آڪاش انصاري تون پُڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏25 ڊسمبر 2012۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    آڪاش انصاري بدين جي موسمن ۽ سادگين جهڙو اڻموٽ شاعر آهي۔ سندس هي نظم مون لاءِ يادگار آهي۔
    اها ڏهه سال پهرين جي ڳالهه آهي جو دوست امين ارباب (هاڻوڪو مهراڻ ٽي ويو نيوز ڪاسٽر) ريڊيو پاڪستان جي حيدرآباد تان سڳنڌ پروگرام ۾ هر هفتي هڪ سِٽ ڏيندو هو ۽ لکندڙ انهي تي پنهنجون روماوني ۽ احساساتي تحريرون لکندا هئا۔ آئون به انهن مان هڪ هئس۔
    منهنجي پهرين تحرير جيڪا نشر ٿي امين جي خوبصورت آواز ۾ انهي جو موضوع هو تون پُڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس؟
    اڄ فيس بوڪ تي هي وڊيو ڏٺم جنهن ۾ ڪنهن اها نظم پڙهي آهي۔ دل چيو ونڊ ڪجي
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو جنم ڏينهن آهي ۽ ان ئي حوالي سان اها وڊيو فيسبوڪ تي شيئر ڪيم ۔۔۔۔۔ لاجواب شاعري ۽ سهڻو آواز ۔۔۔۔

    تون پڇين ٿو پرين! مان هليو ڇو ويس؟

    (آڪاش انصاري)

    تون پڇين ٿو پرين!
    مان هليو ڇو ويس؟
    جڏهن شام جو جام،
    خالي نه هو،
    رات رم جهم هُئي،
    تنهنجي ساهن جي،
    جهيڻن سُرن ۾ سُتل
    منهنجي بستر تي
    مُنڪر ڪا موسم هئي۔
    تنهنجي ڪجلين اکين جي،
    ڪنارن مٿي،
    منهنجي چپڙن جي ٻيڙي،
    لڳي ئي لڳي،
    ها! انهي کان اڳي،
    مان هليو ڇو ويس؟

    سچ پڇين او پرين!
    دل به چاهيو گهڻو،
    ڪا گهڙي تنهنجي،
    وارن جي ڪارين گهٽائن منجهان
    واس وٺندو رهان!
    ٻن گهڙين لئه سهي
    تنهنجي آغوش جي سانوري شام ۾
    ڪنهن روپوش پياسي مسافر جيان،
    مان پناهون وٺان،
    کن پل لئي سهي،
    ٿڪ ٿورو ڀڃان۔

    دل ته چاهيو گهڻو،
    تنهنجي نيڻن جون،
    نرمل هي چاندوڪيون،
    سدا مست نينڍون نياپا کڻي
    روح جي رڻ مٿانايئن رقصان رهن۔

    دل ته چاهيو گهڻو،
    تنهنجي ٻانهن جون ڪچڙيون،
    ۽ ڪومل وليون،سونهن سرهاڻ جا
    سئو سنديسا کڻي
    منهنجي تن تي سدا
    ايئن وکريل رهن۔

    ها مگر ڇا ڪجي؟
    تنهنجي ڪاڪل جو قيدي ٿيڻ کان اڳي،
    قيدخانن ۾ ڪائي ڪشش هئي پرين!
    جيڪا ويئي ڇڪي۔

    دل ته ماڻڻ گُهريون،
    تنهنجون سڀ دلبريون،
    ها مگر ڇا ڪجي! دار جي درد کي،
    پنهنجي لذت هئي،
    جيڪا وئي ڇڪي،
    تون پڇين ٿو پرين
    مان هليو ڇو ويس؟
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    ها مگر ڇا ڪجي؟
    تنهنجي ڪاڪل جو قيدي ٿيڻ کان اڳي،
    قيدخانن ۾ ڪائي ڪشش هئي پرين!
    جيڪا ويئي ڇڪي۔
    تمام بهترين گيت ڪجھ يادن سان ڀريل لمحا ياد ڏياريندڙ گيت ونڊ ڪرڻ جي مهرباني ڀاءُ حفيظ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    بهترين شاعر جي بهترين شاعري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو