بيدو (Baidu) اينٽي وائرس

'سافٽويئر' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏26 جنوري 2015۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    [​IMG]
    چيني ڪمپني بيدو (Baidu) پنهنجي لاجواب پروڊڪٽس جي ڪري مشهور آهي، بيدو سرچ انجن چين ۾ گوگل کان وڌيڪ استعمال ڪئي وڃي ٿي، توهان گوگل تي ان ڪمپني جي مختلف پراڊڪٽس جي باري ۾ پڙهي سگهو ٿا، آئون توهان لاءِ اڄ کڻي آيو آهيان بيدو اينٽي وائرس .

    هڪ سُٺي ۽ مفت اينٽي وائرس جي هر ڪنهن کي ڳولا هوندي آهي، جيڪڏهن توهان هڪ نئون اينٽي وائرس آزمائڻ چاهيو ٿا ته پوءِ بيدو انسٽال ڪريو، هي اينٽي وائرس پروگرام ٻين جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو وڌيڪ تيز رفتار آهي ۽ ريم (Ram) تمام گهٽ استعمال ڪندو آهي. يعني سسٽم تي بوجھه نٿو وجھي.

    هي عام اينٽي وائرس پروگرامز وانگي صرف هڪ ڪم نٿو ڪري بلڪه بيدو اينٽي وائرس ۾ بهترين سسٽم ريپئير ٽول به موجود آهي، جيڪو وائرس سان ڀريل ڪمپيوٽر کي ريپيئر ڪري ٿو. ان کان علاوه هن ۾ “آپٽمائز انسٽالر” جو فيچر به موجود آهي جنهن سان ڪنهن به پروگرام جي انسٽالر ۾ موجود فالتو پروگرام ۽ ٽولبارز کي ختم ڪري صرف ڪم جو پروگرام انسٽال ڪري سگھجي ٿو.

    بيدو اينٽي وائرس2015 توهان جي ڪمپيوٽر کي حفاظت فراهم ڪري ٿو. هي هر وقت بيگرائونڊ ۾ رهندي پنهنجي ڪم ۾ مگن رهي ٿو جنهن سان به ڪوبه وائرس ڪمپيوٽر ۾ ايندي ئي پڪڙجي پوي ٿو. هن جي هوندي ڪابه وائرس ڦهلائيندڙ ويبسائيٽ توهان کي نقصان نٿي پهچائي سگھي، وائرس سان ڀريل يو.ايس.بي سسٽم کي خراب نٿي ڪري سگھي، ڪوبه ڊائون لوڊ ٿيندڙ فائل پاڻ سان وائرس کي سسٽم ۾ نٿي آڻي سگھي.

    بيدو اينٽي وائرس جي نئين ورزن 5 ۾ انٽرفيس سميت کوڙ ساريون تبديليون ڪيون ويون آهن. ان اينٽي وائرس ۾ توهان کي اُهي فيچرز ملندا جيڪي توهان ڪنهن ٻئي اينٽي وائرس ۾ نه ڏٺا هوندا.

    هن جو سڀ کان بهترين فيچر برائوزنگ کي محفوظ بڻائڻ آهي. توهان جي پرائيويسي جي لاءِ نقصان ڏيندڙ برائوزر پلگ اِن کي هي بلاگ ڪري ڇڏي ٿو. ان کان علاوه هن ۾ ايڊ بلاگ جو فيچر به موجود آهي. ايڊوانسڊ ڪائوڊ انجن جي شموليت سان گڏ هن جو مالويئر ريموول ٽول به بهترين ٺهيل آهي. جيڪو ڪنهن به مال ويئر کي پڪڙڻ جي لاءِ پنهنجي ڪلائوڊ ۾ موجود ڊيٽابيس سان رابطي ۾ رهي ٿو . هن جي سڀ کان خاص ڳالهه ڪلائوڊ بيسڊ اسڪيننگ آهي، يعني ان کي نئين وائرسز سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ بار بار اپڊيٽ نٿو ٿيڻو پوي. هي پنهنجي ڪلائوڊ ۾ موجود ڊيٽابيس سان رابطي ۾ رهي ڪري هر وقت ڪارآمد ۽ اپڊيٽ ٿيندو رهي ٿو.

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. mahfozranjhani

    mahfozranjhani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2015
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمنت نوڪري
    ماڳ:
    موسميات ڪراجي
    ادا ٿجربو ڪريون ثا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بيدو کائي بيدو اينٽي وائرس آزمائينداسين.
    PS: اوهان جي تحرير ۾ رشيد سمون جو انداز جهلڪي پيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    يار ڪجهه ته وڏڙن کي به فالو ڪرڻو پوندو :)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو