السلام عليڪم دوستو سنڌ سلامت فورم جا دوستو مان اڄ توهان لا۽ کڻي آيو آهيان هڪ اهڙوڪتاب جنهن ۾ توهان کي پڙهڻ لا۽ ملندا هڪ نه پر ڪافي نه پر 1000 ٽپس جنهن جي ذريعي توهان ڦوٽو شاپ جا ماهر ٿئي ويندا پسند اچي ته ريپلائي ضرور ڪجو سدائين گڏ
جواب: 1000 ڦوٽو شاپ ٽپس فقير سائين اوهان جي وڏي مهرباني پيارا جو اوهان اهڙي ڪارآمد لنڪ شيئر ڪئي ۔ الله توهان کي خوش رکي۔
جواب: 1000 ڦوٽو شاپ ٽپس ها سائين مان ڊائونلوڊ ڪري پڙهان جي ڪوشش ڪيان ٿو۔ افسوس جي ڳالھ هي آهي ته هي ڪتاب انهن دوستن لا ڪارائتو آهي جن جي انگلش سٺي آهي۔ مان پاڻ همانگير کان مدد وٺان پيو۔
جواب: 1000 ڦوٽو شاپ ٽپس ادا ڦلپوٽه صاحب مون لاء ته هي ڏاڍو لاڀائتو ڪتاب آهي۔ فوٽو شاپ سکڻ جي ڪوشش پيو ڪريان دعا ڪريو ته سِکي پئون۔ مهرباني
جواب: 1000 ڦوٽو شاپ ٽپس فقير سائين۔۔۔ 32 ايم بي جي فائل آهي۔ ڊائون لوڊ تي لڳائي آهي۔۔۔ الله خير ڪري مائي بجلي ساٿ نڀائي باقي فائل ڊائون لوڊ ڪري پوءِ ساهه کڻنداسين۔۔۔ پڙهي توهان کي ڪمينٽس ڏينداسين۔۔۔
جواب: 1000 ڦوٽو شاپ ٽپس پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا مهرباني ادا سائين آمين سائين دعا ڏيڻ لا۽ ، مون جي پاڻ اها دعا آهي ته الله پاڪ پڻ توهان جا مسئلا پاڻ حل ڪري آمين ، قرب رياض گلال صاحب سائين فقير جو ڪم آهي لنڪس شيئر ڪرڻ آزمائڻ وري توهان جو ڪم آهي )) ڪوششون جاري رکجو ادا الله ڪندو ته توهان تمام جلد ڦوٽو شاپ جا ماهر ٿئي ويندا ڪوششون جاري رکجو ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آهي . ادا مست اسان کي پڻ اوهان جي ڪمينٽس جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: 1000 ڦوٽو شاپ ٽپس ادا تمام زبردست ڪتاب آهي۔۔ هن ۾ صرف ٽپس ئي نه آهن بلڪه سڄو ٽيوٽوريل وانگر ٺهيل آهي۔۔ اسڪرين شاٽ جي ذريعي هر ڳالهه سمجهائي وئي آهي۔۔ هڻکڻ ونڊ آهي ۔۔۔ جيئي فقير۔۔ ڦلپوٽو فقير
جواب: 1000 ڦوٽو شاپ ٽپس مهرباني ادا مست توهان جي لا۽ هي شعر حاضر آهي حسن وارن کان وفا نه ٿيندي عاشقن کان دغا نه ٿيندي دوست وفا ڪَرِن يا نه ڪَرِن پنهنجي دل مان انهن لا۽ بد دعا نه ٿيندي