روسي ڪهاڻي ماسترياڻي اَنتون چيخوف/ ترجمو: آدرش

'ڪهاڻيون' فورم ۾ آصف رضا نظاماڻي طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2014۔

  1. آصف رضا نظاماڻي

    آصف رضا نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2013
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Khairpur Mirs, Sindh, Pakistan
    روسي ڪهاڻي
    ماسترياڻي
    اَنتون چيخوف/ ترجمو: آدرش

    ڪُجهه ڏينهن اڳ مون پنهنجي ٻارڙن جي ماسترياڻي جوليا جيڪا کين پڙهائيندي آهي، کي چيو ته هوءَ مون سان لائبريريءَ ۾ اَچي ملي.

    ”جوليا! ويههُ“ مون کيس چيو. ”هاڻي حسابُ چُڪتو ڪرڻ گهرجي ڇو ته توکي پئسن جي ضرورت به هوندي ۽ مٿان ڪِرسمس به آهي. تون ته پنهنجي واتان ٻڙڪ نه ٻوليندينءَ. ڏس! مون تنهنجي ماهوار في ٽيههَ روبلَ مقرر ڪئي هئي.“

    ”چاليهه روبل“

    ”نه ٽيههَ روبل مون وٽ لکيل آهي. مون هميشه ماسترياڻيءَ کي ٽيههَ روبلَ ڏنا آهن. ۽ توکي پڙهائيندي ٻه مهينا ٿي ويا آهن. ان لاءِ.....“

    ”ٻه مهينا پنجَ ڏينهن.“

    ”نهَ ٻه مهينا. مون وٽ سڀُ ڪجهه لکيل آهي. خير تنهنجا سٺ روبَل ٿين ٿا. ان مان نوَ آچرَ ڪٽِ. توکي ته خبر آهي ته تو انهن ڏينهن ۾ ڪوليا سان رڳو راند روند ڪئي ٻيو ڪجهه به نه. ان کان سواءِ ٽي موڪلون.....“ اهو ٻڌي جوليا جو منهن ڳاڙهو ٿي وَيو پر اکرُ نه ڪُڇيائين.

    ”ٽي موڪلون. انهن جا ٻارهنَ روبل ڪَٽ ڪر. چار ڏِهاڙا ڪوليا بيمار هو ۽ هنَ نهَ پڙهيو ۽ تو رڳو وانيا کي پڙهايو. ٽي ڏينهن تنهنجي ڏندن ۾ سُور هو ۽ منهنجي زالَ توکي پڙهائڻَ کان روڪيو هو. ٻارهنَ ۽ ستَ ٿيا اوڻيوههَ. اهي به ڪٽ ڪر. باقي بَچا ايڪيتاليههَ روبلَ. ٺيڪُ؟“

    جوليا جي ساڄي اک ڳاڙهي ٿي وَئي. هُنَ جي کاڏِي ڏڪڻَ لڳي. هن کنگهڻ شروع ڪيو. هن پاڻي وهندڙ نَڪَ کي صاف ڪيو پر ٻڙڪ نه ٻوليائين.

    ”نئون سالُ ايندي ئي تو هڪ ڪُوپ ڀڳو ۽ پليٽَ به. ان جا ٻه روبَل ڪٽ. ڪوپُ ته مهانگو هو پر خير ڇڏ ان ڳالهه کي. تنهنجي لا پَرواهيءَ ڪري ڪوليا وڻ تي چڙهيو ۽ هن جي جئڪيٽ ڦاٽِي پئي. ان جا ڏههَ روبل ڪٽ. تنهنجي ئي لا پرواهيءَ ڪري نوڪرياڻيءَ، وانيا جا جُوتا چورايا، ان جا پنج روبَل ڪٽ. ڏهين تاريخ تي مون توکي ڏههَ روبل ڏِنا هُيا.“

    ”نه مون کي ڪو نه ڏنا هُيَوَ“. جوليا ڀڻڪي.

    ”ائين نه ٿو ٿي سگهي. مون کي چَڱيءَ طرح ياد آهي. ڀَلا ڇڏ اُنَ ڳالهه کي. ايڪتاليهه مان سَتاويههَ ڪٽ ڪر. باقي بچيا چوڏهن.“

    جوليا جي اکين ۾ لڙڪَ اچي وَيا. نڪ تي پگهرُ آيُس. ويچاري!

    ”مون کي رڳو هڪُ ڀئرو پئسا ڏنا وَيا هُئيا.“ جوليا ڏڪندڙ آواز ۾ چيو.

    ”۽ اُهو به اَوهان جي زالَ ڏنا هيا. ڇَڙو ٽي روبل“

    ”ڇا واقعي ئي؟ مون ته انهن جي خبرَ ئي ناهي ۽ نه ئي مون وري اهي نوٽ ڪيا هيا. خير ڪائي ڳالهه ناهي. چوڏهن مان ٽي روبلَ ڪٽ ڪر. باقي بَچيا يارهن روبلَ. هان! هِي وٺ.“

    مون کيس يارهن روبل ڏنا جيڪي هن ساههُ مُنجھائي ورتا ۽ ڏڪندڙ آڱرين سان کڻي کيسي ۾ وِڌا.

    ”سائين! رَحم.“ هوءَ ڀڻڪي.

    ”رحم؟........ ڇاجي لاءِ رحم؟“. مون پڇيومانس.

    ”پئسن لاءِ.“

    ”ڇا مون توسان دوکو ڪيو آهي؟ توکي ڦُريو آهي؟ ڇا مون تنهنجي چوري ڪئي آهي؟ پوءِ رحم ڇاجي لاءِ؟ ڇو؟“

    ”مان جِن به گهرن ۾ پڙهائيندي آهيان انهن مان به ٽيڊِي پائي به نهَ ملي اَٿم.“

    ”انهن ماڻهن توکي ڪجهه به نهَ ڏنو آهي؟ اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي. جوليا! مان ته توسان مشڪري ڪري رَهيو هيم. هڪَ ظالم مشڪري، توکي سيکارڻَ لاءِ. ته مان ته توکي اَسي روبل ڏيڻ وارو آهيان. هي لفافي ۾ آهن. سڀُ تولاءِ آهن. ڇا اهو ممڪن آهي ته ڪو ماڻهو ايڏو بي رَحم هجي؟ تون احتجاج ڇو نه ٿي ڪرين؟ چپَ ڇو سِبيا اَٿئي؟ ڇا هن دنيا ۾ ڪو ماڻهو ڏندن ۽ هٿن کان سواءِ ٿي سگهي ٿو؟ ڪوئي ايڏو به سادو ٿي سگهي ٿو؟“

    جوليا مرڪي پئي. مان هن جا احساسَ پڙهي، سمجھي وَيم.

    ”هائو! اهو مُمڪن آهي.“ هُنَ چيو.

    مون هن کان انَ مشڪريءَ جي معافي وَرتي ۽ کيس عجبَ ۾ وجھڻ لاءِ اَسي روبلَ ڏنا. هن ڀُڻڪندي ”رحم رحم“ چيو ۽ هلي وئي.

    مون هُنَ کي ويندي ڏٺو ۽ سوچيو: ”ڪنهن ڪمزورَ کي هن دنيا ۾ ڪُچلڻ ۽ لتاڙڻُ ڪيڏو نه سولو آهي.“
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جمال محمود کهڙو

    جمال محمود کهڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2014
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    ذاتي ڪاروبار، آبادگار،
    ماڳ:
    سوڀوديرو
    بلڪل ڪمزور کي لتاڙڻ تمام سولو آهي پر اهو ڪم بزدل ئي ڪري سگهي ٿو ڇو ت ان م ڪنهن طاقتور سان وڙهڻ جي طاقت ڪون هوندي آهي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بهترين ڪهاڻي
     
  4. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    احساس
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو