مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏19 آڪٽوبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ واسيو مُنهنجو هي آزاد نظم وقت جي ڪنهن چو واٽي، تي ماضيءَ جي دوڙ ۾ لٽيو پيو هو، انهي مٽيءَ جي دز سان ڀريل جهڙو آهي ۽ جيئن آهي توهان سڀني سان شيئر پيو ڪريان، خصوصي طور هن ڏياريءَ جي شُڀ ڏينهن تي ادا رنجيت کي ارپيان ٿو. ۽ اسان کي وساريندڙ اسان جي پياري دوست ادا مخدومي الجميلي ادا زاهد سومري کي. ان کان علاوه ادا سُلطان، ادا عظيم، ادا ٻروچ، ادا نثار ابڙو، ادا ڄامشورائي، سميت سنڌ سلامت جي سڀني نون پُراڻن دوستن جي پڻ نظر آهي
    آزاد نظم
    نثاراحمد ناز
    مشعلون بنائي
    پنهنجي آڱرين کي،
    حَدِ ديوانگي ،
    ڇُهڻ مان ٿو چاهيان!!
    پَيَل گَجُ بدن تي، سنڌي ڀرت وارو،
    کنيل ڪڇ تي گهاگهر،
    مٿي تي دِلو پڻ،
    هلي ڊيلَ وانگر،
    هُو لوڏا وڏا ڏئي،
    تنهن سنڌي نياڻيءَ جو اسڪيچ ٺاهي،
    ڪا تصوير سُهڻي،
    مان (Oil) آئل سان پينٽي،
    يا واٽر ڪلر ۾
    بنائڻ ٿو چاهيان!!!
    موهن جي دڙي جِي،
    مان تاريخ بڻجي،
    تراشڻ ٿو چاهيان،
    تنهن نچڻي جِي مُورت،
    جيڪا بُک ۾ بدحال،
    وئيشا بَڻِي آ،
    تنهن معصوم، مظلوم پڳلِيءَ جِي مورت!!!
    ڀري ڇند وديا کي،
    پنهنجِي ڪلا ۾،
    ستن سُورمين جا سُرَ سڀ آلاپي،
    تنبوري جي تارُن کي ڇيڙڻ ٿو چاهيان!!
    ڪبير جا دوها،
    ڀٽائيءَ جون وايون،
    رمزون سچل جُون،
    سڄا راز کولي،
    سامي سڀن کي،
    ٻُڌائڻ ٿو چاهيان!!
    تکو وقت تُنهنجي ته رفتار کان،
    اُڀَ ۾ مان اُڏري،
    امن جو پکيئڙو،
    چنبي باز مان ڀي ڇڏائڻ ٿو چاهيان!!
    وڃان ڇو مان چنڊ تي ۽ ڇا لئه؟
    سڄو چنڊ ڌرتيءَ تي لاهڻ ٿو چاهيان!!،
    جهريل آ جڳت ۾ جيڪو جيئڙو،
    آٿت وڏي تنهنکي ڏيارڻ ٿو چاهيان!!
    مان لُڙڪن جي لارُن جون تصويرون ميٽي،
    خوشيون سڀ دنيا ۾ ورهائڻ ٿو چاهيان،
    وڏا سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان!!
    نوان سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان!!
    مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي!!
    مشعلون بنائي پنهنجي آگرين کي!!
    مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي!!
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين ڪافي عرصي کانپوٌءِ اوهان جي شاعري پڙهڻ وٽان ملي آهي۔۔ تمام پياري شاعري آهي۔۔۔۔

    وڏي مهرباني اوهان جي جو اوهان اسان سڀني سنڌ سلامت واري ساٿين کي ارپي آهي۔۔۔

    لکين قرب اوهان جا


    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. Ranjit

    Ranjit
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    Wah ustaad! Asli matt na par koonar bhanji chadyav.
    mhrbani,
    baqi hind mai malhayl diwali ji report aein video maan jald ji (S3) mai paish kandus, jeka sindh slamat ji fakhriya peshkash hundi
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    گريٽ ورڊس فرام اِ گريٽ پرسن۔۔۔۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا زاهد مهرباني تون خير سان گوٺان گهمي آئين۔ يار توکان سواءِ سنڌ سلامت ڪافي اٻاڻڪو پي لڳو، خير تون اچي وئين وري رنگ لڳي ويا۔ شال جُڙيو هُجين۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    oh Rajeet maat ya koonra banjan joon galhiyoon ghat main ghat toon ta na kar. asaan khay toojay diyaari waray vido jo shidat saan intizar rahando
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا ڄامشورائي ، مهرباني تُنهنجي جو توهان مُنهنجي ٽُٽل ڀڳل شاعريءَ کي گريٽ ورڊس ڪري لکيو۔ باقي مٺا مان ته توهان جو غريب مسڪين ڀاءَ آهيان ۽ پنهنجي پاڻ کي هميشهه ٽي درجي وارو شاعر سمجهندو آهيان۔ ان هوندي به مان تُنهنجو شڪر گذار آهيان جو تو مونکي گريٽ پرسن جهڙي اهم ترين لقب سان نوازيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو