نئون سال مبارڪ هجي۔۔۔

'مختلف موضوع' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو اڄ سال جو آخري ڏينهن آهي منهنجي گهڙي مطابق ٺيڪ هڪ منٽ کان پوءِ نئون سال شروع ٿي ويندو۔۔۔ ۽ اسان 2009 مان ٽپي 2010 ۾ داخل ٿينداسين ۔۔۔۔ پر سوال اهو آهي ته اسان بحثيتِ قوم 2009 ۾ ڇا حاصل ڪيو۔۔۔؟۔۔۔ قومن کي سٺي قوم بڻجڻ لاءِ انصاف جو هڪ آزاد نظام کپي ۔۔۔ ڇا اسان 2009 ۾ اهڙو نظامِ عدل قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين۔۔۔ قومن کي ترقي ڪرڻ لاءِ جهموريت کپي ڇا اسان 2009 ۾ ملڪ ۾ خالص جهموريت قائم ڪري سگهيا آهيون ۔۔۔ ملڪ کي ترقي لاءِ ميرٽ هجڻ گهرجي۔۔۔ ڇا اسان 2009 ۾ ملڪ ۾ ميرٽ قائم ڪري سگهيا آهيون۔۔۔ قومن کي پسماندگي مان نڪرڻ لاءِ سيلف ريسپڪٽ، معيشيت، علم، برابري ۽ اعتماد کپي ۔۔۔ ڇا اسان 2009 ۾ اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو۔۔۔قومن کي زندگي گذارڻ لاءِ زندگي جون ضرورتون کپنديون آهن ۔۔ ڇا اسان 2009 ۾ عوام لاءِ علم، مانيءَ ڳڀو، صحت، اجهو ۽ لٽي جو بندوبست ڪري ورتو۔۔۔
    سوال اهو نه آهي ته اسان انهيءَ هڪ سال ۾ ڇا حاصل ڪيو۔۔۔؟ سوال اهو آهي ته اسان هڪ سال حاصل ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا ڪيو۔۔۔؟ اسان بري حالتن جي دلدل مان نڪرڻ لاءِ ڪيتري ڪوشش ڪئي اسان غربت کان بچڻ لاءِ ڪيتري ڪوشش ڪئي۔۔۔ اسان ملڪ کي، عوام کي ۽ قوم کي بهتر قوم، بهتر عوام ۽ بهتر ملڪ بنائڻ لاءِ ڪيتري جدوجهد ڪئي۔۔۔
    دوستو ڪوشش اهو ڦڙو هوندي آهي جيڪو هڪ هڪ ملي ڪري دريا ٺاهيندي آهي۔۔۔هڪ اهڙو تنڪو هوندي آهي جيڪو ملي ڪري آکيرو ٺهندي آهي۔۔۔ روشني جي هڪ اهڙي ڪرن هوندي آهي۔۔ جو ٻين ڪرنن سان ملي سج بنجندي آهي۔۔۔ ۽ ترقي جي طرف اٿندڙ هڪ اهڙو قدم هوندي آهي جنهن سان ڏهه هزار ميلن جو سفر شروع ٿيندو آهي۔۔۔۔ ۽ جيڪا قوم پهريون قدم ئي نه ٿي کڻي ان جي مستقبل جو برو حال هوندو آهي۔۔ ۽ حال ماضي کان به بدتر۔۔۔۔
    اسان کان مڃڻو پوندو ته اسان جو 2009 اسان جي 2008 کان مختلف نه هو۔۔۔ پر ڇا اسان جو 2010 به ائين ئي هوندو۔۔۔؟ اهو سوال آهي جيڪو هن وقت سموري قوم جو پلئه پڪڙيو بيٺو آهي۔۔۔ جيڪڏهن اسان ان سوال جي جواب جي ڳولا نه ڪئي ته اسان نقصان ۾ وينداسين۔۔۔
    مون ڪاٿي هڪ قول پڙهيو هو ته ”جنهن جو اڄ ان جي گذريل ڪلهه کان سٺو نه هو۔۔ اهو هلاڪ ٿي ويو۔۔۔۔“۔۔ بهرحال توهان سڀني کي منهنجي طرفان نئون سال مبارڪ هجي۔۔۔ ۽ منهنجي دعا آهي ته توهان جيڪو ڪم اڃان تائين نه ڪري سگهيا آهيو۔۔۔ الله پاڪ توهان کي اهو چڱو ڪم هن سال ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔۔۔۔ آمين
     
  2. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: نئون سال مبارڪ هجي۔۔۔

    منهنجي سڀني ڀائرن کي نيو سال مبارڪ هوجي



    دُعا آهي يا الله سائين سڀني جو خير ۽ ايندڙ سال به خوشيئن سان گذري
     
  3. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    جواب: نئون سال مبارڪ هجي۔۔۔

    سنڌ سلامت جي سڀني ڀائرن کي مون ناچيز طرفان نئين سال جون واڌايون هجن۔
    ڌڻي در دعا آهي ته هي سال شل سنڌ لاءِ سکن ڀريو، امن ۽ شانتي ڀريو هجي سنڌ
    واسي سدا خشحال هجن۔ آمين ثم آمين

    sindhsalamatsaathsal
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: نئون سال مبارڪ هجي۔۔۔

    ادا هن ناچيز طرفان سڄي سنڌ سلامت واسين، ۽ پوري دنيا وارن کي نئون سال مبارڪ هجي۔
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: نئون سال مبارڪ هجي۔۔۔

    سائين هن عاجز طرفان به سڄي ساٿ کي نئون سال2010 مبارڪ هجي ليڪن ان سان گڏ سائين عبد الرشيد جن جي تحرير مطابق اسان کي گذريل سال 2009جي ختم ٿيڻ تي پنهنجو محاسبو ڪرڻ گهرجي ته اسان کان ڪهڙيون ڪوتاهيون ٿيون اهي ڪوتاهيون هن سال ۾ نه ٿين بلڪه انهن جو ازالو به هن سال ۾ ڪجي جو اڳتي وري موقعو ملي الائي نه ملي۔
     
  6. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    جواب: نئون سال مبارڪ هجي۔۔۔

    منهنجي طرفان به مبارڪ
    پر مون ڏي هن سال بابت هڪ حيران ڪن ميسيج آيو
    2010 هڪ بابرڪت سال
    سال جي ابتدا جمع
    سال جي انتها جمع
    عيدالفطر به جمع
    ته عيدالاضحا (3 تاريخ) به جمع
    عيد ميلاد النبي به جمع
    ته شبِ معراج به جمع
    هن سال سال جي 52 هفتن ۾ ماڻهون جمع جي نماز 53 دفعا پڙهندا
    منهنجي به دعا آهي ته هن بابرڪت سال ۾ ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت ختم ٿئي
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: نئون سال مبارڪ هجي۔۔۔

    ادا اها ڳالهه گهڻن کان مون به ٻڌي آهي۔۔
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: نئون سال مبارڪ هجي۔۔۔

    سائين عبدالوحيد اوهان ته واقعي نئون انڪشاف ڪيو آهي الله تعالي اوهان جي دعا کي قبوليت جو شرف بخشي اسان جي به ان دعا تي آمين آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو