻن جي آڏو جهلي مان تنهنجو ته زم زم زهر کان پڇو وٺڻ واس خوشبو جي گلشن ويس مان تنهنجو ڪلي گل شجر کان پڇو اچانڪ جو قبرن جي ڀر سان لنگيس مان تنهنجو ته هر هڪ قبر کان پڇو جاويد نواز دعائن ۾ ياد
جواب: ابر کان پڇو ادا اوهانجي وڏي مهرباني جيڪڏهن اوهان نه هجو ها ته شايد اسان جي شاعري کي ڪو پڙهي نه ڪون ها ۽ رپپلا به ڪون ڪري ها۔ ادا وڏي مهرباني
جواب: ابر کان پڇو ادا جاويد نواز انتهائي خوبصورت ادا اوهان جو لکيل آخر ۾ پڇو اگر ،پڇيو ،لکيل هجي ها ته شايد بهتر ملي ها انڪري اوهان شعر ۾ پڇڻ وارا آهيو نه ڪه ٻيو ڪو ادا اوهان کي جس اچانڪ جو قبرن جي ڀر سان لنگيس مان تنهنجو ته هر هڪ قبر کان پڇو