شاهجهان سُميل

'تعارف' فورم ۾ شاهجهان سُميل طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2012۔

  1. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي اسلام عليڪم، سنڌ سلامت

    سنڌ ڌرتي جي لاڙ جي هنج ۾ وسندڙ بدين شهر جي ننڍڙي ڳوٺ منٺار فقير رستماڻي ۾ جنم وٺندڙ مان شاهجهان سُميل، جنهن جو اصل نالو شاهجهان منٺار آهي ۽ سُميل تخلص طور استعمال ڪندو آهيان۔ مون سنڌ يونيورسٽي مان بي اي (انگريزي) 2005 ۾ ڪئي ۽ بعد ۾ اسلام آباد هليو آيس۔ 2007 کان اسلام آباد ۾ آهيان ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۾ بطور انچارج (فارين فنڊيڊ اسڪالرشپس) ڪم ڪري رهيو آهيان۔
    ادب سان چاهه ڪجهه لکڻ لاءِ اتساهيو ۽ دوستن جي رهنمائي ڪجهه لکڻ سيکاريو، جيتوڻيڪ گهڻي دلچسي شاعري سان رهي آهي ۽ پاڻ به ٿوري گهڻي ڪچي پڪي شاعري ڪندو آهيان، تنهن هوندي به نثر ۾ گهڻو ڪم ڪرڻ جي لاءِ دل چوندي آهي۔

    مان سنڌ سلامت جو به ٿورائتو آهيان، جنهن اسان کي ايترو خوبصورت فورم ڏنو جتي اسان پنهنجي تحريرن سان گڏوگڏ پنهنجي ڏيهه واسي دوستن سان هڪ ڪٽنب جيان آن لائن گڏ رهون۔
     
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا شاهجهان توهانکي سنڌ سلامت فورم تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئجي ٿو۔ ادب ء شاعري سان چاهه مان اندازو لڳائي سگجي ٿو ته توهان با زوق ماڻهو آهي اميد ته سنڌ سلامت تي ساٿ سلامت رهندو
    اسان جو هڪڙو دوست جيڪو ڪراچيء ۾ اسان سان گڏ رهندو هيو اهو به هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد ۾ آهي ان کي (شمن علي ماڇي) ان کي سلام عرض ڪجو۔
    وري به سنڌ سلامت تي ڀليڪار
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    لاڙ جا سهڻا دوست، بدين سان پنهنجيون ٻٽيهه دليون آهن جو سنڌ جو هڪ سهڻو ۽ سيبتو شهر آهي ۽ ڪيترائ دلبر به رهن ٿا ۔۔۔ اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار،

    اوهانجهڙي قابل ۽ ڏاهي دوست سان ملاقات هڪ شرف آهي۔ ۽ اميد آهي ته سنڌ سلامت جي دوستن سان اوهانجي دوستي خوب رهندي، ڇاڪاڻ ته هي ڳوٺ اوهانجهڙن سهڻن دوستن سان ئي آباد ٿيل آهي، اڳ آءُ هن فورم کي اوطاق چوندو هيس پر هاڻ هن کي ڳوٺ چوانٿو جو ايترن سهڻن دوستن اچي پنهنجيون جهوپڙيون اڏيون آهن جو هڪ سهڻو ٿري ڳوٺ لڳي ٿو ۔۔۔

    هن ڳوٺ جا رهائش پذير دوست تمام قربائتا، اوطاقي مڙس ۽ دوستيون نڀائڻ وارا آهن، اوهانکي ڪا اوپرائپ محسوس ڪون ٿيندي ۔۔۔ نثر جا به سهڻا ليکڪ موجود آهن ۽ مواد موجود آهي ته شعر ۾ طبع آزمائي ڪندڙ جو به ماشآء الله موچارو تعداد آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت جو هڪ ئي مول متو آهي ” سنڌ ۽ سنڌيت“ سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ اڳ کان اڳرو ڪرڻ ۽ سنڌي ادب جي پٺڀرائي ڪرڻ ۽ سنڌ جي مسئلن تي هڪٻئي جي رهنمائي ڪرڻ ۔۔۔

    اوهانکي به صلاح آهي ته هڪ جهوپو ٺاهي هن ڳوٺ ۾ رهي پئو۔

    جي ايندي چوني آءُ، ويندي چني ويهه،
    ڇڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچج انهن جي۔

    اميد ته ڀيرو نه ڀڃندا ۽ پنهنجي دوستيءَ سان هن اڱڻ کي روشن ڪندا رهندا ۔۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. غلام مصطفي ا

    غلام مصطفي ا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2012
    تحريرون:
    108
    ورتل پسنديدگيون:
    227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    انساني حقن واري تنظيم ۾ ڪوآردينيٽر جي حيثيت.
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا شاهجان سُميل
    اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا ۔ جت هجو خوش هجو۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    ادا شاهجهان توهانکي سنڌ سلامت فورم تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئجي ٿو۔ ادب ء شاعري سان چاهه مان اندازو لڳائي سگجي ٿو ته توهان با زوق ماڻهو آهي اميد ته سنڌ سلامت تي ساٿ سلامت رهندو ۽ توھان جي خوبصورت تحريرن جو شدت سان انتظار رھندو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا شاهجهان جو نالو ڪافي وقت کان نظر ۾ هيو۔۔۔ هڪ ته ڪجهه منفرد ۽ وري زبان کي مٺاس ڏيندڙ۔۔۔ دوست سليمان وساڻ ادا بابت ڪجهه آگاهي ته ڏني پر ڳالهه واضح تڏهن ئي ٿي جڏهن توهان جو اڄ جو موضوع سامهون آيو۔۔۔
    توهان آيو۔۔۔ دل خوش ٿي۔۔۔ خوشي ان ڳالهه جي به ٿي ته سنڌي هاڻي رڳو سنڌ تائين ناهن۔۔۔ خوشي ان ڳالهه جي به ٿي ته وفاقي شهر ۾ موجود سنڌين نه پنهنجي ثقافت کي وساريو آهي ۽ نه وري ادب کي۔۔ بس پنهنجي قلم کي هلائڻ سان به حوصلن کي همت ملندي رهندي آهي۔۔۔
    خوشي ان ڳالهه جي به ٿي ته اسان جي ساٿ ۾ انتهائي قابل دوست جو اضافو ٿيو آهي جيڪو سنڌ جي دردن کي به خوب سمجهي ۽ ان کي دور ڪرڻ جو به حوصلو رکي ٿو۔۔۔ پنهنجي دوست کي کلئين ٻانهين ڀليڪار۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ادا شاهجان ڀاء توهان کي سنڌ سلامت جي هن خوبصورت پيار ڀرئي اڱڻ تي خوش آمديد ۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    سڀني دوستن جي مهرباني۔۔۔ جن ايترو مان ڏنو۔ سچ ته سنڌ سلامت هڪ ڪٽنب جيان ئي آهي۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خوبصورت شاعر ۽ پياري ڀاء شاهجهان سُميل کي سنڌ سلامت جي محبتي ميڙ ۾ شامل ٿيڻ تي دلي ڀليڪار۔

    دوستو شاهجهان سُميل سان فيسبوڪ ذريعي تمام سٺي دوستي رهي آهي، هڪ سلجهيل، سهڻن خيالن وارو خوبصورت شاعر آهي، پر هاڻي خبر پئي ته هو سٺو نثر به لکي ٿو۔ اسلام آباد جهڙي شهر ۾ رهندي سنڌ ، سنڌيت ۽ سنڌي ادب سان چاهه اهڙو اٿس جو هو سنڌي ادبي سنگت اسلام آباد شاخ جو سرگرم رڪن ۽ عهديدار آهي۔ قابل ۽ سٺن خيالن وارو دوست آهي۔ سندس شاعري مان هڪ چونڊ نظم مون گهڻو اڳ سنڌ سلامت تي وري آ جنوري جانا ۔۔۔۔۔ جي عنوان سان سنڌ سلامت تي شيئر ڪيو هو۔
    [​IMG]



    تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔

    اوهان جو ساٿ سچ ته اسان لاء حوصلا افزائي ۽ اتساهه جو سبب بڻيو آهي۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔۔سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    [​IMG]
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. لطيفي151

    لطيفي151
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سروس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    وعليڪم اسلام۔۔۔۔۔
    محترم شاهجهان سُميل صاحب۔۔۔۔۔سُٺن لفظن سان جُڙيل اوهان جو تعارُف پڙهي ڪري ڏاڍي دل خوش ٿي
    اها ته هڪ حقيقت آهي ته هن پياري ۽ مُحبتي ميڙاڪ واري فورم جي جيتري تعريف ڪجي اُها گهٽ آهي۔۔۔
    ادل، اسين سڀ دوست هتي هڪ گهر جي ڪٽنب جيئان آهيون ۽ پنهنجا پنهنجا ڏک، سور، خوشيون هڪ
    تحرير جي صورت ۾ پيا ونڊ ڪندا رهندا آهيون، سو اوهان جا قُرب جو هن سنڌي فورم ””سنڌ سلامت”” جي
    اڱڻ تي آيا۔۔۔۔ مهربانيون دوست۔۔۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    ادا اسان توهان کي سنڌ سلامت فورم تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪريون ٿا۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    سڀني دوست جا قرب ۔۔۔ اهو سڀ دوستن جو خلوص ۽ سندن محبت آهي جيڪا مونکي هن فورم تي وٺي آئي آهي۔ مونکي سچ م پهرين اهو اندازو ئي نه هو ته سنڌ سلامت ايتري قدر ڊجيٽلائزڊ آهي۔ مونکي ته هي سنڌ جي فيس بُڪ ٿي لڳي۔ دوستن جو بهترين ڪم ٻولي ۽ ادب لاءِ۔

    الله شال سنڌڙي ۽ سنڌ واسين کي آباد رکي۔۔۔۔ آمين
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا شاهجان کي هن محبتي اڱڻ تي ڀليڪار چئجي ٿو، ادا اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو شدت سان انتظار رهندو۔۔۔ سدا سرها هجو۔۔
     
  14. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا شاهجهان سميل اسلام عليڪم۔ادا سائين اسان به اوهان کي دل جي گهرائين سان هن محبتي اڳڻ تي ڀليڪار ٿا چئون۔ادا هن فورم جو هر ميمبر چاهي مرد هجئي يا عورت محبت،خلوص ، عزت۽ وفادري جي سهڻي ڪڙين ۾ هڪ ٻئي سان ٍجڙيل آهن۔ توهان ماشاالله فيس بوڪ تي به ڪافي سرگرم رهندا هوندا پر هت اوهان کي جيڪو پهنجائپ جو احساس ٿيندو شايد اهو اوهان کي ڪنهن ٻئي فورم تي شايد نه ملي سگهي۔ هن فورم تي اوهان کي هر موضوع تي انيڪ ؤمعلومات سان لبريز ليک ملندا،جيڪي هن اڳڻ جي ميمبرن جي ڪاوشن جو نيتجو آهن۔ هي جيڪو دوستن محبت جو ٻوٽو لڳايو هو هاڻي وڌي تمام وڏي شاخن وارو وڻ ٿئي ويو آهي جنهن جي محبت ڀري ڇانو مان هر ڪو مستفيد ٿئي رهيو آهي۔توهانجهڙي شاعري جي دلداه ۽ فنون لطيفا جي ماهر انسان جي ميمبر ٿيڻ تي اسان کي يقين آهي ته هن اڳڻ جي زينت ۾ اضعافو ٿيندو ۽ اسان کي سٺي شاعري سان گڏ بهترين ۽ بامعني ليک اوهانجا پڙهڻ جو موقعو ملندو۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    انشا الله ۔۔۔ دوستو، سنڌ سلامت جي ڪٽنب ۾ توهان ڀاتين جو پيار هميشه همٿائيندو ۔۔ شال سکيا هُجو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  17. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    ادا اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ٿا چئون
     
  18. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    دوست شاهجهان سميل کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ميمبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو