ڪرڪيٽ ورلڊ جي تاريخ جا يادگار لمحا... لارڊز ۾ بگ برڊ جي اوچي اڏام...

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏2 فيبروري 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پهرين ورلڊ ڪپ جي ڪامياب انعقاد جي چئن سالن کان پوءِ انگلينڊ جا ميدان هڪ دفعو وري سموري دنيا جي ٽيمن جا ميزبان بڻيا.. عالمي چيمپيئين ويسٽ انڊيز هن دفعي به ڪپ کٽڻ لاءِ فيورٽ هئي.. ۽ سيمي فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچندي هن اها ڳالهه ثابت به ڪئي... فائينل ۾ سندس مقابلو انگلينڊ سان هو جنهن سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ کي 9 رنسن تان شڪست ڏني هئي...

    23 جون 1979 ۾ لارڊز جو تاريخي ميدان هڪ دفعو وري ورلڊ ڪپ فائنل جو ميزبان هو.. انگلينڊ جي دعوت تي پهريان بيٽنگ ڪندي ويسٽ انڊيز رڳو 38 رنسن تي ٻئي اوپنر وڃائي ويٺي هئي.. اڳتي هلي ڪپتان ڪلايو لائيڊ به جڏهن آئوٽ ٿيو ته سڪور 4 وڪيٽن تي 78 رنز مس هو.. ائين پئي لڳو ته باب ولس کان سواءِ ئي انگلينڊ ويسٽ انڊيز جي عظيم بيٽنگ ڍير ڪري ڇڏيندي.. پر ڪرڪيٽ جي دنيا جو بي تاج بادشاهه ويون رچرڊز ۽ ڪولس ڪنگ سان گڏجي اسڪور کي ڇڪيندو رهيو.. ڪولس جي 66 بالن تي 86 رنسن جنهن ۾ 3 ڇڪا ۽ 10 چوڪا شامل هئا.. ويسٽ انڊيز جي اسڪور کي 238 تائين پهڇائي ڇڏيو... ڪولس جي آئوٽ ٿيندي ئي ويسٽ انڊيز جي بيٽنگ لائين وڻ جي پتن وانگر ڇڻڻ لڳي .. ۽ رانديگر بغير ڪنهن رنسن جي آئوٽ ٿيڻ لڳا...
    صورتحال کي سمجهندي ويون رچرڊز اڪيلي سر 157 بالن تي 138 رنسن جي شاندار اننگ کيڏندي ڪل اسڪور کي 286 تائين پهچائي ڇڏيو.. سندس اننگ ۾ 11 چوڪا ۽ 3 ڇڪا شامل جنهن ۾ آخري بال تي اهو يادگار ڇڪو به شامل آهي جيڪو ايترو ئي مشهور آهي جيترو 2003 جي ورلڊ ڪپ ۾ سچن ٽنڊلڪر جو شعيب اختر کي لڳايل آخري ڇڪو مشهور آهي..
    287 رنز جي موٽ ۾ انگلينڊ کي دنيا جي سڀ کان مضبوط بالنگ کي منهن ڏيڻو هو.. جن ۾ مائڪل هولڊنگ، اينڊي رابرٽس، ڪولن ڪرافت ۽ جوئيل گارنر جهڙا عظيم بالر شامل هئا.. ان لاءِ انگلينڊ جيڪو منصوبو ٺاهيو اهو ئي سندس شڪست جو سبب بڻيو...
    سندن منصوبو به پاڪستاني ٽيم جو روايتي منصوبو هو.. ته ڪنهن طرح سان وڪيٽون بچائجن ۽ آخر ۾ اسٽرائيڪ ڪجي.. انگلينڊ جي اوپنرن 129 جي پارٽرنشپ ضرور ٺاهي پر ايتريون رنسون ٺاهيندي ٺاهيندي هو 39 اوور ختم ڪري چڪا... ڪپتان بريئرلي 130 بالن ۾ رڳو 64 رنسون ٺاهيون.. جڏهن ته بائڪاٽ 105 بالن تي رڳو 57 اسڪور ٺاهيو..
    انگلينڊ جڏهن ڊيرڪ رينڊل ۽ گراهم گوچ جي مدد سان 3 وڪيٽن تي 183 رنز ٺاهيون ته کين باقي اسڪور 8 رنز جي ايوريج سان گهربل هيو.. ظاهر آهي ان لاءِ تيز بيٽنگ جي ضرورت هئي.. ان وقت ڪلايولائيڊ 6 فٽ 8 انچ قد رکندڙ گارنر کي بالنگ ڏني.. جنهن جا بال اصل بجلي بڻجي انگلينڊ جا مٿان ڪريا... ۽ انگلينڊ رڳو وڌيڪ 11 رنز جو اضافو ڪري پنهنجون آخري 8 وڪيٽون وڃائي ورلڊ ڪپ به هارائي ويٺي..


    [​IMG]

    گارنر رڳو هڪ ئي اسپيل ۾ 4 رنز ڏئي 5 وڪيٽون حاصل ڪيون.. جيڪو بي شڪ ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو بهترين بالنگ اسپيل آهي..
    ويسٽ انڊيز92 رنز سان مقابلو کٽي هڪ دفعو ٻيهر عالمي چيمپيئن بڻجي ويو.. ۽ هزارين تماشائين جي تاڙين ۾ ڪلايو لائيڊ هڪ دفعو وري ورلڊ ڪپ جي ٽرافي پنهنجي هٿن ۾ کئين..
    گارنر جي شاندار بالنگ جون ڪجهه جهلڪيون هيٺين وڊيو ۾ به ڏسي سگهو ٿا...

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏2 فيبروري 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    وري فيبروري 2015 ۾ ڪرڪيٽ جو ورلڊ ڪپ شروع ٿيندو ۽ سڀني کي ڪرڪيٽ جو بخار چڙهي ويندو واندا ويهندا وارو وٺي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو