آخرڪار آفريدي جو 17 سالن وارو تيز ترين سينچري جو ريڪارڊ ٽٽي ويو..

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    1996 ۾ جڏهن پاڪستان جي شاهد آفريدي ون ڊي ڪرڪيٽ جي تيز ترين سيچري رڳو 37 بالن ۾ ڪئي هئي ته ڪرڪيٽ جي شوقينن کي ڏندي آڱريون اچي ويو هيون ۔۔۔ پر ٽي 20 جي مقبوليت ڪري لڳي اهو رهيو هو ته سندس ريڪارڊ ٽٽڻ ۾ هاڻي دير نه لڳندي۔۔۔ پر مذاهمت جاري رهي۔۔۔
    آخرڪار اڄ نئين سال 2014 جي پهرئين ئي ڏينهن نيوزيلينڊ جي رانديگر ڪوري اينڊرسن اهو ريڪارڊ ٽوڙي ڏيکاريو۔۔۔ ڪنهن واقعي سچ چيو آهي ته ريڪارڊ ٺهندا ئي ٽٽڻ لاءِ آهي۔۔۔
    17 سالن جي اينڊرسن ويسٽ اينڊيز جي خلاف پهرين ون ڊي ۾ هڪ بال اڳ يعني 36 بالن ۾ تيز ترين سينچري اسڪور ڪري آفريدي جي ريڪارڊ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو۔۔۔ مجموعي طور هن ناٽ آئوٽ رهندي 14 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 131 رنسون جوڙيون۔۔۔

    [​IMG] [​IMG]

    ياد رهي ته شاهد آفريدي پنهنجي اننگ ۾ سري لنڪا جي خلاف 37 بالن تي 11 ڇڪن جي مدد سان سينچري اسڪور ڪئي هئي۔۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ۽ ڇا توهان هي شاندار اننگ ڏسڻ چاهيندو ۔۔۔؟

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رڪارڊ هوندا ئي ٽٽڻ لاء آهن ۔۔۔ هن تيز ترين راند جي دور ۾ جنهن ۾ 20 اورن جي راند ۾ 300 اسڪور ٿين ٿا ته پوء آفريدي جي رڪارڊ جو 17 سال نه ٽٽڻ به وڏي ڳالهه آهي۔

    اينڊرسن سٺي راند کيڏي ۔۔۔ سٺن رانديگرن کي مان به پسند ڪندو آهيان۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 جنوري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    سهي ٿا فرمايو، ريڪارڊ هميشه ٽُٽڻ لا ئي ٺهندا آهن، پر اينڊرسن جو ريڪارڊ به ٽُٽندي شايد دير نه لڳي، ڇو ته آ پي ايل ۾ گيل 30 بالن تي به سنچري ڪئي آهي۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. شانتي سنڌو

    شانتي سنڌو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2014
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ريڪارڊ هميشه ٽُٽڻ لا ئي ٺهندا آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ذيشان رشيد جو نالو هن موضُوع جي جواب ۾ ڏسندي ئي پڪ ٿي وئي ته وڊيو رکي هوندائين۔ ا منٽ ۾ اهو سڀ ڏِسي خوب مزو آيو۔ مهرباني رشيد۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    ريڪارڊ ٽٽڻ بابت آفريدي جو چوڻ آهي ته جنهن وقت منهنجو تيز ترين سينچري جو رڪارڊ ٽٽي پيو ته ان وقت آئون پنهنجي گهر ۾ آرام ڪري رهيو هئس، ته مونکي ڀائيٽي اچي ٻڌايو ته : چا چا اٿ ! ۽ هي ڏس ته تنهنجو 18 سالن کان قائم تيز ترين سينچري جو رڪارڊ ٽٽي پيو۔
    آفريدي اهو پڻ چيو ته مان ته سمجهو هو ته ڪرس گيل يا ڪو ٻيو وڏو رانديگر منهنجو ريڪارڊ ٽوڙيندو۔ پر منهنجو ريڪارڊ ٽوڙيندڙ ڪوري اينڊريسن کي ته آئون سڃاڻان ئي ڪو نه، مون ته ڪڏهن ان جو نالو به ناهي ٻڌو۔
    برحال هاڻي ته آ سي سي به تصديق ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب هاڻي تيز ترين سينچري جو ريڪارڊ نيوزيلينڊ جي ڪوري اينڊريسن وٽ آهي۔
    پر دوستن کي هڪ ٻي دلچسپ ڳالھ ٻڌائيندو هلان ته پاڪستاني رانديگر عمر اڪمل چيو آهي ته هو پاڪستان کي ٻيهر تيز ترين سينچري جو اعزاز واپس ڏياريندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    مون کي لڳي ٿو ته آفريڪا جو ڪيپر Quinton de Kock ئي ڪوري ايندريسن جو ٽوريندو۔ڇو ته هي تمام بهترين ۽ تيز بيٽنگ مين آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو