بلاگ تي ڪلام يا رڪارڊنگ رکڻ (سکيا)

'سنڌي بلاگنگ' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2014۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    محترم عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون جي تحرير جي جواب ۾ هي ٿريڊ جوڙيو اٿم. اميد ته باقي بلاگر دوستن جي لاءِ به مدد گار ثابت ٿيندو.

    سڀ کان پهرين اوهان کي ڪنهن سائونڊ هوسٽنگ ويبسائيٽ تي رجسٽر ٿيڻو پوندو. سائونڊڪلائوڊ دنيا جي مشهور سائونڊ هوسٽنگ ويبسائيٽن منجهان هڪ آهي جتي اوهان گيت يا آواز جي رڪارڊنگ وغيره اپلوڊ ڪري دوستن سان ڪنهن به سوشل ويبسائيٽ يا بلاگ تي ونڊي سگهو ٿا.

    سڀ کان پهرين اوهان کي مٿين ويبسائيٽ تي رڪارڊنگ يا ڪلام جيڪو اوهان ويبسائيٽ تي رکڻ چاهيو ٿا، اهو اپلوڊ ڪرڻو پوندو. (هونءَ اوهان ٻين ماڻهن طرفان اپلوڊ ڪيل گيت به پنهنجي بلاگ تي لڳائي سگهو ٿا.) .
    ڪو گيت يا رڪارڊنگ اپلوڊ ڪرڻ يا چونڊڻ کان پوءِ اوهان Share واري بٽڻ تي ڪلڪ ڪندئو.


    [​IMG]

    ان کان پوءِ جيڪا ونڊو اوهان جي سامهون ايندي ان منجهان Embed کي منتخب ڪرڻ کان پوءِ اوهان کي هيٺيان آپشن نظر ايندا. گڏو گڏ ڪوڊ ۽ preview پڻ نظر ايندو. پنهنجي پنسد موجب سيٽنگ ٺاهي اوهان باڪس ۾ پيل ڪوڊنگ کي ڪاپي ڪندئو.
    [​IMG]


    سائين منهنجا ڪوڊنگ کي ڪاپي ڪرڻ کان پوءِ اوهان کي پنهنجي جنهن به بلاگ تي ڪلام يا رڪارڊنگ رکڻي آهي انهي بلاگ جي پوسٽ ايڊيٽر (جنهن ۾ نئين بلاگ جي تحرير لکي ويندي آهي) ۾ HTML واري ٽيب کي منتخب ڪندي مٿين طريقي سان ڪاپي ڪيل ڪوڊنگ Pasteڪندئو .

    [​IMG]


    پوسٽ پبلش ڪرڻ کان پوءِ اوهان کي پنهنجي بلاگ جي پوسٽ ڪجهه هيٺين طرح نظر ايندي. اوهان جي بلاگ تي ڀيرو ڀڃندڙ نه رڳو براه راست ڪلام يا رڪارڊنگ ٻڌي سگهندا پر ڊائونلوڊ پڻ ڪري سگهندا.


    [​IMG]

    نوٽ: هي تحرير انهن دوستن لاءِ آهي جيڪي اڳ ئي ٿوڙي گهڻي بلاگنگ جي ڄاڻ رکندڙ آهن.
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک قرب پيارا ...

    پاڻ ڪنهن اهڙي فورم جوڙڻ جو ڪونه سوچيو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ضرورت پوندي آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سليمان فورم جو هن تحرير سان ڪو واسطو ڪونهي، اوهان بلاگ لکندا آهيو نه؟ ڪڏهن اوهان نه چاهيندئو ته اوهان بلاگ جي ڪنهن تحرير ۾ شاعري سان گڏ ان متعلق ڪلام به ونڊيو وڃي؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام سٺي سمجهاڻي
     
  5. عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون

    عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    176
    ورتل پسنديدگيون:
    334
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    گاه پٺو
    ماڳ:
    پاٽويون
    سائين مھرباني ، لک ثورا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    ڊائونلوڊ بدران لائيڪ جو آپشن پيو اچي ڇا ڪجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو