هن سال جا مشهور فيشن ٽرينڊز

'سورنهن سينگار' فورم ۾ راشد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2014۔

  1. راشد سومرو

    راشد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اليڪٽرانڪ ميڊيا
    ماڳ:
    ڪراچي
    هن سال جا مشهور فيشن ٽرينڊز
    پئسي جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته اها اچڻ وڃڻ واري شي آهي، بلڪل اهڙي ئي طرح ”فيشن“ به هڪ اچڻ وڃڻ واري شي آهي. جڏهن به ڪو نئون فيشن ”اِن“ هوندو آهي ته ماڻهو ان فيشن جي تمام گهڻي پيروي ڪندي ڏسڻ ۾ ايندا آهن پر ساڳيو ئي فيشن جڏهن آئوٽ ٿي ويندو آهي ته اهو کل جوڳو نظر ايندو آهي. اهي تبديليون بهرحال ايندڙ ويندڙ منڌن جو حصو آهن ۽ اهو چوڻ غلط نه هوندو ته انهن ئي تبديلين جي ڪري ئي زندگي ۾ بهار آهي. اڄ اوهان لا انهن ٽرينڊز ۾ ڪجهه ٽرينڊز جو ذڪر اوهان لا پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪو 2013ع دوران ڇوڪرين ۾ وڌيڪ مقبول رهيو آهي.

    اورنج ڪلر:

    هن رنگ کي سنڌي ۾ ”نارنگي“ چيو ويندو آهي جڏهن ته ورلڊ ڪلر اٿارٽي موجب هن کي Tangerine-Tango جو نالو ڏنو ويو آهي. هلندڙ سال دوران هن رنگ جا ڪيترائي شيڊز جتي سڄي دنيا ۾ فيشن جو حصو رهيا آهن اتي پاڪستان ۾ هي رنگ خاص ڪري نوجوان ڇوڪرين ۾ گهڻو مقبول رهيو آهي. اڄڪلهه سردي جي موسم دوران به اورنج جي مختلف شيڊز جو ”اِن“ رهڻ جي اميد آهي. جڏهن ته ريمپ تي به هن ئي رنگ کي پذيرائي ملندي نظر اچي رهي آهي ۽ فيشن ماڊلز جو پسنديده رنگ به Tango ئي قرار ڏنو ويو آهي.

    بريسليٽس، گهڙيون ۽ منڊيون:

    هن سال فيشن جي شين ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبوليت بريسليٽس، هينڊ ڪفس ۽ منڊين کان علاوه وڏي ڊائل وارين گهڙين کي حاصل ٿي. هونئن ته بريسليٽس ۽ منڊيون هميشه کان عورتن جي پسنديدگي ۽ ڌيان جو مرڪز رهيا آهن پر موجوده ٽرينڊز ۾ ڪنهن حد تائين ويڪرن بريسليٽس ۽ هينڊ ڪفس کي وڌيڪ پسنديدگي حاصل رهي آهي، ان کان علاوه ڇوڪرين ۾ رنگ برنگي موتين جي لڙين واري بريسليٽ به گهڻا ڏسڻ ۾ آيا. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته وڻندڙ ڊيزائن تي ٺهيل وڏي سائيز جون منڊيون هر عورت جي هٿن جي دلڪشي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏين ٿيون، ان کان علاوه وڏي ڊائل جي ميچنگ گهڙيون خاص طور تي نوجوان ڇوڪرين جي چونڊ آهي.

    سائيڊ بريڊز:

    اڄڪلهه سائيڊ ۾ ٻڌجندڙ چوٽي جنهن کي Side Braid چيو ويندو آهي، ڇوڪرين ۾ تمام گهڻي مقبول رهي آهي. سائيڊ بريڊز جي اها مقبوليت عام ڇوڪرين ۽ عورتن تائين ئي محدود نه پر اسان جا سيليبريٽريز به مختلف شوز ۽ پروگرامن دوران چوٽي گوندهي نظر اينديون آهن. سائيڊ بريڊ مشرقي لباس سان گڏ ته هميشه کان هڪ وڻندڙ ملاوت رهي آهي. جڏهن ته هاڻي ويسٽرن استائل ڊريسز خان گڏ به ان جو رواج عام ٿي ويو آهي. ان ڪري جڏهن ڪو انداز فيشن ۾ ”اِن“ ٿيندو آهي ته اهو پاڻ ئي پاڻ هر دل کي سٺو لڳندو آهي، جينز ۽ ٽاپ سان گڏ به سائيڊ بريڊ جو فيشن عروج تي آهي.

    اسڪارفس:

    رنگ برنگي ۽ چمڪندڙ اسڪارفس جو فيشن ڇوڪرين ۾ مقبول رهيو آهي، ڇو ته اهو اسڪارفس هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جو سبب بڻجندو آهي، جنهن ۾ سرفهرست مٿي ۽ وارن کي ڍڪيندو آهي، جنهن سان پردي جو مقصد پورو ٿيندو آهي ۽ وار تيز اس ۽ آلودگي کان به بچيل رهندا آهن. ان کان علاوه فيشن به آهي. جنهن سبب مختلف قسمن جا اسڪارف بازارن ۾ نظر ايندا آهن جنهن ۾ ڪجهه سادا ته ڪجهه گلن وارا، جڏهن ته ڪجهه اسڪارفس تي سيڪوينس ۽ ايمبرائيڊري ذريعي ان جي دلڪشي ۾ اضافو ڪيو ويندو آهي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو