اڄوڪو ڏينهن 13 فيبروري تاريخ جي دريءَ مان

'فيبروري' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڄوڪي ڏينهن 13 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    13 فيبروري 1911ع اردو ٻولي جي ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض جو جنم ڏينهن آهي.
    13 فيبروري 1931ع ليکڪ قمر سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    13 فيبروري 1933ع ليکڪ هري همٿاڻي (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
    13 فيبروري 1942ع سگهڙ پير ماڇي جو جنم ڏينهن آهي.
    13 فيبروري 1949ع سياستدان مخدوم خليق الزمان (هالا) جو جنم ڏينهن آهي۔
    13 فيبروري 1957ع شاعر، ليکڪ ۽ گلوڪار ٻلديو نند لال ڪالرو (شڪارپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي۔
    13 فيبروري 1977ع ليکڪ، شاعر ۽ ڪالم نگار رضوان گُل جو جنم ڏينهن آهي۔

    وڇوڙو:

    13 فيبروري 1865ع بزرگ سيد موسى شاهه ثاني جو لاڏاڻو ٿيو.
    13 فيبروري 1947ع مذهبي اسڪالر پير الهيار شاهه جو انتقال ٿيو. سندن عرس هر سال 21 ربيع الثاني تي ملهايو ويندو آهي .
    13 فيبروري 1979ع نامياري صحافي قاضي محمد اڪبر جو لاڏاڻو ٿيو.
    13 فيبروري 2007ع شاعر الهنواز نواز رڪڻائي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
    13 فيبروري 2008ع شاعر عبدالرئوف منصور ويراڳي (هالا) جو انتقال ٿيو.
    13 فيبروري 2016ع برصغير جي نامياري موسيقار روبن گوش جو ڍاڪا ۾ انتقال ٿيو.
    13 فيبروري 2018ع صوفي راڳي شير شاهه جي وفات ٿي.
    _______

    اڄوڪي ڏينهن 13 فيبروري جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]
    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    ____
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 فيبروري 2015
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سٺي معلومات آهي ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نامياري صحافي ۽ سياستدان قاضي محمد اڪبر جي ورسي

    [​IMG]
    ناليواري سفارتڪار صحافي ۽ سياستدان قاضي محمد اڪبر جنهن آزادي جي تحريڪ ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي صحافت ۾ به جديد لاڙا متعارف ڪرايا، سنڌ ڌرتي جي ماڻهن توڙي ڌرتي سان محبت رکندڙ قاضي محمد اڪبر غريبن جو همدرد هو، هن سڄي ڄمار سنڌ واسين جي خدمت ۾ گذاري ۽ خاڪسار تحريڪ ۾ به سرگرم اڳواڻ رهيو، قاضي محمد اڪبر تعليم لاءِ به يادگار خدمتون سرانجام ڏنيون، جديد سنڌي صحافت جو بنياد وجهندڙ قاضي محمد اڪبر سنڌي، اردو ۽ انگريزي صحافت جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪيو، هن عبرت، سنڌ آبزرور ۽ سنڌ نيوز جهڙيون اخبارون ڏنيون، جنهن بعد سندن فرزند هن پروفيشن ۾ مصروف عمل آهن، حيدرآباد مان سياست جي شروعات ڪندڙ قاضي محمد اڪبر 10 آڪٽوبر 1911ع ۾ سيوهڻ ۾ قاضي عبدالقيوم جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ 1931ع ۾ حيدرآباد ميونسپل جو 10 سالن لاءِ صدر ٿيو، قاضي محمد اڪبر 1946ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، 1953ع ۾ بنا مقابلي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجڻ تي کيس صوبائي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو، ناڻي، تعليم ۽ سڌ سماءَ وارن کاتن جو وزير رهندڙ قاضي محمد اڪبر حيدرآباد ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ زبيده ڪاليج قائم ڪيو، مختلف ملڪن ۾ پاڪستان جي سفير طور خدمتون سرانجام ڏيندڙ قاضي محمد اڪبر 13 فيبروري 1979ع تي سنڌ واسين کان هميشه لاءِ وڇڙي خالق حقيقي سان وڃي مليو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو