محترم لطيف سنڌي جو سهيڙيل هي ڪتاب ”سنڌ جا شهيد“ سنڌي سورمن تي لکيل مضمونن جو آهي۔ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي هيٺين امر ڪردارن تي لاجواب مضمون لکيل آهن: 1۔ دولهه دريا خان (سائين جي ايم سيد) 2۔ هوشو شيدي (منصور قادر جوڻيجو) 3۔ بختاور لاشارڻ (مير محمد ٽالپر) 4۔ هيمون ڪالاڻي (ناز سنائي) 5۔ روپلو ڪولهي (اسرار شام) ڪجهه ڪتاب بابت: مضمونن جو سهيڙيندڙ محترم لطيف سنڌي آهي جڏهن ته ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم سعيد سنڌي ڪئي آهي ۽ انٽرنيٽ تي وائس آف سنڌ پاران آندو ويو آهي۔ هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
تمام بهترين ۽ تاريخ ساز شخصيتن جو خاڪو. هي ڪتاب سنڌ جي سورمن جي حقيقي تاريخ بيان ڪري ٿو، اسان کي گهرجي ته سنڌ جي سمورن شهيدن تي مستند ڪتاب لکون، جنهن ۾ سنڌ جا شهيد، سنڌي ٻولي جا شهيد، ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد، قومي تحريڪ جا شهيد، ايم. آر. ڊي تحريڪ جا شهيد، ون يونٽ جا شهيد ۽ ٻيا مختلف وقتن تي مختلف سانحن ۾ ٿيندڙ شهيد شامل هجن. هي تاريخ سنڌ جي هڪ ڏکوئيندڙ باب کي بيان ڪندڙ هوندي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن لا رهنما ثابت ٿيندي