اڄوڪي ڪراچي جي حملن م ڪجه ساٿين جي وڇڙڻ جي ياد ۾

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    [JUSTIFY]اڄوڪي ڪراچي جي حملن م ڪجه ساٿين جي وڇڙڻ جي ياد ۾

    ساٿين جو رت رنگ لائيندو وڇڙڻ جو ملال آهي
    ماري ڊيڄاري ڪمزور ڪرڻ خام خيال آهي

    رت جي ريٽائپ سان مليو جُهد کي نؤن جنون
    هاڻي مرڻ يا مارڻ کان سواءِ نه ٻيو ڪو سوال آهي

    تو ڪئي پُٽَ ڪُٺا جيڪي ڏينهن آهن ڏٺا
    هن ظلم و زور و جبر و جفا کي اچڻو زوال آهي

    ڄاڻ اڀريو سج ڄاڻ ٿي صبح پڪ سان اميد آهي
    ڄاڻ ٿيو ظلم جو سال ۽ اقلاب جو اچڻو سال آهي

    ڏاڏل مري مري جيئڻ کان بهتر آهي مري جيئڻ
    جي اتي، جتي جيڻ، جي لاءِ لڳل ميدانِ قتال آهي
    [/JUSTIFY]
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: اڄوڪي ڪراچي جي حملن م ڪجه ساٿين جي وڄڙن جي ياد ۾


    ادا سائين ڏاڍو افسوس ٿيو۔۔۔ هي سڀ ڪجهه اسانجي حڪمرانن جون پاليسون آهن جنهن جي ڪري عذاب عوام کي ڀوڳڻو ٿو پوي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهوغلظ آهي ۔۔۔۔۔۔۔ انهن حالاتن کي ڏسي ڪري عو۾ جي دل ايتري ته ڦڪي ٿي پئي آهي جو هاڻ جيڪڏهن ڪنهن حڪمران، وزير تي ڪو خودڪش ٿئي ٿو ته اسان کي ڪو به افسوس ڪون ٿو ٿئي چئون ٿا ته هٿئون هلي ويو ته ڇڱو ٿيو ۔۔۔۔

    ادا بس دعا ڪريو ته هنن مان الله جان ڇڏائي
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اڄوڪي ڪراچي جي حملن م ڪجه ساٿين جي وڄڙن جي ياد ۾

    انا لله وانا اليه راجعون



    ڪراچي ۾ 2 ڌماڪا، نيوي جي بس کي نشانو بڻايو ويو، سب ليفٽيننٽ ۽ ليڊي ڊاڪٽر سميت 4 ڄڻا شهيد، 56 زخمي، هڪ بم ناڪاره بڻايو ويو

    ڪراچي (بيورو رپورٽ)ڪراچي جي ڊفينس ۽ بلديا ۾ ڪالهه پاڪستان نيوي جي 2 بسن کي نشانو بڻائيندي 2 بم ڌماڪا ڪيا ويا جن ۾ نيوي جي سب ليفٽيننٽ ۽ ليڊي ڊاڪٽر سميت 4 شهيد ۽ 56 زخمي ٿي پيا. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ سميت جاچ لاءِ پوليس جون 2 ٽيمون جوڙي ڇڏيون. ايس ايس پي ايس آءِ يو موجب ڌماڪي ۾ بلوچستان لبريشن آرمي يا جهادي گروپ ملوث ٿي سگهي ٿو. واقعي بعد شهر ۾ هاءِ الرٽ، چيڪنگ شروع، ڊفينس بم ڌماڪي ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل جو مالڪ حراست ۾ ورتو ويو، بلديا ۾ نيوي جي بس وٽ ڌماڪي بعد 10 ڪلو گرام وزني بم ناڪاره بڻايو ويو، شهر ۾ خوف پکڙيل. اڱاري ڏينهن صبح جي وقت سوا ستين کان ساڍي ستين جي وچ ڌاري ڊفينس فيز-2 ۽ بلديا ٽائون ۾ نيوي جي بس جي گذرڻ وقت بسن کي نشانو بڻائيندي رموٽ ڪنٽرول ذريعي بم ڌماڪا ڪيا ويا. ڊفينس فيز-2 ۾ ڪاليج آف فزيشن جي پويان واري گهٽي نمبر7 مان نيوي جي بس جي بي 1259 نيوي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي کڻي ڊاڪيارڊ پئي وئي بس جيئن ئي گهٽي جو موڙ ڪٽيندي آهستي ٿي ته گهٽي ۾ بيٺل ياماها موٽر سائيڪل ۾ پيل بم ڌماڪي سان ڦاٽي پيو موٽر سائيڪل واري پاسي وارو بس جو حصو تباهه ٿي ويو ۽ ڀر پاسي جي بنگلن جي درين جا شيشا ڀڄي پيا، ڌماڪي جو آواز ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين ٻڌو ويو. پاڪستان نيوي جي ترجمان ڪموڊور سلمان موجب ڌماڪي ۾ نيوي جي ليڊي ڊاڪٽر نازيه ۽ سب ليفٽيننٽ محمد اقبال شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، ڌماڪي واري هنڌ جي ويجهو اسٽريٽ ست تي رهندڙ هڪ اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته هو صبح جو سوير اڃا اٿيو ئي مس هئس ته زوردار ڌماڪي جو آواز ٻڌو. هن چيو ته بم ڌماڪي سان هن جي بنگلي جا به شيشا ڀڄي پيا هيٺ اچي ڏٺو ته زخمي حالت ۾ ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي رهيا هئا ۽ نيوي جي بس مان زخمي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، جڏهن ته بس وٽ هر طرف شيشا پکڙيل هئا. هوڏانهن ڌماڪي بعد پوليس ۽ رينجرز موقعي تي پهچي گهٽيون بند ڪري ڇڏيون ۽ زخمين کي پي اين شفا نيو ويو. ڊفينس بم ڌماڪي کان اڳ بلديا ٽائون ۾ سعيد آباد پوليس ٽريننگ ڪاليج کان ٿوري مفاصلي تي نيوي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن سان ڀريل بس جڏهن گند جي ڍير ويجهو گذري ته دهشتگردن اتي رکيل بم زوردار ڌماڪي سان ڦاڙي ڇڏيو، جنهن ۾ پڻ نيوي بس جو ڊرائيور ايم شريف ۽ ملازم عمر فاروق شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ٻنهي بم ڌماڪن ۾ 56 زخمي ٿيا ۽ نيوي جون ٻئي بسون تباهه ٿي ويون، بلديا ٽائون ۾ ڌماڪي بعد مواڇ ڳوٺ ڏانهن ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي ۽ خوف پکڙجي ويو. بم ڌماڪن جي جاچ لاءِ مقرر ٿيل ايس ايس پي اسپيشل انويسٽگيشن يونٽ راجا عمر خطاب ڪاوش کي ٻڌايو ته ڊفينس، بلديا ۽ نيوي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي نشانو بڻائي بم ڌماڪا ڪندڙ هڪ ئي ٽولو لڳي ٿو ۽ اهو ٽولو بلوچستان لبريشن آرمي يا جهادي گروپ ٿي سگهي ٿو. راجا عمر خطاب ٻڌايو ته بي ايل اي خلاف نيوي ڪارروايون ڪيون آهن ۽ نيول ڪالوني وٽ بم ڌماڪي ۾ به بي ايل اي ملوث هئي، ٻنهي رخن تي جاچ ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته ڊفينس ۾ نيوي جي بس وٽ جنهن موٽرسائيڪل ذريعي بم ڌماڪو ڪيو ويو، ان جي چيچز نمبر ذريعي مالڪ جو پتو لڳايو ويو آهي. موٽر سائيڪل مالڪ ڪامران قريشي ناظم آباد جو رهواسي آهي، جنهن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، تنهن ٻڌايو ته اٺ ڏهه سال اڳ هن موٽرسائيڪل کپائي ڇڏي هئي، موٽر سائيڪل مالڪ ذريعي پوليس بم ڌماڪي ۾ ملوث گروپ جي ڳولا ڪري رهي آهي. ايس ايس پي راجا عمر خطاب جو چوڻ آهي ته بلديا ٽائون ۾ نيوي جي بس وٽ بم ڌماڪي کانپوءِ سرچ دؤران ڪچري جي ڍير تان 10 ڪلو گرام وزني ٻيو بم هٿ آيو، جنهن کي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ناڪاره بڻائي ڇڏيو. جڏهن ته ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته پوليس کان علاوه حساس ادارن جي ٽيم به ڪراچي ۾ نيوي جي بس کي نشانو بڻائيندڙ دهشتگردن بابت جاچ شروع ڪئي آهي. جڏهن ته صبح جي وقت هڪ ٻئي پويان ڊفينس ۽ بلديا ٽائون ۾ نيوي جي بسن وٽ بم ڌماڪن کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، آءِ جي سنڌ فياض احمد لغاري ۽ سي سي پي او ڪراچي سعود مرزا سان گڏ ٻنهي هنڌن جو دؤرو ڪيو، اطلاعات وارو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ به وڏي وزير سان گڏ هو. معائني بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ بم ڌماڪن ۽ تخريبڪاري جا اطلاع هئا ۽ پوليس جوڳا بندوبست به ڪيا پر هر هنڌ پولس چوڪي قائم نه ٿي ڪري سگهجي نه ئي لکين هزارين گاڏين کي چيڪ ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان جي نظر ٽارگيٽ ڪلنگ تي هئي ۽ ان ۾ گهٽتائي به آئي آهي، هي گروپ به سامهون اچي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته پوليس ۽ انٽيليجنس ادارن کي جديد اوزار ڏنا آهن، جنهن سبب موبائيل فون ذريعي ٿيندڙ ڏوهن ۾ گهٽتائي ٿي آهي، وزير اعليٰ پهرين ڊفينس فيز-2 ۾ حادثي واري جڳهه تي پهتو، جتي آءِ جي پوليس سنڌ فياض لغاري ۽ ٻين پوليس آفيسرن واردات بابت آگاهه ڪيو. وڏي وزير تباهه ٿيل بس جو پڻ معائنو ڪيو. بعد ۾ هو الشفا اسپتال ويو، جتي هن زخمي ٿيندڙ پاڪستان نيوي جي آفيسرن ۽ عملي جي جوانن جي طبيعت معلوم ڪئي. وزير اعليٰ هر زخميءَ ڏانهن الڳ الڳ ويو ۽ سندس طبيعت معلوم ڪئي. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. نيوي جي آفيسرن وزير اعليٰ کي واردات بابت آگاهه ڪيو، بعد ۾ وزير اعليٰ بلديا ٽائون ويو، جتي پڻ هن پاڪستان نيوي جي بس تي ٿيندڙ ڌماڪي جي صورتحال جو جائزو ورتو. سيد قائم علي شاهه ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته واقعي ۾ ملوث ڪنهن به ماڻهو کي ڇڏيو نه ويندو. سيد قائم علي شاهه چيو ته اهڙن واقعن ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان جي خلاف ايڪشن کنيو ويندو. جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ڏوهارين جي خلاف جاچ جاري آهي ۽ ان ڏس ۾ ڄاڻ ملي آهي، جيڪا جاچ ۾ مدد ڏيندي. هن چيو ته اهي واقعا شهر جي ڳتيل آبادي وارن علائقن ۾ ٿيا آهن.
    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اڄوڪي ڪراچي جي حملن م ڪجه ساٿين جي وڄڙن جي ياد ۾

    سائين طاهر صاحب اوهان جي مهرباني جو اوهان ڪاوش جي خبر کي هتي ونڊڪيو
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اڄوڪي ڪراچي جي حملن م ڪجه ساٿين جي وڄڙن جي ياد ۾

    [JUSTIFY]

    ادا ڏاڏل خبر نه ٿي پوي ته هي ڪڌا ڪم ڪير ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ڪري ٿو، باقي هڪ ڳالهه ته اٽل آهي ته انهن سڀن ڪمن جي پويان اسان جي حڪومت جي رضامندي ضرور آهي۔
    اهڙي سول حڪومت جنهن عوام خود چونڊيو آهي، غيرن (آمريڪا ۽ انڊيا) کي ڪهڙي ميار ڏجي، پنهنجي حڪومت اسان کان ووٽ وٺي اسان عوام تي ڊرون حملا به ڪرائي ٿي، هر شهر ڌماڪا به ڪرائي ٿي، ۽ اوهان کي جيڪي اسان جي آرام لاءِ پاڻ جاڳندا رهو ٿا کي به اهڙي بي دردي سان مارائي ٿي۔
    اوهان ٻڌايو؟
    ڇا زرداري اوهان کي مارائڻ ۾ شامل نه آهي؟
    ان کان اڳ وارا حڪمران ڇا فورسس کي ڊوڙائي ڊوڙائي مارائڻ ۾ شامل نه آهن۔
    هڪ اهو ئي ته ادارو رهيو هو، جنهن لاءِ اسان جي دلين ۾ عزت هئي، آهي ۽ رهندي۔
    اسان جي حڪومت پيسا وٺي اسان (سول) ۽ اوهان (فوج) کي ذليل ڪرائي ٿي ۽ مارائي ٿي۔
    اوهان کي خبر آهي، ادا عرس الله جو قسم کڻي ٻڌايو! ڇا توهان کي خبر نه آهي ته اسان جون ئي حڪومتون پيسا وٺي اسان کي مارائن ٿيون۔
    اوهان فورسز تي ڌماڪا ڪير ٿو ڪرائي؟
    بمن جون ٽرڪون اوهان جي گيٽن سان ڪنهن جي اشارن تي ٽڪرائجن ٿيون؟
    اسلام آباد جي هوٽل تي اٽيڪ ڪير ٿو ڪرائي؟
    لال مسجد واقعو ڇو ٿو ٿئي؟
    ڪراچي سي آئي ڊي سينٽر تي بم ڪير ٿو اڇلائي؟
    ڪراچي جي مشهور هوٽلن ۾ ڌماڪا ڪير ٿو ڪرائي؟
    ۽ هاڻ وري نيوي به؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
    شرم اچي ٿو اسان کي جو اسان پاڪستاني آهيون۔
    [/JUSTIFY]
     
  6. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اڄوڪي ڪراچي جي حملن م ڪجه ساٿين جي وڄڙن جي ياد ۾

    ادا ڏاڏل اوهان تمام سٺي ڳالهه ڪئي آهي ۽ جيڪو ڪجهه لکيو سو سهي لکيو آهي بهترين
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اڄوڪي ڪراچي جي حملن م ڪجه ساٿين جي وڄڙن جي ياد ۾

    انا لله وانا اليه راجعون
     
  8. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اڄوڪي ڪراچي جي حملن م ڪجه ساٿين جي وڄڙن جي ياد ۾

    سائين اسان وٽ جيڪو نّظآمِ جمهوريت آهي اهو ڪنهن کان لڪل ڪونهي اسان نه چاهيندي به ان معاشري جو حصو آهيون جنهن معاشري ۾
    غلط کي غلط چوڻ جُرم آهي، اسان نه چاهيندي به انهن ماڻهن جا ساٿاري آهيون جن اسان جي عزت و جان مال سان همِيشه راند ڪئي آهي هي ان لاءِ آهن جو اسان هنن جا محڪوم آهيون ۽ هي ايسيتائين رهندا جيسيتائين اسان آهيون ۔ جمهوريت اتي به نقصانڪار رهي آهي جتي آزاد معاشرا قائم آهن آزاد معاشرن مان مراد ذهني آزاد معاشرا اسان ته پيدائشي غلام آهيون اسان جي غلامي جي حقيقت ميراثي آهي اسان کي غلامي ۾ آزادي نظر ٿي اچي اسان آزادي کي ڪڏهن سمجهيو ئي ڪونهي سو سائين هي ڪاڻا اسان جي مٿان راجا انلاءِ آهن جو اسان انڌا آهيون ۔
    وسلام
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: اڄوڪي ڪراچي جي حملن م ڪجه ساٿين جي وڄڙن جي ياد ۾

    ادا ڏاڏل صاحب اسان توهان جي انهيء ڏک ۾ برابر جا ڏکارا آهيون، ادا بس الله جي ذات ڪو انهن بيدرد جانورن کي ڪو عقل ۽ سمجهه عطاء ڪري، ادا قرآن ۾ سورت المائده ۾ آهي ته ( جنهن به ڪنهن انسان کي خون جي بدلي کانسواء قتل ڪيو يا زمين ۾ فساد پکيڙڻ جي ڪري قتل ڪيو، ان ڄڻ سڀني انسانن کي قتل ڪيو، ۽ جنهن به ڪنهن انسان جي حياتي بچائي ان ڄڻ ته سڀني انسانن کي جيئدان ڏنو۔)









     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اڄوڪي ڪراچي جي حملن م ڪجه ساٿين جي وڇڙڻ جي ياد ۾

    تمام گهڻي ڏک وارو واقعو پيش آيو آهي۔ جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي۔ اڄ ٻيهر اهڙي ئي قسم جي هڪ واقعي ۾ وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون آهن۔ شهيدن کي سلام آهي۔
     
  11. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اڄوڪي ڪراچي جي حملن م ڪجه ساٿين جي وڄڙن جي ياد ۾


    سائين ممتاز اوهان جي مهربان يجو ان گهڙي ۾ مون کي اوهان ياد رکيو الله اسان سڀني کي پنهنجي حفظ و امن ۾ رکي وسلام
     
  12. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: اڄوڪي ڪراچي جي حملن م ڪجه ساٿين جي وڇڙڻ جي ياد ۾

    واه ادابلڪل


    هيڻو نه پر ٻيڻو ٻاڪاري ٻڌائڻو آ
    دل دلگير نه ٿيڻو آ دل دلگير نه ٿيڻو آ
    سڄي ساٿ کي سڏڻو آ
    پو محشر هن سان ڪرڻو آ خاموش نه هاڻي رهڻو آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو