ڪارل مارڪس (ابن پارس)

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪارل مارڪس دنيا جو عظيم ڏاهو جنهن سڄي عمر دربدريء ۾ گذاري پر سندس فڪر پورهيتن جون تقديرون بدلايون ۽ دنيا تي اڃان تائين ڪميونزم جي ڇاپ ۽ ڪيترن ملڪن ۾ سندس پوئلڳن جي حڪومت پڻ آهي۔ سندس ڪيپيٽل تي لکيل ٽن جلدن جو ڪتاب سچ ته ڪمال آهي۔ سندس هي ڪتاب سندس حياتيء جو مختصر احوال آهي جنهن کي ابن پارس لکيو آهي ۽ ڪمپوزنگ سڪندر علي ابڙو ڪئي آهي۔ هي ڪتاب عوامي تحريڪ جي ويب تي اِي بوڪ جي صورت ۾ موجود هو۔

     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جاويد علي

    جاويد علي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    33
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    ڌنڌو:
    پرئيويٽ اسڪول ٽيچر
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    ادا توهان جا ٿورا آهن جو اوهان سنڌي ڪتاب اپلوڊ ڪندا رهندا آهيو، نه ته جيڪي ڪتاب اوهان اپلوڊ ڪيو ٿا اهي عام شهرن ۾ بلڪل اڻ لڀ آهن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ جرمني جو نالو سرفهرست آهي، منهنجو هڪ سوئٽ جرمي جي شهر برلن ۾ رهندو آهي ۽ اهو ڳالهه ڪندو آهي ته جڏهن مان هت جرمني جا قائدا قانون ڏسندو آهيان ته حيران ٿئي اهيو چوندو آهيان ته اسان پاڪستاني ته پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن وڏيري جي نجي جيل ۾ پنهنجي زندگي گذاريون ٿا۔
    جرمني ڪيترن ئي نالن جي ڪري دنيا ۾ سڃاتو ويندو آهي، دنيا جو وڏو ڊڪٽيٽر،ايڊولف هٽلر 20 اپريل 1889ع ۾ آسٽريا ۽ جرمني جي سرحد بويريا جي هڪ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. ان کان پوء سنڌي، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي خدمت جي حوالي سان سڃاتو ويندڙ عالم اديب محقق ليکڪ ارنيسٽ ٽرمپ 12 مارچ 1828 تي جرمني ءَ جي شهر السفيلڊ ۾ ڄائو.وري جڏهن اسان سنڌ جي ماياناز عالم اديب مفڪر علامه آء آء قاضي رح جي زندگي ڏانهن ڏسون ٿا ته ان جو به واسطو جرمن سان ٿو وڃي جڙي۔ علامه صاحب 1910 ۾ جرمني ويو. جتي ايلسا نالي هڪ جرمن خاتون سان شادي ڪئي۔
    اهڙي ريت هي دنيا جو ڏاهو ڪارل مارڪس به جرمني ۾ 5 مئي 1818ع ۾ پيدا ٿيو، سندس خانداني پهريون مذهب يهودي هو، ۽ سندس والد هن جي پيدا ٿيڻ کان پهرين يهودي مذهب ڇڏي ڪري عيسائي مذهب اپنايو هو، ۽ اهڙي ريت هن جو مذهب عيسائي ٿيو، مگر پوء ته مذهب هن لاء هڪ وڏي چڙ ٿئي پئي،
    هن ڏاهي جا ٽي ڀائر هئا، ۽ پنج ڀيڻون مگر انهن پنهنجي زندگي ۾ ڪو نالو نه ڪڍيو، جيئن ڪارل مارڪس ڪڍيو۔
    مارڪس سخت بيمار ٿي پيو ۽ ڦڦڙ به ڪم ڇڏڻ لڳا، ايتري قدر جو کير کان سواءِ ڪابه شي نڙي کان هيٺ نه لهندي هيس. 14 مارچ تي تقريبن اڍائي بجي ڏينهن جو ملازم ڪمري ۾ آئي ته ڏٺائين ته مارڪس نيم بيهوشي جي حالت ۾ ڪرسي تي ويٺل آهي، ملازم هيٺ وڃي اينگلس کي ٻڌايو، اينگلس ڀڄندو آيو ۽ ڏٺائين ته مارڪس ننڊ ۾ پيل آهي پر اهڙي ننڊ جنهن کان ڪوئي ڪڏهن سجاڳ نه ٿي سگهيو آهي. مارڪس جي لاش کي 17 مارچ 1883 ع تي هائي گيٽ جي قبرستان ۾ سندس گهرواري جيني جي پاسي ۾ دفنايو ويو۔۔۔ سندس فڪر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلڻ لڳو۔ جنهن جو پاڇو سنڌ جي اديبن تي به پيل نظر اچي ٿو۔
    ڪارل مارڪس جي سوانح عمري جو ڪتاب محترم دوست سليمان وساڻ صاحب سنڌ سلامت جي فورم تي ونڊ ڪري سنڌ سلامت جي علمي ادبي لائبريري جي خزاني ۾ بهترين واڌارو ڪيو آهي۔آئينده به سليمان وساڻ صاحب ۾ اهيا اميد آهي ته اهڙيون تصانيف سنڌ سلامت جي ڪتاب گهر ۾ ونڊ ڪندا رهندا۔محترم سليمان وساڻ صاحب جي هن ( سنڌ سلامت ڪتاب گهر کي مالا مال ڪرڻ واري) ڪوشش ۽ جدو جهد تي مان پنهنجي طرفان دل جي گهراين سان سلام پيش ڪيان ٿو۔
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    بي بي سي جي مشهور تبصرو ڪندڙ ۽ لکاري۔وسعت الله خان پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکيو هو ته۔۔۔۔۔
    ڪارل مارڪس چيو هو ته اسان وٽ وڃائڻ لاءِ آهي ڇا سواءِ ٻيڙن جي. اڄ ڪارل مارڪس زنده هجي ها ۽ ٻيڙي لاءِ سگنل وٺڻ وڃي ها ته کيس سمجھه اچي ها ۽ هو رڙيون ڪندي چوي ها ته اسان وٽ وڃائڻ لاءِ آهي ئي ڇا سواءِ پنهنجي پاڻ جي!
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 ڊسمبر 2013
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا سليمان توهانکي سلام آهي اوهانجي محنتن تي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    وساڻ صاحب سدائين وسند رهو هن اڱڻ تي اوهان جا پهريان به احسان رهيا پر ميان هي احسان بي مثال آهي۔ انشاءِ الله هن کان مستفيد ٿيندا سين مون ڪيترن دوستن کان هن موضوع لاءِ مواد گهريو ليڪن يا ته ماڻهون ڊنل آهن يا ڪو ٻيو مسئلو هو پر اوهان ته هي خاص ونڊ عام ڪري قرب ڪري چڏيا الله ڪري اوهان جون ڪچهريون سدائين آباد هُجن۔
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو