شهيد غزالا بتول صديقي

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏6 آڪٽوبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    شهيد غزالا بتول صديقيءَ جو ڪجھه دوستن مختلف پوسٽنگس ۾ ذڪر ڪيو آهي ـ شهيد غزالا مون سان گڏ پبلڪ افيئرز ڊپارٽمنٽ، پي آءِ اي هيڊآفيس، ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪيو آهي ـ شهادت کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ منهنجي سندس آفيس ۾ اٽڪل ٽي ڪلاڪ ملاقات ٿي پر هن انهيءَ جلوس جنهن جو اڳواڻ اياز لطيف پليجو هو (قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه) تنهن ۾ شريڪ ٿيڻ جو مون سان ذڪر ڪونه ڪيو ـ هوءَ گھڻو وقت مون کي پنهنجون گھرو ڳالهيون ٻڌائيندي رهي، پنهنجي شاديءَ کان وٺي پنهنجي نوجوان پُٽ جي فضول خرچيءَ تائين ـ جيڪڏهن هو مون سان انهيءَ جلوس ۾ شريڪ ٿيڻ جو ذڪر ڪري ها ته مان پڪ سان کيس ائين ڪرڻ کان جھليان ها، شايد اهو ئي سبب هو جو هن مون سان ذڪر ڪونه ڪيو ـ
    بهرحال، منهنجي مخالفت ڪرڻ جا ٻه ـ ٽي سبب هجن ها ـ هڪ ته هو پي آءِ اي (بچاءَ واري وزارت) جي آفيسرياڻي هئي جنهن ڪري کيس ڪنهن جلوس ۾ قانوني طور وڃڻ نه کپندو هو ـ سندس شهادت کانپوءِ ميڊيا ۾ جلوس جي شرڪت جون خبرون اچڻ سبب معاوضي ملڻ ۾ ڪجھه مسئلو ٿيو تنهن ڪري اها سمجھاڻي ڏيڻي پئي هئي ته هو لياري وڃي رهي ۽ ٻن ڌرين جي جھيڙي دوران ڇڏائڻ لاءِ بيٺي ته کيس گولي لڳي ـ
    ٻي ڳالهه ته انهيءَ جلوس ۾ بندش پيل پيپلز امن ڪاميٽي (اصل بلوچ گينگ وار) جا تڪراري نمائندا اڳواٽ اعلان ڪري شامل ڪيا ويا هئا سو هنگامو ته هر صورت ۾ ٿيڻو هو ڇاڪاڻ ته اهو جلوس نازڪ صورتحال واري علائقي کان لنگھڻو هو ـ
    ٽيون ته سال 1972 ۾ ٻوليءَ جي هنگامن دوران ساڳي علائقي ۾ سنڌين جي جلوس تي سروٽا ۽ پٿر اڇلايا ويا هئا ـ اهو علائقو سنڌين لاءِ جلوس ڪڍڻ واسطي مناسب نه هو ـ
    جيڪڏهن ڪو مون کان صلاح وٺي ها ته مان کيس سڌي ريت پريس ڪلب تي گڏجاڻي ڪرڻ جي صلاح ڏيان ها ۽ انهيءَ تڪراري علائقي مان جلوس جي لنگھڻ جي هرگز صلاح نه ڏيان ها ـ
    سچ پڇو ته پنهنجي آخري ملاقات دوران مون ادي غزالا بتول صديقيءَ جي منهن تي پهريون ڀيرو غيرمعمولي رونق ڏٺي ۽ ائين لڳي رهيو هو ته سندس چهرو نور وچان چمڪي رهيو هجي جنهن تي مان پاڻ به حيران هئس پر انهيءَ موضوع تي ساڻس ڳالهائڻ مناسب ڪونه سمجھيم ـ
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي جوشهيد غزالا بتول صديقي سنڌي آھي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ماڻهو کي هڪ ڏينهن مرڻو ته آهي ئي .... پر هوء ڪائنر نه هئي ..... مان به ان ڏينهن سڌو پريس ڪلب وڃڻ وارو هيس ... پر پوء حالتن جي سنگيني سبب واپس سچل ڳوٺ وريس.
     
  4. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    .....پر افسوس ته هاڻ اسان سان گڏ ناهي ـ سنڌين جو دک درد هن ۾ گھڻو هو جنهن جو هو نماءُ به نه ڪندي هئي ـ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو