ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015 : ميزبان آسٽريليا جي ٽيم ڀارت کي شڪست ڏئي فائنل ۾

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 مارچ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ميزبان آسٽريليا جي ٽيم هن وقت تائين ٽورنامينٽ ۾ ناقابل شڪست رهندڙ ڀارتي ٽيم کي سيمي فائنل ۾ 95 رنسن تان شڪست ڏئي آسانيءَ سان فائنل ۾ پهچي وئي جتي سندس مقابلو نيوزيلينڊ سان ٿيندو.

    سڊني ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪئي. ڊيوڊ وارنر جي آئوٽ ٿيڻ کانپوء ٽورنامينٽ ۾ آئوٽ آف فارم رهندڙ ايرون فنچ سان گڏ ايشيائي ٽيمن ۽ خاص ڪري اسپنرن خلاف بهترين کيڏاري اسٽيو سمٿ شاندار بيٽنگ ڪئي. ٻنهي جي وچ ۾ 217 رنسن جي پارٽنر شپ ٿي. سمٿ صرف 93 بالن تي 105 رنسون ٺاهيون. فنچ 81 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. آسٽريليا جون 4 وڪيٽون هڪ ئي وقت ڪريون ته اسڪورنگ ريٽ به گهٽيو ۽ 50 اوورن ۾ آسٽريلوي ٽيم 328 رنسون جوڙيون جيڪو ورلڊ ڪپ سيمي فائنلز جو هن وقت تائين سڀ کان گهڻو اسڪور آهي. اميش يادو 4 وڪيٽون ورتيون.

    جواب ۾ ڀارتي ٽيم جي شروعات شاندار رهي. صرف 12 اوورن ۾ اسڪور 76 رنسن تي پهتو ته شيڪر ڌاون تيز کيڏڻ جي چڪر ۾ آئوٽ ٿي ويو. جلد ئي ڪوهلي به آئوٽ ٿي ويو. بس پوء ته وڪيٽون ڪرنديون رهيون. سواء ڌوني جي جنهن 65 رنسون ٺاهيون، ڪوبه بيٽسمين اسڪور ۾ وڏو اضافو ڪري ڪونه سگهيو. پوري ٽيم 47 اوورن ۾ 233 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. مچل اسٽارڪ شاندار بالنگ ڪندي 9 اوورن ۾ صرف 28 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون. فلڪنر 59 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون.

    اسٽيو سمٿ کي شاندار سينچري ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو اوارڊ مليو.

    [​IMG]


    مڪمل اسڪور لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو.
     
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هاڻي فائنل ۾ ٻئي فيوريٽ ٽيمون آهن پر همدرديون نيوزيلنڊ سان آهن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    اسان خوش آهيون پاڪستان به گهر ۽ انڊيا به ، هاڻي نيوزلينڊ کتي ته وڌيڪ خوشي ٿيندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو