بلاگ ۾ ڪيٽيگريز ڪيئن شامل ڪجي

'سنڌي بلاگنگ' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2013۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    دوستن کي عرض آهي ته بلاگ ۾ ڪيٽيگريز ڪيئن شامل ڪجي جيڪر ڪو سولو طريقو هجي ته رهنمائي ڪندا . خاص ڪري سنڌ سلامت جي جادوگر سائين عبدالرشيد سمون صاحب جن کي گذارش آهي ته تصويرن ذريعي ڪو ڏس پنڌ ڏيندا ته سندن وڏا وڙ ٿيندا . مهرباني !
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    مون کي ته بلاگ ٺاهڻ ئي ڪو نه اچي۔۔۔:)
    ڪيٽيگريز ته بعد جي ڳالهه آهي۔۔۔۔:confused:
    هڪ ڀيرو ڪوشش ڪئي هئم ته صحت متعلق هڪ بلاگ ترتيب ڏيان پر مُنجهي پيس۔۔۔:(
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين منهنجا توهان پنهنجي بلاگ تي موڪليل مواد کي مختلف ليبل لڳائي ڪيٽيگرائيز ڪري سگهو ٿا اهڙي طرح بلاگ تي وزٽ ڪندڙ آساني سان توهان جي مواد کي فلٽر ڪري ڏسي ۽ پڙهي سگهندا۔۔۔ اهڙن ليبلس کي توهان بلاگ جي سائيڊ بار ۾ پڻ گڊگيٽ طور لڳائي سگهو ٿا۔۔ بلاگ ليبل کي بهتر طور سمجهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
    ان لاءِ سڀ کان پهريان بلاگ ڊيش بورڊ تي اچو ۽ کاٻي پاسي موجود لسٽ منجهان LAYOUT (لي آئوٽ کي بهتر طور سمجهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو) تي ڪلڪ ڪريو۔۔​
    [​IMG]

    توهان اڳيان توهان جي بلاگ جو لي آئوٽ کُلي ايندو۔۔۔ هتان ADD A GADGET تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔​
    [​IMG]
    توهان اڳيان هڪ پاپ اپ کُلندي جتان توهان Label وڊگيٽ چونڊيو۔۔۔​
    [​IMG]
    نئين کلندڙ ونڊوز کي پنهنجي مرضي مطابق درست ڪريو۔۔ چاهيو ته سمورا ليبل چونڊيو يا چاهيو ته ڪجهه چونڊيو۔۔ ۽ گڊگيٽ کي ٽائيٽل ڏئي محفوظ ڪريو۔۔۔​
    [​IMG]
    ان کانپوءِ نئين گيڊگيٽ کي مائوس سان پڪڙي هيٺ مٿي ڪندي لي آئوٽ ۾ پنهنجي پسند جي جاءِ تي رکي محفوظ ڪريو۔۔​
    ياد رهي ته جنهن وقت به توهان بلاگ تي نئين پوسٽ ڏيندو ته ان کي پوسٽ جي عنوان مطابق ليبل ضرور ڏيندا ڪريو۔۔ ته جيئن مواد فلٽر ٿي سگهي۔۔​
    [​IMG]
    اهڙي طرح توهان جو مواد توهان جي بلاگ جي سائيڊ بار تي ليبل وائيز ٿيندي نظر ايندو۔۔۔​
    [​IMG]
    اميد ته توهان جو مسئلو سلجهي ويو هوندو۔۔۔ ان باوجود مٿئين سموري طريقي ڪار کي بهتر سمجهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪري وڊيو ڏسو۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    بلاگ ٺاهڻ ايترو ڏکيو ته ناهي سائين۔۔۔۔
    بس سبق پهريون ۽ سبق ٻيو پڙهو ۔۔۔ عمل ڪندا وڃو توهان جو بلاگ تيار۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    مهرباني ادا ذيشان۔۔۔۔سبق پهريون پڙهي بلاگ ۾ هٿ وڌا اٿم۔۔۔:)
    الله مالڪ آهي۔۔۔هاڻ شايد ڪامياب ٿي وڃان۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مهرباني ادا عبدالرشيد يقين ڪريو اوهان نهايت آسان ۽ سولي نموني سمجهاڻي پيش ڪي جنهن سان ڪابه قسم جي دشواري پيش نه آئي ۽ آئون پنهنجي فورم ۾ ليبل لڳاي ورتو . هڪ ڀيري وري به مهرباني اوهان جي .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا رشيد۔۔۔توهان جي مهرباني سان بلاگ ٺاهي ڇڏيو اٿم۔۔۔:)
    هاڻ ان جي سنڌ سلامت جي ٻين بلاگن سان دوستي ڪيئن ٿيي۔۔هيئنر ته ان جو دين ايمان ئي پنهنجو آهي۔۔۔;)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان پنهنجي بلاگ جو لنڪ ڏسيو ۔۔ ته جيئن دوست ڦيرو ڀري سگهن ۽ گڏ صلاحون به ڏسي سگهن۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا۔۔مون هي بلاگ ٺاهيو آهي۔۔۔ All About Health

    سنڌي ۽ اِنگلش ٻنهي ٻولين ۾ صحت متعلق معلومات رکڻ جو سوچيو اٿم۔ ان ۾ ڪيٽيگريز ۽ ڪجهه ٻيون تبديليون آڻڻ چاهيان ٿو۔ وڌيڪ توهان جي ۽ دوستن جي رهنمائي جي ضرورت آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سٺي شروعات آهي۔۔
    اصل ۾ صحت بابت انگريزي مواد ته انٽرنيٽ تي کوڙ موجود آهي۔۔ ڪو به ماڻهون آساني سان ڳولي سگهي ٿو۔۔ ها البته سنڌي ۾ مواد جي انتهائي کوٽ آهي۔۔۔ ان ڪري جي بلاگ کي خالص سنڌي ۾ رکو ته بهتر رهندو۔۔۔ پر جيڪڏهن توهان هڪ کان ٻه بلاگ ٺاهيو هڪ سنڌي ۾ ۽ هڪ انگريزي ۾ ته هوندر وڌيڪ ڀلو ٿيندو۔۔
    انگريزي بلاگ لاءِ کوڙ ساريون بلاگر ٽيمپليٽ موجود آهين پر جيڪڏهن توهان سنڌي بلاگ کي سنڌي فونٽ ۽ خوبصورتي سان ٺاهڻ چاهيو ته سنڌ سلامت طرفان ٻه سنڌي بلاگر ٽيمپليٽس جوڙي رليز ڪيون ويون آهن ۔۔۔ دلچسپي هجي ته سنڌ سلامت ٽيمپليٽ يا وري اميدون ٽيمپليٽ پنهنجي سنڌي بلاگ تي سجائي سگهو ٿا۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    مهرباني ادا ذيشان رشيد۔۔۔توهان جي هدايتن جي روشني ۾اڄ مون بلاگ جي ٽيمپليٽ کي تبديل ڪرڻ به سکي ورتو آهي۔۔:)
    هن بلاگ ٺاهڻ متعلق ڪجهه ڳالهيون۔۔۔
    • توهان جي ڳالهه صحيح آهي ته اڄڪلهه انگريزي ۾ صحت بابت تمام گهڻو مواد موجود آهي۔ بلاگ صرف سنڌي ۾ ئي ٺاهڻ گهرجي۔۔منهنجي ڪوشش به اها ئي هوندي ته زياده تحريرون سنڌي ۾ ئي ونڊ ڪريان ته جيئن عام پڙهندڙ تائين بيمارين بابت بنيادي ڄاڻ پهچي سگهي۔
    • هي بلاگ ٺاهڻ جو مقصد نه صرف عام سنڌي ماڻهو کي صحت بابت ڄاڻ ڏيڻ آهي پرانهن سنڌي ڀائرن جي رهنمائي ڪرڻ به آهي جيڪي ميڊيڪل لائين جوائن ڪرڻ چاهين ٿا يا جيڪي ڊاڪٽر بنجي رهيا آهن۔انهن کي سنڌي ۽ انگريزي ۾ اهڙي ڄاڻ آسان انداز ۾ فراهم ڪجي جيڪا ڪنهن ٻي سائيٽ تي موجود نه هجي۔
    • مارڪيٽ ۾ ميڊيڪل جا بُڪس ايترا ته مهانگا وڪامجن ٿا جو هر ڪو ان کي خريد ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي۔ مون وٽ الحمدُالله ڪافي ميڊيڪل جا ڪتاب مڪمل پي ڊي ايف فارميٽ ۾ موجود آهن، جيڪي نيٽ تي فري ۾ ڪنهن به سائيٽ تان ڊائون لوڊ نٿا ڪري سگهجن۔مان اهي بُڪس به سنڌي جونيئر ڊاڪٽرن لا هن بلاگ تي شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو۔
    • صحت بابت اڄڪلهه انگريزي ۾ ايتري ته ريسرچ ٿي رهي آهي جو ان کي ڄاڻڻ لا انگريزي جو سکڻ تمام ضروري ٿي پيو آهي۔ ڪئين بيماريون بغير انگريزي جي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ڏکيون آهن۔ انڪري مون سوچيو ته جتي جتي ضروري هوندو اُتي انگريزي ۾ به ڄاڻ فرهم ڪندس۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو