دل جي خانه بدوشي : فياض لطيف

'شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر اسي (80) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”دل جي خانه بدوشي“ خوبصورت احساسن جي شاعر ۽ ليکڪ فياض لطيف جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. شاعريءَ جو هي سندر ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپايو ويو آهي.

    اسين ٿورائتا آهيون پياري دوست فياض لطيف جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ قرب پياري دوست رياضت ٻرڙي جا جنهن سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني.

    لٿي آ رات نيڻن ۾،
    پرينءَ جي تات نيڻن ۾.

    لِڪايون ٿا وتون لوڪان،
    اوهان جي بات نيڻن ۾.

    پُسيو آ پاند ڇو دل جو؟
    وُٺي برسات نيڻن ۾!

    خدا جو پَرتوو جانان!
    اوهان جي ذات نيڻن ۾!

    نهاريو هُن کڻي نظرون،
    ڦُٽي پرڀات نيڻن ۾!

    رکون سانڍي ڪِئين سرتي!
    اُلا جذبات نيڻن ۾!

    سَلي آ راز سارا وئي،
    اوهان جي سانت نيڻن ۾!







    هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏30 مئي 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    دل جي هن خانه بدوشي
    آ ڇڏيو رولي اسان کي
    چنڊ هاڻي ان کي چئجان
    ڪينڪي ڳولهي اسان کي ....

    هنن سٽن ۾ ايتري گهرائي آهي ته مڪمل ڪتاب ۾ ته الائي ڇا ڇا هوندو جيڪو نه پڙهندس ته سڪون ئي ويندو هليو..

    سنڌسلامت ڪتاب گهر ۾ اوهان جي محنت ڏسي مونکي پنهنجي گهر جي لائبريري ياد ايندي آهي.. ائين لڳندو آهي ته گهر جي الماڙي ۾ ڪتاب پيل آهن ...

    لک مهربانيون اوهان جون .. اوهان جي ڪتاب سهيڙڻ جي محنت کي نه ساراهڻ به منهنجي نظر ۾ ڏوهه ٿي پوندو..
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏30 مئي 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    لک واڌايون سائين سنڌسلامت ڪتاب گهر ۾ اوهان جي محنت جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ڏاڍو سٺو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو