ڪراچي جو شهر جيڪو هاڻي روشنين جي شهر بجاءِ رت جي راند جي شهر سان سڃاتو وڃي ٿو ان ئي ڪراچيءَ جي عظيم ۽ لافاني ڪردارن تي مشتمل ناليواري محقق ۽ تاريخدان گل حسن ڪلمتي جو ڪتاب ”ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي تاريخي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران 2012ع ۾شايع ڪرايو ويو آهي. هي ڪتاب ڪرزمه ويب جي ٿورن سان اي بوڪ جي شڪل ۾ شيئر ڪجي ٿو. هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
مهرباني سائين سليمان وساڻ صاحب جي جو مختلف سائيٽ تان ڪتاب کڻي اسان کي پڙهڻ جو موقعو ڏي ٿو. دعا آهي ته الله پاڪ سائين وساڻ صاحب کي همٿ ۽ سگهه ڏي. ڪتاب ڊئون لوڊ ڪيو آهي. انشا الله ضرور پڙهيو ويندو. ڪجهه ڏينهن پهرين سائين ڪلمتي صاحب جو ڪتاب ڊائون لوڊ ڪيو جيڪو پڙهي رهيو آهيان جنهن کان بعد ۾ هن ڪتاب کي ضرور پڙهبو. آخر ۾ لک قرب سائين وساڻ صاحب جا.
هي اُهو ڪتاب آهي جنهن ڪراچي جي نه رُڳو لافاني پر افسوس سان وساريل ڪردارن تي لکيو آهي. ياد اچيم ٿو ته سچل جي لڳ ڀڳ سڀني ماڻهن مان ڪنهن کي به خبر نه هُئي ته سچل جو اسڪول جو نالو اين جي وي ڇو آهي؟ پر ان ڪتاب ۾ ان جو نالو مليو جيڪو هن وقت ياد نه پيو اچيم پر ڪنهن هدنو شخصيت جو آهي. اوهان انمول ڪتاب ونڊي ڏڏاڍو ڀلو پيا ڪريو