ڪورل ڊرا سبق پهريون

'ڪورل ڊرا' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏26 جون 2014۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    [​IMG]

    السلام عليڪم دوستو! سنڌ سلامت تي محترم مست ۽ ٻين دوستن جا موضوع پڙهيم، تمام بهترين سمجهايو ويو آهي. پر آئون هتي باقاعده ڪلاس ڏيڻ چاهيان ٿو. پهريان وڊيو سکيا ڏيڻ جو سوچيو هئم پو محترم ابو واصف جن جي چيو ته پهرين تصويري آرٽيڪل رکو پو ان کي وڊيو ۾ ترتيب ڏيو. انشا الله ائين ئي ڪندس. اوها جي دعائن جو ساٿ رهيو ته انشا الله مڪمل ڪورل ڊرا جا سڀئي سبق هن فورم تي رکندس.

    سبق پهريون
    ڪورل ڊرا جو بنيادي ڳالهيون

    تعارف:
    ڪورل ڊرا گرافڪ ڊزائيننگ جي لاءِ تمام بهترين ۽ طاقتور پروگرام آهي، جنهن ۾ توهان ٽولز ۽ افيڪٽس (Effects) با آساني استعمال ۾ آڻي سگهو ٿا. هن مضمون ذريعي توهان ڪورل ڊرا جي ٽولز ۽ افيڪٽس کي استعمال ڪرڻ سيکاريندس.

    ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ گرافڪ ڊزائيننگ جي پروگرام کي ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. گرافڪ پروگرامز جو پهريون قسم بٽ ميپ (Bitmap)پروگرامز آهن، جيئن اڊاب ڦوٽوشاپ وغيره جنهن ۾ ڊزائيننگ بٽميپ جي صورت ۾ ٿيندي آهي. جڏهن ته گرافڪ پروگرام جو ٻيو قسم ويڪٽر (Vector) گرافڪس آهن. جنهن ۾ گرافڪس کي رياضي جي ڪرؤ (Curve) جي مطابق ٺاهيو وڃي ٿو. ڪورل ڊرا جو تعلق به گرافڪ ڊزائيننگ جي پروگرامن مان اِن قسم سان آهي. ڪورل ڊرا سان گڏ ڪورل ڦوٽوپينٽ (Corel Photopaint) به هجي ٿو جيڪو بٽ ميپ شڪليون ٺاهڻ يا انهن جي ڊزائننگ جي لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو.

    ان کان اڳ جو توهان ڪورل ڊرا ۾ پنهنجي پسند جي ڊرائنگ ٺاهڻ شروع ڪريو، توهان کي ڪورل ڊرا جي هِن ڪمن جي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي جيڪو ڪورل ڊرا اسڪرين تي يا اسڪرين پويان ڪري ٿو.

    جهڙي طريقي سان ڪورل ڊرا اميجز (Images) ٺاهي ٿو ان کي سمجھڻ سان توهان کي اميجز کي ڊزائن ڪرڻ ۽ انهن اميجز کي پرنٽ ڪاپي يا ويب پيج لي آئوٽ ۾ آڻڻ ۾ آساني ٿيندي. ڪورل ڊرا ويڪٽرز تي ٺهيل هڪ پروگرام آهي. جنهن جو مطلب آهي ته هي پروگرام اميجز (Images)ٺاهڻ لاءِ رياضي جي اصولن تي مبني ويڪٽرز کي استعمال ۾ آڻي ٿو . ويڪٽرز اهي آبجيڪٽس هوندا آهن جن جي سائيز ۽ ايراضي ٻنهي جي ماپ ٿئي ٿي. جيڪي فائلون ڪورل ڊرا ۾ محفوظ هجن ٿيون، حقيقت ۾ اهي لائنن جي فهرست ، جڳهه، رنگ ۽ مختلف حصن جي باري ۾ معلومات تي مشتمل هجن ٿيون.

    (نوٽ: بٽميپ يا پڪسلز (Pixels) وڌائڻ کان بهتر آهي ته تصويرن کي ويڪٽر ۾ ٺاهجي. ان جو سبب هي آهي ته هڪ عام شڪل هزارن پڪسلز تي مشتمل هجن ٿيون جيڪي الڳ الڳ وجود رکن ٿيون جڏهن ته ساڳي ئي تصوير ڪجهه سڌين ، ٽيڙين لائنن سان به ٺاهي سگهجي ٿي جنهن سان ان جو سائز تمام ننڍو ٿئي ٿو )

    ڪورل جي ويڪٽر گرافڪس تي مشتمل فائل بٽميپ فائل کان سائز ۾ ننڍي ٿئي ٿي. هڪ 2724KB جي بٽميپ فائل کي ڪورل ڊرا ۾ صررف 112KB جي فائل ٿيندي.

    ڪورل ڊرا جي ويڪٽرز تي مشمتل فائل ۾ ٻيون به کوڙ ساريون خوبيون آهن. توهان ڪورل ڊرا ۾ ويڪٽر تي ٺهيل تصوير کي آساني سان ننڍي آئيڪان (Icon) يا وڏي سائيز جي پينافليڪس ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا. جڏهن ته توهان جي بٽميپ تصوير کي ننڍي کان وڏو ڪندا ته ڪوالٽي ۾ فرق ٿيندو. ان جو سبب هي آهي ته جڏهن بٽميپ تصوير کي وڏو ڪيو وڃي ٿو ته ان ۾ موجود پڪسلز يا نقطن (Dots) جو تعداد ساڳيو رهي ٿو ۽ سائيز وڌي وڃي ٿي. جڏهن ته ڪورل ڊرا جي ويڪٽرز تي مشتمل تصوير ۾ ائين نٿو ٿئي ۽ سائيز کي وڏو ڪرڻ سان به ان جي ڪوالٽي ۾ فرق نٿو پوي.

    ان هوندي به گرافڪ ڊزائينرز کي بٽميپ ۾ به ڪم ڪرڻو پوي ٿو خاص طور تي جڏهن تصويرن کي اسڪين ڪيو ويو هجي يا ويب پيج تي رکڻو هجي. مشهور ويب برائوزر (Web Browser) ڪورل ڊرا جي اصل فائي کي قبول ناهن ڪندا. ان وقت ڪمپيوٽر مانيٽر جي لاءِ قابل قبول ريزولوشن 72dpi (هڪ انچ ۾ 72 نقطا) آهي جنهن سان مانيٽر جي اسڪرين تي تصوير صاف نظر اچي ٿي جنهن ويڪٽرز تي مشتمل تصويرن جي اهميت کي ڪيرائي ڇڏيو. ننڍي سائيز ۽ گھٽ ريزولوشن واريون تصويرون ويبسائيٽ تي ٽُٽل ڦٽل ڪرؤ ۾ ۽ داڻيدار پڪسلز ۾ نظر اچن ٿيون چاهي اصل اميجز جي ريزولوشن تمام وڏي ڇو نه هجي.!

    ڪورل ڊرا توهان کي اها صلاحيت عطا ڪري ٿو جنهن سان توهان پنهنجي مرضي جي هر گرافڪس ٺاهي سگهو ٿا. اڄ به کوڙ ساريون گرافڪس صرف پرنٽنگ جي لاءِ مخصوص هجن ٿيون ۽ ڪورل ڊرا جي ويڪٽرز تي مشتمل گرافڪس پرنٽنگ جي لاءِ سڀ کان بهترين آهي . ڪورل ڊرا ۾ ويڪٽرز تي مشتمل اهڙا ٽولز موجود آهن جيڪي توهان کي بهتر ڊزائيننگ جي لاءِ بهترين ماحول مهيا ڪن ٿا. ان کان علاوه ڪورل ڊرا ان ڊزائين کي آساني سان وڏي سائيز ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت به رکي ٿو ، حقيقت ۾ ڪورل ڊرا ۾ اها قابليت موجود آهي ته هو هر ڊزائين کي ٻن مشهور فارميٽس JPEG ۽ GIF ۾ تبديل ڪري جيڪي ويب پيجز ۾ استعمال ٿين ٿيون.

    ڪورل ڊرا جون اصطلاحات
    ان کان پهرين توهان ڪورل ڊرا کي سکڻ شروع ڪريو ، توهان هيٺ ڏنل اصطلاحات جي ڄاڻ هئڻ تمام ضروري آهي.

    آبجيڪٽ (Object)
    آبجيڪٽ اهو آزاد عنصر آهي جنهن ۾ توهان آساني سان تبديلي ڪري سگھو ٿا. هِن ۾ تصويرون، شڪليون، لائينون، سڌيون ڦڏيون لڪيرون، نشانيون ۽ ٽيڪسٽ (Text) وغيره شامل آهن.

    ڊرائنگ (Drawing)
    اهو ڪم جيڪو توهان ڪورل ڊرا ۾ ڪيو ٿا، مثال طورآرٽ جا مختلف نمونا، ڪلئينڊرز، پوسٽرز، اشتهار وغيره جي ڊزائيننگ.

    ڊاڪر (Docker) ونڊو
    هي هڪ اهڙي ونڊو ٿئي ٿي جيڪا توهان جي ڪم ڪرڻ وقت کليل رهي ٿي ۽ توهان جي ضرورت واريون ڪمانڊز هجن ٿيون.

    فلائي آئوٽس (Flyouts)
    هي ٽول باڪس ۾ موجود هڪ اهڙو بٽڻ ٿئي ٿو جنهن کي دٻائڻ سان وڌيڪ ٽولز (سب ٽولز) کلي وڃن ٿا

    سڪريپ بُڪ (Scrapbook)
    هي هڪ فولڊز ٿئي ٿو جنهن ۾ ڪلپ آرٽ “ ڦوٽو” مختلف فائلون، ڊزائين واريون لائينون، FTP سائيٽس ۽ ٻيون کوڙ ساريون شيون توهان پنهنجي ڊرائنگ ۾ ڪتب آڻي سگهو ٿا.

    ٿمب نئيلز (Thumbnails)
    ننڍي ۽ گھٽ ريزولوشن واريون تصويرون

    آرٽسٽڪ ٽيڪسٽ (Artistic Text)
    لکائي جو هڪ قسم آهي جنهن ۾ خوبصورت افيڪٽس لڳائي سگهجن ٿا مثال طور “پاڇو” (Shad) وغيره.

    پيراگراف ٽيڪسٽ (Paragraph Text)
    لکائي جو هڪ ٻيو قسم آهي جنهن ۾ توهان اکرن کي بلاڪ (خاني) جي صورت ۾ لکي سگهو ٿا. هي قسم خاص طور تي بروشرز وغيره جي ڊزائيننگ ۾ تمام ڪارآمد ثابت ٿئي ٿي.


    ڪورل ڊرا جي شروعات ڪرڻ
    1. ڪورل ڊرا جي آئيڪان تي ڪلڪ ڪري ان کي کوليو (اوپن ڪريو). جيئن شڪل نمبر 1.1 ۾ ڏنل آهي.
    [​IMG]

    2. ڪورل ڊرا جي ويلڪم ونڊو توهان جي ڪمپيوٽر اسڪرين تي ظاهر ٿي پوندي جيئن شڪل نمبر 1.2 ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
    [​IMG]

    ڪورل ڊرا جو انٽرفيس (Interface)
    ڪورل ڊرا جي ويلڪم ونڊو توهان جي سامهون ڪورل ڊرا جا بنيادي ڇهه آپشن (Options) ڏيکاري ٿي. جن کي ٽيبل نمبر 1.1 ۾ تفصيل سان ٻڌايو ويو آهي.
    [​IMG]

    نئين ڊرائنگ شروع ڪرڻ لاءِ توهان ويلڪم ونڊو ۾ موجود New Graphic جي آئيڪان تي ڪلڪ ڪريو. ائين ڪرڻ سان توهان جي اسڪرين ڪورل ڊرا جي خالي ونڊو نظر ايندي، جيئن هيٺ شڪل ۾ آهي.
    [​IMG]

    ٽائٽل بار ڪورل ڊرا جي ونڊو ۾ سڀ کان مٿي ٿئي ٿي. هن بار ۾ ان فائل جو نالو هجي ٿو جنهن تي توهان ڪم ڪندا آهيو.

    مينيو بار (Manu Bar)
    مينيو بار ٽائٽل بار کان ٻئين نمبر تي هيٺ ٿئي ٿي. ۽ هن ۾ سڀني مينيوز جي لسٽ ٿئي ٿي جنهن ۾ ڪورل ڊرا جون ڪمانڊز ٿين ٿيون، جڏهن ڪنهن مينيو تي ڪلڪ ڪيو وڃي ٿو ته اهو مينيو کُلي پوي ٿو.

    ٽول باڪس (Tool Box)
    ٽول باڪس ڊرائنگ ونڊو جي کاٻي پاسي ٿئي ٿو جيڪو انهن سڀني ٽولز تي مشتمل ٿئي ٿو جيڪي توهان کي نئين ڊرائينگ ٺاهڻ يا پهريان کُليل ڪنهن ڊرائنگ ۾ ڦير گھير ڪرڻ ۾ ڪم ايندا آهن. جڏهن توهان مائوس جي ڪرسر کي ٽول باڪس ۾ ڪنهن به ٽول تي آڻيندا ته هڪ ٽول ٽپ (Tool Tip) ظاهر ٿئي ٿي جنهن ۾ ان ٽول جي وضاحت ڏنل هجي ٿي.
    [​IMG]

    ڊرائنگ ونڊو
    ڪورل ڊرا ونڊو جي وچ واري حصي کي ڊرائنگ ونڊو سڏيو ويندو . ٽول بار، ٽول باڪس ۽ اسٽيٽس بار ڊرائنگ ونڊو جي حصي ۾ نه آهن.
    (نوٽ : ڊرائنگ ونڊو اهو حصو آهي جتي توهان ڪابه ڊرائنگ ٺاهيو ٿا)

    ڊرائنگ پيج
    ڊرائنگ ونڊو جي وچ ۾ توهان کي صفحي جي شڪل ۾ پاڇولي ساڻ هڪ خالي خانو (باڪس) نظر اچي رهيو هوندو. ان کي ڊرائنگ پيج چوندا آهن هي اهو حصو هوندو آهي جنهن ۾ موجود شين کي پرنٽ ڪري سگهجي ٿو.
    جن شين کي توهان پرنٽ نٿا ڪرڻ چاهيو پر انهن کي محفوظ رکڻ چاهيو ٿا، انهن کي ڊرائنگ ونڊو جي خالي حصي ۾ رکي سگهو ٿا، جيڪو ڊرائنگ پيج کان ٻاهر ٿئي ٿو. مثال طور : هن جو فائدو هي آهي ته توهان هڪ اسڪول جو اشتهار تيار ڪيو ، جنهن ۾ توهان ان اسڪول جا لوگوز به تيار ڪيا . هاڻي توهان انهن لوگوز کي ڊرائنگ ونڊو ۾ محفوظ ڪري انهن کي ڪنهن ٻئي اشتهار ۾ به استعمال ڪري سگهو ٿا. هڪ ڳالهه ياد رکو ! ته پرنٽ صرف اهي ئي آبجيڪٽس ٿيندا جيڪي توهان ڊرائنگ پيج جي اندر رکيا هوندا.


    پراپرٽي بار Property Bar
    جڏهن توهان ڊرائنگ ونڊو ۾ ڪنهن به شيءَ کي سليڪٽ ڪريو ٿا ته پراپرٽي بار توهان کي ان آبجيڪٽ متعلق معلومات ڏئي ٿو. هي بار سليڪٽ ڪيل آبجڪيٽس جا مختلف هوندا آهن. جڏهن توهان ڪنهن به آبجڪيٽ کي منتخب نه ڪيو هجي يا وري ڊرائنگ ونڊو ۾ ڪابه شيءَ موجود نه هجي ته ان وقت هي صرف خالي پراپرٽي بار ظاهر ٿئي ٿي. جنهن ۾ ڊرائنگ پيج متعلق معلومات هجي ٿي، مثال طور صفحي جي سائيز وغيره.. جيئن مٿي ڏنل ٽيبل نمبر 1.1 واري شڪل کان پو واري شڪل ۾ آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏26 جون 2014
    22 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    تمام بهترين ادا عبيد....!

    هڪڙو عرض ته اوهان ڪورل ڊرا جي جنهن ورزن جي سکيا ڏيو پيا، اهو ورزن به ٻُڌايو ۽ جي ممڪن هجي ته ان جو لنڪ ڏيو ته جيئن ڊائون لوڊ ڪجي... ڇاڪاڻ ته ڪجهه ٽولز ڪورل ڊرا جي پُرانن ورزن ۾ نه هوندا آهن...
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڪورل ڊرا ورشن 12 آهي. تصويرن مان ئي ظاهر آهي.
    ادا نيٽ اسپيڊ گهٽ آهي ان ڪري تصويرون اپلوڊ ڪرڻ ۾ دير پئي لڳي. سبق 1 وڏو سبق آهي ۽ اڃا جاري آهي..
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏26 جون 2014
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين ڪم.
    واه واه ٿي وئي.
    لک قرب ادا عبيد
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    ادا! پهرين اوهان جا اميدج صحيح نظر نه اچي رهيا هئا..!

    تمام بهترين انداز سان سمجهاڻي آهي... پر هڪ عرض ته “سمارٽ ڊرائنگ ٽول” جي وضاحت اڃا تائين سمجهه ۾ نه آئي... جيڪڏهن هن کي پريڪٽريڪل متحريڪ تصوير جي صورت ۾ ڏيکاريو ته بهتر...!
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عبيد الله کي جس هجي ..... سائين ابو واصف اوهان کي به عرض آهي ته هن ئي سبق دوران اوهان به ڪجهه وضاحتي شيون ٿصويرن سان گڏ سيکاريو جيڪي هن سبق کي اڃان به بهتر ڪن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    پسند ڪرڻ ۽ تبصرو موڪلڻ جون لک مهربانيون.

    صحيح ٿا فرمايو... محترم ابو واصف مون کان سينيئر آهن.

    ان ٽولز بابت وڊيو ٽٽوريل انشا الله تصويري سبق مڪمل ٿيڻ کان پو شيئر ڪندس.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سائين منهنجا! هن ٽول جي ذريعي ڪابه اڻ سڌي شڪل ٺاهينداسين ته اها اصل حالت ۾ اچي ويندي. مثال آئون هڪ گول دائرو ٺاهڻ چاهيان ٿو. هن ٽول جي مدد سان ٺاهيندس ، اهو دائرو آئون جيڪر هموار نه ٺاهيان ته ڪا ڳالهه ناهي ڪورل ڊرا ان کي هموار ڪريو ڇڏي ۽ جيڪڏهن آئون بيضوي شڪل ٺاهڻ چاهيان ٿو ته هن ٽول جي مدد سان ٺاهيندس! اها شڪل مونکان مائوس ڪرسر جي ذريعي ڀلي ئي صحيح نه ٺهي پر ڪورل آٽوميٽڪ ان کي صحيح ڪري ڇڏيندو.

    هيٺ شڪل ۾ نمبر 2 وارو ٽڪنڊو مون سمارٽ ڊرائنگ ٽول سان ٺاهيو ته نمبر 3 واري شڪل ٺهي پئي. نمونو اهو آهي. اميد ته سمجهي ويندا.
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏26 جون 2014
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    توهان جهڙن محسن دوستن جي دعائن ساٿ ڏنو ته انشا الله ٻيا به سلسلا شروع ڪندس. لک مهربانيون پسند ڪرڻ جون.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    تمام بهترين سائين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    بهترين ڪم جي بهترين شروعات...
    منهنجي خيال ۾ ٿيوري بجاءِ پريڪٽيڪل ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي... ڇو ته اڳ جي سکيا ۾ ٿيوريٽيڪل ڳالهين پڙهندڙ کي شايد بور ڪري وڌو...
    اميد ته دوست عبيد تڪڙو ڪنهن پروجيڪٽ تي ڪم ڪري وڊيو بمع تصويرن سان سمجهائيندا ته جيئن دوست عملي طور سکيا حاصل ڪري سگهن...
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    :rolleyes::rolleyes::rolleyes: مٿيون ڳالهيون سوچڻ جهڙيون آهن.

    منهنجو به اڳ ۾ اهو خيال هو، پر سوچيم ته ڪافي سارا دوست ڪورل ڊرا پهرئين دفعي انسٽال ڪري رهيا آهن. ان ڪري ٿيوري موڪليم. ٿيوري تمام ڊگهي ٿي ويندي ان ڪري توهان جي صلاح تي عمل ڪرڻ ئي بهتر آهي. ۽ گڏوگڏ ٿيوري جا ڪلاس به هلندا رهندا ته دوستن کي فائدو حاصل ٿيندو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. محمد ابراهيم حيدري

    محمد ابراهيم حيدري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جنوري 2015
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ما شا الله الله تعالي توهان کي تمام سڄي صلاحيتن سان نوازيو آهي دعا آهي ته توهان هر نيڪ مقصد ۾ ڪامياب ٿيو آمين يا رب العالمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    جس هجئي ادا عبيدالله، اميد ته ويڊيو جي صورت ۾ سمجھاڻي جلد شيئر ڪندا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ادا لک لائق حوصله افزائي لا.
    انشا الله وڊيو ٽٽوريلز پيش ڪندس.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو