اڄوڪو ڏينهن 14 جولاءِ تاريخ جي دريءَ مان

'جولائي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 14 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    14 جولاءِ 1907ع ليکڪ غلام اصغر ونڊير جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    14 جولاءِ 1919ع سماج سڌارڪ ۽ قانوندان آخوند الهه بچايو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    14 جولاءِ 1914ع ليکڪ گوبندرام جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    14 جولاءِ 1920ع شاعر عبدالله اثر (ٻيڙو چانڊيو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    14 جولاءِ 1926ع ليکڪ پرم اڀيچنداڻي (خيرپور / دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    14 جولاءِ 1937ع ليکڪ سيد ظفر حسن (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    14 جولاءِ 1937ع شاعر اصغر خاصخيلي (ڀريا) جو جنم ڏينهن آهي.
    14 جولاءِ 1942ع شاعر مدد علي شاهه منظر (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    14 جولاءِ 1945ع ليکڪا مهتاب محبوب جو جنم ڏينهن آهي.
    14 جولاءِ 1952ع شاعر احمد علي صابر چانڊيو (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
    14 جولاءِ 1952ع سياستدان مير عنايت علي ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي.
    14 جولاءِ 1957ع شاعر مظفر حسين طيب (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
    14 جولاءِ 1961ع شاعر محبتي منظور زرداري جو جنم ڏينهن آهي.
    14 جولاءِ 1970ع اداڪاره ماهه نور بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
    14 جولاءِ 1979ع شاعر شاهه خالد بکري جو جنم ڏينهن آهي.
    14 جولاءِ 1984ع شاعر امام بخش عاجز جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    14 جولاءِ 1962ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم انصاري (ڦلجي اسٽيشن) جو لاڏاڻو ٿيو.
    14 جولاءِ 1975ع برصغير جو مشهور موسيقار مدن موهن ديهانت ڪري ويو.
    14 جولاءِ 1978ع سنڌي ادب جي مشهور ڪهاڻيڪار نسيم کرل (خيرپور) کي شھيد ڪيو ويو.
    14 جولاءِ 2005ع سياستدان ۽ ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجي جو انتقال ٿيو۔

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    وڪيپيڊيا​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بهترين سلسلو ۔۔۔ جاري رکندا۔۔۔ هي سلسلو خود انسائيڪلوپيڊيا سنڌ سلامت تيار ٿي رهيو آهي۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ماهتاب محبوب سنڌي ڪهاڻي جو تمام مشهور نالو آهي. هو چوڏهن جولا 1949ع ۾ ڪراچي ۾ ڄائي. جيتوڻيڪ سندس سڃاڻپ هڪ ڪهاڻيڪاره طور آهي پر هو ناول نگار پڻ آهي. ماهتاب محبوب جي ادبي کاتي ۾ ٻه ناول ”پيار پناهون ڇانورو ۽ خواب خوشبو ڇوڪري“ آهن. سندس ڪهاڻين جي مجموعي جو نالو ” چاندي جون تارون پرهه کان پهرين“ آهي. سندس ڪم سنڌي کانسوا ٻين به ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سندس ڪهاڻين جا موضوع عورت، سماجي مسئلا ۽ سماج ۾ ٿيندڙ وارتائون آهن. جن کي هو پنهنجي قلم وسيلي ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو