پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي جي آتم ڪٿا

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2015۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 39
    ٻلديو مٽلاڻيءَ جو آواز ”ريڊيو پاڪستان حيدرآباد“
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    اسين گورڌنداس ڏاندواڻيءَ سان ڀائيواريءَ ۾ فوٽو پروسيسنگ ليبارٽري (QSS) کولڻ جي رٿا ڪيئي هئي؛ جنهن مشين سان هڪ ڪلاڪ کان به گهٽ وقت ۾ ڪلر رول فلم ڊويلپ به ٿيندي هئي ته ان جا پازيٽوِ ڪلر فوٽو گراف به تيار ٿي سگهندا هئا.
    گورڌنداس ڏاوندواڻيءَ هتان بمبئيءَ مان هڪ امپورٽ لائسنس خريد ڪري جاپان مان اها مشين گهرائي؛ پر ”فوٽو گرافڪ گُڊس“ جيئن ته ان دور ۾ هندوستان جي امپورٽ پاليسيءَ موجب اعتراض واري لسٽ تي هئا، ته امپورٽ لائسنس باوجود به اها مشين رليز ڪو نه پئي ٿي سگهي، تڏهن گورڌنداس ڪسٽمس ڪليڪٽر وٽ انڊين- ٽيڪنوڪريٽ جي حيثيت ۾ اپيل وڌي هئي؛ جنهن کيس ان مشين تي 65 سيڪڙو ڪسٽمس ڊيوٽي لڳائيندي رليز ڪرڻ جو آرڊر ڪڍيو هئو.
    هاڻ گورڌنداس اها سموري ڪسٽم ڊيوٽيءَ واري رقم هتان جي هڪ بئنڪ مان لون کڻي چڪائي ۽ ڊاڪ يارڊ اٿارٽيءَ کي ڊيمريج پڻ ڀريندي اها جاپان واري ”نورٽسو-501“ مشين ريلز ڪرائي. آءٌ گورڌن ۽ سندس شريڪ حيات؛ مسجد بندر تان اها مشين کڻائڻ وياسين؛ جيڪا ٽن الڳ الڳ وڏن ڪنٽينرس ۾ جاپان مان آيل هئي. اها ٽرڪ جڏهن دير رات جو الهاس نگر پهتي ته انهن ڪنٽينرس کي لاهي، کوکن کي کولي مشين ٻاهر ڪڍي اسان واري دوڪان ۾ رکائڻ لاءِ پڻ آرٽ کپندو هئو؛ جو اناڙي هئڻ جي صورت ۾ مشين جي ڀڄڻ جو پڻ ڊپ هئو! ان لاءِ اسين جنهن ڪارپينٽر هرنام سنگهه کان فرنيچر ٺهرايو هئو؛ ان کي ئي گهرائي فنائتي نموني ٽرڪ مان اهي ٽيئي ڪنٽينر کوليندي مشين هيٺ لاهرائي دوڪان ۾ رکائيسين.
    هاڻ وري مسئلو ان جاپان کان آيل مشين جا الڳ الڳ پرزا پاڻ ۾ملائي ان کي اسيمبل ڪرڻ جو هئو. ان لاءِ گورڌن، مشين جي ڪمپني ”نورٽسو“ جاپان کي اطلاع ڪري ڇڏيو. هنن ڪجهه ئي ڏينهن ۾ پنهنجي سنگاپور آفيس مان هڪ انجنيئر موڪليو. مسٽر سيوُ، پاڻ دراصل ملائيشيا جو هئو جيڪو ”نورشو“ جي سنگاپور آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هئو. اسين هن کي الهاس نگر جي ان مهل واري بهترين هوٽل ۾ رهايوسين. اها مشين ايڏي ته نازڪ نموني ٺاهيل هئي؛ جو خود انهن جي انجنيئر کي به اسيمبل ڪندي ڪندي هڪ هفتو لڳي ويو.
    اهم ڳالهه ته اها مشين جو هڪ سال کان بامبي پورٽ تي رکيل هئي؛ جنهن بعد ڪيترا ڏينهن وري اسان وٽ الهاس نگر ۾ کليل روپ ۾ رکئي به ٿي ويا هئا ته مشين اسيمبل ٿيڻ کانپوءِ به چالو ڪو نه پئي ٿي. مسٽر سيوُ، بيحد هوشيار انجنيئر هئو. هن هڪ هڪ وائرنگ چيڪ ڪندي آخر نقص ڳولي لڌو ته ڪنهن جاءِ وٽان ڪجهه وائرنگ ئي ڪوئن کائي ڇڏي هئي. پوءِ ته هن آرام سان هڪ هڪ صحيح وائر پاڻ ۾ ملائيندي مشين تيار ڪري ورتي. جنهن ڏينهن تي مشين تيار ٿيڻي هئي؛ ان ڏينهن هڪ سنڌي ٽيڪنيشن جي مدد سان آءٌ بمبئيءَ مان ”ڪوڊڪ“ ڪمپنيءَ جي هيڊ آفيس مان ان مشين لاءِ سمورا ڪيميڪلس کڻائي آيس. اُهي سڀ ڪيميڪلس به وري الڳ الڳ هوندي به ٻن طرح جا هئا؛ هڪ ”اسٽارٽرس“ جيڪي ڪنهن به نئين مشين ۾ وجهڻا هئا ۽ ٻيا ساڳيا ئي عام ڪيميڪلس، جيڪي انهن مختلف ٽانڪين ۾ هڪٻئي پٺيان ڀرڻا هئا.
    مسٽر سيوُ جڏهن اُهي سمورا ڪيميڪل ڀريندي مشين تيار ڪري ورتي ته هن گورڌنداس ڏاندواڻيءَ کي اها مشين هلائڻ لاءِ چيو؛ ڇو ته اُهو پاڻ ئي ”نورٽسو“ وارن جي دعوت تي جاپان وڃي کانئن اها مشين هلائڻ لاءِ هڪ هفتي جي ٽريننگ وٺي آيو هئو. پر هاڻ جڏهن سچ پچ کيس اها مشين هلائڻي هئي ته هن کي ڪجهه به خبر ڪو نه پئي پيئي. ان جا مختلف سبب ٿي سگهيا پئي؛ هڪ ته گورڌن وٽ فوٽوگرافيءَ جو بيڪ گرائونڊ ئي ڪو نه هئو ٻيو ته شايد هو جاپان صرف گهمڻ جي خيال کان ئي ”نورٽسو“ وارن وٽ هڪ هفتو رهي گهمي آيو هئو پر مشين هلائڻ بابت هينئر هن کي ڪجهه به ياد ڪو نه هئو. اهڙي حالت ۾ گورڌنداس ڏاندواڻيءَ ادا پريم کي مشين تي ويهاريو ۽ مسٽر سيوُ کي تڪڙ ۾ کيس ٿوري ۾ ئي اها مشين هلائڻ جي ٽريننگ ڏيڻ لاءِ چيو. هاڻ هن کي ته ٿوري دير ۾ بمبئيءَ ۾ ڪٿي رپورٽ ڪرڻو هئو؛ سو هن تڙ تڪڙ ۾ ادا پريم کي ڪجهه ضروري ڳالهيون ٻڌايون ۽ ڪجهه پرنٽس پاڻ ڪڍي به ڏيکاريون. جنهن بعد مان ۽ گورڌنداس کيس الهاس نگر جي ”وٺلواڙي“ ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي آياسين؛ جتان هو لڪل ٽرين ذريعي بمبئيءَ هليو ويو.
    ”نورٽسو-501“ جيئن ته ‘QSS’ ڪلر فلم پروسيسنگ مشين هئي، ته ان جي هلائڻ لاءِ ٻن اهم ڳالهين جي ڄاڻ بيحد ضروري هئي. هڪ ته اها مشين ڪمپيوٽرائزڊ هئي؛ جنهن ڪري ڪمپيوٽر جي بنيادي ڄاڻ به کپندي هئي ته ان جي پرنٽنگ واري سيڪشن مان صحيح فوٽوگراف ٺاهڻ لاءِ رنگن ڀرڻ جي ڄاڻ به کپندي هئي ته ڪهڙا ٻه رنگ ملائڻ سان ڪهڙو نئون رنگ ٺهندو آهي ۽ ڪهڙو مخالف رنگ ڀرڻ سان اصلي رنگ کي جهڪو ۽ تيز ڪري سگهبو آهي؛ تڏهن ادا پريم هر هڪ الڳ الڳ نيگيٽو ڏسي ان جي ضرورت موجب جدا جدا رنگ ملائيندي مزاح ۾ چوندو هئو ته ”هت ته اسان کي نيروليءَ وارو ڪم ٿو ڪرڻو پوي!“
    سنگاپور وارو انجنيئر مسٽر سيوُ واپس ويو ته گورڌنداس به ڪجهه ئي ڏينهن ۾ تائيوان هليو ويو. هيڏانهن ”ٽوڊيز فوٽو“ تي ويهڻو صرف ادا پريم کي هئو ته سندس مدد لاءِ ان سان گڏ مان به ڪاليج مان موٽندي اُتي فل ٽائيم ئي لڳي ويس. هوڏانهن اسان جي ننڍي ڀاءُ منوهر، آر.ڪي.تلريجا ڪاليج، الهاس نگر مان بي.ايس سي.(مائڪرو بايولاجي) ڪرڻ کانپوءِ ٿاڻا شهر جي هڪ انسٽيٽيوٽ مان ”ڊپلوما ان ميڊيڪل ليبارٽري ٽيڪنيشن“ (DMLT) پڻ ڪري ورتي هئي؛ پر هينئر جو ادا پريم اسان جي ڪلياڻ واري ”ٻلديو ميڊيڪل اسٽور“ کي ڇڏي هيڏانهن ”ٽوڊيز فوٽو“ تي اچڻ شروع ڪيو ته اهڙي صورت ۾ اسين منوهر کي في الحال اهو ”ٻلديو ميڊيڪل اسٽور“ جاري رکڻ لاءِ چيو. پر هاڻ منوهر ”ٻلديو ميڊيڪل“ تي بلڪل اڪيلو ئي ويندو رهيو ۽ مون ته ڄڻ اُتي وڃڻ بلڪل بند ئي ڪري ڇڏيو هئو.
    ادا پريم کي جديد طرز جي ڪمپيوٽرائيزڊ فوٽو پروسيسنگ مشين کي صحيح نموني ۾ سمجهڻ ۾ ڪجهه دير لڳي رهي هئي؛ جو کيس سمجهائڻ وارو ڪوبه استاد ته ساڻس گڏ هئو ڪونه؛ پر هو مشين سان گڏ آيل ٿلهو مينيوئل پڙهي ‘Trial & Error’ واري بنياد تي سکندي سکندي ليبارٽريءَ تي آيل سمورو ڪم اُن ڪمپيوٽرائيزڊ مشين مان هڪ هڪ نيگيٽو کي ڏسي صحيح پراڊڪشن ڪڍندو هئو ته جيئن مارڪيٽ ۾ پنهنجو برانڊ ٺاهي سگهجي!
    اسين الهاس نگر ۾ جهوني گهر بئرڪ 825/5 واري ٺاهيل دوڪان ۾ 9 سيپٽمبر 1984ع تي اها ”ٽوڊيز فوٽو“ QSS ليبارٽري کولي هئي. ان لاءِ بنيادي پونجي گورڌنداس جي لڳايل هئي؛ پر هاڻ کنيل بئنڪ جي ڳرن قرضن جا وياج به ان جي نفعي مان ڪڍڻا هئا ته دوڪان تي ويهڻو به صرف ادا پريم کي ئي هئو. ادا پريم. مشين جو مينوئل پڙهي پڙهي ڪم ته ڪڍي رهيو هئو پر سڀاويڪ هن جي ڪم جي رفتار ڏاڍي گهٽ هئي. اهڙي صورت ۾ جيترو به ڪم آيو پئي ته اهو ڇڏائڻ لاءِ ادا کي رات جو دير دير تائين اُتي ويهڻو پئي پيو!
    ادا پريم جي مدد لاءِ مان ڪوشش ڪري جئه هند ڪاليج مان تڪڙو تڪڙو موٽي سڌو ئي ”ٽوڊيز فوٽو“ تي پهچي ويندو هوس. ڪڏهن بمبئيءَ مان ڪيميڪل يا يپر وغيره کپندو هئو ته اهو به وٺندو ايندو هوس. ڪيميڪل ته ڪوڊڪ ڪمپنيءَ کان مقرر اگهه تي ئي ملندو هئو؛ پر پيپر جا اگهه هيٺ مٿي ٿيندا رهندا هئا ۽ گورڌنداس سان اسان جي ڀائيواري به نئين نئين هئي ته اهڙي صورت ۾ آءٌ ڏسي وائسي زوريءَ به جئه هند ڪاليج واري پنهنجي دوست گوپ روپچنداڻيءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي خريداري ڪندو هوس ته جيئن ڪڏهن به گورڌن کانئس اهڙي پڇا ڳاڇا ڪري سگهي! ادا پريم ته ايتري حد تائين ايماندار هوندو هئو؛ جو هڪ ڀيري ‘Fuji’ فوٽوگرافڪ ڪمپنيءَ وارن گورڌن جي غير حاضريءَ ۾ ادا پريم کي ڪنهن ڪانفرنس ۾ گهرايو؛ جتان کيس هڪ گهڙيال گفٽ ۾ مليو هئو ته هن اهو به امانت باسلامت گورڌنداس جي گهر ٿاڻا ۾ سندس شريڪ حيات ۽ لاڙڪاڻه واري ڪيولرام وڪيل جي نياڻي ”پُوريءَ“ کي ڏيئي آيو هئو.
    ادا پريم کي مينيوئل پڙهندي پڙهندي خبر پيئي ته مشين مان جيڪو ضايع ٿيل ڪيميڪل ٻاهر نڪري ٿو؛ ان ۾ سلور مليل هوندي آهي. پوءِ هن بمبئيءَ جي ڪنهن واپاريءَ کان ان بابت پڇيو ته کيس خبر پيئي ته ان ويسٽ ڪيميڪل جا به خريدار هوندا آهن؛ جيڪي پاڻ وڃي ان مان چاندي ڪڍندا آهن. ان لاءِ ادا پريم اهڙي هڪ خريدار کي به گهرائي ورتو، جيڪو اسان کان پيسن تي اهو ويسٽ ڪيميڪل وٺي ويندو هئو ۽ اسين اهي پيسا به سنڀالي ڪري گورڌنداس جي گهر حساب ۾ ڏيئي ايندا هئاسين. پر هو جو تقريبن مهيني کانپوءِ تائيوان مان موٽيو ته خبر ناهي ڪنهن کيس رپورٽ ڏني؛ هن ادا پريم ۾ شڪ پئي آندو ته هوُ جو دير دير تائين ”ٽوڊيز فوٽو“ تي ويٺو ٿو ڪم ڪري ته ان ۾ ادا پريم طرفان ڪجهه نه ڪجهه گهوٽآلو ئي آهي. اُن تي ادا پريم به کيس کُتو جواب ڏنو ته مشين هلائڻ لاءِ جاپان مان ٽريننگ وٺي اچڻ کانپوءِ به هو پاڻ ته مشين هلائي به ڪونه پئي سگهيو، ته اهڙي صورت ۾ ادا کي ڪيڏي تڪليف ٿيندي هوندي! بهرحال اها ڳالهه ايترو ڪو نه وڌي؛ پر اسان کي ان مان سبق وٺڻ کپندو هئو ته هو دنيا جي هر فرد کي بي ايمان ئي سمجهندو هئو!
    1984ع ۾ ڀارت سرڪار جي سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ اندر سنڌي سيل طرفان الهاس نگر ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو؛ جنهن لاءِ هيروشيوڪاڻيءَ کي سيمينار ڊئريڪٽر مقرر ڪيو ويو هئو. هن ان سيمينار جي بهترين آيوجن لاءِ ڪجهه دوستن احبابن جي آر.ڪي.ٽي.ڪاليج ۾ هڪ ميٽنگ ڪوٺائي؛ جنهن ۾ مختلف ماڻهن کان صلاحون به ورتيون ويون ته الڳ الڳ ماڻهن کي ان لاءِ ڪم پڻ ورهائي ڏنو ويو. مهمانن لاءِ کاڌي جو بندوبست ”گرمک ميڊيڪل اسٽور“ واري دادا گرمکداس تي رکيو ويو. آءٌ شيوڪاڻي صاحب جو جنرل سهيوگي هوس ۽ خاص طور پوري سيمنيار جي ڪمپيئرنگ منهنجي ذمي هئي. مرڪزي سرڪار جي نيشنل سيمينار ۾ آءٌ پهريون دفعو باقائده دعوت ڏنل مهمان هوس! اصل ۾ مونکي اهڙي دعوت ته 1981ع ۾ جڏهن آءٌ جئه هند ڪاليج ۾ ليڪچرر ٿيو هوس ته پٺيان ‘B’ روڊ واري ڪلب هائوس ۾ انهن طرفان هڪ سيمينار ٿيو هئو، جنهن لاءِ سيمينار ڊئريڪٽر ارجن شاد هئو؛ ان مهل پڻ آفيشل دعوت ڏنل مهمان هوس؛ پر دهليءَ کان آيل لفافي تي ٻلديو مٽلاڻي، نيشنل ڪاليج، باندرا بمبئيءَ جي ائڊريس پيل هئي؛ جيڪو لفافو گهمندو گهمندو ٽن مهينن کانپوءِ مون وٽ پهتو هئو. جڏهن اهو لفافو مونکي مليو ته مونکي فطرتن هڪ وڏو جهٽڪو لڳو هئو؛ جو ان سيمينار لاءِ مون شاد صاحب کي ڪافي سهائتا ڏني هئي ۽ سيمينار ڊئريڪٽر وٽ تمام مهمانن جي لسٽ آيل هوندي آهي. ڀل منهنجو لفافو غلط ايڊريس تي هليو ويو هئو؛ پر هو پنهنجي لسٽ موجب مونکي صرف ٻڌائي ها ته آءٌ اهو سيمينار آفيشل طور اٽينڊ ڪري سگهان ها!
    هينئر 1984ع واري سيمينار لاءِ سي.ايڇ.ڊي. جو ڊئريڪٽر مسٽر امرناڻي پاڻ به آيل هئو. ان کي جو خبر پيئي ته ڪمپيئرنگ آءٌ ڪرڻ وارو آهيان ته هن پڻ مونکي ڪجهه ضروري هدايتون ڏنيون. پوءِ جڏهن افتتاحي اجلاس ٿيو ته منهنجي ڪمپيئرنگ ٻڌڻ کانپوءِ ايندڙ سيشنس ۾ ڪيترائي ڊيليگيٽ خاص طور گوورڌن ڀارتي ڏاڍي گهڻي ساراه ڪري رهيو هئو. هن ته سڀني جي سامهون ائين پئي چيو ته ٻلديو مٽلاڻيءَ جو آواز ٻڌي ائين پئي لڳو ڄڻ ” ريڊيو پاڪستان حيدرآباد“ تان هلندڙ ڪو خوبصورت پروگرام ٻڌي رهيا آهيون.
    ان کانپوءِ 1985ع ۾ مونکي سينٽرل هندي ڊئريڪٽوريٽ (سنڌي سيل) طرفان ڪلڪته ۾ منعقد ٿيندڙ سيمينار ۾ پڻ آفيشل طور گهرايو ويو. جنهن لاءِ مون سان گڏ ڪلياڻ کان ڪلڪته لاءِ ٽرين ۾ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، هيروشيوڪاڻي ۽ موهن ڪلپناکان سواءِ هڪ ٻيو همراه به هئو. اهو ٻيو همراھ جيتوڻيڪ مون سان بلڪل به ويجهڙائي رکندڙ ڪو نه هئو؛ پر الائي ڇو پوري سفر ۾ ڪجهه ڪجهه ٽوڪ زني پئي ڪندو هليو. جڏهن ته موهن ڪلپنا کي ڏسي مون کان ته ڇرڪ نڪري ويو هئو جو ان ئي سيمينار جي حوالي ۾ ڪجهه ماڻهن دعوت نامن تي اعتراض وٺندي ڪلڪته سيمينار ۾ شريڪ نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو؛ جن ۾ موهن ڪلپنا به هڪ هئو. گاڏي ۾ ته اهو پاڻ اسان کان به اڳ ئي وڃي ويٺو هئو، جيڪا ڳالهه سڀاويڪ طور ڇرڪ ڀرائيندڙ هئي!.
    ڪلڪته ۾ پهچڻ سان ان مهل جي سيمينار ڊئريڪٽر اسان کي اول ئي فولڊر ۾ پيش ٿيندڙ مقالا ڏنا؛ جن مان هڪ پيپر ان ئي همراھ جو هئو جيڪو ٽرين ۾ مون سان کؤنس ڪندو آيو هئو. مون سڀ کان پهرين ان همراھ جو مقالو چڱي طرح پڙهي ورتو ته جيئن ان تي ٺوس نموني ڳالهائي سگهان. تحقيقي لحاظ کان جيئن ته اهو بيحد سب-اسٽينڊرڊ مقالو هئو ته اصل باقائده هڪ هڪ ڳالهه نوٽ ڪندي جڏهن اهو پيپر پڙهيو ويو ته مون تي تفصيلوار تنقيد ڪئي. پوءِ ته جيڪو به همراه آيو پئي سو ان جي خلاف پئي ڳالهائيندو ويو. ان ڏينهن جي سيشن پوري ٿيڻ کانپوءِ اسين جيئن ئي پنهنجي هوٽل تي وڃي رهيا هئاسين ته اهو مقاله نگار وڌ ۾ وڌ اصل مون تي ئي برهم لڳو پيو هئو!
    سيمينار پورو ٿيڻ کان پوءِ الهاس نگر موٽياسين ته رستي تي ٽرين ۾ وري ساڳيا ئي نارائڻ ڀارتي، هيروشيوڪاڻي، موهن ڪلپنا، مان ۽ اهو همراھ پاڻ ۾ کل ڀوڳ ڪندا آياسين. پر اڃا الهاس نگر مس پهتاسين ته ايندڙ ڏينهن جي ” هندوستان“ سنڌي اخبار ۾ موهن ڪلپنا، هيرو شيوڪاڻيءَ تي ڇوه ڇنڊيا هئا ته هو ڇو ترقي پسندن جي گروه کي ڇڏي ڪري ڪلڪته سيمينار ۾ شريڪ ٿيو هئو؛ جڏهن ته پنهنجي لاءِ چيائين پئي ته هوُ اهو ڏسڻ ويو هئو ته ڪير ڪير ان ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن!
    ”ٽوڊيز فوٽو“ تي جڏهن هڪ سال پورو ڪيوسين. ته اسان کي اُميدن کان وڌيڪ ڏاڍو سٺو منافعو حاصل ٿيو هئو. پر گورڌنداس جو اهو ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ڪجهه به نه ڳالهائڻ پئي چاهيو ۽ چيائين پئي ته اسين مٿس اعتماد ڪريون؛ ته هينئر هيڏو سارو نفعو هوندي به هوُ اسان کي تمام گهٽ اجورو ڏيئي رهيو هئو. اهڙي صورت ۾ اسين ساڻس اهو ڪم وڌيڪ جاري رکڻ کان جواب ڏنو ته هوُ روز الائي ڪٿان ان مشين هلائڻ لاءِ نوان نوان آپريٽر پئي وٺي آيو. الله جي ڪرڻي وري اهڙي جو جيڪي به آپريٽر گورڌنداس آندا؛ انهن اسان وٽ فوٽو پروسيسنگ مشين تان جيڪو به ڪم پئي ڪڍيو ته انهن جا رنگ وغيره گراهڪن کي پسند ئي ڪو نه پئي آيا. آخر هڪ ڏينهن گورڌنداس پاڻ ئي اوچتو اسان ٻنهي ڀائرن؛ ادا پريم ۽ مونکي گوپ روپچنداڻيءَ جي گهر وٺي هليو جيڪو منهنجو جئه هند ڪاليج وارو ڪليگ هئو. اُتي آخر اسين 27% ادا پريم جي ورڪنگ پارٽنرشپ تي ٺهياسين ۽ مان اُتي وڃان يا نه وڃان مونکي ان کان آزاد رکيو ويو.
    آءٌ ادا پريم کي ”ٽوڊيز فوٽو“ تي جيڪو به ڪم ڪرائڻ لاءِ سهايڪ هوندو هوس؛ ان لاءِ گورڌنداس پنهنجو هڪ ٻيو ماڻهو نندلال وڪيل پڻ ادا پريم وٽ موڪلڻ شروع ڪيو. جيئن ته اسان پنهنجي دوڪان سبب گورڌنداس سان ڀائيواري ڪرڻ لاءِ ڦاٿل هئاسين؛ ان لاءِ ڪجهه گهٽ وڌايون سهندي به ادا پريم کي ساڻس نڀائڻو پئي پيو. هڪ ته گورڌن، پوري دنيا کي بي ايمان سمجهندو هئو؛ ٻيو ته هن جو اصول هئو ته جيڪڏهن ڪنهن چور مان به کيس ٻه پيسا بچن ٿا ته ان سان تعلق رکڻ ۾ ڪهڙو به هرجانو ناهي. اهي ٻيئي ڳالهيون وري ادا پريم جي فطرت جي خلاف هيون. اسين ڪنهن به چور سان ڪيڏا به پيسا بچڻ جي صورت ۾ ساڻس ڪهڙو به تعلق ڪونه رکڻ چاهيندا هئاسين. ٿيو ائين، جو اسان وٽ ”ٽوڊيز فوٽو“ تي هڪ ملازم هوندو هئو؛ جيڪو بمبئيءَ وڃي ڪجهه اسٽوڊيوز تان آرڊر وٺي ايندو هئو ۽ پوءِ تيار ٿيل مال انهن کي ڏيئي ايندو هئو. اهو ماڻهو ڪا بي ايماني ڪندي پڪڙجي پيو؛ ادا اُن کي ڪڍڻ پئي چاهيو ته گورڌن جو موقف هئو ته ان ملازم جي بي ايمانيءَ کانپوءِ به جيڪڏهن بچي ٿو ته پوءِ ان کي ڇو ڪڍجي!


    عوامي آواز سنڊي ميگزين 10 جنوري 2016
    __
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 40
    ساڌنا جي سنڌي ڳالهائڻ تي تاڙين جا ڦهڪا پئجي ويا!ٰ
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    جيئن ئي 1981ع واري دور ۾ جڏهن کان جئه هند ڪاليج آيو هوس؛ ته ڀرسان ئي ريڊيو اسٽيشن تي پهرين خوبچند ايسراڻي ۽ پوءِ منوهر چگهه جيڪي اُتي سنڌي سيڪشن لاءِ پروگرام ايگزيڪيوٽو هئا؛ اهي مونکي وقت بوقت ڪنهن به ڳالهه ٻولهه يا ڪنهن جو انٽرويو وٺڻ لاءِ گهرائيندا رهندا هئا. منوهر چگهه صاحب ته خاص طور جو مونکي جئه هند ڪاليج ۾ مختلف فنڪشن ۾ مائيڪ تان ڳالهائيندي ٻڌندو هئو؛ ته هن انتهائي فراخدلي ڏيکاريندي پاڻ مونکي سنڌي سيڪشن لاءِ انائونسر طور ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪيئي؛ جڏهن ته ان دور ۾ ريڊيو اسٽيشن به ڄڻ فلم اسٽوڊيو جي برابر هوندي هئي ۽ ريڊيو انائونسر لاءِ به قارئين ۾ بيحد عزت هوندي هئي. هن مون کان 1984ع کان باقائده عارضي انائونسر طور ڪم وٺڻ شروع به ڪري ڇڏيو؛ جيتوڻيڪ آڊيشن ٽيسٽ پوءِ ٿي هئي؛ جنهن ۾ ڪجهه الهاس نگر جا ڊراما ڪلاڪار پڻ آيل هئا ۽ آڊيشن مهل تمام ججن جي پينل ۽ اسان اميدوارن جي وچ ۾ ڪانچ مٿان پردو لڳايو ويو هئو ته جيئن اُهي صرف آواز کي مارڪون ڏين ۽ ڳالهائيندڙ ڪير آهي اُهو ڪونه ڏسي سگهن! اها سائينءَ جي مهر هئي جو اُن ڏينهن تمام اميدوارن مان صرف مونکي ئي پاس ڪيو ويو هئو. اها آڊيشن ڊراما آرٽسٽ طور ڪيل هئي ۽ ڪهڙي به آرٽسٽ کان ريڊيو اسٽيشن جي انائونسر جو ڪم وٺي سگهجي پيو!
    85-1984ع واري تعليمي سال ۾ بمبئيءَ جي تنظيم ”سرسوتي پبليڪيشن“، الهاس نگر جي چاندي ٻائي ڪاليج جي سهڪار سان انهن جي ئي ڪاليج ۾ انٽر-ڪاليجئيٽ تقرير چٽاڀيٽي منعقد ڪيئي؛ جنهن ۾ اسين پنهنجي جئه هند ڪاليج مان به ٻه شاگرد موڪلياسين. دراصل جڏهن شاگردن جي لحاظ کان ”تقرير چٽا ڀيٽي“ جو ذڪر ايندو ته سڀاويڪ آهي ته ان ميدان ۾ الهاس نگر جا شاگرد جيڪي اڳ ئي پنهنجي ٻوليءَ جو ڀرپور استعمال ڪندڙ هوندا هئا؛ انهن جي سامهون ته بمبئيءَ جا شاگرد بيهي به ڪو نه گهڻ کپندا هئا، جو بمبئيءَ ۾ ته شاگرد پاڻ ۾ به صرف انگريزي پيا ڳالهائيندا آهن. ايتري قدر جو جئه هند ڪاليج ۾ مونکي سنڌي به انگريزي ٻوليءَ ۾ پاڙهڻي پوندي هئي؛ نه ته جيڪر شاگرد سمجهي ئي ڪو سگهندا هئا.
    اهڙي صورت جي باوجود آءٌ پنهنجي شاگردن تي سٺي محنت ڪيئي هئي. پوءِ ته سائينءَ ان محنت جا ڀاڙا به ڏنا ۽ ان پوري انٽر-ڪالجئيٽ چٽاڀيٽيءَ ۾ تقرير جي ميدان ۾ به صرف پهريون نمبر الهاس نگر جي ڪنهن شاگرد کي نصيب ٿيو؛ باقي ٻيون ۽ ٽيون نمبر ٻيئي اعزاز اسان جي جئه هند ڪاليج جي شاگردن گل بختياڻي ۽ انيتا جيوراڻيءَ کي سلسليوار مليا هئا.
    ان سال اسين پنهنجي ڪاليج ۾ ” چوٿين انٽر-ڪالجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن“ کي عملي جامو پارايون؛ ان کان اڳ ڪاليج جي سنڌي سرڪل پاران ڀڳونتي ناواڻيءَ جو هڪ ميوزڪ پروگرام رکڻ جو ويچار ڪيوسين. انهن ڏينهن ۾ ڀڳونتيءَ جا سمورا پروگرام گوبند مالهي ئي طئه ڪندو هئو. ان لاءِ اسين گوبند مالهيءَ کي فون ڪري ساڻس هڪ ڏينهن دادر ريلوي اسٽيشن ٻاهران ڪنهن ريسٽارنٽ ۾ گڏياسين. مان ۽ گوپ روچنداڻي ٻيئي گڏ هئاسين. اسين مالهي صاحب کان شاگردن لاءِ جئه هند ڪاليج جي اسٽيج تان فري پروگرام جي گهر ڪيئي؛ جو ” سنڌي سرڪل“ کي ڪاليج طرفان ته ڪجهه به بجيٽ ڪو نه ملندڙ هئو. هن به فراخدليءَ سان صرف ٿوري گهڻي ڀاڙي ڀتي تي ئي اسان جو عرض قبول ڪيو!
    مون جئه هند ڪاليج ۾” سنڌي سرڪل“ جي تمام شاگرد ميمبران توڙي ڪيترن ئي غير سنڌين کي پڻ ڀڳونتي ناواڻيءَ جو آواز ٻڌائڻ پئي چاهيو؛ جنهن ڪڏهن بمل راءِ جي فلمن لاءِ ڪورس ۾ پنهنجو آلاپ به ڏنو هئو. پوءِ رتوڪ گهٽڪ گوبند مالهيءَ کي سنڌيءَ ڏانهن راغب ٿيڻ لاءِ نه چوي ها، ته شايد ڀڳونتي پڻ هنديءَ جي دنيا ۾ مقبوليت ماڻي ها! گوبند مالهي اسان وٽ مقرر ڏينهن تي ڀڳونتيءَ سان گڏ ٻه سازندا به وٺي آيو. اسين ان پروگرام لاءِ رام پنجواڻيءَ کي مکيه مهمان ڪري گهرايو هئو ته اهو پاڻ به ڳائڻ بيهجي ويو. پوءِ ته تمام حاضرين اصل جنسي جهومڻ لڳا. ”جئه هند ڪاليج“ جيئن ته پوري بمبئيءَ جو هڪ بهترين ڪاليج ليکيو ويندو آهي ته اهڙي صورت ۾ ان آڊيٽوريم جا دروديوار پڻ سالن کان سنڌي آواز ٻڌڻ لاءِ آتا هئا؛ جيڪا پياس اڄ گيتن جي گونج سان پوري ٿي هئي!
    اسين سيپٽمبر 1984ع ۾ ”چوٿين انٽر-ڪالجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپيٽيشن“ جو آيوجن ڪيو. ان سال اسين مکيه مهمان طور سابق اٽارني جنرل رام ڄيٺملاڻيءَ کي گهرائڻ پئي چاهيو؛ جنهن لاءِ پنهنجي پرنسپال ٽي.جي.خوبچنداڻيءَ کي عرض ڪيوسين ته هن فورن ساڻس فون تي رابطو ڪري اسان جي فنڪشن لاءِ سندس قبوليت وٺي ڇڏي، جڏهن ته ان سال لاءِ اسان جا جج هئا، ايس.پي.مينگهاڻي، منوهر چگهه ۽ ڪرشن راهي. چٽا ڀيٽيءَ ۾ بهرو وٺندڙ هئا چاندي ٻائي ڪاليج ۽ آر.ڪي.تلريجا ڪاليج الهاس نگر کانسواءِ نيشنل ڪاليج باندرا ۽ ميزبان جئه هند ڪاليج. ان فنڪشن ۾ سلسليوار ”گهرجي مسواڙي“، ”کوٽوسڪو“، ” راوڻ جو مندر“ ۽ ”بکاري“ ايڪانڪي ناٽڪ پيش ڪيا ويا. هيءُ پهريون سال هئو جو ميزبان جئه هند ڪاليج جي لڳاتار هيٽرڪ کانپوءِ پهريون ڀيرو چاندي ٻائي ڪاليج، الهاس نگر پهريون نمبر اعزاز کٽي ويو.
    رام ڄيٺملاڻيءَ مکيه مهمان جي روپ ۾ تقرير ڪندي تمام سنڌي صاحبان کي پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ ۾ هڪٻئي سان هم ڪلام ٿيڻ جي تلقين ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻولي ئي اسانجي سڃاڻپ آهي ۽ هندوستان جي مختلف ٻوليائي ماحول ۾ ضروري آهي ته اسين پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت کي ساه سان سانڍي رکون! رام ڄيٺملاني، پاڻ به اهو شخص هئو جنهن ڪڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري سطح تي عزتدار مقام ڏيارڻ لاءِ ڏاڍو وڏو رول ادا ڪيو هئو.
    9 اپريل 1985ع تي منهنجي گهر ۾ هڪ نياڻيءَ جو جنم ٿيو. اسين اُن جو نالو رکيو ”ورشا“. الائي ڪيترين پيڙهين کان پوءِ ادا پريم ۽ مون وٽ نياڻي آئي هئي، جو منهنجو والد صاحب پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا: ويرومل، بختراءِ ۽ پارومل؛ منهنجو ڏاڏو صاحب پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا؛ منهنجو پڙڏاڏو وارا به پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا ۽ انهن مان ڪنهن کي به ڀيڻ ڪو نه هئي. هاڻ سائينءَ ادا پريم ۽ مون وٽ اُها نعمت ڏني هئي. منهنجي شريڪ حيات به نياڻيءَ جي وڌيڪ تمنا رکي هئي جو هوءَ پنهنجي ٻار کي بهترين ڪپڙا پارائيندي ان سان کيڏڻ پيئي چاهي ۽ ان جو چوڻ هئو ته ڇوڪري جي ڀيٽ ۾ ڇوڪريءَ جا ڪپڙا ئي وڌيڪ بهتر نموني ڊزائن ڪيل هوندا آهن!
    1985ع ۾ جڏهن اسين ”پنجين انٽر-ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن“ ڪرڻ وارا هئاسين ته هندوستان ۾ انهن ڏينهن ۾ ئي هڪ وڏي وقفي کانپوءِ هڪ سنڌي ڪلر فلم رليز ٿي هئي ”هل ته ڀڄي هلون“ ان فلم کي پروڊيوس ته سترام روهڙا ڪيو هئو پر فنانس اين.اين.سپي طرفان آيل هئو. ان لاءِ هيرو به ان جي ئي مرضيءَ سان راجن سپي کنيو ويو هئو. فلم ۾ رومانس، مزاح، ميوزڪ؛ سڀ ڪجهه هئو. سي.ارجن جي ميوزڪ ۾ لتامنگيشڪر ۽ آشا ڀونسلي پڻ سنڌي گانا ڳايا هئا ۽ ڊئريڪشن مدن جماڻيءَ جي هئي.
    انهن ڏينهن ۾ مدن جماڻي گفٽ ائٽم مينيوفيڪچر ڪندو هئو. آءٌ هن جي فيڪٽري مهالڪشمي(ايسٽ) تي وڃي ساڻس مليس. مون کيس ٻڌايو ته اسين سنڌي سرڪل، جئه هند ڪاليج طرفان ” هل ته ڀڄي هلون“ جي تمام اهم اداڪارن سان گڏ پروڊيوسر ۽ ڊئريڪٽر کي ميمينٽو ڏيڻ ٿا چاهيون. هن فلم جو هيرو راجن سپي، هيروئن سونيا ۽ سترام روهڙا جي جوابداري پڻ پاڻ تي کڻندي چيو ته هو انهن کي پاڻ سان گڏ فنڪشن ۾ وٺي ئي ايندو!
    اسان وٽ جئه هند ڪاليج ۾ سائڪلاجيءَ جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هوندي هئي اُشا هڱوراڻي؛ جيڪا دراصل مشهور سنڌي اديب لالسنگ اجواڻيءَ جي نياڻي هئي. اها شاديءَ کانپوءِ هڱوراڻي بڻي ۽ ڪارٽر روڊ تي ”لينڊ مارڪ“ بلڊنگ ۾ رهندي هئي. انهن ڏينهن ۾ فلم ايڪٽريس ساڌنا پڻ نه صرف ساڳي سوسائٽيءَ ۾ رهندي هئي پر اُها ڪڏهن اُشا سان گڏ جئه هند ڪاليج ۾ شاگردانه دور ۾ پڙهي به چڪي هئي. مون اُشا کي عرض ڪيو ته اها ساڌنا کان اسان جي لاءِ ٽائيم وٺي ته جيئن اسين روبرو وڃي کيس ڊراما ڪامپيٽيشن ۾ مکيه مهمان طور دعوت ڏيڻ لاءِ سندس گهر وڃي سگهون.
    هڪ ڏينهن اُشا، ساڌنا کان ٽائيم وٺي ڪاليج مان نڪرڻ کانپوءِ مونکي ۽ گوپ روپچنداڻيءَ کي پنهنجي ئي ڪار ۾ گهر وٺي هلي؛ جو ان ساڳي بلڊنگ ۾ اُشا کان صرف ٻه فلور هيٺ ئي ساڌنا جو هڪ وڏو شاهي فليٽ هئو. ساڌنا پنهنجي فليٽ ۾ اڪيلي ويٺي هئي. هوءَ اسان سان بيحد پيار مان ملي! ائين لڳو ئي نه ته ڪنهن اجنبي شخص سان ملي رهيا آهيون! هڪ ڳالهه مونکي ڏاڍي وڻي ته ساڌنا نه صرف اسان سان بلڪل صاف سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهي هئي؛ پر هن اُشا سان پڻ هڪٻئي سان سنڌيءَ ۾ پئي ڳالهايو. هندوستاني سلور اسڪرين جي راڻي ساڌنا، پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ سان ايڏو پيار ڪندي هجي، اُها هڪ ڏاڍي وڏي ڳالهه هئي! جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ مشهور هوندو هئو ته ساڌنا ڪنهن به پبلڪ پروگرام ۾ وڃڻ ته ڇڏيو پر ڪنهن رپورٽر کي فوٽو ڪڍڻ جي اجازت به ڪو نه ڏيندي هئي. ان ساڳي ساڌنا پنهنجن سنڌي ڀائرن سان پنهنجي ئي جئه هند ڪاليج ۾ مکيه مهمان ٿي اچڻ لاءِ ڪجهه به نخرو نه ڪيو ۽ فٽافٽ پنهنجي قبوليت ڏيئي ڇڏي!
    اسين ان سال جج جا فرائض انجام ڏيڻ لاءِ مدن جماڻيءَ سان گڏ رميش مهتا ۽ گوپال پنجواڻيءَ کي پڻ گهرايو هئوسين. رميش مهتا ۽ گوپال پنجواڻي به سنڌي رنگ منچ جي دنيا جا ڄاتل سڃاتل چهرا ۽ بهترين ڪلاڪار ڪري ليکيا ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ ويسٽرن ريلوي ۾ سروس ڪندڙ هڪ سنڌي ڀاءُ، وينسي مل موتيراماڻي پاڻ اچي جئه هند ڪاليج جي ڪامن روم ۾ اسان سان گڏيو هئو ۽ پوءِ مونکي ۽ گوپ روپچنداڻيءَ کي هوٽل روزووڊ جي مالڪ چندر منگهناڻيءَ سان ملايو هئائين؛ جنهن اسان جي سووينر لاءِ نه صرف پنهنجي ايڊورٽائيزمينٽ ڏني هئي پر ”سن اينڊ سينڊ“ فائيو اسٽار هوٽل جي مالڪ مسٽر آڏواڻي ۽ ”اسٽائيلو“ ڊپارٽمينٽ اسٽور جي مالڪ سان پڻ کيس ملائڻ لاءِ چيو هئو؛ جن پوءِ اسانجي سووينر لاءِ ايڊورٽائزمينٽ ڏيڻ شروع ڪيئي هئي.
    جنهن ڏينهن اسان جو اهو فنڪشن ٿيڻو هئو ته ٽائيم ٿيڻ تي آڊيٽوريم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جئه هند ڪاليج جي دروازي تي شاگردن ۽ مهمانن جي هڪ وڏي لائين لڳي ويئي. اسين جيسين پبلڪ کي هال ۾ اندر ڪيون ته لائين ۾ ڪجهه سڃاتل ماڻهو مونکي اڳواٽ ئي اندر ڪرڻ لاءِ چئي رهيا هئا؛ پر ان مهل جيئن ته مونکي پنهنجي جج صاحبان ۽ مکيه مهمان وغيره جو انتظار هوندو هئو ۽ خود پرنسپال ٽي.جي.خوبچنداڻي به مون سان گڏ دروازي تي بيهي مهمانن جو استقبال ڪندو هئو؛ جو ڪيترا ته اسانجي ڪاليج جي مئنيجمينٽ بورڊ جا ميمبران پڻ ايندا هئا. اهڙي صورت ۾ اسين پنهنجي والنٽيئرس کي جيڪا ڊيوٽي ورهائي ڏيندا هئاسين، ته پوءِ کين فرض جي بجاآوريءَ ۾ خود مان به بيجاءِ دخل اندازي ڪو نه ڪندو هوس. آءٌ انتظام رکڻ ۾ به ايترو ته سخت هوس جو اسانجي مدد لاءِ ڪيترا غير سنڌي شاگرد جيڪي ٻين ٻولين جا هوندا هئا پر فنڪشن لاءِ اسان جي مدد ڪندا هئا؛ آءٌ خود انهن کي به پنهنجي پنهنجي مقرر جاءِ تي بيهڻ کانسواءِ ٻيو ڪٿي وڃي دخل ڏيڻ لاءِ بلڪل اجازت ڪو نه ڏيندو هوس. عام فنڪشن ۾ بيڪ اسٽيج تي جيڪو گوڙ ۽ انبوه ماڻهن جو نظر ايندو آهي؛ اسان وٽ ائين بلڪل ڪونه هوندو هئو؛ صرف ڊيوٽيءَ تي تعينات چند والنٽيئرس کانسواءِ ٻيو ڪير به اسٽيج تي اچڻ جي جرئت به ڪونه ڪندو هئو. مونکي ياد ٿو اچي ڪجهه سال پوءِ ته خود اڄ جو مشهور گلوڪار شان به جڏهن شاگرد هئو ته مون کيس اسٽيج تي بيهڻ کان منع ڪندي هيٺ موڪليو هئو.
    ساڌنا جي اچڻ سان اسان جي اتسو ۾ ڄڻ هڪ جان اچي ويئي. هو پنهنجي گهوٽ مشهور فلم ڊئريڪٽر آر.ڪي.نير کي پڻ وٺي آئي هئي. ان ڏينهن ”هل ته ڀڄي هلون“ فلم جو ڊئريڪٽر مدن جماڻي به آيو ته پروڊيوسر سترام روهڙا به آيو هئو. آڊيٽوريم، بالڪنيءَ سوڌو کچا کچ ڀرجي چڪو هئو. چٽا ڀيٽيءَ ۾ بهرو وٺندڙ ڪاليج هئا، سيواسدن ايجوڪيشن ڪاليج، الهاس نگر؛ چاندي ٻائي ڪاليج، الهاس نگر؛ آر.ڪي.تلريجا ڪاليج، الهاس نگر ۽ ميزبان جئه هند ڪاليج، بمبئي. اسان جا جهونا شاگرد جيڪي اسٽيج ڊئريڪشن ۾ ماهر هئا؛ اُهي هاڻ ڪاليج ڇڏي چڪا هئا ته هن سال پنهنجي ڪاليج لاءِ ڊرامه اسڪرپٽ جي چونڊ به مون ڪيئي هئي ته شاگردن کي ريهرسل ڪرائيندي ڊئريڪشن جا فرائض پڻ مون ئي سنڀاليا هئا.
    جڏهن چار ئي ڪاليج پنهنجاپنهنجا ايڪانڪي ناٽڪ پيش ڪري چڪا ۽ جج صاحبان پنهنجو فيصلو تيار ڪرڻ هليا ويا ته اسان جي مکيه مهمان فلم ايڪٽريس ساڌنا پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ ۾ اهڙي جاذب تقرير ڪيئي جو پوري هال ۾ تاڙين جا ڦهڪا پئجي ويا. پوءِ جڏهن جج صاحبان پنهنجو گڏيل فيصلو کڻي آيا ۽ مدن جماڻيءَ اُهو فيصلو ٻڌائڻ شروع ڪيو ته سائينءَ جي مهر سان هن سان اسين واپس چٽاڀيٽيءَ واري پهريون نمبر اعزاز تي قبضو ڪري ورتوسين؛ جڏهن ته هيل تائين ٿيل پنج چٽاڀيٽين ۾ گذريل سال اهو اعزاز اسان کان چاندي ٻائي ڪاليج، الهاس نگر کسي ورتو هئو. جئه هند ڪاليج جي ناٽڪ ”سڀاڻي کان“ بهترين ناٽڪ جو انعام حاصل ڪيو! اها خوشي ته سچ پچ هئي ئي؛ پر ٿوري گهڻي وڌيڪ خوشي تڏهن ٿي؛ جڏهن پوري چٽاڀيٽيءَ جي ”بهترين ڊئريڪٽر“ جو اعزاز پڻ منهنجي لاءِ انائونس ڪيو ويو. اها ٽرافي مون مکيه مهمان ساڌنا جي هٿن کان ورتي! زندگي ۾ ڪجهه نيڪ گهڙيون اهڙيون اينديون آهن، جن کي ياد ڪرڻ سان هڪ عجيب قسم جي مسرت محسوس ٿيندي آهي. هيءُ اهو ئي لمحو هئو جڏهن ”پنجين انٽر-ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن“ لاءِ بهترين هدايتڪار جو اعزاز سائينءَ جي مهر سان مونکي ڏنو ويو هئو!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 1 7جنوري 2016
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 41
    نوشهروفيروز جو ماڻهو برصغير تي ڇانئجي ويو!
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    83-1982ع واري اڪيڊمڪ سال جو بامبي يونيورسٽيءَ تمام ڊپارٽمينٽس ۾ ايم.فل. جو ڪورس ٽن پيپرن ۽ هڪ ننڍي مقالي سان هلائڻ شروع ڪيو. آءٌ جئه هند ڪاليج، ”اي-روڊ“ چرچگيٽ تي هوندو هوس ۽ پنهنجي ڪاليج جي پٺين گيٽ ”بي-روڊ“ تان ٻاهر نڪري سامهون ئي بامبي يونيورسٽيءَ ”ڪلب هائوس“ ۾ ويندو هوس، جتي بامبي يونيورسٽيءَ جو سنڌي شعبو واقع هئو. اُتي آءٌ سنڌي شعبي جي هيڊ، ڊاڪٽر ارجن ميرچنداڻي ”شاد“ کي عرض ڪندو هوس ته ٻين شعبن سان گڏ سنڌيءَ ۾ به ايم.فل. شروع ڪئي وڃي؛ جو مون ان ۾ داخلا پئي وٺڻ چاهي، پر شاد صاحب، صرف ”ها-ها-“ ڪندي هڪ سال ڪڍي ويو ۽ اتي ايم.فل. شروع ڪو نه ٿي سگهي.
    منهنجي جئه هند ڪاليج واري ڪليگ گوپ روچنداڻيءَ جي شريڪ حيات مينا روپچنداڻي، جيڪا چاندي ٻائي ڪاليج، الهاس نگر ۾ سنڌيءَ ۾ ليڪچرر هئي؛ اُن پڻ ايم.فل. پئي ڪرڻ چاهي ته گوپ ۽ مون دادا رام پنجواڻيءَ کان ارجن ”شاد“ صاحب کي چوارايوسين ته جيئن ايم.فل. شروع ڪئي وڃي. تڏهن مس وڃي شاد صاحب 84-1983ع واري تعليمي سال ۾ ايم.فل.(سنڌي) لاءِ ٽي داخلائون ڪيون. هن گروپ روپچنداڻيءَ جي شريڪ حيات ۽ مون کانسواءِ پنهنجي به هڪ الهاس نگر جي شاگرد سوڌو؛ صرف ٽن ڄڻ کي ايم.فل. ۾ داخلا ڏني.
    اسان جا ايم.فل. (سنڌيءَ) جا ڪلاس ڊاڪٽر ارجن ”شاد“ کان سواءِ رام پنجواڻي ۽ ڊاڪٽر ديال ”آشا“ پڻ وٺندا هئا. ڊسمبر 1984ع ۾ اسان جو ساليانه امتحان ٿيو؛ جنهن بعد ”تحقيق جي مرحلي تي شاد صاحب ۽ رام پنجواڻيءَ پاڻ ئي پنهنجا پنهنجا شاگرد چونڊي کنيا. شاد، الهاس نگر وارو شاگرد کنيو؛ رام پنجواڻيءَ منهنجي چونڊ ڪيئي ته گوپ روپچنداڻيءَ جي شريڪ حيات؛ ڊاڪٽر ديال ”آشا“ کي راهنمائي ڪرڻ لاءِ ڏني ويئي.
    رام پنجواڻي، جيئن ته ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ لاءِ منهنجي رغبت کان واقف هئو؛ ان لاءِ هن پاڻ ئي مونکي”سچل جون واديون“ واريون ٽائيٽل ڏنو. مان ته دل و جان سان پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويس. آءٌ اهڙو ڪم ڪندي ڪندي ، وقت بوقت دادا رام پنجواڻي صاحب کان قريشي محل واري گهر وڃي کانئس راهنمائي وٺي ايندو هوس. مونکي جون 1985ع اندر پنهنجو مقالو يونيورسٽيءَ ۾ داخل ڪرائڻو هئو؛ پر اپريل-مئي ڌاري دادا رام پنجواڻيءَ جي طبيعت ڪجهه ناساز ٿي پيئي ته کيس جسلوڪ هاسپيٽل ۾ داخل ٿيڻو پيو. گوپ روپچنداڻي ۽ مان اُتي سندس خير و عافيت ڪرڻ وياسين ته هو ڪافي سرهو لڳي رهيو هئو. مون موقع مهل ڏسي ڪري پنجواڻي صاحب سان پنهنجي ايم.فل. لاءِ راهنمائيءَ جي ڳالهه ڪڍي. هن به خوشيءَ وچان چيو، ته جيڪڏهن ڪجهه به آندو اٿيئي ته ڀل هتي ئي مونکي پڙهي ٻڌاءِ! اُن تي پنجواڻي صاحب جي شريڪ حيات ٿورو ناراض پئي ٿي؛ پر گهوٽ جي اک سبب خاموش رهي! مون به ٿورو گهڻو ڪم جيڪو آندو هئو؛ اُهو جيئن ئي ٻاهر ڪڍيو ته پنجواڻي صاحب چيو، ته تون پڙهندو وڃ، جتي به ضروري هوندو ته مان ان جي تصحيح ڪرائيندس. منهنجي دل ته ايڏو خوش ٿي ويئي جو جيسين ڪيل ڪم لاءِ پنهنجي گائيڊ جي رضامندي نه پئي ملي ته ڪم اڳتي نه پئي هلي سگهيو! ان طرح جون 1985ع ۾ مقرر وقت اندر ئي مون پنهنجو مقالو سنڌي شعبي ۾ داخل ڪرايو ۽ ڪجهه ئي مهينن ۾ سائينءَ جي مهر سان جڏهن ممبئي يونيورسٽيءَ طرفان رزلٽ ڊڪليئر ڪيو ويو ته مونکي جون 1985ع کان ئي ايم.فل. جي ڊگري ڏني ويئي!
    1986ع ۾ آر.ڪي.تلريجا ڪاليج، الهاس نگر جي سلور جُبلي هئي؛ جنهن لاءِ هنن پنهنجي ساليانه مخزن جو اسپيشل نمبر پئي ڪڍڻ چاهيو. ان مهل هيرو شيوڪاڻي اُتي وائيس پرنسپال ٿي چڪو هئو. هوُ ڪهڙي به قسم جي فنڪارانه ڪم لاءِ هميشه مونکي پاڻ سان گڏ رکندو هئو. هنن ان سال جيڪا مخزن ڪڍي؛ ان ۾ گذريل پنجويهه ئي سالن جا چونڊ فوٽو ڏنا ويا؛ اهڙي سليڪشن لاءِ پڻ آءٌ ساڻن گڏ هوس؛ جنهن لاءِ هڪ آچر ته سمورو ڏينهن اسين آر.ڪي.تلريجا ڪاليج جي پرنسپال آفيس ۾ ويٺي ڪم ڪيوهئوسين. پوءِ صلاح بيٺي ته مخزن جو گيٽ-اپ رنگين شايع ڪيو وڃي. ان لاءِ اسين ٻيئي وڃي بمبئيءَ ۾ هڪ چترڪار، رام لالچنداڻيءَ سان ملياسين. هن کي جڏهن مون ڪور پيج تي ڪاليج جو رنگين فوٽو گراف ڏيندي هڪ بهترين ڊزائن سان اهو ٽائيٽل پيج ڇاپڻ لاءِ چيو ۽ ڳالهين ڪندي کيس منهنجي فوٽوگرافر هئڻ جي خبر پيئي ته هن مون کان ئي ان ڪور فوٽو گراف جي ٽرانسپيرنسيءَ جي گهر ڪيئي ڪاليج، پوءِ ته مون آر.ڪي.تلريجا بلڊنگ جون ڪجهه الڳ الڳ ٽرانسپيرنسيون به ڪڍيون، جن مان ٻه چونڊ فوٽوگراف ڪور پيج ۽ بيڪ ڪور پيج ڪري ڇاپيا ويا.
    انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻه مان اسان جي جهوني گهر ۾ اسان سان ئي گڏ رهندڙ ڀاءُ ڄيٺانند جي ڪنوار ۽ والده، جنهن کي اسين ”اما“ ڪري سڏيندا هئاسين؛ ڀيڻ رُڪي ۽ ڄيٺانند جي نياڻي سنگيتا ۽ فرزند شنڪر؛ هتي الهاس نگر ۾ اسان وٽ گهمڻ آيا هئا. اما جا پيڪا ڀوپال رهندا هئا ته اُهي سڀ اُتان پڻ ٿي آيا. پوءِ جنهن ڏينهن اُهي ”ايئر لنڪا“ جي فلائيٽ سان وايا ڪراچيءَ لاڙڪاڻي واپس وڃڻا هئا؛ ته اسين الهاس نگر کان بمبئي ايئرپورٽ لاءِ جيڪا ٽيڪسي ڪري آيا هئاسين؛ ان اچڻ ۾ ايتري ته دير ڪري ڇڏي جو اسين اُتي ٻه ڪلاڪ اڳواٽ پهچڻ بجاءِ صرف هڪ ڪلاڪ اڳ پهتاسين!
    ”ايئر لنڪا“ جو استاف آيل مسافرن کي بورڊنگ پاس ڏيئي پنهنجو ڪائونٽر بند ڪري چڪو هئو؛ پر اسين پهتاسين ته اڃا سڀ جو سڀ اُتي پنهنجي ڪائونٽر وٽ ئي بيٺا هئا ۽ فلائيٽ ۾پڻ ڪلاڪ کن پيو هئو؛ پوءِ به اُهي ايڏو ته ڪٺور هئا جو اسان جي ڪيتري به عرض ڪرڻ تي ته ايندڙ ڏينهن انهن مهمان عورتن ۽ ٻارن کي رهڻ لاءِ هتي ويزا ئي ڪو نه هوندي؛ جو ان ڏينهن سندن ويزا به ختم ٿي رهي هئي؛ پوءِ به اُهي ڪجهه به نه مڃي رهيا هئا. آخر مجبور ٿي اسان سڀ ساڳي ٽيڪسيءَ تي واپس الهاس نگر موٽي آياسين.
    دراصل ان ڏينهن 5-سيپٽمبر 1986ع تي سوير صبح کان ئي هڪ طوفان متل هئو؛ جو سُهار انٽرنيشنل ايئرپورٽ، بمبئيءَ کان ”پين آمريڪن“ 21-747 فلائيٽ -73 جيڪا ڪراچي ۽ فرينڪفرٽ کان ٿيندي نيو يارڪ وڃڻي هئي؛ اها صبح جو 6:00 بجي جڏهن جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ، ڪراچيءَ تان فرينڪفرٽ لاءِ اڏام ڀرڻ جون تياريون ڪري رهي هئي ته چار فلسطينين، سيڪيورٽي ڊريس ۾ هٿيارن سان ليس هوندي ايئرڪرافٽ تي قبضو ڪري ورتو هئو. اهو قصو پورا سورهن ڪلاڪ هلندو رهيو هو ۽ رات جو 10:00 بجي وڃي دکدائڪ انجام کي پهتو هئو. ان دوران 20-ماڻهو بي گناه اجل جو شڪار ٿيا، 120-ماڻهن کي زخم رسيا ۽ باقي مس وڃي بچي سگهيا هئا.
    انهن سورهن ڪلاڪن ۾ پين آمريڪن فلائيٽ جي 23-ساله سينير ايئرهوسٽس نيرجا ڀانوٽ، امرجنسي دروازو کوليندي ڪيترن ئي ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي بچائي ورتو هئو. نه صرف ايترو، پر نيرجا کي ٽن معصوم ٻارڙن جي جان بچائيندي پنهنجي قرباني به ڏيڻي پيئي هئي. ان ئي نيرجا ڀانوٽ کي آئيڊل بڻائيندي بعد ۾ هندستان گورنمينٽ هر سال ”نيرجا ڀانوٽ برپوري اوارڊ“ پڻ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جو اڃا تائين ڏنو ويندو آهي.
    جڏهن سهار ايئرپورٽ تي اسان جي مهمانن کي ڪراچيءَ لاءِ ”ايئر لنڪا“ کان بورڊنگ پاس نه ملي سگهي ۽ اهو ڏينهن هنن جي انڊين ويزا جو آخري ڏينهن هئو ته اهڙي صورت ۾مونکي ايندڙ ڏينهن سوير صبح ئي جو مهاراشٽرا سيڪريٽريٽ جي هوم ڊپارٽمينٽ ۾ وڃڻو پيو، جتي هڪ شخص منهنجو ٿورو گهڻو سڃاتل هئو. ان کي عرض ڪري وڃي سڀني جي ويزا وڌارائي! جنهن کانپوءِ وري مونکي اهو ايڪسٽينشن وارو ويزا جو حڪم نامو ٿاڻا شهر ۾ ضلعي جي “Foreigner’s Registration Office” ۾ اچي کانئن ٻيهر انٽري ۽ ايڪزٽ ڪرائڻي هئي ته جيئن اُهي ايندڙ ڏينهن تي واپس ڪراچيءَ وڃي سگهن. پر اُتي جيڪو آفيسر ويٺو هئو؛ اُهو ڪو اهڙو ته الله جو پيارو هئو جو سيڪريٽريٽ کان ويزا ايڪسٽينشن جو آرڊر هوندي به مونکي ڏڪائي رهيو هئو ته اُهي سڀ بغير ويزا جي اڄوڪو ڏينهن هتي ڪيئن رهيا هئا ۽ هينئر به اُهي پاڻ اچن ته پوءِ ئي سندن ”انٽري“ ڪري سگهبي!
    هوڏانهن اتفاق سان ان ڏينهن مونکي ٽائيم ئي ڪونه هئو جو ساڳئي ڏينهن تي شام جو آر.ڪي.تلريجا ڪاليج، الهاس نگر ۾ سندن سلور جُبلي پروگرام ۾ فوٽو گرافي ڪرڻي هئي جتي هندوستان جو چيف آف نيول اسٽاف، ايڊمرل آر.ايڇ.ٽلهياڻي مکيه مهمان طور اچي رهيو هئو. اهڙي صورت ۾ ان آفيسر کي مون ڪيترو به پنهنجي ٽيچر هئڻ جا واسطا ڏنا؛ پر مجال جو همراه کي ذره به رحم اچي. آخر مس وڃي ڪنهن ڳالهه تي ٺهياسين ۽ هن به مون مسڪين تي ٿورو گهڻو ترس آڻيندي انهن ڳالهين کانپوءِ اسان جي مهمانن جا ڪاغذ ٺاهي ڏنا. مون گهر اچي الله الله ڪندي سک جو ساھ کنيو؛ جو ان همراه ته مونکي ايڏو ساڻو ڪري ڇڏيو هئو جو سمجهه ۾ ئي ڪو نه پئي آيو ته آخر همراه کي ڪئين مڃائجي!
    آءٌ وهنجي سهنجي تيار ٿي پنهنجي ڪيمره وغيره کڻي آر.ڪي.تلريجا ڪاليج پهتس ته اُتي پرنسپال هرسينگهاڻي، هيرو شيوڪاڻي ۽ سندن مينيجمينٽ جا تمام عهديدار پنهنجي مکيه مهمان ايڊمرل آر.ايڇ. ٽهلياڻيءَ کي هيلي پيڊ تي استقبال ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا. هو مونکي به پاڻ سان گڏ الهاس نگر-4 جي اسپورٽس ڪامپليڪس طرف وٺي هليا؛ جتي هڪ وسيع ميدان تي ٽلهياڻي صاحب جو هيلي ڪاپٽر لهڻ وارو هئو. اسين جڏهن اتي پهتاسين ته ٿوري دير ۾ هيلي ڪاپٽر به اچي پنهنجي ليڊنگ ڪئي. ٽلهياڻي صاحب جيئن ته دراصل هوائي جهاز رانيءَ ۾ پڻ اسپيشلسٽ هئو ته اهڙي صورت ۾ هو انڊين نيويءَ جون واڳون سنڀاليندي به پنهنجو هيلي ڪاپٽر پاڻ ئي هلائي آيو هئو.
    هيلي پيڊ تان ڪارين جو هڪ وڏو جلوس جڏهن تلريجا ڪاليج لاءِ مکيه مهمان آر.ايڇ.ٽهلياڻيءَ کي وٺي اُتي پهتو، ته جلد ئي ڪلچرل پروگرام شروع ڪندي پهرين انيلا سندر جو هڪ سنڌي نرتيه ناٽڪ (Ballet) پيش ڪيو ويو. اُتي ڪاليج ۾ جو آءٌ فوٽوگرافي ڪري رهيو هوس؛ ته ٿاڻا وارو اهو ساڳيو ئي سي.آءِ.ڊي. آفيسر جيڪو اڃا ڪجهه ڪلاڪ ئي اڳ مونکي سنڌ کان آيل مهمانن جا ڪاغذات ٺاهڻ ۾ ڏاڍو تنگ ڪري رهيو هئو؛ اهو هينئر وري هتي مونکي فوٽوگرافر جي روپ ۾ ڏسندي شڪي نگاهن سان ائين گهوري رهيو هئو؛ ڄڻ مون کان ڪو وڏو گناه سرزد ٿيل هجي! هن جي پڇڻ تي مون کيس ٻڌايو ته آءٌ ليڪچرر به آهيان ۽ فوٽوگرافي به ڪندو آهيان. بهرحال، اسان وٽ برصغير ۾ ڪهڙو به عام انسان انهن جي ويجهو وڃڻ به نه چاهيندو آهي. ان فنڪشن ۾ مونکي ٿوري گهڻي مسرت اها به ٿي هئي ته آر.ايڇ.ٽهلياڻي صاحب ٽي سال گذرڻ باوجود به باقائده مونکي سڃاڻندي مسڪراهٽ ڏني هئي!
    ايڊمرل آر.ايڇ.ٽهلياڻي اصل نوشهروفيروز جي ڀر واري هڪ ننڍي ڳوٺ ”ٺٽ ڀوڄراج“ سان وابسته آهي؛ پر پوءِ هنن جي فيملي ڪراچيءَ ۾ پڻ رهندي هئي، تڏهن رام ٽهلياڻيءَ جو جنم اُتي ڪراچي ۾ ئي ٿيو هئو. پر آر.ايڇ.ٽهلياڻيءَ پنهنجي ابتدائي تعليم “ٺٽ ڀوڄراج“ ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪيئي؛ جتي هڪ ئي شخص اسڪول ۾ پاڙهيندي هيڊ ماستر به هئو ته ان ئي ڳوٺ جي پوسٽ آفيس لاءِ پوسٽ ماسٽر به اُهو ساڳيو ئي شخص هوندو هئو. ان آر.ايڇ.ٽهلياڻيءَ والد صاحب نوشهروفيروز ۾ پوسٽل ڊپارٽمينٽ ۾ سروس به ڪيئي؛ پر جيئن ته کيس ٽيچنگ پروفيشن جو شوق هوندو هئو ته هُو پوءِ ان فيلڊ ۾ پڻ ترقي ڪندي ٽنڊوالهيار جي هڪ اسڪول جو هيڊ ماستر پڻ بڻيو. پر آر.ايڇ.ٽهلياڻي اڃا تيرهن ورهين جي عمر جو هئو ته ورهاڱي کان به گهڻو اڳ هنن جي فيملي بڙودا (گجرات) شفٽ ڪري آئي؛ جتي سندس والد صاحب ڌنڌو واپار ڪندو هئو.
    آر.ايڇ.ٽهلياڻي برٽش انڊيا واري دور ۾ دهليءَ مان ”فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن“ مان نيويءَ لاءِ “Permanent Commission” جو امتحان پاس ڪري جنوري 1947ع ۾ انٽرويو ڏيندي مارچ 1947ع ۾ انگلنڊ ٽريننگ لاءِ موڪليو ويو هئو؛ جتي هو لڳاتار چار سال ٽريننگ وٺي جڏهن هندوستان موٽيو ته هن والنٽري طور ”انڊين ايئر فورس اڪيڊمي، بيگم پيٺ“ مان هوائي جهاز جي پائلٽ جي پڻ ٽريننگ ورتي هئي! ائين نوشهروفيروز جو ماڻهو انڊين نيويءَ جو اعليٰ ترين آفيسر بڻجندي پوري برصغير تي ڇائنجي ويو.
    اسين جئه هند ڪاليج ۾ سيپٽمبر 1986ع ۾ ”ڇهين انٽر-ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن“ منعقد ڪيئي؛ جنهن لاءِ مشهور فلم ايڪٽر اي.ڪي.هنگل مکيه مهمان ٿيڻ لاءِ منظوري ڏني. اي.ڪي. هنگل جو پورو نالو اوتارڪشن هنگل هئو؛ جنهن جي ولادت 1-فيبروري 1914 ۾ سيالڪوٽ ۾ ٿي هئي. پر هن پنهنجي زندگيءَ جو ڪيترو دور پهرين ڪوئٽه ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ گذاريو. ڪراچيءَ ۾ هن کي هڪ درزڪو دوڪان هئو ۽ ان مهل به هنگل صاحب جي ڪپڙي جي ڪٽنگ ايڏو ته بهترين هوندي هئي جو هو ڪيتري ئي حلقي ۾ هڪ بهترين ٽيلر ماسٽر طور مشهور هئو. پوءِ جڏهن هندوستان جي آزاديءَ جي هلچل هلي ته هوُ ڪراچيءَ ۾ آءِ .ڪي.گجرال (جيڪو بعد ۾ ڀارت جو وزيراعظم بڻيو هئو) ۽ سوڀو گيانچنداڻي توڙي جمال الدين بخاريءَ سان ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا ۾ پڻ سرگرم رهيو هئو. هوُ ورهاڱي کانپوءِ 1948ع ۾ بمبئيءَ آيو ۽ هتي پڻ پهرين چرچگيٽ، بمبئيءَ ۾ هڪ ٽيلر ماسٽر وٽ صرف چاليهه رپيا ماهوار تي نوڪري ڪيئي هئي. جنهن بعد ” ڪرافورڊ مارڪيٽ“ ۾ هڪ ڪپڙي جي دوڪاندار کيس پاڻ وٽ اُهو درزڪو ڪم ڪرڻ لاءِ جاءِ ڏني. هنگل صاحب جيئن ته ڪراچيءَ ۾ 1936ع واري وقت کان ڊرامه جي دنيا سان جڙيل هئو ۽ هتي بمبئي ۾ پڻ هن اچڻ سان ئي ”اِپٽا“ (Indian People’s Theatre Association) جوائن ڪيئي هئي؛ پرٿوي راج ڪپور، بلراج ساهني، رتوڪ گهٽڪ، سليل چوڌري ۽ ٻيا ڪيترائي وڏا وڏا ڪلاڪار ان سان تعلق ۾ آيا؛ تڏهن ته انهن مان گهڻي ئي پنهنجا ڪپڙا پڻ هنگل صاحب کان ئي ٺاهرائيندا هئا.
    ان طرح اي.ڪي.هنگل 1936ع کان 1965ع تائين اسٽيج جي دنيا تي پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندي فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪريڪٽر ايڪٽر طور داخل ٿيو پوءِ ته ڏينهون ڏينهن سندس ناماچار وڌندو رهيو. هن جي مشهور فلمن ۾ ”باورچي“،”نمڪ حرام“، ”شعلي“،”آنڌي“، ”آئينه“ ۽ ”شوقين“ وغيره قابل ذڪر آهن.


    [​IMG]

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 24 جنوري 2016
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 42
    اهي فوٽو آخر ٺهيا ڪنهن مهل!
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    اسين جڏهن جئه هند ڪاليج، بمبئيءَ ۾ سيپٽمبر 1986ع دوران ’ڇهين انٽر-ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن‘ جا ڪارڊ ڇپاراياسين، ته آءٌ اي.ڪي.هنگل صاحب کي فون ڪري ٽائيم وٺي گوپ روپچنداڻي ۽ سنڌي سرڪل جي سيڪريٽري ونئه اميسر کي ساڻ ڪري سانتا ڪروز (ايسٽ) ۾ ساڻس وڃي گڏيس. مون کيس آفيشل ليٽر ۽ ڪارڊس ڏيئي کانئس ڪنفرميشن لکارائي ورتي. اُتي مون هن جا ڪجهه پورٽريٽس ڪڍيا؛ جيڪي هڪ بورڊ تي پيسٽ ڪندي رام لالچنداڻي، آرٽسٽ کان ڪيلي گرافي ڪرائيندي انهن فوٽن هيٺيان ’ ڇهين انٽر-ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن جو مکيه مهمان‘ لکارائي لمينيشن ڪرائيندي هڪ ميمينٽو ٺاهرائي ڇڏيو.
    ان چٽاڀيٽيءَ ۾ سيوا سدن ايڊيوڪيشن ڪاليج، الهاس نگر؛ چاندي ٻائي ڪاليج، الهاس نگر؛ آر.ڪي.تلريجا ڪاليج، الهاس نگر ۽ ميزبان جئه هند ڪاليج، بمبئي طرفان ”مصري اڃا کنڊ آهي“، ”اسان جا ديشواسي“، ” نئون تجربو“ ۽ ”ڊڪندڙ وجود“ ايڪانڪي ناتڪ سلسليوار پيش ڪيا ويا. ان سال اسان جا جج هئا، فلم ڊائريڪٽر تلسي رامسي، ايس.پي.مينگهاڻي ۽ آل انڊيا ريڊيو، احمد آباد ۾ سنڌي سيڪشن لاءِ پروگرام ايگزيڪيوتو منوهر چگهه. جيسين جج پنهنجو گڏيل فيصلو ڏين تيسين اسين اسٽيج تي مختصر تقريرن جو سلسلو شروع ڪيو؛ جنهن کان اڳ مون مهمانن جي استقبال مهل.اي.ڪي.هنگل صاحب کي پنهنجي هٿن سان ڪڍيل سندس پورٽريٽس وارو ميمينٽو ڏنو ته پنهنجا فوٽو ڏسي هنگل صاحب به خوش ٿي ويو.
    ان سال بهترين ناٽڪ جي روٽيٽنگ سلور شيلڊ چاندي ٻائي ڪاليج، الهاس نگر کي ڏني ويئي. گذريل ڇهن چٽا ڀيٽين ۾ چاندي ٻائي ڪاليج جي اها ٻين جيت هئي؛ جڏهن ته باقي چار سال اهو اعزاز ميزبان جئه هند ڪاليج کي ئي ڏنو ويو هئو. چاندي ٻائي ڪاليج جي شاگردياڻي مينو تيجواڻي ۽ رميش نانڪاڻيءَ کي ”بيسٽ ايڪٽريس“ ۽ ”بيسٽ سپورٽنگ ايڪٽر“ جا اعزاز پڻ مليا، جڏهن ته ”بيسٽ ايڪٽر“ ۽ ”بيسٽ ڊائريڪٽر“ جو انعام جئه هند ڪاليج جي شاگرد نميش مير چنداڻيءَ کي ڏنو ويو. آر.ڪي.تلريجا ڪاليج جي شاگردياڻي هرداسي پارپتيءَ ”بيسٽ سپورٽنگ ايڪسٽريس“ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو.فنڪشن جي زينت وڌائڻ لاءِ آر.ڪي.تلريجا ڪاليج جو پرنسپال هريسنگهاڻي، هنن جي مئنجمينٽ جا ميمبران ڪيشو پرسرام پارومل، جهامنداس تلريجا ۽ سيڪريٽري ٻلديو داس سدارنگاڻي پڻ آيل هئا.
    ڪامپٽيشن پوري ٿيڻ کانپوءِ اسين پنهنجي مهمانن کي مٿي ڪاليج جي ٽئين ماڙي تي لائبريريءَ ۾ وٺي وڃي کين رفريشمينٽ ڪرائي رهيا هئاسين؛ ته اُتي پڻ مکيه مهمان اي.ڪي.هنگل، پرنسپال ٽي.جي.خوبچنداڻي، رام پنجواڻي ۽ ارجن ”شاد“ منهنجي ڪڍيل فوٽن جي ساراه ڪري رهيا هئا!
    آءٌ جئه هند ڪاليج ۾ اڪيڊمڪ سطح تي سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر جي ڦهلاءَ لاءِ ايتري ڪوشش ڪيئي؛ جو اتان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 85-1984ع دوران ڪجهه شاگردن بي.اي. جي آخرين ٽئين سال ۾ سنڌي سبجيڪٽ جا سڄا سارا ٽي پيپر (پارٽ ميجر) به کنيا؛ جنهن سبب اهي ڪجهه سال منهنجو ڊگري ڪاليج ۾ ورڪ لوڊ وڌي ويو ته اسان کي جئه هند ڪاليج ۾ يارهين ۽ ٻارهين درجي(جونير ڪاليج) ۾ سنڌي پاڙهڻ لاءِ هڪ پارٽ ٽائيم ليڪچرر جي اپوائنٽمينٽ پڻ ڪرڻي پيئي.
    ڊاڪٽر ارجن ”شاد“ کي جو جئه هند ڪاليج ۾ ٿرڊ ييئر بي.اي. ۾ سنڌي (پارٽ ميجر) سبجيڪٽ جي خبر پيئي ته هن مونکي بامبي يونيورسٽيءَ جي فورٽ واري هيڊ آفيس ۾ ”اڪيڊمڪ اٿارٽيز يونٽ“ جي ڊپٽي رجسٽرار سان هلي ملايو ته جيئن بامبي يونيورسٽيءَ جي ” ”بورڊ آف اسٽيڊيز ان سنڌي“ تي هيڊ آف سنڌي ڊپارٽمينٽ طور مونکي به ميمبر ڪري کنيو وڃي. اهڙي ڪوشش سبب اهو ڪم ته ٿيو؛ پر اُن عمل مونکي زندگيءَ ۾ هڪ وڏو درس به سيکاري ڇڏيو.
    1986ع ۾ بامبي يونيورسٽيءَ جي ”بورڊ آف اسٽيڊيز ان سنڌي“ جي ميٽنگ ٿي، جتي اسان کي ڊاڪٽر ارجن ”شاد“ جي راهنمائي ۾ پيش ڪيل هڪ پي.ايڇ.ڊي.(سنڌي) ٿيسز جي سلسلي ۾ يونيورسٽيءَ کي ممتحن لاءِ نالا ڏيڻا هئا. ميٽنگ ۾ مون سان گڏ رام پنجواڻي، ڊاڪٽر ارجن ”شاد“ ڊاڪٽر ديال ”آشا“۽ هيرو شيوڪاڻي پڻ هئا. هيرو شيوڪاڻي، پوپٽي هيراننداڻي جو نالو ڏيندو؛ جنهن کان اُهي سڀ ڪؤُ کائي رهيا هئا.
    ميٽنگ جيئن ئي شروع ٿي ته شيوڪاڻيءَ يڪدم پوپٽيءَ جي نالي جو سجهاءُ ڏنو؛ جنهن جي رام پنجواڻي ۽ ارجن ”شاد“ زوردار مخالفت ڪيئي. ان تي شيوڪاڻيءَ وٺي رڙيون ڪيون ته اختلاف جي صورت ۾ ووٽنگ ڪرائي وڃي! ”شاد“ صاحب جي صدارتي ڪرسيءَ واري ساڄي طرف مان ۽ منهنجي ڀر ۾ ڊاڪٽر ديال ”آشا“ ويٺا هئاسين ۽ هن جي کاٻي طرف پهرين رام پنجواڻي ۽ پوءِ هيرو شيوڪاڻي ويٺا هئا. جڏهن شيوڪاڻيءَ طرفان ووٽنگ جو سجهاءُ آيو ته صدر جي حيثيت ۾ ارجن ”شاد“ صاحب سڀ کان پهرين مونکان رايو پڇيو. منهنجي هڪدم سامهون جوي رام پنجواڻي ويٺو هئو؛ ته ان کليو کلايو پئي مونکي اشارا ڪيا ته آءٌ ان سجهاءُ جي وروڌ ۾ ووٽ ڪريان. آءٌ ته جئه هند ڪاليج جو ٽيچر هوس؛ جتي مون کان اڳ ارجن ”شاد“ ئي هئو ۽ رام پنجواڻي اسان جي مئنجمينٽ ۾ بورڊ ميمبر پڻ هئو. مون کي اخلاقي طور به پنهنجي ڪاليج جو همراهن توڙي مئنجيمينٽ سان يڪراءِ ٿيڻو هئو ۽ هونئن به شيوڪاڻي اُن پيش ٿيندڙ ٿيسز کي رجيڪٽ ڪرائڻ لاءِ ئي اهو نالو ڏيئي رهيو هئو. اهڙي صورت ۾ مون ڊاڪٽر ارجن ”شاد“ ۽ رام پنجواڻيءَ کي ساٿ ڏيندي سجهاءَ جي مخالف ۾ ووٽ ڪيو. ان بعد ڊاڪٽر ديال ”آشا“ به اسان سان يڪراءِ ٿيندي مخالف ووٽ ڪيو. هيرو شيوڪاڻي جنسي برهم ٿي ويو. پوءِ ته هوُ اڪيلو ئي رهجي ويو ۽ هن جي سجهاءَ وارو نالو بحال ٿي نه سگهيو. عام طور جڏهن به اهڙي ميٽنگ ختم ٿيندي هئي ته هيرو شيوڪاڻي مون سان ئي الهاس نگر موٽندو هئو. پر هينئر ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ هن مون سان ڏاڍي ناراضگي پئي ڏيکاري. اهڙي صورت ۾ اسان کي الڳ الڳ ئي الهاس نگر ڏانهن واپس موٽڻو پيو.
    اتفاق سان ميٽنگ جي ٻئين ڏينهن ئي گوپ روپچنداڻي ۽ مان صبح جو سوير ماهيم، بمبئيءَ ۾ ڪنهن ڪم سان رام پنجواڻيءَ جي گهر ”قريشي محل“ وياسين، ته هوُ اسان جي اچڻ کان اڳ ئي ”هندوستان“ روزانه سنڌي اخبار وارن کي پنهنجي طرفان فون تي هڪ نيوز لکارائي رهيو هئو، ته ”مان ڪجهه ناگزير وجوهات سبب بمبئي يونيورسٽيءَ جي ”بورڊ آف اسٽڊيز اِن سنڌي“ جي ميمبر شپ تان استعفيٰ ڏيئي رهيو آهيان. مان اڳ ئي گهڻي دنيا ڏسي چڪو آهيان ۽ مون لاءِ ضرورت ئي ناهي جو مان وڌيڪ ڪنهن به مسئلي ۾ ٽنگ اڙيان!“
    ڊسمبر 1986ع ۾ اسان وٽ جئه هند ڪاليج جي ”گجراتي ساهيته منڊل“ پنهنجي ساليانه پروگرام ۾ هندوستان جي سابق وزيراعظم مرارجي ڊيسائيءَ کي مکيه مهمان ڪري گهرايو هئو. جئه هند ڪاليج ۾ سمورن ٻوليائي ادارن سان منهنجا ايترا ته سٺا ناتا هوندا هئا؛ جو اهي سڀ پاڻ مونکي عرض ڪندي مون کان ئي پنهنجي پنهنجي فنڪشن جا فوٽو ڪڍائيندا هئا. مرارجي ڊيسائيءَ جي مرين ڊرائيور واري رهائش گاه بلڊنگ به جيتوڻيڪ اسان جي ڪاليج جي ڀر ۾ هئي؛ پوءِ به هو جيئن ته هڪدم وقت سان پنهنجي زندگي گذاريندو هئو ته اهڙي صورت ۾ هن شام جو جلد ئي اسان وٽ پنهنجي اچڻ جو ٽائيم ڏنو هئو.
    اُن ”گجراتي ساهتيه منڊل“ جي سالياني ثقافتي روگرام جا ڪجهه ئي اسم مکيه مهمان مرارجي ڊيسائيءَ ڏٺا؛ پر کيس وڃڻو هئو ته هنن کي جلد ئي منچ تي تقريرن جو پروگرام شروع ڪرڻو پيو. تقريرن واري سيشن ۾ منچ تي مرار جي ڊيسائيءَ سان گڏ پرنسپال ٽي.جي.خوبچنداڻي ۽ بورڊ ميمبر جي حيثيت ۾ رام پنجواڻي به ويٺو هئو. جڏهن جئه هند ڪاليج وارو گجراتيءَ جو هيڊ آف ڊپارٽمينٽ، نوين ڪُٻاڙيا پنهنجي سواڳتي تقرير ڪري رهيو هئو ۽ مان ان سموري پروگرام جا مختلف فوٽوگرافس ڪڍي رهيو هوس ته رام پنجواڻي، جيڪو مکيه مهمان مرار جي ڊيسائيءَ سان بلڪل لڳو لڳ ويٺو هئو؛ ان مونکي اشاري سان پاڻ وٽ سڏ ڪيو. آءٌ انتهائي ادب وچان ڪرسين جي پٺيان وڃي رام پنجواڻيءَ ڀرسان بيٺس ته خبر ناهي ڇو هن مونکي هنديءَ ۾ چيو ته آءٌ هڪ فوٽو ڪلوز ۾ صرف رام پنجواڻي ۽ مرارجي ڊيسائيءَ جو ڪڍان. ٿي سگهي ٿو ته ان عمر ۾ هن جي نظر ايڏو ڪمزور ٿي ويئي هجي يا چشمي جو نمبر بدلجي ويو هجي؛ پر اهو پهريون ڀيرو هئو جو آڊيٽوريم جي ڪجهه گهٽ روشنيءَ سبب به هن مونکي ڪو نه سڃاتو ۽ مون سان هنديءَ ۾ مخاطب ٿيو هئو! مون به هن جي پت رکڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ گهڻو نه ڳالهايو ۽ صرف هن جي خواهش جي پيروي ڪندي اڳيان وڃي سچ پچ اهڙو فوٽو ڪڍيو به هئو؛ جو پوءِ بعد ۾ نوين ڀائي ڪٻاڙيه، دادا رام پنجواڻي صاحب کي پهچائي به ڇڏيو هوندو!
    انهن ڏينهن ۾ اڃا تائين به ادا پريم کي پنهنجي ليبارٽري ”ٽوڊيز فوٽو“ تي سمورو ڪم ڇڏائيندي دير ٿيندي هئي ته هو رات جو دير تائين اڌ شٽر بند ڪندي اندر ويهي مشين تي ڪم ڪندو رهندو هئو. ان لاءِ تون به جيئن ئي مرارجي ڊيسائي وارو پروگرام پورو ٿيو ته رات جو سڌوئي ادا پريم وٽ ”ٽوڊيز فوٽو“ تي آيس. هو اڃا ڪم ڪم ڪري ئي رهيو هئو؛ جو مون مرارجي ڊيسائيءَ وارا سمورا رول کانئس ڊويلپنگ پرنٽنگ ڪرائي به ڇڏيا. پوءِ معمول موجب ٻئين ڏينهن سوير صبح جو آءٌ جئه هند ڪاليج پهتس ته ڪامن روم ۾ نوين ڀائي ڪٻاڙيه، گوپ روپچنداڻي ۽ ڪجهه ٻيا پروفيسر پاڻ ۾ ڪالهه واري مرارجي ڊيسائي واري پروگرام بابت ڳالهائي رهيا هئا. ان تي مون جو نوين ڪٻاڙيه کي انهن فوٽن جا آلبم هٿ ۾ ڏنا ته کانئس ڇرڪ نڪري ويو ته اهي فوٽو آخر ٺهيا ڪنهن مهل! رات جو دير تائين ته آءُ ساڻس گڏ هوس ۽ انهن ڏينهن ۾ ‘QSS’ فوٽو پروسيسنگ مشين اڃا به ايترو گهڻي مشهور ڪو نه ٿي هئي ۽ اسٽوڊيو وارا فوٽو جي ڊليوريءَ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳائي ئي ڇڏيندا هئا. پر هاڻ جو رات وچ ۾ پلڪ جهپڪيندي نوين ڪٻاڙيه کي فوٽو جي ڊليوري ملي ته نه صرف هو پاڻ پر ان سان گڏ ڪامن روم ۾ ويٺل سڀ جو سڀ ٽيچر خوش ٿي ويا!
    جنوري 1987ع ۾ نارايڻ ڀارتيءَ سنڌي ٽائيمس پبلڪيشن طرفان رام پنجواڻيءَ جي ناٽڪن جو مجموعو پئي ڇپڻ چاهيو. هن رام پنجواڻيءَ جا اڳ لکيل پنج ناٽڪ پاڻ وٽ هٿ ڪيا هئا. باقي ٻه ناٽڪ لکڻ لاءِ رام پنجواڻيءَ مونکي پاڻ وٽ سڏ ڪرايو هئو. انهن ڏينهن ۾ هن وٽ تخليقي قوت ته هئي، پر شايد لکڻ ۾ ڪجهه تڪليف ٿيندي هوندي ته مان سندس ڀر ۾ قلم ڪاغذ کڻي ويهندو هوس. هوُ في البديع اُهو ناٽڪ ٺاهيندو چوندو ويندو هئو ۽ مان صرف لکندو ويندو هوس. سئو صفحن جي ان ڪتاب ”ست رنگ“ جي پهرين ٻن ناٽڪن ”مومل راڻو“ ۽ ”سورٺ راءِ ڏياچ“ جا منو سئو صفحات کن هو چوندو ويندو هوُ ۽ مان لکندو ويندو هوس!
    جنوري 1987ع ۾ اهو ڪتاب ”ست رنگ“ شايع ٿيو؛ جنهن لاءِ مرتب جي سلسلي ۾ منهنجو نالو لکيو ويو. اهو ڪتاب ”سيتا سنڌو ڀون“ ۾ رليز ٿيڻو هئو؛ جنهن لاءِ نارايڻ ڀارتي مونکي پاڻ سان گڏ اُتي وٺي هليو. ”سيتا سنڌو ڀون“ رام پنجواڻيءَ طرفان بمبئيءَ ۾ سنڌي ٻولي، ادب ۽ ڪلچر جي تحفظ ۽ ڦهلاءَ لاءِ سانتا ڪروز (ايسٽ) ۾ هڪ سينٽر ٺاهيل هئو؛ جنهن لاءِ هتان جي هڪ دانوير سنڌي شخص، ايورشائين بلڊرس جي مالڪ لڌاڻيءَ کيس هڪ ٺهيل ٺڪيل بلڊنگ ڏني هئي. اُتي هن کي رڪارڊنگ اسٽوڊيوز، لائبريري، ميوزيم ۽ مندر وغيره ڪجهه ٺاهڻو هئو.
    ان لاءِ اسان کي به تڙپ هوندي هوندي هئي ته ڪڏهن رام پنجواڻي صاحب چوي ته وڃي اُهو سينٽر ڏسجي! هينئر نارايڻ ڀارتي مونکي اتي وٺي هليو هئو؛ جتي بيسمينٽ ۾ ڪجهه سب اسٽينڊرڊ پينٽنگس لڳايل هيون؛ گرائونڊ فلور خالي هئو ۽ هڪ حصو آفيس کي ڏنل هئو؛ فرسٽ فلور تي جهولي لال جو مندر هئو. ڪجهه دير ۾ دادا رام پنجواڻي اُتي آيو ته مٿي فرسٽ فرسٽ فلور تي هنن جو ريگيولر سنگيت پروگرام وغيره شروع ٿئي؛ ان کان اڳ هنن ” ست رنگ“ ڪتاب دادا رام پنجواڻيءَ جي هٿن کان رليز ڪرايو؛ جنهن بعد ڀارتي صاحب ۽ مان الهاس نگر موٽي آياسين.
    30- مارچ 1987ع تي سنڌين جو چيٽي چنڊ هئو؛ جنهن ڏينهن تي سنڌي ماڻهو پوري ڀارت جي شهر شهر ۾ مختلف ثقافتي پروگرام منعقد ڪندا هئا. ان ڏينهن رام پنجواڻي مختلف پروگرام اٽينڊ ڪندي ۽ پنهنجي گيتن جي ڌوم مچائيندي رات جو دير سان پنهنجي گهر ”قريشي محل“ واپس وريو؛ پر 31-مارچ 1987ع تي صبح جو ڏسن ته هو اسان کان جسماني طور الوداع ڪري چڪو هئو.
    يونيورسٽي آف ممبئيءَ جي ”بورڊ آف اسٽڊيز اِن سنڌي“ واري ميٽنگ کي وٺي ڪري هيروشيوڪاڻيءَ جي مون سان برهمگي شخصي حد تائين ايترو ته بلنديءَ تي پهچي ويئي؛ جو هن 1987ع ۾ اسان جي ”ستين انٽرڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن“ کي ضرب پهچائڻ لاءِ هڪ نان-اڪيڊمڪ شخص، ايم ڪمل جي صحيحءَ سان نارائڻ ڀارتيءَ جي ٽيبلوائڊ ”سنڌي ٽائيمس“ ۾ هڪ باڪس اندر ڏنل خبر ۾ الهاس نگر جي سمورن ڪاليجن کي اپيل ڪيئي ويئي ته اُهي جئه هند ڪاليج سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن ۾ شرڪت نه ڪن؛ جو اُن سال اُهي اهڙي چٽاڀيٽي الهاس نگر ۾ پاڻ ڪرڻ وارا آهن!
    آءٌ 1985ع کان بامبي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ وزيٽنگ پروفيسر طور ايم.اي(سنڌي) جا ڪجهه پيپر پاڙهيندو هوس. جنهن بعد ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي ۽ مان اسين ٻيئي گڏجي لوڪل ٽرين تي الهاس نگر موٽندا هئاسين. هڪ ڏينهن جڏهن؛ به ڀارتي صاحب ۽ مان اُتان موٽي رهيا هئاسين ته هن مون سان ڪابه ڳالهه نه ڪيئي هئي! آءٌ جڏهن گهر پهتس ته ان ڏينهن واري آيل ”سنڌي ٽائيمس“ ۾ ايم.ڪمل جي نالي ۾ سنڌي ڪلچرل پروگرامن کي ضرب پهچائيندڙ اپيل پڙهي سڀاويڪ مونکي هڪ جهٽڪو لڳو!
    مون ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ کي فون لڳائي جڏهن سنڌي ثقافتي سرگرمين جي سلسلي ۾ اهڙي هاڃيڪار عمل لاءِ پڇڻ چاهيو، ته هن بلڪل ساڌارڻ نموني مونکي جواب ڏنو ته جيڪڏهن ان بابت مونکي به ڪجهه چوڻو آهي ته آءٌ ڀل کيس لکي ڏيان؛ هوُ منهنجو به جواب ڇاپڻ لاءِ تيار آهي!
    مون ان ساڳي فون تي ڀارتي صاحب کي صرف ايترو چيو ته آءٌ ته اڄ به پاڻ کي ادبي دنيا ۾ ريڙهيون پائيندڙ هڪ ٻار ڪري سمجهندو آهيان! ٻيا ڀل جنريشن جا ويڇا وساري اسان ٻارڙن کي به ضرب پهچائين؛ پر منهنجو جواب ان طرح جو ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي! مان اهڙي ڪنهن به هاڃيڪار مهم ۾ بهرو ڪو نه وٺڻ چاهيندس. منهنجو عمل اهو هوندو ته آءٌ ٻولي، ادب ۽ ثقافت جو اهڪ ادنيٰ سپاهي بڻجي وڌيڪ کان وڌيڪ خدمتون سرانجام ڏيئي سگهان!


    [​IMG]


    عوامي آواز سنڊي ميگزين 31 جنوري 2016
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 43
    ’ستين انٽر-ڪاليجئيٽ ڊراما ڪامپٽيشن‘ هڪ للڪار بڻجي پيئي!
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    اسين جئه هند ڪاليج، بمبئي طرفان ’ستين انٽر-ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن‘ انائونس ڪيون؛ ان کان اڳ ئي اسان جي اڪيڊمڪ ڳالهين کي بنياد وٺي ڪري الهاس نگر جي هڪ نان-اڪيڊمڪ شخص، ايم.ڪمل جي صحيحءَ سان ”سنڌي ٽائيمس“ الهاس نگر واري ٽيبلوائڊ اندر هڪ باڪس ۾ اها اپيل ڇاپي ويئي ته ”الهاس نگر جو ڪو به ڪاليج، جئه هند ڪاليج ڊراما چٽاڀيٽيءَ ۾ شرڪت نه ڪري ۽ ان سال اهڙي چٽاڀيٽي الهاس نگر ۾ پاڻ ڪرڻ وارا آهن“ اهڙي صورت ۾ مونکي سڀاويڪ حالتن جو جائزو وٺڻو پيو.
    ان بعد هنن طرفان هڪ نان-گورنمينٽل آرگنائيزيشن ٺاهيندي هڪ ٿلهو سووينر به ڪڍيو ويو، جنهن اندر مختلف ڊونرس جون ايڊورٽائيزمينٽس به شايع ڪيون ويون ۽ اهڙي هڪ چٽاڀيٽيءَ کي عملي روپ ڏيندي شاگردن کي مختلف اوراڊس ڏيڻ لاءِ جج جا فرائض وري بلڪل ئي اهڙن شخصن جي ذمي ڪيا ويا؛ جن جو اسٽيج جي دنيا سان پريڪٽيڪلي ڪو واسطو ئي ڪو نه هئو؛ جيئن ته ان مهل وارو مهاراسٽرا سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ جو سيڪريٽري گنو سامتاڻي ۽ آديپور جو هريش واسواڻي. هنن ڪنهن ماڻهوءَ معرفت فلم ايڪٽر اجيت وڇاڻيءَ کي مکيه مهمان ڪري گهرايو؛ جنهن لاءِ هنن جي ڪار الهاس نگر مان بمبئيءَ وڃي اجيت وڇاڻيءَ کي وٺي آئي ۽ پوءِ وري کيس بمبئيءَ وڃي ڇڏي ويئي!
    آءٌ پنهنجي فطرت موجب ڪنهن به ٻئي کي ڊاهڻ ۾ بهرو نه وٺندي بلڪل ئي پري هلي ويندو آهيان؛ باقي ها! تڪليف مهل انسان جيڪڏهن پنهنجي نيت صاف رکي ته سائين پاڻ اچي همراھ ٿيندو اهي ۽ سمورا ڪم پنهنجو پاڻيهي راس ٿي ويندا آهن. مون اُن سال ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ پنهنجو گراف مٿي ڪرڻ لاءِ جنهن شخص کي هنن مکيه مهمان ڪري گهرايو هئو ۽ سندس اڌ ڪلاڪ لاءِ ٻه ڀيرا بمبئيءَ ڪار سيڙائي موڪلي هئائون؛ انهن جي فنڪشن ٿي وڃڻ کانپوءِ مون ساڳئي ئي اجيت وڇاڻيءَ کي فون ڪري ’ستين انٽر-ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن‘ لاءِ جج جا فرائض انجام ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو. ان تي هن سڀاويڪ چيو ته اڃا تازو ئي الهاس نگر ۾ کيس مکيه مهمان ڪري گهرايو ويو هئو. پر مون کيس سمجهاڻي ڏيندي چيو ته جئه هند ڪاليج جو هڪ پنهنجو مقام آهي؛ هتي ٻيا جج صاحبان به هن جي برابري ڪندڙ هوندا ۽ مکيه مهمان اهڙو هوندو جو خود اوهان کي به اسان وٽ شرڪت ڪندي خوشي ٿيندي!
    اهو اجيت وڇاڻيءَ جو خلوص هئو؛ جو هوُ منهنجي فون تي ڳالهايل لفظن کان ئي متاثر ٿيو ۽ جج جا فرائض انجام ڏيڻ لاءِ اسان وٽ گهٽ ۾ گهٽ چار ڪلاڪ ويهڻ لاءِ به منظوري ڏيئي ڇڏيائين! مون ان سال فلم ڊئريڪٽر، تلسي رامسي معرفت فلم سينسر بورڊ، بمبئيءَ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي.اين.جاڌواڻي ۽ مشهور فلم پروڊيوسر مسز نيتا پهلاج نهالاڻيءَ کي اجيت وڇاڻيءَ سان گڏ ججن واري پينل تي رکيو ته مکيه مهمان لاءِ ان وقت جو مشهور معروف فلمي هيرو چنڪي پانڊي لاءِ ڪوشش ڪئي؛ جنهن کي ڪجهه سال اڳ فلمي دنيا ۾ متعارف ئي پهلاج نهالاڻيءَ ڪرايو هئو.
    مون پهلاج نهالاڻي معرفت اول ئي چنڪي پانڊي کان مکيه مهمان ٿيڻ لاءِ قبوليت وٺي ڇڏي هئي؛ پوءِ به جڏهن ڪارڊ چپاراياسين ته انهن سان گڏ فارمل ليٽر کڻي پهلاج نهالاڻيءَ کان ٽائيم وٺي ڀاءُ گوپ روپچنداڻيءَ سان گڏ ”فلمستان اسٽوڊيو“ ۾ فلم ”آگ ڪا گولا“ جي سيٽ تي وڃي پهتاسين.
    فلمستان اسٽوڊيو ۾ جڏهن پهلاج نهالاڻيءَ جي فلور ۾ داخل ٿياسين ته هڪ وڏي شاندار محل ۾ جو سيٽ لڳايل هئو؛ جتي چنڪي پانڊي ۽ هيروئن ڊمپل ڪپاڙيه تي هڪ گيت جي شوٽنگ ٿي رهي هئي. اسين فلور ۾ گهڙياسين ئي مس ته پهلاج نهالاڻي دروازي تي ئي ملي ويو. هن پنهنجو ليٽر وٺي چنڪيءَ لاءِ پڻ ٻڌايو ته هوُ اسان وٽ ضرور ايندو. پهلاج نهالاڻي ڪنهن ڪم ۾ رُڌل هئو ته وري به هن چنڪيءَ وارو ليٽر کيس ڏيڻ لاءِ چيو؛ جيڪو شاٽس جي وچ ۾ ساهي پٽڻ لاءِ هڪ صوفا تي ويٺو هئو. پر هيل تائين جو نه گوپ روپچنداڻي ۽ نه مان چنڪيءَ جي فلم ڏٺي هئي ۽ نه سندس فوٽو ئي ڏٺو هئو ته مون فلم يونٽ جي ڪنهن ماڻهوءَ کان پڇيو ته ” چنڪي پانڊي ڪٿي آهي!“
    هن اشاري سان ٻڌايو ته سامهون صوفي تي ويٺو آهي. پر اُتي جيئن ته هڪ نه پر ٽي ماڻهو ويٺا هئا ته مون کانئس وڌيڪ واضح ٿيندي پڇيو ” انهن ٽن مان چنڪي ڪير آهي!“ اهو شخص ڄڻ ڪاوڙجي ويو ۽ مونکي چيائين ته توکي چنڪيءَ جي خبر ناهي ته ڪير آهي ته پوءِ تون هتي اسٽيوڊيو ۾ڪيئن آيو آهين! بهرحال جلد ئي مون جڏهن پاڻ پهلاج نهالاڻيءَ جو مهمان ڪري واقفيت ڏني ته ڳالهه وڌيڪ نه وڌي ۽ بچاءُ به ٿي ويو. هن اهو به ٻڌايو ته صوفي تي ويٺل ٽن ماڻهن مان چنڪي پانڊي ڪير آهي!
    اسين جڏهن چنڪي پانڊي سان ملياسين؛ ته هوُ بيحد خلوص سان گڏيو. مون کيس ليٽر ڏيندي پنهنجي آفيس ڪاپيءَ تي سندس ڪنفرميشن جي صحيح به ورتي ته سندس ڪجهه پورٽريٽس ڪڍڻ لاءِ پڻ عرض ڪيو. هن اها ڳالهه به فٽافٽ مڃي ۽ اُٿي ڪري هڪ هنڌ ڀت سان بيٺو ته مان جيئن پنهنجي فوٽوگرافي ڪري سگهان. بعد ۾ شوٽنگ شروع ٿي ته ڪهاڻيءَ موجب چنڪي پانڊي کي خوش ڪرڻ لاءِ ڊمپل ڪپاڙيه کي ڊانس ڪرڻي هئي؛ پر جنهن ڦڙتيءَ سان ڪوريوگرافر عورت ڊانس ڪري رهي هئي؛ بلڪل ان طرح ڊمپل ڪپاڙيه ڪو نه پئي ڪري سگهي. آخر ان ڪوريوگرافر ليڊيءَ کي ڊانس جي انداز ۾ ئي تبديلي آڻڻي پيئي، تڏهن مس وڃي ڊمپل مٿان اهو شاٽ پڪچرائيز ٿي سگهيو! پهلاج نهالاڻيءَ جي سيٽ تان ٻاهر نڪتاسين، ته فلم اسٽار رشي ڪپور، سنجي دت ۽ ڪلڀوشن کربنڊا جي شوٽنگ هلي رهي هئي. انهن کي شوٽنگ ڪندي وچ ۾ فرصت ملي ته انهن سان فوٽو ڪڍاياسين.
    مون هن ڀيري ڪجهه وڌيڪ محنت ڪيئي ته جيئن عام سالن کان هينئر ڪجهه وڌيڪ سٺو پروگرام ڪيو وڃي. تلسي رامسي جي هڪ فلم ۾ ڪاميڊين ستيش شاھ ڪم پئي ڪيو. تلسي صاحب کان اُن کي چوارائي مهمان خصوصي ٿيڻ لاءِ به مڃارايو ته ان کي به ليٽر ڏيڻ لاءِ گوپ روپچنداڻي ۽ مونکي جوهوُ- تارا روڊ تي اندرين هڪ غريب نما چال ۾ وڃڻو پيو؛ جتي تلسي رامسي پنهنجي فلم جي شوٽنگ ڪري رهيو هئو. اسين ستيش شاھ سان اُتي ملياسين ۽ کانئس جئه هند ڪاليج ۾ اچڻ جي پڪ ورتيسين!
    هوڏانهن چٽاڀيٽيءَ لاءِ ججن جي سلسلي ۾ آءٌ گوپ روپچنداڻيءَ کي گڏ وٺي مالابار هل تي فلم سينسر بورڊ جي آفيس مان به ٿي آيس؛ جتي اُتان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر، جي.اين.جاڌواڻيءَ کان ڪنفرميشن وٺي آياسين. اجيت وڇاڻيءَ کي فارمل ليٽر ۽ ڪارڊس ڏيڻ لاءِ فون ڪئي ته هن کي مونکي چوپاٽيءَ وٽ سمنڊ جي ڪناري ’ولسن ڪاليج‘ ۾ گهرايو، جتي هوُ ڪنهن فلم شوٽنگ ۾ رُڌل هئو. اسين اُتي وياسين، ته شاٽ مان فري ٿيندي سندن ڪجهه فوٽو به ڪڍياسين. ته جيئن ان لاءِ به سندس فوٽو گرافس جو مينيٽو ٺاهي سگهجي. بعد ۾ مون چنڪي پانڊي ۽ اجيت وڇاڻيءَ جي فوٽن جو ميمينٽو رام لالچنداڻيءَ جي ڪيليگرافي ۾ ٺاهرائي ڇڏيو.
    مون 1981ع کان 1986ع تائين سموريون انٽر-ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما چٽاڀيٽيون هر سال سيپٽمبر مهيني ۾ ئي ڪيون هيون. هيءُ پهريون ڀيرو هئو؛ جو اسان جي پنهنجي سنڌي سماج مان ئي ڪجهه اهڙا عناصر نڪتا هئا، جيڪي هن نيڪ مشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪهاڙا کنيو بيٺا هئا. منهنجي سامهون ايم. ڪمل جي صحيحءَ سان الهاس نگر جي ڪاليجن کي ڪيل اپيل پڻ هڪ وڏو سوال هئو. آءٌ چاندي ٻائي ڪاليج، الهاس نگر لاءِ اتان جي سنڌي شعبي جي هيڊ، ڊاڪٽر ديال ”آشا“ سان گڏيس؛ جنهن مونکي بلڪل ئي پڪ ڏني ته اُهي ڪنهن به هاڃيڪار عمل ۾ شامل ڪو نه ٿيندا ۽ هر سال جيان هينئر به اسان وٽ پنهنجي ٽيم وٺي ايندا.
    ڊاڪٽر ديال ”آشا“ ته مخالف گروه جي برابري ڪندي اها به همت ڏيکاري ته اُهي انهن کي ناراض ڪندي به اسان وٽ پنهنجي ٽيم وٺي ايندا؛ پر مونکي سيوا سندن ايڊيوڪيشن ڪاليج، الهاس نگر ۾ ميٿميٽڪس جي ٽيچر گورڌن جانيءَ جي ساراه ڪرڻي پوندي؛ ڇو ته اُهو ئي سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت سان پيار ڪندي اُتان جي ٽيم تيار ڪرائيندو هئو؛ جنهن ۾ هن جي شريڪ حيات ڪومل جاني پڻ ساڻس گڏ هوندي هئي. هن وڏي همت جو مظاهرو ڪيو؛ ۽ ڪنهن جي به ڪلچرل حيوانيت جو شڪار نه ٿيندي ان سال به اڳ جيان پنهنجي ٽيم تيار ڪرائي ۽ اسان وٽ پنهنجي شموليت جي پڪ ڏني.
    اهي جيڪي به ڊويلپمينٽس ٿيون هيون؛ انهن جي نتيجي ۾ رب پاڪ جي مهر سان هاڻ صرف آر.ڪي.تلريجا ڪاليج، الهاس نگر؛ اڪيلو ئي هڪڙو ڪاليج هئو جيڪو اسان وٽ شرڪت ڪونه ڪري رهيو هئو. آءٌ ان جي ڀرپائيءَ لاءِ به وويڪانند ڪاليج، چيمبور، بمبئيءَ وارن سان تعلق ۾ آيس. انهن به منهنجي همت افزائي ڪندي پنهنجي ٽيم موڪلڻ لاءِ انٽري ڏياري موڪلي. هاڻ اسان لاءِ فڪر جي ڳالهه ڪو نه هئي؛ جو هميشه جيان هن سال به اسان وٽ تعداد ۾ ساڳيا ئي چار ايڪانڪي ناٽڪ چٽاڀيٽيءَ لاءِ پيش ٿيڻا هئا.
    هڪ اهم ڳالهه ته هيءُ اُهي ڏينهن هئا؛ جڏهن تعليمي درسگاهن اندر بمبئي۽ ان جي آس پاس سنڌي ٻوليءَ پويان پير ڪرڻ شروع ڪيا هئا. جتي ورهاڱي واري وقت کان وٺي بمبئيءَ جي جهنجهنوالا ڪاليج، سوميا ڪاليج ۽ ’خالصا ڪاليج‘ ٽنهي نان-سنڌي ڪاليجن ۾ به ڪڏهن سنڌي سبجيڪٽ پاڙهيو ويندو هئو اُتي هاڻ ڪيترا سنڌي ميڊيم اسڪول ته بند ٿيا ئي هئا؛ پر سنڌين جا پنهنجا ڪاليج ڪي.سي.ڪاليج، چرچگيٽ ۽ نيشنل ڪاليج، باندرا؛ پڻ بمبئيءَ ۾ پنهنجي درسگاهن اندر سنڌي سبجيڪٽ بند ڪري چڪا هئا. هينئر پوري بمبئيءَ ۾ صرف هڪ جئه هند ڪاليج ئي هئو، جتي ڊگري ڪاليج ليول تي اڃا تائين سنڌي سبجيڪٽ موجود هئو ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ سان لاڳو باقي الهاس نگر جا ٻه ڪاليج ” چاندي ٻائي“ ۽ ”آر.ڪي.تلريجا“؛ڊگري ڪورس ۾ اڃا تائين سنڌي پاڙهي رهيا هئا. اهڙي مخالف سمت واري طوفان ۾ آءٌ نه صرف پنهنجي نوڪري ڪري رهيو هوس؛ نه صرف هندوستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بي.اي. ٿرڊ ييئر ۾ پڻ مون ”پارٽ ميجر“ سنڌيءَ جا ٽي پيپر شروع ڪرايا هئا پر اسان جي ”سنڌي سرڪل“ طرفان اهڙا شاندار سنڌي پروگرام ڪيا ويا هئا جو بمبئيءَ جي تمام سنڌي حلقي ۾ هڪ پروگرام ڏسڻ کانپوءِ ٻئين جو انتظار شروع ٿي ويندو هئو.
    فنڪشن واري ڏينهن اسان وٽ ٽيئي جج صاحبان اجيت وڇاڻي، نيتا پهلاج نهالاڻي ۽ جي.اين.جاڌواڻي بلڪل وقت تي پهچي ويا. اسين پنهنجي ’ستين انٽر-ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن‘ کي عملي روپ ڏيڻ کان اڳ پنهنجي استاد رام پنجواڻي صاحب کي خراجِ عقيدت ڏيڻ لاءِ تمام حاضرين سان گڏ ٻه منٽ اٿي بيهي رب پاڪ جي بارگاھ ۾ هن لاءِ دعا گهري ته جيئن ڌڻي کيس پنهنجي قدمن جي قربت بخشي! هيءُ پهريون سال هئو؛ جو اسان جي ڪنهن به ڪلچرل پروگرام ۾ دادا رام پنجواڻي اسان سان گڏ ڪو نه هئو. پوءِ اسين پنهنجن مهمانن ۽ انچارج پرنسپال اندر لالواڻي صاحب جي هٿن کان ديپ اجول ڪندي سيواسدن ايڊيوڪيشن ڪاليج، الهاس نگر؛ چاندي ٻائي ڪاليج، الهاس نگر؛ وويڪانند ڪاليج، چيمبور ۽ ميزبان جئه هند ڪاليج طرفان چٽاڀيٽيءَ لاءِ ”اوڙو پاڙو“، ” سچ ڇا آهي!“، ”آنڊي جي ڄر“ ۽ ”سستو گوشت“ چار ايڪانڪي پيش ڪياسين. اهي ناٽڪ اسٽيج تي هلي ئي رهيا هئا جو اسان جا تمام مهمان، فلم اسٽار چنڪي پانڊي، ستيش شاھ، فلم ڊئريڪٽر تلسي رامسي ۽ فلم پروڊيوسر پهلاج نهالاڻي به پهچي ويا. اسين خاموشيءَ سان انهن کي اڳيان پهرين قطار ۾ ويهاريوسين؛ جيئن چٽا ڀيٽيءَ جي گنڀيرتا ۾ رخنو ڪو نه پوي!
    چنڪي پانڊي کي فلم پروڊيوسر پهلاج نهالاڻيءَ ئي فلمي دنيا سان متعارف ڪرايو هئو ۽ هن اچڻ سان ئي پوري هندوستان جي نوجوان طبقي ۾ پنهنجي لاءِ ڌوم مچائي ڇڏي هئي. هن جي ولادت 26 سيپٽمبر 1962ع ۾ ٿي هئي ۽ 1992ع تائين هندي فلم جڳت تي ڇانيو رهيو؛ پر پوءِ سندس ڪجهه فلمون نه هليون ته هن مجبور ٿي 1995ع کان بنگلاديش جي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو؛ جتي وري هن کي ٻيهر مقبوليت ملي. ان بعد 2003ع ۾ هن ڀارتيه فلم انڊسٽري ۾ موٽندي ڪجهه ڪريڪٽر رول پڻ نڀائڻ شروع ڪيا هئا. 1987ع ۾ جڏهن هُو اسان وٽ مکيه مهمان ٿي آيو هئو؛ ان مهل ته هو نوجوانن جي دلين تي راڄ ڪندڙ هئو.
    جڏهن چار ئي ناٽڪ اسٽيج ٿي چڪا ته اسين جج صاحبان کي آفيس ۾ ويهاريوسين ته جيئن اهي صلاح مصلحت ڪري هڪ ئي گڏيل فيصلو اسان کي ڏين؛ تيسين اسين آڊيٽوريم ۾ مهمانن جو تقريرون شروع ڪرايونسين.
    چنڪي پانڊي پنهنجيِ هڪ فرينڊ به پاڻ سان گڏ وٺي آيو هئو. اسان جي شاگردن ۾ هن لاءِ ڇڪ ايڏي هئي جو اُهي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون کيس منچ تي ڏسندي ئي اصل جهومي اُٿيا. چنڪي پاڻ به جيئن ته هڪ مشهور نيورلاجسٽ جو فرزند آهي ته علمي ماحول هئڻ سبب هن جي تقرير پڻ اسان جي تمام حاضرين کي بيحد متاثر ڪيو. فلم اسٽار ستيش شاھ به بيحد سلجهيل ۽ عالم شخص پئي لڳو. هن به مائڪرو فون تان ڳالهائيندي تمام حاضرين کي خوش ڪري ڇڏيو.
    ايتري ۾جج صاحبان به منچ تي اچي ويا ته اجيت وڇاڻيءَ مائڪرو فون تان پنهنجي گڏيل فيصلي جو اعلان ڪيو؛ جنهن موجب جئه هند ڪاليج هن سال واپس روٽيٽنگ شيلڊ تي قبضو ڪري ورتو هئو ۽ نه صرف ”بيسٽ پلي“ جو اوارڊ اسان کي ڏنو ويو؛ پر ”بيسٽ ايڪٽر“ ۽ ”بيسٽ ڊائريڪٽر“ جو اعزاز پڻ اسانجي ئي شاگرد راجيش آهوجا کي ڏنو ويو. سيواسدن ايڊيوڪيشن ڪاليج کي ”ٻيون نمبر بهترين ناٽڪ“ جو اعزاز نصيب ٿيو ۽ ان جي اداڪاره مينا پنجابيءَ کي ”بيسٽ ايڪٽريس“ جو اوارڊ ڏنو ويو؛ جڏهن ته وويڪانند ڪاليج جي شاگردياڻي ڪمل ريٽا ۽ چاندي ٻائي ڪاليج جي شاگرد لکي پوپٽاڻيءَ کي سلسليوار ”بيسٽ سپورٽنگ ايڪٽريس“ ۽ ”بيسٽ سپورٽنگ ايڪٽر“ جو انعام عطا ٿيو!
    اسان جي هن سال جي منچ کي زينت ڏيندڙ مهمانن ۾ هڪ خوبصورت ڇوڪري گيتانجلي سنگهه به هئي؛ جنهن جي لکيل اسڪرپٽ تي انهن ڏينهن ۾ فلم ” ناانصافي“ سيٽ تي هئي؛ جنهن ۾ منداڪني ۽ شتروگهن سنها تڏهن ليڊ رول ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. جڏهن ته باقي مهمانن ۾ پرنسپال ٽي.جي.خوبچنداڻي، ڊاڪٽر ارجن ”شاد“، سيوا سدن ايڊيوڪيشن ڪاليج مئنيجمينٽ جو بورڊ ميمبر ڪيشوداس پرسرام پارومل، وويڪانند ڪاليج جو پرنسپال ٽي.وي.ماکيجاڻي ۽ چاندي ٻائي ڪاليج جي وائيس پرنسپال، ڊاڪٽر ديال ”آشا“ کانسواءِ اسان جو جئه هند ڪاليج جو انچارج پرنسپال اندر لالواڻي موجود هئا. هن سال لاءِ ”سنڌي سرڪل“ جي سيڪريٽري طور ونيه ميسر پڻ بهترين خدمات انجام ڏنيون هيون!
    مون هن سال چاندي ٻائي ڪاليج، الهاس نگر ۾ ڊاڪٽر ديال ”آشا“ جي گائيڊنس هيٺ پي ايڇ.ڊي (سنڌي) لاءِ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرايو ته منوهر، بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ايم.فل.(سنڌي) لاءِ داخلا ورتي.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 7 فيبروري 2016
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 44
    هاڻ هلون! ڪجهه پنهنجي شوٽنگ به ڪيون !
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    اسان کي گهڻي وقت کان شوق هوندو هئو ته ڪٿي بازار ۾ دوڪان هئڻ گهرجي؛ ان لاءِ الهاس نگر، پهرئين نمبر جي مين بازار ۾ هڪ دوڪان هئو، بندو ڪٽ پيس؛ اهو وڪامجي رهيو هئو ته آءٌ، وڃي هڪ دلال معرفت ڏسي آيس. اُن کان اڳ اسين هڪ سائيڊ جي روڊ تي الهاس نگر ڪورٽ سامهون هڪ دوڪان ورتو هئوسين؛ پر پوءِ سمجهه ۾ نه آيو ته اُهو کپائي ڪري ان ۾ ڪجهه ٻيا به پيسا وجهي اسين اهو بندو ڪٽ پيس وارو دوڪان ورتوسين. مون کي شوق هئو ته مان الهاس نگر ۾ هڪ فوٽو اسٽوڊيو کوليان؛ ان لاءِ 1987ع ۾ اهو دوڪان وٺڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن خالي رکي پوءِ 1988ع ۾ مون اُتي فوٽو اسٽوڊيو لاءِ فرنيچر ٺهرائڻ شروع ڪيو.
    الهاس نگر ۾ جيڪي به اسٽوڊيو هئا، انهن ۾ سٺي ۾ سٺو اسٽوڊيو هئو ٺڪر فوٽو اسٽوڊيو، جنهن جي سامهون ئي اسان جو دوڪان هئو. ڪيترا ماڻهو اسان کي چتآءٌ ڏيئي رهيا هئا ته ان جي سامهون اوهان جو اسٽوڊيو ڪو نه هلي سگهندو. مون ڇا ڪيو جو هيل تائين جيڪي به اسٽوڊيو هئا، انهن جي اندر ايڪسپوزنگ روم ۾ ڪجهه الڳ قسم جا پرده يا بيڪ گرائونڊ ۾ ڪجهه سين ڇپيل هونديون هيون. مون پنهنجي اسٽوڊيو تي هيٺ گرائونڊ فلور تي ڊارڪ روم ۽ هڪ ننڍو ايڪسپورزنگ روم ٺاهيو، جتي پرده ۽ سين لڳائي؛ پر مٿي فرسٽ فلور تي ڊرائنگ روم جو هڪ سچو پچو سيٽ ٺهرايو، جيئن فلم اسٽوڊيو اندر سچا سيٽ ٺهندا آهن؛ تيئن مون به فرسٽ فلور تي هڪ انتهائي عمده وال يونٽ ۽ ڀر واري ديوار تي پرده لڳائيندي سامهون واري ڀت تي هڪ آئوٽ ڊور جي سين لڳارائي ته بلڪل پٺين طرف هڪ خوبصورت ڏاڪڻ ٺهرائي؛ جتي پڻ ڪنهن کي بيهاري فوٽو ڪڍي سگهياسين.
    مون بمبئي مان ”اگفا انڊيا لميٽڊ“ کان انلارجر، ڪٽر ۽ فوٽو گرافڪ پيپر وغيره ورتا ته مارڪيٽ مان ماڊرن ”ايلنڪروم لائيٽس“ چار رفليڪٽرس ورتا؛ جن مان ٻه هيٺ گرائونڊ فلور ۾ ٻه لائيٽس مٿي ڊرائنگ روم ۾ رکيوسين ته ٻه ننڍيون ٻيون به لائيٽس ورتيون هيون جن سان بيڪ لائيٽ ڏيڻ لاءِ هڪ هيٺ ۽ هڪ مٿي رکيوسين! مون پنهنجي اسٽوڊيو جو نالو رکيو فلم سٽي!
    الهاس نگر ۾ فلم سٽي اسٽوڊيو کوليوسين ته ڌڻيءَ جي مهر سان آءٌ جلد ئي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ مقبول ٿي ويس؛ جو آءٌ مختلف فلم مئگزين جو جائزو وٺي ڪنهن فلم جي اسٽل جيان نوجوانن جا فوٽو ڪڍندو هوس. هڪ دفعو اسٽوڊيو کوليوسين ته پوءِ منوهر کي جيڪو اسين ڪلياڻ شهر واري ”ٻلديو ميڊيڪل اسٽور“ تي ويهاريو هئوسين، اهو بند ڪرڻ جو سوچي هلندڙ دوڪان کي وڪڻي ڇڏيوسين ۽ منوهر کي مون فوٽو اسٽوڊيو تي ويهاريو؛ جو صبح جو آءٌ جڏهن جئه هند ڪاليج ويندو هوس ته پٺيان منوهر هلائيندو هئو، پوءِ منجهند جو مان به جلدئي بمبئيءَ مان موٽي اسٽوڊيو پهچي ويندو هوس.
    اسين ڪلياڻ وارو ميڊيڪل اسٽور بند ڪري اهو دوڪان به وڪڻي ڇڏيوسين، ته ان ۾ ڪجهه ٻيا پيسا وجهي الهاس نگر ۾ ئي هڪ نئين ٺهندڙ بلڊنگ ۾ ٽي الڳ الڳ ننڍا فليٽ بوڪ ڪراياسين ته اسين پنهنجي پراڻي سي-68 مان اٿي عارضي طور اچي انهن فليٽن ۾ رهون؛ ۽ پٺيان 68-C واري پلاٽ تي ٽِماڙ هڪ بنگلو ٺهرايون ته جيئن هڪ هڪ ڀآءٌ کي هڪ پورو ماڙو ملي سگهي! اسان جو هڪ آرڪيٽيڪٽ دوست هوندو هئو ناگراڻي؛ جيڪو بمبئيءَ ۾ رهندو هئو پر الهاس نگر جي پراونشل اسيمبلي ميمبر ۽ ميئر پپو ڪالاڻيءَ کي سٺيون ڊزائين ڪڍي ڏنيون هئاسين جو اُتي اندرا گانڌي مارڪيٽ ۽ ”اسپورٽس ڪامپليڪس“ ٺاهيا ويا هئا. ان کي مون پنهنجي نئين گهر لاءِ ٻاهرين بهترين ڊزائين سان ايليويشن ٺاهڻ لاءِ چيو جيئن اندور شهر ۾ سڀ بنگلا هڪ کان هڪ آهن؛ ته هن انهن جا فوٽوگراف گهرايا. مان به اڳوپو 600 ڪلوميٽر پري ٽرين تي اندور وڃي ماما ساڌورام جي پٽ سچانند سان اسڪوٽر تي سمورو شهر گهمي تمام سهڻن بنگلن جا ٻاهريان فوٽو گراف ڪڍي آيس! جيسين اسان وارا فليٽ ٺهي تيار ٿين، تيسين ته اسين رهيل ئي سي-بلاڪ واري گهر ۾ هئاسين ۽ اڃا ته اُتي ڪجهه به ڪو نه پيو ڪري سگهجي؛ پر پوءِ 1989ع ۾ اسين عارضي طور ڪلانڪيتن اپارٽمينٽ، ست ماڙ بلڊنگ جي چوٿين ماڙيءَ تي ٽن جدا جدا فليٽن ۾ شفٽ ڪيوسين ته زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ادا پريم جي چوڻ تي اسان جي امڙ، جنهن کي اسين ڀاڀي سڏيندا آهيون، اُن پنهنجي نُهڙن کي ٽنهي فليٽن ۾ الڳ الڳ کاڌو ڪرڻ لاءِ برتن ورهائي ڏنا. ادا پريم جي پلاننگ موجب اسين ٽئي ڀائر فنانشلي گڏ ئي هئاسين؛ پر عورتن جو ننڍين ڳالهين تي جهگڙو نه ٿئي ان لاءِ هن صرف ڪچن الڳ ڪيا هئا؛ پر جڏهن سچ پچ برتن جو ورهائجي رهيا هئا ته آءٌ روئي ويٺو هوس؛ جو اُهو سڀ ڪجهه اسان جي مرضيءَ جي خلاف هئو پر حالات آڏو سمجهوتو ڪرڻ ئي وڌيڪ بهتر هوندو آهي! ادا پريم جو اُهو فيصلو ڌڻيءَ جي مهر سان سچ ثابت ٿيو. عورتن کي صرف ڪچن الڳ ڏناسين ته جهيڙو ئي ختم! پوءِ هُنن کي وري فليٽن ۾ اهڙو مزو اچي ويو جو هنن بنگلو جو ويچار ئي لاهي ڇڏيو. اسين منوهر جي شادي به 8 مئي 1985ع ۾ هتي الهاس نگر ۾ ئي ڪرائي ڇڏي هئي. اسان جي ڀاڄائي پڙهيل B.Com ڊگري يافته هئي پر سروس ڪو نه ڪندڙ هئي. هن کي هڪ فرزند پرشانت 3 اپريل 1988ع تي ڄائو هئو، جڏهن ته مون وري پنهنجي شريڪ حيات هيما کي آر ڪي تلريجا ڪاليج ۾ ريگيولر ايڊميشن وٺرائي هندي ۽ سائڪالاجي سبجيڪٽ ۾ بي اي ڪرائي ڇڏي؛ جيڪا هن 1989ع ۾ پوري ڪئي. اسين جئه هند ڪاليج ۾ 1988ع دوران اٺين انٽر ڪاليجيئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن انائونس ڪيئي؛ ته هن سال تلسي رامسي مون کي جج واري پينل تي هڪ نئون ماڻهو اجيت ديواڻي وٺي ڏنو؛ جيڪو ننڍو پروڊيوسر ڊائريڪٽر به هئو ته فلم ايڪٽريس مندا ڪني ۽ ستيش شاه جو سيڪريٽري به هئو. هڪ اهم ڳالهه ته هتي بامبي جي فلم انڊسٽريءَ ۾ هر هڪ اداڪار کي هالي ووڊ جي ايجنٽ جيان سيڪريٽري هوندو آهي؛ جيڪو ئي پروڊيوسر صاحبان سان لهه چڙه ۾ اچي پنهنجي اداڪار کي فلمون وٺي ڏيندو آهي، نه صرف فلمون وٺي ڏيندو آهي؛ بلڪه ان اداڪار جي شوٽنگ لاءِ تاريخ به سيڪريٽريءَ کان ئي گهربي آهي، جنهن لاءِ هر هڪ وڏي اداڪار جي سيڪريٽريءَ جي به چمچه گيري ٿيندي آهي جو شوٽنگ جي تاريخ وغيره ان جي ئي هٿ ۾ هوندي آهي، اهڙي صورت ۾ هن سال اسان جا جج هئا اجيت ديواڻي، پهلاج نهالاڻي ۽ منوهر چگهه.
    گذريل سال جو اسين چنڪي پانڊي، ستيش شاه ۽ اجيت وڇاڻي، ٽي فلم آرٽسٽ گهارايا هئاسين. ان لاءِ هينئر مون راجيش کنا لاءِ تلسي رامسي کي عرض ڪيو؛ جيڪو هنن جي هڪ فلم ”اوم“ جو هيرو پڻ هئو. ڪمار رامسي جي پروڊڪشن ۾ ڊئريڪشن تلسي ۽ شام رامسي جي حوالي هئي.
    راجيش کنا مون کي اسڪرين تي ڏاڍو معصوم لڳندو هئو ۽ گهڻي وقت کان ”آراڌنا“ فلم ڏسندي ئي آءٌ ته ان جو زبردست مداح هوس. راجيش کنا جي انڊين فلم انڊسٽريءَ ۾ انٽري به عجيب ٿي. هو پونا فلم انسٽيٽيوٽ مان اداڪاريءَ جو ٽن سالن جو ڪورس ڪري ايو هئو. تڏهن 1965ع ۾ بامبي ۾ نوان اداڪار کڻڻ لاءِ “All India Talent-Contest” ٿي هئي؛ جنهن ۾ الائي گهڻن اميدوارن پنهنجي قسمت آزمائي هئي. راجيش کنا اُن جيورُيءَ کي ايترو ته وڻيو هئو جو هوُ ان چٽاڀيٽي ۾ پهرين اٺ ڪامياب ڪلاڪارن مان هڪ چونڊيو ويو هئو. هوُ ابتدائي فلمن ۾ ان وقت جي مشهور هيروئن ساڌنا ۽ وحيده رحمان سان به گڏ آيو. پر پهرين هن کي ڀاڳ ايترو ڪو نه ڀڙايو هن جون شروعاتي فلمون هيون ”راز“، ”بهارون ڪي سپني“، ”اتفاق“، ”آراڌنا“؛پوءِ جو هُن جي فلم ”آراڌنا“ هلي پيئي ته ان ڪاميابين جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا هئا. بس، پوءِ ته هن ڪڏهن به پٺيان مڙي ڪو نه ڏٺو! 1969ع کان 1971ع تائين هن جون پندرهن فلمون لڳاتار هڪٻئي پٺيان ڪامياب وينديون رهيون. پوءِ ته ڄڻ ائين پئي لڳو ته ”راجيش کنا“ جو نالو ئي فلم جي ڪاميابيءَ جي ضمانت بڻجي پيو هئو. هوُ جتان به لنگهي ته ماڻهو هُن جي ڪار کي وڪوڙي وڃن؛ ڇوڪرين هن جي ڪار کي “Kiss” ڏينديون رهن! تڏهن ڊمپل ڪپاڙيه اڃا هيروئن ڪو نه ٿي هئي. هوءَ ان روڊ تي وڃي بيهندي هئي؛ جتان راجيش کنا لنگهندو هئو ۽ هيءَ صرف ان کي پري کان ڪار تي ويٺل ڏسي خوش ٿي ويندي هئي. پوءِ ڊمپل ڪپاڙيه کي به راجڪپور پنهنجي فلم ”بابي“ ۾ هيروئن ڪري کنيو ته هوءَ ڪجهه ڪجهه راجيش کنا جي ويجهو آئي. پوءِ اڃا ”بابي“ فلم رليز به ڪو نه ٿي هئي ته راجيش کنا ان شرط ئي ساڻس شادي ڪيئي ته هوءَ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندي. پر ”بابي“ جي زبردست ڪاميابيءَ سبب آهسته آهسته ڊمپل ڪپاڙيه پنهنجي گهوٽ راجيش کنا سان فلمن ۾ ڪم نه ڪرڻ جو واعدو نڀائي نه سگهي ۽ ٻه نياڻين ٽوئنڪل ۽ رنڪل کي جنم ڏيڻ کانپوءِ به فلمي دنيا ۾ واپس اچي ويئي. راجيش کنا کي پڇاڙيءَ تائين ان ڳالهه جو سخت صدمو رهيو!
    تلسي رامسي، ڳالهائڻ ۾ زبردست هوشيار ماڻهو آهي ۽ مون جو هُن جي ٻن ڌيئرن پشپا ۽ لوينا رامسي کي جئه هند ڪاليج ۾ پڙهايو به هئو ته ان مون سان نڀائيندي راجيش کنا کي مڃائي ئي ورتو. پوءِ مون جڏهن کانئس لکت ۾ ڪنفرميشن وٺڻ لاءِ عرض ڪيو، ته هن هڪ ڏينهن مون کي ”فلمستان اسٽوڊيو“ ۾ گهرايو جتي فلم ”اوم“ جي شوٽنگ ٿيڻي هئي. تڏهن تلسي رامسي صاحب مون تي ڪجهه وڌيڪ ئي مهربان پئي لڳو. هُن مون کي ”اوم“ فلم سان اڳو پوءِ هڪ اسٽل فوٽوگرافر جي حيثيت ۾ لانچ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ ان ڏينهن مون کي ڪئميره وغيره به کڻي اچڻ لاءِ چيو.
    آءٌ مقرر ڏينهن تي ڪيمره کڻي پنهنجي جئه هند ڪاليج واري دوست گوپ روپچنداڻي سان گڏ ”فلمستان اسٽوڊيو“ پهتس ته اُتي هڪ فلور ۾ مندر جو اندريون سيٽ ٺاهيل هئو؛ جتي الوڪ ناٿ اُتان جي پوڄاريءَ جي ڪاسٽيوم ۾ ڪم ڪري رهيو هئو. ان مهل هڪ هٿ وٽان هڪ ننڍڙو نانگ تريءَ ۾ اندر داخل ٿي هڪ آڱر جي اندر داخل ٿيندي ان ئي آڱر جي چوٽيءَ تان ٻاهر نڪري رهيو هئو.
    هنن ڇا ڪيو هئو جو هڪ جوڳي گهرايو هئائون؛ جيڪو ڪجهه ننڍا ننڍا سچا نانگ کڻي آيو هئو پر انهن جو زهر اول ئي ڪڍيو ويو هئو، هنن الوڪ ناٿ جي هٿن مٿان هڪ چمڙيءَ جي رنگ جو گلووز پارايو هئو جنهن ۾ اول ئي تريءَ مان داخل ٿي هڪ آڱر جي مٿانهينءَ تان نڪرڻ لاءِ اڳواٽ ئي هڪ نلي ٺاهيل هئي. شوٽنگ مهل اهو ننڍڙو سچو نانگ، نقلي گلووز واري هٿ جي تريءَ ۾ داخل ٿي هڪ آڱر جي مٿانهينءَ تي نڪري رهيو هئو ۽ پوڄاري الوڪ ناٿ پنهنجي ئي هٿ کي نانگ کان زخمي ٿيندي ڏسي ڏڪندي رڙيون ڪري رهيو هئو.!
    ”اوم“ جي سيٽ تي جيئن ته تلسي ۽ شام رامسي ٻيئي ڀائر گڏجي ڊئريڪشن ڪندا هئا ۽ تلسيءَ پنهنجي ڀاءُ کي منهنجي لاءِ اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هوندو ته اڃا شام رامسي مون کي اسٽلس ڪڍڻ لاءِ چيو ئي مس ته تلسي صاحب جو ويچار بدلجي ويو. هُن چيو ته اسان جو راجيش کنا کي جئه هند ڪاليج ۾ چيف گيسٽ ڪري گهرائڻو آهي ته اهڙي صورت ۾ بلديو جو هڪ فوٽوگرافر جي حيثِت ۾ ساڻس تعارف صحيح نه ٿيندو. ان لاءِ هن مون کي ان ڏينهن فوٽوگرافر نه بڻائيندي شوٽنگ جي وچ ۾ جڏهن راجيش کنا ميڪ اپ روم ۾ ويو ۽ سندس ٻين شاٽ لاءِ ميڪ اپ ڪيو ويو ته تلسي رامسي مون کي ميڪ اپ روم ۾ اندر وٺي وڃي راجيش کنا سان جئه هند ڪاليج جي ليڪچرر جي روپ ۾ تعارف ڪرايو.
    جيئن ته تلسي رامسي، راجيش کنا کان اڳواٽ ئي اسان وٽ اچڻ لاءِ قبوليت وٺي چڪو هئو. سو هُن هينئر به پنهنجي رضامندي دهرائي ته مون کيس ڪاليج مان نڪتل فارمل ليٽر ڏيندي هيٺين ڪاپيءَ تي سندس ڪنفرميشن لکائي ورتي. هُن اشراف به وڏن اکرن ۾ لکي ڏنو.
    “I hereby confirm”
    اهو لکندي هُن پنهنجي صحيح پائي ڏني!
    مون هن جا ڪجهه پورٽريٽ ڪڍڻ لاءِ عرض ڪيو ته هُن مسڪرائيندي جلد ئي مڃيو ۽ پاڻ مختلف اسٽائيلس پئي ڏنائين جو مون کي صرف ڪئميرا ڪلڪ ڪرڻي هئي! بعد ۾ راجيش کنا پاڻ ئي فراخدل ٿيندي تلسيءَ کي چيو ته ”هاڻ هلون ڪجهه پنهنجي شوٽنگ به ڪيون!“
    مون هڪ وڏي بورڊ تي راجيش کنا جا پورٽريٽ لڳائي ڀاءُ رام لالچنداڻي جي ڪيليگرافيءَ ۾ ”جئه هند ڪاليج انٽر ڪاليجيئيٽ سنڌي ڊراما چٽاڀيٽي چيف گيسٽ“ لکارائي هڪ بهترين ميمينٽو ٺاهرائي رکيو.


    [​IMG]


    عوامي آواز سنڊي ميگزين 14 فيبروري 2016
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 45
    ٻلديو جي ڪيمره پنهنجي مرضيءَ سان فوٽو ڪڍندي آه!
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    اسان وٽ جئه هند ڪاليج، بمبئي’اٺين انٽر-ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن‘ جا انويٽيشن ڪارڊس ٺهي تيار ٿيا ته آءٌ تلسي رامسي جي صلاح تي راجيش کنا کي سندس لنڪنگ روڊ، باندرا واري آفيس ۾ اُهي ڏيڻ ويس. آفيس ۾ ٻاهر لابيءَ ۾ ويٺل هن جي پي.اي. مون کان ڪارڊس وٺي اندر وڃي راجيش کنا کي ڏنا ۽ ٻاهر اچي ٻڌايو ته صاحب اوهان وٽ ضرور ايندو! پر مونکي ڪجهه تسڪين ڪو نه ٿي رهي هئي؛ سو مون ان پي.اي. کي عرض ڪيو ته آءٌ صاحب سان صرف هڪ منٽ ملڻ چاهيان ٿو. ان تي پي.اي. جو ٻيهر اندر ويو ته راجيش کنا پاڻ ٻاهر نڪري آيو ۽ بيحد خوش اخلاقيءَ سان مونکي پنهنجي اچڻ جي پڪ ڏنائين!
    جنهن ڏينهن اهو فنڪشن ٿيڻو هئو؛ ان ڏينهن تلسي رامسي پاڻ تي اهو ذمو کنيو ته هو راجيش کنا جي گهر وڃي کيس وقت تي مون وٽ جئه هند ڪاليج ۾ وٺي ايندو. فنڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ مون وٽ شيوڪاڻيءَ جي فون آئي؛ جنهن مونکي چيو ته سندس شريڪـِ حيات کي راجيش کنا ڏسڻ جو شوق آهي ۽ اُها توهان وٽ اچڻ ٿي چاهي! مون ته بيحد تاديب منجهان چيو ”ڀاڀي ته ڀلي اچي؛ پر آءٌ خوش ٿينديس جيڪڏهن اوهان پاڻ به اسان وٽ ايندا!“ پر پوءِ لائي ڇو فنڪشن واري ڏينهن هن منجهان ڪير به نه آيو!
    هاڻ آهسته آهسته ’سنڌي سرڪل‘ جا پروگرام جئه هند ڪاليج ۾ مشهور ٿي چڪا هئا ۽ ان سال جو راجيش کنا به اچڻو هئو ته شاگردن توڙي ٻين ڪيترن معزز شهرين ۾ بيحد اتساه هئو. فنڪشن واري ڏينهن تمام جج صاحبان؛ اجيت ديواڻي، پهلاج نهالاڻي ۽ منوهر چگهه بلڪل ٽائيم تي پهچي ويا. اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ اسان وٽ لاڙڪاڻه مان دادا نرملداس آهوجا، رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر؛ سندس شريڪِ حيات ۽ فرزند جوتي به آيل هئا ته آءٌ انهن کي به فنڪشن تي گهرايو هئو جيڪي اسان جي گهر اورن سان ئي هال ۾ پهچي ويا هئا.
    هينئر پرنسپال ٽي.جي.خوبچنداڻي گذريل سال کان ئي رٽائر ڪري چڪو هئو ۽ في الحال ڪيمسٽريءَ جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ اندر.جي.لالواڻيءَ کي انچارج پرنسپال بڻايو ويو هئو؛ جيڪو پڻ مون سان گڏ ڪاليج جي گيٽ تي مهمانن جي استقبال لاءِ بيٺو رهيو. اسين مقرر وقت تي پنهنجو پروگرام شروع ڪري ڇڏيوسين ته جيئن راجيش کنا جي اچڻ سان سمورو پروگرام پنهنجي اختتام کي پهچي ته جيئن اسين پنهنجي مکيه مهمان جي هٿن کان شاگردن کي تمام انعام اڪرام ڏيئي سگهون!
    شاگرد ۽ ٻين مهمانن سان جئه هند ڪاليج آڊيٽوريم اڳواٽ ئي کچاکچ ڀرجي چڪو هئو. تلسي رامسي جيسين راجيش کنا کي پاڻ سان گڏ اسان وٽ وٺي اچي، تيسين اسين وقت تي هڪ هڪ ڪاليج جا ايڪانڪي ناٽڪ پيش ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏياسين. اڃا پويان ٻه ڊراما پيا ئي هئا؛ جو تلسي رامسي ۽ راجيش کنا به پهچي ويا. ماڻهن جي ڀيڙ سان ڀريل هال ۾ اسين والنٽيئرس جي مدد سان انتظام اهڙو رکيو هئو جو مڪمل خاموش ڇانيل هئي. ان لاءِ راجيش کنا کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو اُٿي بيهن ۽ انتظام ۾ رخنو پوي؛ ان لاءِ اسين پنهنجي مکيه مهمان کي اونده ۾ ئي اندر آڊيٽوريم ۾ وٺي اچي پهرين قطار ۾ اسٽيج جي سينٽر سامهون ويهاريوسين!
    جڏهن سمورا ڊراما اسٽيج ٿي چڪا ۽ جج پنهنجي ججمينٽ تيار ڪرڻ ويا، ته اسين اسٽيج تي راجيش کناکي وٺي آياسين. تاڙين جا ڦهڪا پئجي پيا. ماحول ۾ ايڏي ته گرمي هئي جو اسين سڀ ڄڻ عرش ۾ پئي گهمياسين. مون پنهنجي استقباليائي تقرير ۾ جئه هند ڪاليج منچ ۽ خاص طور اسان سنڌين جي وچ ۾ راجيش کنا کي ڏسندي هڪ اردو شعر جون ٻه لائينون دهرايون:

    میری زندگی کے مالک میرے دل پہ ہاتھ رکھ دے
    تیرے آنے کی خوشی میں کہیں دم نکل نہ جائے!

    اهو ٻڌي راجيش کنا به ٿوري مسرت محسوس ڪيئي ته حاضرين پڻ زور سان تاڙيون وڄايون. پوءِ پرنسپال اندر لالواڻي ۽ ٽي.جي. خوبچنداڻي جي تقريرن کانپوءِ راجيش کنا ڳالهائڻ شروع ڪيو ته حاضرين کي خوش ڪري ڇڏيائين. هن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته اصل ۾ هوُ به ڪڏهن جئه هند ڪاليج ۾ ئي داخلا وٺڻ جو زبردست خواهان هئو؛ پر جڏهن کيس هتي اها داخلا نه ملي سگهي هئي، ته مجبوراً هن اُتي ئي ڀرواري سنڌين جي هڪ ٻي مئجيمينٽ جي ’ڪشنچسند چيلارام ڪاليج‘ جنهن کي عام طور ’ڪي.سي.ڪاليج‘ چيو ويندو آهي؛ اتي داخلا ورتي هئائين. پوءِ به جيئن ته کيس جئه هند ڪاليج جو ماحول ايترو ته وڻندو هئو؛ جو هوُ ڪي.سي.ءَ ۾ داخلا وٺڻ باوجود به سمورو ڏينهن ”جئه هند“ ۾ هوندو هئو ۽ ڪيترا ڀيرا ته ڪينٽين ۾ ڪجهه اوڌر پڻ رکائيندو هئو. هن اهو پڻ چيو ته آخر ۾ جڏهن هن هتي اچڻ بند ڪيو ته شايد ڪينٽين جي ڪجهه اوڌر رهجي ويئي هوندي. ان لاءِ هن مزاح ۾ چيو ته اڄ هن اسان وٽ اچي ڪري اها سمور اوڌر لاهي ڇڏي آهي! هن جي تقرير تي نوجوان ڇوڪرا ڇوڪرين جو خوش پئي ٿيا ته هن به موڊ ۾ اچي ڪري انهن ڏانهن هڪ “Flying Kiss” پڻ موڪلي؛ پوءِ ته شاگرد اصل زبردست خوش ٿي ويا. راجيش کنا پنهنجي تقرير ۾ هڪ سکيا به ڏني ته انسان کي هميشه توازن ۾ رهڻ کپي ۽ ڪهڙي به ڳالهه جو گهمنڊ بلڪل به نه ڪجي! اُهو ڪجهه سمجهائڻ لاءِ هن پنهنجي هڪ فلم ” داغ“ جو هڪ لنبو شعر پڙهيو:

    عزتیں، شہرتیں، چاہتیں، اُلفتیں
    کوئی بھی چیز دنیا میں رہتی نہیں
    آج میں ہوں جہاں کل کوئی اور تھا
    آج میں ہوں جہاں کل کوئی اور تھا
    یہ بھی اک دور ہے وہ بھی اک دور تھا
    آج اتنی محبت نہ دو دوستو
    کہ میری کل کی کھاتے میں نہ کچھ بھی رہے!
    آج کا پیار تھوڑا بچا کی رکھو میرے کل کی لئے!
    کل!
    کل جو گمنام ہے، کل جو سنسان ہے
    کل جو انجان ہے، کل جو ویران ہے
    میں تو کچھ بھی نہیں، میں تو کچھ بھی نہیں!

    راجيش کنا جي لفظن ۽ سندس آواز تمام حاضرين کي ڄن منترمگڌ ڪندي ڪنهن ٻي روحاني دنيا ۾ پهچائي ڇڏيو هجي! اهو ڏينهن، اهي گهڙيون، اُهي لمحات؛ اسين به الائي ڪٿي عرش جا پئي سير ڪياسين. ان ڏينهن ڄڻ هڪ وڏي ڳالهه ئي ويئي هئي؛ جو اُهو فنڪشن اسان جي پوري ڪاليج جو نه، پر اُن جي هڪ ننڍڙي سنڌي ڊپارٽمينٽ طرفان منعقد ڪيل هئو ۽ ان ۾ هندوستان جو اوّلين سپر اسٽار ۽ هردلعزيز فلم اسٽار راجيش کنا مکيه مهمان ٿي آيل هجي! هو اسان وٽ مکيه مهمان ته برابر ٿي آيو هئو؛ پر ائين پئي لڳو ته ڄڻ اسان مان ئي آهي ۽ اسان جي فيمليءَ جو ئي هڪ فرد آهي.
    بعد ۾ راجيش کنا جي هٿن کان اسين پنهنجي شاگردن کي انعام اڪرام ڏياريسين! فنڪشن پورو ٿيو ته راجيش کنا کي عرض ڪري اسين کيس پرنسپال آفيس ۾ وٺي آياسين؛ جتي ڏاڍي زور ڀرڻ کانپوءِ به هن ڊراءِ فروٽ به ڄڻ ٽيسٽ ئي مس ڪيو. هڪ لحاظ کان اها سٺي ڳالهه به هئي جو ان قسم جا ماڻهو پنهنجي صحت جو خيال ڪندي پنهنجي کاڌي پيتي تي ڏاڍو ڪنٽرول رکندا آهن. رجيش کنا، پرنسپال آفيس ۾ اچڻ سان ٿوري دير ويهي ڪجهه به هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري اسان کان موڪلايو ته اسين راجيش کنا، پهلاج نهالاڻي ۽ تلسي رامسي ٽنهي کي سندن ڪار تائين ٻاهر ڇڏي آياسين!
    ان کان پوءِ مون راجيش کنا کي 1989ع ۾ تلسي رامسي جي فرزند ديپڪ رامسي جي شاديءَ واري ريسپشن تي ڏٺو؛ جتي مون کي فوٽو گرافري لاءِ گهرايو ويو هئو ۽ اتي مان پاڻ سان گڏ ادا پريم کي به وٺي ويو هوس. راجيش کنا 29 ڊسمبر 1966ع ۾ فلم انڊسٽري ۾ ايندي ” راجيش کنا“ جي نالي سان سڃاتو ويو. هو انڊين فلم انڊسٽريءَ جو پهريون اڪيلو سپر اسٽار هو جو 1969ع کان 1971ع تائين ٽي سال ته هن جي سامهون ٻيو ڪهڙو جهونو نئون اسٽار چڻ غروب ئي ٿي يوا. هن ۾ معصوميت ايڏي هوندي هئي؛ جو جيڪر دشمن به پيار ڪرڻ لڳن؛ ان ڪري هن کي “King of Romance” پڻ سڏيو ويندو هئو. هوُ 1991ع کان 1996ع تائين ڪانگريس طرفان نيو دهليءَ مان اليڪشن کٽندي پنج سال ”ميمبر آف پارليامينٽ“ به ٿي رهيو ته 1971 کان 1995 تائين هن پنهنجي پراڊڪشن هيٺ به ڪجهه فلمون ٺاهيون، فلم انڊسٽريءَ ۾ ٻاهرين لاءِ ته هو راجيش کنا هئو؛ پر انڊسٽريءَ جا ماڻهو هن کي ”ڪاڪا“ جي نالي سان مخاطب ڪندا هئا. هن پنهنجي وڏي نياڻي ”ٽونڪل“، فلم اسٽار اڪشيه ڪمار سان پرڻائي؛ جن سندس هڪ بزرگ جيان باقاعده خدمت ڪيئي. پر ڊمپل ڪپاڙيه، جيڪا ڪڏهن هن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ گهٽين ۾ اچي بيهندي هئي؛ ان مان راجيش کنا کي ايتري وفاداري ڪو نه ملي سگهي ۽ حياتيءَ جا پويان ڏينهن هو ڪينسر جو شڪار رهيو؛ جنهن راجيش کنا کان اڳ نرگس دت ۽ راج ڪمار جهڙا سدا حيات ڪلاڪار اسان کان کسي ڇڏيا هئا. اها لسٽ صرف انهن تائين محدود نه رهي ۽ 18 جولاءِ 2012ع تي انتهائي انتهائي معصوميت جو مجسم؛ راجيش کنا به ان ئي لسٽ ۾ جڙي ويو!
    اسان 1988ع ۾ الهاس نگر ۾ ٽنهي ڀائرن لاءِ هڪ ئي سوسائٽيءَ ۾ جيڪي ٽي فليٽ بوڪ ڪرايا هئا؛ اهي ٺهي تيار ٿيا ته اُتي اسين جون 1989ع ۾ سي- بلاڪ وارو بنگلو ڇڏي شفٽ ٿي آياسين، اُتي ”ڪلانڪيتن اپارٽمينٽ“ ست ماڙ بلڊنگ ۾ اسان کي چوٿين ماڙي تي ٽي الڳ الڳ فليٽس هئا؛ جيڪي اسين اندران ئي اندران پاڻ ۾ ملائي ڇڏيا هئاسين جيئن سڀ پنهنجي فليٽ ۾ جدا رهي به سگهن ۽ هڪٻئي سان گڏ به هجن. پر جڏهن ڪچن الڳ ڪيو ويو ته اسان ٽنهي ڀائرن کي سخت صدمو رسيو هئو؛ پر دور درشتيءَ جي لحاظ کان ادا پريم جو اهو فيصلو صحيح ئي هئو جو اسان جي جوائنٽ فيملي جي اڄ سوڌو ٻڌي قائم رهندي آئي آهي ڀل هينئر اسين بلڪل ئي الڳ الڳ فليٽس ۾ رهندڙ آهيون.
    تلسي رامسي جي فزند ديپڪ رامسي جي شادي هئي؛ ان جي سموري فوٽوگرافيءَ لاءِ مون کي ئي چيو ويو. انهن وٽ سڄو سارو هڪ هفتو مختلف پروگرام ٿيندا رهيا. تلسي صاحب جا سيڻ هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ هئا ۽ انتهائي نيڪ تمنه هئا جو انتهائي خوش اخلاقيءَ سان پيش اچي رهيا هئا. مون انهن جا ٻيا ته سمورا پروگرام اڪيلو ئي اٽينڊ ڪيا؛ پر ”سينچوئر“ فائيو اسٽار هوٽل جو هو تي جڏهن هن جي ريپشن پارٽي هئي ته اتي آءٌ پاڻ سان گڏ ادا پريم کي به وٺي ويس؛ جو خبر هئي ته اتي ڪيترا ئي فلم اسٽارس اچڻا هئا؛ سچ پچ ٿيو به ائين! اڃا رسيپشن شروع ئي مس پئي ٿي؛ جو اڪيلائپ اڪلائپ ۾ راجيش کنا ۽ انوپم کير اچي ڪري نڪري به ويا. پوءِ آهسته آهسته جيئن جيئن محفل جي رنگت وڌندي پئي رهي ته نوتن، مونيش بهل، رضا مراد، بپي لهري ۽ ننڍا ننڍا ته انيڪ ايڪٽر اچي اُتي گڏ ٿيا هئا!
    رسيپشن کان اڳ هڪ پارٽي ٿي هئي جو هوُ تي ”پام گرووِ“ فائيو اسٽار هوٽل ۾؛ جتي فوٽوگرافي ڪندي ڪندي اتفاق سان منهنجي ڪيمره خراب ٿي پيئي هئي. ”پام گرووِ“ هوٽل سان لڳو لڳ هڪ بلڊنگ ”بيچ هيون“؛ جتي فلم ايڪٽر راج ببر رهندو هئو ۽ ساڳي بلڊنگ جي گرائونڊ فلور واري فليٽ تي جوهوُ چوپاٽيءَ طرف اسان واري الهاس نگر جي آرڪيٽيڪٽ نيلم ناگراڻي رهندڙ هئو. اوچتو جو منهنجي ڪيمره خراب ٿي پيئي ته عزت بچائڻ لاءِ آءٌ تڪڙو تڪڙو نيلم ناگراڻيءَ جي گهر ڀڳس جو ڪڏهن هوُ پاڻ مونکي پنهنجي گهر وٺي هليو هئو.
    رب جي ڪرڻي اهڙي؛ جو نيلم ناگراڻي گهر ۾ ڪين هئو:؛ پر انجي شريڪِ حيات مونکي سڃاتو پئي. انکان مون سندن ڪيمره گهري ۽ اهو پڻ ٻڌايو ته ڀرم ۾ ”پام گرووِ“ ۾ ئي منهنجي فوٽوگرافي هلي رهي آهي. اڃا هوءَ اُهان کڻي اچڻ لاءِ پٺياڻ مڙڻ تي ئي هئي؛ جو نيلم جي والد صاحب پري کان رڙ ڪيئي؛ ” اسان وٽ ڪيمره ڪونهي!“
    ٻيو ڪو چارو نه ڏسي آءٌ ”پام گرووِ“ ۾ واپس موٽي آيس، مون ڏٺو ته منهنجي ڪيمره فوٽو ته ڪڍي پيئي؛ پر هر هڪ فوٽو تقريبن ڏه سيڪنڊ کن پوءِ نڪري رهيو هئو. عزت بچائڻ لاءِ مون ان کريل ڪيمره سان ئي فوٽو ڪڍندو رهيس. ڀل هر هڪ فوٽو گراف ڏه سيڪنڊ پوءِ ئي نڪري رهيو هئو. پڪڙجي تڏهن پيس؛ جڏهن آهسته آهسته پبلڪ ويندي رهي ۽ وڊيو به بند ٿي ويو؛ باقي صرف منهنجي فوٽو گرافي چالو ئي هئي. اُتي هنن مان ڪجهه سمجهدار ماڻهن کي ڌپو پئجي ويو ته هيءُ همراه هر فوٽو ڪڍڻ لاءِ دير ڇو ڪري رهيو آهي. آخر هڪ گروپ فوٽو ۾ ڪنهن شخص کان نڪري ئي ويو؛ ته ”ڇو سائين توهان دير ڏاڍي ٿا لڳايو فوٽو ڪڍڻ ۾!“ ان تي مان جواب ڏيان ئي ڏيان تلسيءَ جي ننڍي ڀاءُ شيام رامسي کلندي چيو ته ”ٻلديو جي ڪيمره پنهنجي مرضيءَ سان فوٽو ڪڍندي آه!“

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 21 فيبروري 2016
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 46
    ڪيڏانهن اسان جي جل پري پونم ۽ ڪيڏانهن ڪارو شترو!
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    ڊسمبر 1989ع ۾ اسان کي ”نائين انٽر-ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن، ڪرڻي هئي. اسان وٽ گذريل سال مکيه مهمان جي حيثيت ۾ فلم اسٽار راجيش کنا آيو هئو؛ ته هن سال به مون فلم ڊائريڪٽر تلسي رامسي کي عرض ڪيو ته اهو معيار برقرار رکڻ لاءِ ڪهڙو به وڏو اداڪار اسان وٽ اچڻ لاءِ مڃارائي ڏي. انهن ڏينهن ۾ فلم پروڊيوسر درگاداس مولچنداڻي ۽ منوهر اگهيچا جي فلم ٺهي رهي هئي’ناانصافي‘؛ جنهن ۾ منداڪني ۽ شتروگهن سنها هيرو –هيروئن ڪري رهيا هئا. ان فلم جي ڊئريڪشن تلسي ۽ شام رامسي ڪري رهيا هئا. تڏهن تلسي صاحب مونکي شتروگهن سنها کان پڪ وٺي ڏني. پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن ” فلمستان اسٽوڊيو“ جي مسقل ٺاهيل پوليس اسٽيشن ۾ ان فلم جي شوتنگ هئي؛ ته شام جو تلسي رامسي مونکي به گهرايو ته جيئن مان کانئس ليٽر ڏيئي آفيشنل ڪنفرميشن وٺي سگهان!
    ان ڏينهن آءٌ جئه هند ڪاليج مان شتروگهن سنها لاءِ آفيشل ليٽر ٽائيپ ڪرائي گوپ روچنداڻيءَ کي به ساڻ ڪري ڏنل وقت ئي ’فلمستان اسٽوڊيو‘ ۾ پهچي ويس. اسين اُتي پهتاسين ته هنن جي بريڪ ٿي چڪي هئي ۽ پورو يونٽ ناشتو کائي رهيو هئي. تلسي رامسي اسان کي به اهو ناشتو کارايو، جيسين شوٽنگ شروع ٿئي؛ ان کان اڳ هن اسان کي شتروگهن سنها سان به ملايو. هيڏو وڏو قداوار جوان ڳاڙهو ڳٽول!
    اسان ته ان جي حشمت ڏسي خوش ٿي وياسين. مون هيل تائين جيڪي به انفرادي هستيون ڏٺيون آهن؛ انهن جي شخصيت ۾ ڪجهه الڳ ئي هوندو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو هئو؛ سامهون ڏس ته دشمن به جيڪر هر ڳالهه مڃي ويهي. فلم اسٽار محمد عليءَ جي ڀرسان بيهه ته هڪ ازغيبي خوشي پئي محسوس ٿيندي؛ سنيل دت کي ڏس ته هڪ خوبصورت ترين شهزادي جو تصور ڄڻ عملي روپ وٺندي نظر اچي؛ راجيش کنا جي قربت ۾ ته ڄڻ هڪ بجليءَ جي لهر گهمي وڃي ۽ هزارن لکن جي ڀيڙ ۾ به سڀ جون نگاهون جيڪر هڪ راجيش تي ئي کپي وڃن. ائين ته فلم ايڪسٽريس زيبا، منداڪني ۽ آئشوريه به پنهنجي دور ۾ انتهائي خوبصورت شخصيت جون مالڪ رهي چڪيون آهن؛ پر جيڪا مقناطيسي قوت ڌڻي پاڪ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب، محمد علي، سنيل دت ۽ راجيش کنا کي بخشي؛ اُتي زبان بيان کان قاصر رهيو وڃي ۽ قلم لکندي لکندي رُڪجي وڃي!
    مون شتروگهن سنها کي جئه هند ڪاليج وارو ليٽر ڏيندي هيٺين ڪاپيءَ تي سندس قبوليت وٺي ڇڏي! اهو سڀ فلمستان اسٽوڊيوز اندر هڪ مستقل ٺاهيل پوليس اسٽيشن جي ٻاهران ويٺي ناشتو به ڪيوسين ته شاٽ شروع ٿيڻ مهل ميڪ اپ روم مان شتروگهن آيو ته ان سان ڳالهائڻ به ٿي ويو. بعد ۾ پوليس اسٽيشن جي اندر ٿوري شوٽنگ به ڏٺيسين؛ جنهن ۾ شتروگهن پوليس جو بالا آفيسر هوندي سُوٽ ۾ ئي آفيس ۾ منداڪنيءَ کي براين کان ڪنارو ڪرڻ جي صلاح ڏيئي رهيو هئو! جڏهن ته منداڪني به سونهن جي ايڏو ته مجسم پئي لڳي جو بادشاھ جيڪر پنهنجي سلطنت به لٽائي ڇڏين!
    ڊسمبر 1989ع ۾ جنهن ڏينهن تي اسين ’نائين انٽر ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن‘ ملهائي رهيا هئاسين. انهن ئي ڏينهن ۾ ڀارت جي مرڪزي سرڪار لاءِ اليڪشن ٿي هئي ۽ راجيو گانڌي سنگل لارجيسٽ پارٽي هوندي به اڪثريت نه ملڻ سبب هار قبول ڪري چڪو هئو ۽ بي جي پي اليڪشن ۾ ٻيون نمبر پارٽي ٿيندي به هڪ تمام ننڍي پارٽيءَ جي ليڊر وشوناٿ پرتاب سنگهه(وي.پي.سنگهه) کي وزيراعظم بڻائڻ قبول ڪيو هئو ۽ شتروگهن سنها جيئن ته بي.جي.پيءَ جي ٽڪيٽ تي ميمبر پارليامينٽ ٿي آيو هئو ۽ وي.پي.سنگهه کي ويجهوهئڻ سبب ان ساڳئي ڏينهن تي دهلي ۾ وزارت جي ورهاست وارين ڳالهين ۾ اهم رول ادا ڪري رهيو هئو ته مونکي ڪيترن ئي دوستن چيو ته ان ڏينهن تي شتروگهن دهليءَ ۾ سرڪاري کچڙي رڌڻ ۾ رُڌل آهي ته اسان وٽ بمبئيءَ ۾ ڪيئن ايندو!
    پر سائينءَ جي مهر سان شتروگهن سنها وري فلم پروڊيوسر پهلاج نهالاڻيءَ جو گهاٽو دوست هئو؛ ان لاءِ اسين ان جو ذمو ئي پهلاج تي رکيو هئو ته اهو شتروگهن کي وٺي اسان وٽ ڪاليج ۾ پهچي. نتيجن اسين ٽپهريءَ جو گيسٽ آف آنر تلسي رامسي ۽ جج صاحبان نيتا پهلاج نهالاڻي، فلم پروڊيوسر منوهر اگهيچا، ڊراما ڊئريڪٽر مون جماڻي ۽ هفتيوار ’هندواسي‘ ۾ مستقل طور ثقافتي سرگرميون سنڀاليندڙ صحافي رام ڪرشن آڏواڻي انهن جج صاحبان جي هٿن سان علم جي ديوي سرسوتيءَ اڳيان ديپ اجول ڪندي اسين پنهنجي چٽا ڀيٽيءَ لاءِ مختلف ڪاليجن؛ وويڪانند ڪاليج، چيمبور، چاندي ٻائي ڪاليج، الهاس نگر؛ سيواسدن ايجوڪيشن ڪاليج، الهاس نگر ۽ ميزبان جئه هند ڪاليج طرفان ’آشا-نراشا‘، ’مهان ڪار‘، ’نڀاڳو پيرُ‘ ۽ ’سنگهاسن‘، سلسليوار ايڪانڪي ناٽڪ حاضرين اڳيان پيش ڪرڻ شروع ڪري ئي ڇڏياسين.
    سائينءَ جي مهر اهڙي ٿي ويئي؛ جو اڃا پويون ناٽڪ پيو ئي هئو؛ جو پهلاج نهالاڻيءَ شتروگهن سنها پهچي ئي ويا. وڏي ڳالهه اها هئي شتروگهن ان ڏينهن صبح جو اُتي دهليءَ ۾ وي.پي.سنگهه وارن جي هاءِ ڪمانڊ ميٽنگ ۾ گورنمينٽ فارميشن لاءِ شريڪ ٿيو هئو ۽ پوءِ منجهند کانپوءِ فلائيٽ پڪڙي بمبئيءَ هليو هئو ۽ پهلاج نهالاڻي کيس اسان وٽ وٺي آيو هئو. ميزبان جئه هند ڪاليج جو آخرين ايڪانڪي ناٽڪ ”سنگهاسن“ پورو ٿيو ته اسين جج صاحبان کي الڳ روم ۾ ويهاري پنهنجو اسٽيج پروگرام شروع ڪري ئي ڇڏيوسين.
    پرنسپال ٽي.جي.خوبچنداڻي هن سال جئه هند ڪاليج ۾ واپس موٽي آيو هئو ۽ هينئر پرنسپال جا فرائض اهو ئي سنڀالي رهيو هئو. ان ۾ هڪ ڳالهه سٺي هئي ته اسٽيج پروگرام جي شروعات هُو پنهنجي ٻن لفنظن سان ڪندو هئو تيسين حاضرين وغيره پڻ سيٽ ٿي ويندا هئا ۽ پوءِ مونکي سنڌي سرڪل طرفان استقباليائي تقرير ڪرڻ لاءِ چوندو هئو. مون مکيه مهمان شتروگهن سنها لاءِ پنهنجي حاضرين، کي ٻڌايو ته رام ڀڳوان پنهنجي والد صاحب جي قول کي سچو ڪرڻ لاءِ چوڏهن سال بنواس ڀوڳيو هئو؛ اُها ته ٿي دواپر جي ڳالهه؛ پر اڄ جي ماديت پرستيءَ واري دور ۾ هڪ شتروگهن سنها اهڙو به آهي؛ جو پنهنجي وچن پالنا ۽ اسان کي ڏنل قول کي پاڻي ڏيڻ لاءِ اڄ دهليءَ ۾ گورنمينٽ فارميشن جي ميٽنگ اڌ ۾ ڇڏي اسان وٽ اچي پهتو آهي. مون شتروگهن سنها صاحب کي تعليم، شاگردن ۽ استادن سان پيار ڪندڙ شخصيت ڪري قرار ڏنو ته حاضرين ۾ تاڙين جا ڦهڪا پئجي ويا. مون حاضرين کي اهو به ٻڌايو ته ڪڏهن ڀارت جي ”مس انڊيا “ رهندڙ اسان جي سنڌي ڀيڻ پونم جو گهوٽ هئڻ ناتي شتروگهن اسان سموري سنڌين جو ناٺي ۽ جيجا جي آهي!
    مون کان پوءِ پهلاج نهالاڻيءَ به شتروگهن سنها جي مهربانين جو ذڪر ڪندي منهنجي پڻ ساراه ڪيئي، ته ڪيئن ٻلديو سنڌي ٻولي، ادب ۾ سنسڪرتيءَ جي ڦهلاءَ لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو! هن جئه هند ڪاليج جي ساراھ ڪندي اهو پڻ ٻڌايو ته سندس شريڪ حيات نيتا پڻ ڪڏهن هن ئي ڪاليج مان پڙهي گريجوئيٽ ٿي هئي.
    پوءِ جڏهن شتروگهن سنها مائڪروفون تي آيو ته ڏاڍو موڊ ۾ ٻئي لڳو؛ پنهنجي لاءِ ٻڌايائين جڏهن پونم کي ”مس انڊيا“ جو خطاب مليو. هئو ۽ سچ پچ به انتهائي خوبصورت ترين ڇوڪري هئي. ان وقت جون ڳالهيون ٻڌائيندي چيائين ته جڏهن پونم جي ماءُ شادي کان اڳ کيس ڏٺو هئو ته رڙ ڪندي چيو هئائين، ”هاءِ قهر! ڪيڏانهن اسان جي جل پري پونم ۽ ڪيڏانهن ڪارو شترو! اهو سڀ ٻڌائيندي به هوُ پوري سنڌي جاتيءَ جي اخلاق ۽ محبت کي دل کولي داد ڏيئي رهيو هئو ته ڪيئن هنن دشوار حالتن ۾ به هن نئين سماج ۾ پنهنجي لاءِ بيحد عزتدار مقام حاصل ڪري ورتو! هن اهو پڻ چيو ته ” پونم جي ناتي مان پاڻ به اڌ سنڌي آهيان ۽ اهو ٻڌائيندي مان فخر محسوس ڪريان ٿو!“
    پوءِ جڏهن جج صاحبان پنهنجو فيصلو کڻي آيا ته مدن جماڻي مائڪروفون تان پنهنجو گڏيل فيصلو ٻڌائيندو رهيو، جنهن موجب تمام وجيتا شاگرد پنهنجو پنهنجو انعام مکيه مهمان شترو گهن سنها جي هٿن کان وٺندا رهيا. هن سال پڻ ”بيسٽ پلي“ جو اوارڊ جئه هند ڪاليج جي جهوليءَ ۾ آيو ۽ بيسٽ ڊئريڪٽر ونيه-موهن، بيسٽ ايڪٽر موهن گجريا ۽ بيسٽ سپورٽنگ ايڪٽر ونيه اميسر؛ اهي ٽيئي اعزاز به جئه هند ڪاليج کي ڏنا ويا؛ جڏهن ته سيواسدن ايڊيوڪيشن ڪاليج، الهاس نگر کي” سيڪنڊ بيسٽ پلي“ ۽ ان جي ڪلاڪارن آشا روهڙا ۽ شيلا ڀاٽيه کي ”بيسٽ ايڪٽريس“ ” ۽ بيسٽ سپورٽنگ ايڪٽريس“ جون ٽرافيون پڻ ڏنيون ويون.
    جيئن ته اسان جي پوري چٽاڀيٽيءَ ۾ مختلف ڪاليجن جا ڪيترائي شاگرد ڪلاڪار بهرو وٺندا هئا ۽ اواراڊس جي محدوديت سبب گهڻيئي قدردانيءَ کان وانجهجي ويندا هئا؛ اهڙي صورت ۾ منهنجي صلاح تي چندر منگهناڻي ۽ رام جوهراڻيءَ سهيوگ فائونڊيشن طرفان سڀني ڀاڳ وٺندڙ شاگردن جي نالي سان ميمينٽو ٺهرايا هئا؛ جيڪي پڻ کين مکيه مهمان جي شپ هٿن کان ڏنا ويا. ان کانسواءِ نه صرف هيءُ ثقافتي پروگرام پر اڪيڊمڪ دنيا ۾ به شاگردن ۾ سنڌي سبجيڪٽ کڻڻ لاءِ چاھ پيدا ٿي؛ ان لاءِ پڻ چندر ۽ رام جئه هند ڪاليج جي هر اُن شاگرد کي ٽي_هزار روڪ انعام ڏيڻ شروع ڪيو؛ جيڪو ٻارهين درجي ۾ بورڊ امتحان ۾ سنڌي سبجيڪٽ پوري جئه هند ڪاليج ۾ ٻين شاگردن کان وڌيڪ مارڪون کڻڻدڙ هوندو ۽ فرسٽ ييئر بي.اي. ۾ سنڌي (لازمي) سبجيڪٽ ۾ جئه هند ڪاليج ۾ پهريون نمبر ايندڙ شاگرد کي ٻه هزار روپيا روڪ انعام ڏيڻ پڻ شروع ڪيو. پرنسپال ٽي.جي.خوبچنداڻيءَ آخر ۾ پنهنجو صدارتي خطبو ڏيندي سنڌي سرڪل کي هر ممڪن سهائتا ڏيڻ جي پڪ ڏني. ۽ تمام انعام يافته ڪلاڪارن کي دل سان مبارڪباد ڏني.
    اسان پنهنجي ”فلم سٽي اسٽوڊيو“ تي ”پناسونڪ“جي وڊيو ڪيمره وٺي وڊيو گرافي به شروع ڪئي هئي؛ جيڪا مان ڪندو هوس ۽ فوٽوگرافي لاءِ ٻيو ڪهڙو به همراه پاڻ سان گڏ کڻي ويندو هوس. بعد پوسٽ-پراڊڪشن لاءِ گهر ۾ ئي ويهي انهن VHS وڊيو ڪئسٽيس تي ڊبنگ ڪندي مٿانئن سين سان وابسته گانا ڀريندا هوس. هڪ ڏينهن آءٌ اهڙو ئي ڪجهه ڪم 1986ع ۾ پنهنجي پراڻي گهر سي-بلاڪ ۾ ويٺي ڪيو ته ”ٽوڊيز فوٽو“ تان ادا پريم مون ڏانهن هڪ مهاراشٽرين گراهڪ موڪليو؛ جنهن اهو پئي چيو ته کين ڪلياڻ شهر ۾ ڪسٽمس ڊپارٽمينٽ ۾هڪ پروگرام جي وڊيو گرافيءَ ڪرائڻي آهي. آءٌ ڊبنگ بند ڪري ساڻ وڊيو ڪيمره کڻي گڏ ڪلياڻ ويس ته اُتي هڪ هنڌ آفيس هيٺيان بيهاري پاڻ وڃي مٿان ٿي آيو ۽ ٻڌايائين ته هاڻ اهو پروگرام شفٽ ٿي بمبئيءَ ۾ ٿي رهيو آهي؛ اتي هلي وڊيو ڀرڻُ آهي. آءٌ به نڪتو هوس ته اڳو پوءِ اتان اسٽيشن تي ساڻس گڏ لوڪل ٽرين تي بمبئي هليو ويس. مونکي ته ٽرين لاءِ فرسٽ ڪلاس جي پاس هئي؛ پر مون سان گڏ هڪ ڇوڪرو به هئو جنهن لاءِ هن چيو ته ٽڪيٽ جي ضرورت ناهي ۽ ان کي ٽڪيٽ نه لڳندي آهي!
    ”بامبي وڪٽوريه ٽرمينس“ سينٽرل ريلوي جي مين اسٽيشن تي وڃي لٿاسين، جتان ٽيڪسيءَ تي هو ڀر واري ڪسٽمس هائوس هليو؛ جتي اسان جي وڊيو ڪيمره ۽ منهنجي ڇوڪريءَ کي ٽيڪسي ۾ ويهاري مونکي مٿي وٺي هليو ۽ چيائين پئي ته هتان صرف پڇي ٿا وٺون ته ڪهڙي نموني وڊيو گرافي ڪرڻي آهي ۽ پوءِ ان جاءِ تي ٿا هلون اُها بامبي ڪسٽمس جي هيڊ آفيس هئي، جتي فرسٽ فلور تي مونکي هڪ هنڌ ويهاري سامهون اڌ دروازو کولي اندر هليو ويو. پوءِ ته منهنجو انتظار شروع ٿي ويو. ڏه منٽ، پندرهن منٽ، اڌ ڪلاڪ، ڪلاڪ! آخر مان پاڻ اهو اڌ دروازو کولي اندر وڃي ڏسڻ چاهيو ته ان جي اندر ته ڪا آفيس ته ڪو نه هئي؛ مورڳو ئي اهو اڌ دروازو ان بلڊنگ جي پٺين طرف ٻاهر نڪرڻ لاءِ ٺاهيل هئو. مون کان ته ڇرڪ نڪري ويو!
    تڪڙو تڪڙو هيٺ لهي ٻاهر مين رود وٽ اچي ڏسان ته نه اها ٽيڪسي، نه منهنجا وڊيو ايڪوپمينٽس ۽ نه منهنجو ڇوڪرو؛ جيڪو آءٌ الهاس نگر کان گڏ وٺي آيو هوس!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 28 فيبروري 2016
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 48
    راجيندر ناٿ کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو!
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    ڪسٽم هائوس، بيلرڊ پيئر، بمبئي ۾ بلڊنگ کان ٻاهر نڪري ڏٺم ته نه منهنجي وڊيو ڪيمره هئي؛ نه ٽيڪسي ۽ نه مان وارو الهاس نگر کان آندل ڇوڪرو هئو جنهن کي آءٌ لائيٽ سنڀالڻ لاءِ وٺي آيو هوس. زبردست بي چيني ۽ آنڌ مانڌ ۾ ڀرسان ئي بمبئي (وي.ٽي.) اسٽيشن تي پنڌ آيس ۽ لوڪل ٽرين پڪڙي هٿين خالي الهاس نگر ۾ سڌو ئي ادا پريم وٽ ”ٽوڊيز فوٽو“ تي ويس. اُتان آءٌ ادا پريم کي ساڻ کڻي ان ڇوڪري جي گهر ويس؛ جيڪو مون کان بمبئيءَ ۾ الڳ ٿي ويو هئو. پر جيئن ته اڃا اهو ڇوڪرو پنهنجي گهر ڪو نه پهتو هئو ته منهنجي ڳالهه ٻڌي پاڻ ان جا مائٽ مون سان وڙهڻ لڳا ته آءٌ ڇو ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ڇڏيو هئو!
    اسان ته ٻن باهين ۾ هئاسين. هڪ ته ڪئميره ايڪوپمينٽ وڃاياسين؛ ٻيو ته وري هاڻ ڇوڪري جي مائٽن سان منهن پئي ڏيڻو پيو؛ وري به الله جو شڪر آهي جو اڃا ان جي مائٽن مون سان وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ئي مس ڪيو ته اُهو ڇوڪرو به اچي گهر ۾ سهڙيو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته اهو نقلي ڪسٽم آفيسر مونکي اندر ڇڏي جيئن ئي ٻاهر نڪتو ته ايڪوپمينٽ ۽ ڇوڪري کي وٺي ڪري ڀر ۾ هڪ هنڌ ڪجهه ڊيڪوريشن ٿيل جاءِ تي هلي ٽيڪسي بيهاري ان ڇوڪري کي چيائين ته تون تڪڙو وڃي پنهنجي مالڪ کي وٺي آءُ! اهو ڇوڪرو وري الله جو اهڙو پيارو جو اسان جو سمورو ايڪوپمينٽ ان کي ڏيئي مونکي ڪسٽم هائوس ۾ وٺڻ آيو؛ ڄڻ کيس خبر هئي ته اتي اندر آءٌ ڪٿي ويٺل آهيان. بهرحال هن اُتي مونکي نه ڏسي وري جو اُن ڊيڪوريشن واري جاءِ ڏانهن وڃي ڏنو ته کيس ڪجهه به نظر نه آيو هو به لوڪل ٽرين ۾ گهر موٽي آيو! هاڻ ڏي جواب! ڇا هاڻ آءٌ وڙهان ان جي مائٽن سان جيڪي ڪجهه ئي گهڙيون اڳ مون سان وڙهندي ڳالهائي رهيا هئا ته توهان جو ڇوڪرو منهنجو قيمتي ايڪوپمينٽ ڇو ڪنهن به بنا سڃاڻيندڙ ماڻهوءَ کي ڏيئي مونکي ڳولهڻ نڪتو. هن کي پنهنجو ڪم ڪندي کيس ايڪموپمينٽ ئي سنڀالڻو هئو! بهرحال هنن جو وڙ هنن سان؛ اسان جي ڪجهه به چوڻ جو نه ته ڪجهه ضرور هئو ۽ نه فائدو ئي ٿيڻو هئو.
    آءٌ پوليس اسٽيشن تي اهڙي ايف.آءِ.آر. لکائڻ ۾ به ڏينهن ان ڊپ کان وڃائي ڇڏيا، جو اُهي ايڪوپمينٽ دراصل گورنمينٽ طرفان پابنديءَ واري لسٽ تي هوندا آهن ۽ امپورٽ نه ٿيڻ جي صورت ۾ هر هڪ فوٽوگرافر کي بازار مان بغير بل جي ئي وٺڻا پوندا هئا. مون کي اهو ڀؤُ پئي ٿيو ته پوليس اسٽيشن وارن ايڪوپمينٽ جو بل گهريو ته آءٌ ڇا ڏيندس! اهڙي صورت ۾ اسان جو هڪ دوست سُريش بچاڻي، چيمبور بمبئيءَ ۾ رهندڙ هئو؛ جنهن جو هڪ ساهرو مائٽ نيو بامبي طرف ڪٿي پوليس ۾ ئي اسسٽنٽ ڪمشنر هئو؛ جنهن کان صلاح وٺڻ لاءِ ان پاڻ ئي مونکي پنهنجي ليٿ مشين واري فيڪٽريءَ تي گهرايو.
    ان اشراف سان جيئن ئي آءٌ سرش سان جيئن ئي سندس فيڪٽريءَ تي وڃي مليس ته پهرين ته هن مانيءَ جو ٽائيم هئڻ سبب ٻاهر هلي هڪ هوٽل ۾ مونکي ماني کارائي ۽ پوءِ پنهنجي ڪار کڻي پنهنجي مائٽ اسسٽنٽ ڪمشنر آف پوليس ڏانهن وٺي هليو. ان همراه سان سندس آفيس ۾ وڃي گڏياسين، هن ان ڀل ڪا وڏي مدد ڪونه ڪيئي پر اها ڄاڻ ضرور ڏنائين ته ڪهڙي به فرياد لکائڻ لاءِ پوليس کي ڪنهن به بل جي گهر ڪو نه ڪرڻي آهي ۽ اها ايف.آءِ.آر. به جيئن ته اهو رهزن الهاس نگر ۾ منهنجي گهر اچي مونکي بمبئيءَ وٺي هليو هئو ته اهڙي صورت ۾ ان شروعاتي پوائنٽ واري حد جي ثاڻي تي ئي لکائڻي پوندي.
    مطلب ته بابا نسيم کرل جي ”چوٽيهون در“ افساني وارو قصو هئو؛ جو لاش کي ڪهڙو به ٿاڻو پنهنجي حد ۾ قبول ڪونه ڪندي ٻاهر ئي چئي رهيو هئو. هتي به اهو ئي قصو هئو ته جيڪڏهن بمبئيءَ جو هوندي مون سان اهڙو ڪو واقعو 1663 ڪلوميٽر دور ڪلڪته ۾ سرزد ٿئي ته مونکي ايف.آءِ.آر. پڻ اُتي وڃي لکائڻي آه ۽ مهينو کن وڃي اُتي هوٽل ۾ رهڻو آهي جيسين اُهي ڪجهه بِلو ڪري سگهن؛ ڀل ان پروسيس ۾ ايڪوپمينٽ جيتري ٻي به رقم خرچ ٿي وڃي!
    ان اسسٽنٽ ڪمشنر جي صلاح تي آءٌ تڪڙو تڪڙو الهاس نگر اچي پنهنجي گهر ڀرسان ٿاڻي تي ايف.آءِ.آر. لکائڻ ويس. مون کيس پنهنجو تعارف هڪ ليڪچرر جي روپ ۾ ڏنو؛ پوءِ به هنن کي اها ايف.آءِ.آر. داخل ڪرڻ ۾ ٽي چار ڪلاڪ لڳي ويا! جيڪڏهن ڪيرُ ٿڏي تي به اچي اهڙو فرياد لکائي به ايڏي دير لڳڻ جي صورت ۾ چور ته مهاراشٽرا صوبي مان به جيڪر ٻاهرهليو وڃي! پر ڇا ڪجي! اهو ئي هن برصغير جو نصيب آه! انگريزن قانون ٺاهيا انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ۽ هيءُ الله جا پيارا انهن لفطن ۾ اٽڪي عوام جي خدمت ڪرڻ بدران کين ڏُهي رهيا آهن.
    خير! پوءِ خبر پيئي ته ان چور جو فوٽو گورڌنداس ڏاندواڻيءَ پنهنجي ٿاڻا شهر واري ليبارٽريءَ تي لڳائي رکيو هئو ته ماڻهو ان کان باخبر رهن؛ پر هن ادا پريم کي اهڙي ڪابه ڳالهه ئي ڪانه ڪئي هئي. مون کي جو ان رهزن جو فوٽو جي ڪاپيءَ ملي ته اها پڻ مون پاڻ واري ٿاڻي تي وڃي جمع ڪرائي ته هاڻ جيئن هنن لاءِ ڪيس سلجهائڻ سولو ٿي پوي ۽ دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اهو ئي آسرو ته من الله ڪري مونکي پنهنجو سامان ملي پوي!
    بهرحال، فوٽو ته ڏنو پر منهنجي لاءِ آزار ٿي پيو. ٻه راتيون پوليس وارا منهنجي گهر تي اچي بيهي رهيا ته وارو ڪر، گاڏي ڀاڙي ڪر ته بمبئيءَ هلون فلاڻي جاءِ تي ان جو ڏس پتو مليو آه! پوءِ ته سائين روز هزار هزار رپيا ڀري گاڏي به ڀاڙي مان ڪيان؛ رستي تي انهن جا ناشتا پاڻي به منهنجي مٿان! هڪ رات پهرين ٿاڻا شهر جي ڪنهن جهوپڙ پٽيءَ ۾ هليا پر همراه جو ته ڪو سراغ ئي ڪو نه پئي مليو. آخر مونکي ڪنهن کان ان چور جي دادر ۾ سندس گهر جي ائڊريس به ملي! اها پوليس ٿاڻي تي ڏني ته وري سائين رات جو گاڏي ڀاڙي ڪرڻي پيئي ۽ ٻه کن پوليس وارا مون سان گڏ دادر ۾ ان ائڊريس تي هليا. اڌ رات جو هلي جو ان جو درکڙڪايائون ته هڪ ڇوڪري نڪتي جنهن چيو ته اها ڪنهن ڪورٽ ۾ اسٽينو جو ڪم ڪندڙ آهي ۽ اهو سندس ڀاءُ هاڻ انهن سان گڏ رهندو ئي ناهي! نراش الهاس نگر موٽي آياسين.
    انهن ڏينهن ۾ آءٌ ريڊيو تي سنڌيءَ لاءِ ڪيزوئل انائونسر طور ڪم ڪندو هوس ته اُتان جي ڪنهن اسٽاف ميمبر جو مائٽ ان دادر واري ٿاڻي تي انسپيڪٽر هئو، جتي ان چور جو گهر هئو! آءٌ وڃي ان انسپيڪٽر سان ملي آيس؛ هن چڱو ئي آسرو ڏنو ته جيئن ئي ڪابه خبر پيئي ته هو منهنجي ضرور مدد ڪندو! پوءِ ته اُلهاس نگر ٿاڻي وارا ڪنهن به رات جو ڪيڏانهن هلڻ لاءِ چوندا هئا ته مان انڪار ئي ڪري ڇڏيندو هوس؛ جو هاڻ منهنجو ايڪوپمينٽ ملڻ ته ناممڪن ئي هئو! اها ته ڄڻ ڀاڙيتي مينهن پئي پالڻي پيئي. راتين جون راتيون جاڳ به؛ گاڏيءَ جا ڀاڙا به ڀر؛ اُهي ڀل پاڻ ناشتو پاڻي ڪرڻ لاءِ نه چوندا هئا پر اسان جي رڳن ۾ جو سنڌي خون پئي گردش ڪيئي ته آءٌ پاڻ ئي هر ڀيري ڪنهن هوٽل تي وٺي وڃي کين ضرورت موجب کارائيندو هوس؛ جو هيڪر ڪنهن به ڪم تي نڪر ته ڀل مانيءَ جو وقت نه به هجي بک لڳندي ئي هوندي انهن همراهن کي!
    آخر ٽي مهينا کن گذرڻ کانپوءِ جڏهن مون اهو ايڪوپمينٽ ملڻ جو آسرو ئي لاهي ڇڏيو ته هڪ ڏينهن دادر پوليس ٿاڻي واري انسپيڪٽر مونکي فون ڪري گهرايو ۽ ٻڌايائين ته اهو چور ڪٿي ٻي واردات ڪندي جهلجي پيو آهي؛ جنهن لاءِ هن مونکي سڏ ڪرايو هئو. آءٌ ته فـٽافٽ وڃي ساڻس مليس، ته هن جو چوڻ هئو ته ان چور منهنجو سامان ته ڪٿي وڪڻي ڇڏيو آهي. باقي جيڪو ڪجهه سامان هنن کي ان وٽان مليو هئو؛ هن جي چوڻ مطابق انهن وابسته مالڪن کي موٽائي ڏنو. هن مونکي ٻڌايو ته تنهنجو سيٽ ته هن وٽ ڪونهي، پر ان وٽان صرف هڪ وڊيو ڪيمره ملي هئي جنهن کان ڪم وٺڻ لاءِ هڪ وڊيو رڪارڊر جدا لڳائڻو هئو؛ جڏهن ته مون واري ايڪوپمينٽ ”ڪيم ڪارڊر“ ۾ هڪ ئي ڪيمره ۾ ڪيمره وارو ڪم به هئو ته رڪارڊر به ان ۾ اندر ئي رکيل هئو! هو مونکي اها سهوليت ڏيئي رهيا هئا ته جيڪڏهن مان ان وڊيو ڪيمره کي پنهنجو چوان ته اُهي مونکي ڏيڻ لاءِ تيار آهن! پر الائي ڪيئن مونکي ان مهل سمجهه اچي ويئي؛ مون ٿڏي تي ئي کين جواب ڏنو ته ” نه سائين! ٻئي جي سامان کي مان ڪيئن پنهنجو چئي کڻي وڃان!“ هيءُ ته وري پاڻ کي ڄڻ ”لٽجندڙ“ مان ”لٽيرو“ بڻائڻ جي ڳالهه هئي! اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن، ستاويهه سال گذري ويا؛ وري پتو ئي ڪو نه پيو ته مان واري ڪيمره جو ڇا ٿيو!
    اسين جئه هند ڪاليج ۾ ڏهين انٽر-ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن انائونس ڪئيسين. ڊسمبر 1990ع ۾ اها چٽاڀيٽي منعقد ڪئي ويئي. هن سال ميزبان جئه هند ڪاليج سان گڏ جملي ٽي ايڪانڪيون چٽاڀيٽيءَ لاءِ اسٽيج تي آنديون ويون. الهاس نگر ۾ ڪجهه سال اڳ ايم ڪمل ”سنڌي ٽائيمس“ ۾ اپيل وجهي الهاس نگر جي ڪاليجن کي جئه هند چٽاڀيٽيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ کان منع ڪئي هئي؛ پوءِ جيتوڻيڪ آر.ڪي.تلريجا ڪاليج کانسواءِ ڪنهن به هن جي ڳالهه کي وزن ڪو نه ڏنو هئو؛ پر پوءِ اهي ڪنهن به ڪاليج طرفان نه؛ بلڪه پرائيويٽلي شهر وارن کان چندو ڪٺو ڪندي هڪ وڏو سووينر ڪڍندي صرف هڪ سال ئي اها چٽا ڀيٽي مس ڪري سگهيا هئا؛ جو پوءِ جنهن شاگرد جي آسري اُهو ڪم ڪيو ويو هئو؛ ان وري ماڳهين ئي ٻئي سال کان ايم.ڪمل وارن سان ناتو ٽوڙيندي پنهجي طرفان اُهي سووينر به ڪڍڻ شروع ڪيا! ۽ ڪجهه چٽا ڀيٽي ڪندا رهيا. پوءِ وري مون ڏٺو ته سنڌين ۾ هيڊڪوارٽر الهاس نگر ئي جڏهن اسان کي مڪمل سهيوگ نٿو ڏئي؛ اسين ته پاڻ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڊراما جي اوسر لاءِ سائوٿ بمبئيءَ ايريا ۾ جتي شام سنڌي گهرن اندر به صرف انگريزي ڳالهائي ويندي هئي؛ اهڙي ماحول ۾ به جئه هند ڪاليج جي پوش در و ديوار اندر پنهنجي ڪلچرل پروگرامن ذريعي واپس سنڌي آوازن جي گونج مهچائيندا هئاسين. جنهن سان ايم ڪمل اسان جي ثقافتي پروگرامن کي نقصان پهچائڻ چاهيو؛ ته اسين پاڻ ان کي چئلينج سمجهي اڳي کان به اڳرا پروگرام ڪندا رهيا هئاسين.
    هينئر 1990ع ۾ اسين ”ڏهين انٽر -ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن“ ڪري رهيا هئاسين ۽ ڪنهن جو به نفي هٿيار اسان کي ڊاهي نه سگهيو هئو ۽ هاڻ الهاس نگر واري چٽاڀيٽي ڪنهن به تعليمي اداري جي بينر هيٺ نه هوندي صرف لوڪل سطح تي ئي محدود ٿي رهجي ويئي هئي. ان لاءِ مون سوچيو ته اسين پنهنجي چٽا ڀيٽيءَ جا هيءُ ڏهاڪو سال پورا ڪري پوءِ ايندڙ سال کان سنڌي ڪلچرل ميدان ۾ ڪجهه ٻيو شاندار ڪم ڪنداسين. ان اميد سان اسين اها آخرين ڊراما ڪامپٽيشن آيو جت ڪري رهيا هئاسين. هونئن به اسان جو مقصد انهن چٽاڀيٽين ذريعي سنڌي اسٽِج سان نوان چهرا متعارف ڪرائڻ هئو؛ پوءِ جيڪڏهن سنڌين جي هيڊ ڪوارٽر الهاس نگر ۾ اهو ساڳيو ئي مقصد سڌ پئي ٿيو ته منهنجي لاءِ ڄڻ ساڳي لائين آف ايڪشن تي هلڻ کان ڪجهه نئون ڪرڻ جي للڪار قبول ڪرڻ وڌيڪ بهتر هئو. پر ٿيو ڇا! جو مون” انٽر ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن“ ڪرائڻ بند ڪيئي ته هنن به صرف ڪجهه سال هلائي بند ئي ڪري ڇڏي.
    هن سال اسين فلم ڊئريڪٽر راج سپني، فلم پروڊيوسر نيتا پهلاج نهالاڻي ۽ منوهر اگيچا کي جج ڪري گهرايو هئو. چٽاڀيٽيءَ ۾ سيواسدن ڪاليج، چاندي ٻائي ڪاليج ۽ ميزبان جئه هند ڪاليج طرفان سلسليوار ”آنند آشرم، مان سڌري ويو آهيان“ ۽ ”جنم ڀومي“ ايڪانڪيون پيش ڪيون ويون. جڏهن اهي سڀ ڊراما اسٽيج ٿي چڪا ته اسين پنهنجي جج صاحبان کي هڪ اڪيلي روم ۾ ويهاري پٺيان اسٽيج تي تقريرن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. هن سال اسان جو مکيه مهمان هئو فلم ايڪٽر سميت سهگل؛ جنهن تازو ئي هڪ ڪامياب فلم ”نيايه انيايه“ ۾ هيرو طور ڪم ڪيو هئو. بيحد ڪامياب ويئي هئي.
    سميت سهگل مونکي پهلاج نهالاڻيءَ معرفت ملي سگهيو هئو ته تلسي رامسي جي طرف کان وري انڊين فلم انڊسٽريءَ جو مشهور ڪاميڊين راجيندر ناٿ اسان وٽ مهمان خصوصي طور آيل هئو. انهن سان گڏوگڏ هن سال فلم پروڊيوسرس ارجن داس مولچنداڻي ۽ درگا داس مولچنداڻي به آيل هئا، جن جي فلم ”ناانصافي“ هينئر سيٽ تي هئي ۽ هنن جلد از جلد مڪمل پئي ڪرڻ چاهي. اڃا ڪجهه ئي ڏينهن ٿيا، جو اسين پنهنجي ڪاليج لاءِ ئي تلسي رامسي سان هڪ ڏينهن ”فلم سٽي“ ۾ رات جي شوٽنگ تي ويا هئاسين، جتي اسپتال جي هڪ سين ۾ اوم شِوُ پوري ۽ چنڪي پانڊي جي سين پئي فلمائي ويئي. پوءِ رات جو دير ٿي ويئي هئي ته تلسي رامسي مونکي ۽ گوپ روپچنداڻي کي پنهنجي ڪار ۾ وٺي آيو هئو ۽ رستي تي اسين ڪنهن اسٽيشن جي ڀر ۾ هن جي ڪار مان لهي الهاس نگر پنهنجي گهر هليا ويا هئاسين.
    اسٽيج تي تقريرن دوران سميت سهگل انتهائي عالمانه نموني تمام شاگردن ۽ حاضرين سان مخاطب ٿيو هئو؛ پر بعد ۾ راجيندر ناٿ ته اسٽيج تان به مزاحيه موڊ ۾ ايندي اصل کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو.
    پوءِ جڏهن ججن طرفان سندن گڏيل فيصلو ٺهي تيار ٿيو، ته اسين فلم ڊئريڪٽر راج سپيءَ کي چٽاڀيٽيءَ جو نتيجو انائونس ڪرڻ لاءِ عرض ڪيوسين. خوش قسمتيءَ سان ڊرامه چٽاڀيٽيءَ جي هن آخرين سال ۾ پڻ ”بهترين ناٽڪ“ جو انعام ميزبان ”جئه هند ڪاليج“ کي ئي ڏنو ويو ۽ اسانجي روٽيٽنگ سلور شيلڊ به اسان وٽ ئي امانت باسلامت موجود رهي؛ نه صرف ”بيسٽ پلي“، پر ”بيسٽ ايڪٽريس“ ۽ ”بيسٽ ڊئريڪٽر“ جو انعام به اسان جي ئي شاگردن ببيتا ڀاٽيه ۽ راجيش آهوجا کي مليو. جڏهن ته سيڪنڊ بيسٽ پلي چاندي ٻائي ڪاليج جي جهول ۾ آِو ۽ ”بيسٽ ايڪٽر“ به انهن جي ئي شاگرد لال راگهاڻيءَ کي ڏنو ويو.”بيسٽ سپورٽنگ ايڪسٽريس“ جي ٽرافي، سيواسدن ايڊيوڪيشن ڪاليج جي شاگردياڻي پشپا پنجابيءَ کي ڏني ويئي!
    هن سال جي اتسو ۾ اسان وٽ دبئيءَ مان مورج مل منگهناڻي ۽ رام بخشاڻي به آيل هئا؛ جن جي هٿن کان چندر منگهناڻي ۽ رام جوهراڻيءَ طرفان جئه هند ڪاليج جي رينوڪا جاڌواڻيءَ کي ٻارهون درجو(سنڌي) سبجيڪٽ لاءِ ۽ ايف.واءِ.بي.اي.(سنڌي لازمي) لاءِ ڪويتا مير چنداڻيءَ کي ٻه هزار ۽ ٽي هزار روڪ انعام ڏنو ويو. اهي انعام مون ان لاءِ شروع ڪرايا هئا ته جيئن جئه هند ڪاليج اندر شاگردن منجهه مختلف ڪلاسن ۾ سنڌي سبيجيڪٽ کڻڻ لاءِ چاه پيدا ڪري سگهجي!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 6 مارچ 2016
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 49
    راجيندر ناٿ کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو!
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    ننڍي کنڊ جو عام ماڻهو سراسري طور گهٽ تعليم يافته هوندي صرف لهرن حوالي هوندو آهي، هڪ ته کيس پنهنجي ڄاڻ به محدود هوندي آهي ۽ ٻيو ته کيس علم حاصل ڪرڻ جي ضرورت جو احساس به گهٽ هوندو آهي؛ جنهن جو فائدو وٺي صرف ڪجهه سياستدان هنن ملڪن جي عوام کي هميشه پنهنجي پنجوڙ ۾ آڻي ولوڙي رهيا آهن؛ پر صحيح معنيٰ ۾ شايد ڪنهن کي به ڪنهن جو ڪو احساس ئي ڪو نه هوندو آهي.
    1984ع جي ڀارت جي عام چونڊن ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي اڳواڻ طور راجيو گانڌيءَ کي زبردست فتح ملي هئي ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن هڪ پارٽيءَ کي لوڪ سڀا اندر 404 سيٽون مليون هيون. ايڏي شاندار فتح سان هندستان کي لبرل معاشي پاليسي ڏيڻ جو عزم رکندي ۽ فني توڙي ڪمپيوٽرائزڊيشن ۾ بلندين تي پهچائڻ باوجود به ان کي پنهنجن جي سازشن جو شڪار ٿيڻو پيو. وشوناٿ پرتاب سنگهه (وي.پي.سنگهه) جو سياسي وجود ئي شريمتي اندرا گانڌيءَ جي ڪري هئو پر هينئر اهو ساڳيو شخص ناڻي واري وزارت جا عهدا ماڻيندي به مطمئن ڪو نه هئو ۽ هن ڪهڙي به نموني پنهنجي ئي ليڊر راجيو گانڌيءَ کي دسيندي، وزرات عظميٰ جي ڪرسيءَ تي پهچڻ پئي چاهيو. ان لاءِ وي.پي.سنگهه فنانس منسٽر هوندي “فيئر فاڪس” جو شوشو ڇڏيندي، ڪانگريس ميمبر پارليامينٽ اميتاڀ بچن ۽ ان جي فيمليءَ تي حملو؛ جنهن جو شڪار فطرتاً پارٽي ۽ مجموعي طور راجيو گانڌيءَ کي ئي ٿيڻو هئو؛ پر راجيو سياست جي ميدان ۾ سيکڙاٽ هوندي وي.پي.سنگهه جا مليڇ ارادا ڪو نه سمجهي سگهيو ۽ هن صرف فنانس مان ڪڍي کيس وزارت دفاع جي چارج ڏني ته هو همراه اُتي به ڪو نه مڙيو. اُتي وري هن ‘بوفرس’ شوشو ڇڏيو؛ جنهن جي نتيجي ۾ مجبور ٿي راجيو گانڌيءَ کيس ڪابينا مان ئي ڪڍي ڇڏيو. هاڻ جڏهن وي.پي.سنگهه ڏٺو ته ”فيئر فاڪس“ ۽ ”بوفرس“ شوشا ڇڏيندي به ڪانگريس پارٽي راجيو گانڌيءَ سان ٻٽ بيٺي آهي، تنهن هڪ سوچيل سمجهيل رٿا هيٺ ڪانگريس پارٽي ۽ ميمبر پارليامينٽ تان استعيفيٰ ڏيندي ارون نهرو ۽ عارف محمد خان سان گڏ هڪ نئين سياسي پارٽيءَ ٺاهي ”جن مورچا“. جنهن هيٺ ٻيهر ”الهه آباد“ مان پارليامينٽري چونڊ کٽي به آيون. پوءِ ته همراھ ايترو ته راجيو جي ڪڍ پئجي ويو جو ڀانءِ کيس الائي گهڻن جنمن جو بدلو وٺڻو هئو.
    تڏهن هتان جي مخالف پارٽين کي ته هڪ سونهري موقعو ملي ويو. هنن چوُن چُون جو مربو ٿيندي، ڪيترين ئي ننڍين پارٽين، ”جنتادل“ هيٺ گڏجي 1989ع جي اليڪشن وڙهي ته هوڏانهن وري ايل.ڪي.آڏواڻيءَ ڀارتيه جنتا پارٽيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ زبردست محنت ڪئي. نتيجي ۾ اهو ساڳيو عوام جنهن 1984ع ۾ راجيو گانڌيءَ کي انڊين نيشنل ڪانگريس جي کاتي ۾ 404 سيٽون ڏنيون هيون؛ هينئر کانئس 207ع سيٽون کسيندي صرف 197 تائين پهچائي ڇڏيو. ٻئين نمبر تي جنتا دل کي 143 سيٽون مليون ته ايل.ڪي.آڏواڻيءَ جي ڀارتيه جنتا پارٽي؛ جنهن کي 1984ع ۾ صرف ٻه سيٽون مليون هيون؛ ايتري قدر جو خود اٽل بهاري واجپائيءَ به هارايو هئو؛ انهن کي هينئر ايل.ڪي.آڏواڻيءَ جي محنت سان 85 سيٽون مليون.
    اهڙي صورت ۾ جڏهن هاڻ به سنگل لارجيسٽ پارٽي، راجيو گانڌيءَ واري ” انڊين نيشنل ڪانگريس“ هئي ۽ هنن ٻيون نمبر پارٽيءَ کان 54 سيٽون وڌيڪ کڻندي 197- سيٽون کٽيون هيون؛ پوءِ به راجيو گانڌيءَ اخلاقي طور پنهنجي هاري قبول ڪيئي ۽ مخالف ڌر ۾ ويهڻ پسند ڪيو ته هاريل پارٽين وري اخلاق جا سڀ ليڪا لتاڙيندي پاڻ ۾ گڏجي ڪري هندوستان ” نيشنل فرنٽ“ جي بينر هيٺ 1989ع ۾ نئين گورنمينٽ ٺاهي؛ جنهن لاءِ چندر شيکر ۽ وي.پي.سنگهه؛ وزيراعظم لاءِ ٻه وڏا اميدوار هئا. تڏهن رام ڄيٺملاڻيءَ چندر شيکر جي گهر ٻاهران وڃي ڌرڻو هنيو ته جيئن هو اهڙي ڪنهن به دعويٰ تان دستبردار ٿئي ۽ وي.پي.سنگهه کي وزيراعظم بڻايو وڃي. شايد رام ڄيٺملاڻي صاحب کان اهو وسري ئي ويو هئو ته هنن ملڪن ۾ گهڻو ڪري غنڊه ئي سياست جي بلنديءَ تي پهچندا آهن. اهڙي صورت ۾ چندر شيکر جي ماڻهن پنهنجي ئي سياسي ڀائيوار رام ڄيٺملاڻيءَ کي وي پي سنگهه جي سپورٽ ڪرڻ لاءِ ڌڪ هڻي سڄائي ڇڏيو.
    آخر پهرين ڊسمبر 1989ع تي پارليامينٽ جي سينٽرل هال ۾ هڪ ڊرامائي ميٽنگ ٿي؛ جنهن ۾ وي.پي.سنگهه وزيراعظم جو خواهشمند هوندي به هريانه جي بزرگ ليڊر ديوي لال جو نالو ڏنو؛ پر ديوي لال وري پارٽيءَ اندر بزرگ طور رهندي اهڙي آڇ قبول نه ڪيئي ۽ واپسيءَ ۾ وي.پي.سنگهه جو نالو منظور ڪيو ويو. .انهن ٻنهي جي اهڙي سازشن تي سابق جنتا پارٽي ۽ موجوده ”جنتا دل“ جي پنهنجي ئي ليڊر چندر شيکر ڪاوڙ ڏيکاريندي زبردست اعتراض ڏيکاريو ۽ ماڳهين اهڙي ڪنهن به گورنمينٽ ۾ شامل ٿيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو!! 2- ڊسمبر 1989ع تي نيشنل فرنٽ حڪومت جون واڳون وي.پي.سنگهه وزيراعظم طور سنڀاليون. ڀارتيه جنتا پارٽي ۽ کاٻي ڌر جي سمورين پارٽين ان کي ٻاهران سپورٽ ڏني. جڏهن ”نيشنل فرنٽ“ سرڪار ٺهڻ جو بنياد ئي سازش تي ٻڌل هئو ته وي.پي.سنگهه پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ لاءِ ”مڊل ڪميشن“ جو هڪ اهڙو شوشو ڇڏيندي ٻاهر ڪڍيو جنهن هيٺ پوئتي پيل جاتين کي وت کان به وڌيڪ رزرويشنس ملڻيون هيون. جڏهن ته سچ اهو هئو ته مهاتما گانڌيءَ 1947ع ۾ اهي رزوريشن اهو چئي آنديون هيون ته صرف هڪ ڏهاڪو ئي اهي رزرويشن ان نيڪ مقصد سان هلنديون ته جيئن پوئتي پيل جاتين جا به ڪجهه فرد ترقي ڪندي، پنهنجي باقي سموري جاتيءَ کي کڻي سگهن. پر ٿيو ڇا!ٰ هڪ ڏهاڪو ته وسري ئي ويو! اڄ سوڌو 68-سال گذرڻ باوجود به اها رزرويشن وڌندي ئي رهي آهي ۽ سياسي پارٽيون رڳو ووٽ وٺڻ لاءِ اهڙين جاتين کي ضروري توڙي غير ضروري لاڀ ڏيئي ووٽ وٺندا رهيا آهن. هتان جو عام معصوم ماڻهو ڀوڳيندو ۽ لوڙيندو ئي رهيو آهي. هاڻ ته اهڙو دؤر آيو آهي، جو ڪيترا ته هڙان ڏيئي وٺي به اُڇوت جاتين جي فرد هئڻ جا ڪوڙا سرٽيفڪيٽ ٺاهرائي تعليمي ادارن ۾ داخلائون توڙي نوڪريون وٺندا آهن ۽ پوءِ ڪيترا ڀيرا پنهنجي ڪوڙ جا ڦاٽ کلڻ تي ماڳهين ڀڄي ئي ويندا آهن؛ پوءِ به نه ته هنن ملڪن جا سياستدان ۽ نه عام توڙي ڪيترو پڙهيل طبقو؛ هنن سياستدانن جا ڪرتوت سمجهي سگهيو آهي! تڏهن ئي ته هر ڀيري جيڪو به سياستدان بهترين نعرا ڏيئي سگهيو؛ اُهو ئي هنن ملڪن تي راڄ ڪندو رهيو آهي ۽ غريب عوام اڳي کان به وڌيڪ چيڙيو رهيو آهي.
    1989ع ۾ ڀارت جي مرڪزي سرڪار طرفان قائم ڪيل سينٽرل هندي، ڊائريڪٽوريٽ اندر ”سنڌي سيل“ طرفان دهليءَ ۾ ”صحافت“ تي هڪ نيشنل سيمينار منعقد ٿيو؛ جنهن ۾ مونکي به سرڪاري طور شرڪت ڪرڻ جو موقعو مليو. انهن ئي ڏينهن ۾ وي.پي.سنگهه ”منڊل ڪميشن“ هيٺ وڌيڪ رزرويشن ڏيڻ جو شوشو ڇڏيو هئو؛ جنهن ڀارتيه جنتا پارٽي، کاٻي ڌر توڙي ڪيترن ئي نيشنل فرنٽ جي سهيوڳين کي هڻي سُڪائي ڇڏيو هئو ته هيءُ ڪهڙي ڀؤت کي وزارتِ عظميٰ جي عهدي تي ويهاريوسين. هيءُ ته ماڳهين ئي اهڙيون پاليسيون ڏيئي اسان کان رهيل کهيل سيٽون به کسيندي اڪيلو ئي ڀارت جو وزيراعظم ٿو ٿيڻ چاهي!
    وي.پي.سنگهه جي منڊل ڪميشن جي مخالفت ۾ پهرين عام ماڻهن ڪجهه مظاهرا ڪيا؛ پر ڪجهه به نه وريو ته الائي ڪيترن شاگردن پارليامينٽ سامهون اچي پنهنجي جان جي آهوتي ڏني ته جيئن باقي عوام هڪ مساوي سماج ماڻي سگهي! پر اسان جا هيءُ سياستدان ڪو سولو سڌرڻ وارا ڪو نه هئا.
    شاگردن ۽ عام ماڻهن جي جاني قربانين تي هنن سياستدانن کي لهس به ڪو نه اچي رهي هئي. دهليءَ ۾ اسان واري سيمينار جو لوڪل اعزازي ڊائريڪٽر هئو هيرو ٺڪر؛ جنهن سيمينار جي افتتاح لاءِ ايل.ڪي.آڏواڻيءَ کي گهرايو هئو. سيمينار جي افتتاحي تقري ۾ مون لال ڪرشن آڏواڻيءَ کي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو. هو جيئن ته پاڻ به هڪ صحافي رهي چڪو هئو ته موضوع سان وابسته صحيح تقرير به ڪري سگهيو. ”سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ“ جي ڊئريڪٽر ومل پڻ تمام حاضرين جو استقبال ڪيو؛ پر افتتاحي تقريب کان پوءِ جڏهن پهرئين ڏينهن لاءِ ڪجهه مڪالمه نگاريءَ وارا سيشن به پورا ٿيا، دهليءَ ۾ پارليامينٽ اسٽريٽ وٽ سيمينار هال واري عمارت ” ڪانسٽيٽيوشن ڪلب“ کان ٻاهر نڪتاسين ته سمورن روڊن تي ماٺ ڇانيل هئي. اصل اسان جي عمارت ٻاهران ئي وي.پي.سنگهه گورنمينٽ خلاف مظاهرو ڪندڙن تي گوليون هلايون ويون هيون. هڪ بس ته هينئر به اسان واري روڊ تي بيٺل هئي؛ جنهن جي شيشي کي گوليءَ جي نشان هڻي سوراخ ڪندي ڏارون ڏارون ڪري ڇڏيو هئو.
    اهڙي خوفناڪ ماحول ۾ جو ٻاهر نڪاسين ته پنهنجي هوٽل تي وڃڻ لاءِ رڪشا ملڻ لاءِ سڀاويڪ ڪجهه انتظار پيئي ڪرڻو پيو! هوٽل جي ڪمري ۾ مون سان گڏ هئو نارائڻ ڀارتي؛ ان کي وري اهڙي تڪڙ اچي لڳي؛ جو بس ۾ صرف اٺ آنا ۽ رڪشا ۾ ٽي-چار روپيا ڀريندي هوتل تائين پهچي سگهجي پيو ته ڀارتي صاحب ڪنهن ڪنڊ ۾ بيٺل هڪ پراڻي ايمبيسنڊر پرائيويٽ ٽيڪسيءَ واري کان هلڻ لاءِ پڇيو ۽ ساڻس چاليهه روپين تي به جڏهن حامي ڀري ته مون کي ان ۾ ويهڻ لاءِ چيو. آءٌ مولائي ماڻهو! مون کيس ڏاڍو ئي سمجهائڻ جي ڪيئي ته سائين ايڏا پيسا ڀري ڏيڻ جو ڪهڙو ضرور آهي؛ ٿوري دير صبر ڪيو پاڻيهي ڪانه ڪا رڪشا ملي ويندي! ٿوري ٿوري وقفي ۾ ڪجهه نه ڪجهه رڪشائون اچي به رهيون هيون؛ پر هن همراه ته حجت ۾ منهنجي مٿان لت رکندي مونکي ٽوڪيو به ۽ زوريءَ ان ٽيڪسيءَ ۾ ويهاريو! مجبور ٿي مون کي پنهنجي ڪمپني نڀائڻ لاءِ انهن چاليهه روپين جو اڌ يعني ويهه رپيا ڏيڻا پيا، جيڪي بلڪل غير ضروري هئا پر اها ئي زندگي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مخصوص گروپ ۾ رهندي اهي سڀ ڳالهيون سهڻيون ئي پونديون آهن.
    هتان جي زندگيءَ به عجيب آهي. هڪ ڏينهن اڳ شهر ۾ خاموشي ۽ خوف؛ ته ٻئين ڏينهن ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه! زندگي ايئن هلي رهي هئي ڄڻ ڪالهه ڪجهه ٿيو ئي ڪو نه هئو! ڊاڪٽر ڀارتي ۽ مان ٻئين ڏينهن رڪشا ڪري پارليامينٽ اسٽريٽ وٽ ”ڪانسٽيٽيوشن ڪلب“ ۾ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ آياسين ته اڄ به عجيب ڳالهيون پئي سرزد ٿيون!
    ان ڏينهن سيمينار جي وقفي دوران ڪيترائي ماڻهو ڪجهه ڪتابن جا لڳايل اسٽال ڏسي رهيا هئا ته اوچتو ئي سيمينار ۾ آفيشلي شرڪت ڪندڙ بزرگ اديب تيرٿ بسنت؛ سيمينار جي آنرري ڊائريڪٽر هيرو ٺڪر جي هڪ هنڌ رکيل شولڊر بيگ کي کڻڻ لاءِ ان ۾ اچي هٿ وڌا. هوڏانهن هيرو ٺڪر جو ڏٺو ته پنهنجي بيگ بچائڻ لاءِ هو اچي ان کان کسڻ لڳو ته ”بابا! هيءَ منهنجي بيگ آه!“ پر ڪير مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هجي اصل جنسي جهيڙو ٿي پيو!
    هوُ هوڏانهن پيو ڇڪي ته هيءُ هيڏانهن! پوءِ ته ٻنهي هڪٻئي سان گهٽ وڌ پئي ڳالهايو، آخر هيرو ٺڪر اُها بيگ کولي ڏيکاري؛ تڏهن مس وڃي تيرٿ بسنت چپ ٿيو! عمر جي پوڙهائپ به عجيب آهي؛ ڪي زبردست ڳنڀير فطرت جا ٿيندي پنهنجي ۽ ٻين جي عزت وڌائين ٿا ته ڪي وري توازن ۾ به نه رهندي رهي کهي پت به وڃائي ويهن ٿا!
    اسان جي ملڪن ۾ به عجيب قسم جي جمهوريت آهي! 197 سيٽون کڻي به راجيو گانڌيءَ حڪومت نه ٺاهي ۽ وي .پي.سنگهه ان کان 54-سيٽون گهٽ هوندي به 2 ڊسمبر 1989ع تي جڏهن ڀارت جي وزيراعظم جو قسم کنيائين ته ريڊيو ۽ ٽيلي ويزن تان عوام کي خطاب ڪندي چيائين ته ڪانگريس هيل تائين ملڪ کي لٽيندي رهي آهي ۽ هو آيو آهي ملڪ جي اُها دز صاف ڪرڻ! مونکي ته اها تقرير ٻڌي حيرت ٿي رهي هئي ته هيءُ همراه ته پاڻ به ان ساڳي ڪانگريس گورنمينٽ جو حصو رهي چڪو آهي؛ ۽ هيءُ ته صرف پويان هڪ ٻه سال ئي ان گورنمينٽ کان ٻاهر نڪرندي هاڻ انهن مٿان ٺڪر ڀڃي رهيو هئو!
    پوءِ ٿيو ڇا! جڏهن پوري ملڪ ۾ نوجوان شاگرد طرفان وي.پي.سنگهه واري منڊل ڪميشن رپورٽ نافذ نه ڪرڻ لاءِ جاني قرباني پئي ڏني ويئي ته ڀارتيه جنتا پارٽيءَ به پنهنجي کل بچائڻ ۽ وي.پي.سنگهه کي ان شخصي مفاد کان پري رکڻ لاءِ ٻاهرين سپورٽ به واپس وٺي ڇڏي ۽ نتيجي ۾ 10-نومبر 1990ع تي وي.پي.سنگهه جي سرڪار ڪري پيئي!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 13 مارچ 2016
    ____
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 50
    ابهم نياڻي ورشا جي ڊانس تي ماڻهو خوش ٿي ويا!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    ڀارت ۾ 1989ع وارين جنرل اليڪشن دوران راجيو گانڌيءَ تي ڪرپشن جا چارجز لڳائي ننڍين ننڍين پارٽين طرفان گڏجي ”ڪانگريسي هٽايو“ نعرو ڏنو ويو؛ جنهن جي نتيجي ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس کي جيتوڻيڪ زبردست نقصان پهتو هئو؛ پوءِ به اها سنگل لارجيسٽ پارٽي بڻجندي 197 سيٽون کڻي چڪي هئي ۽ ٻيون نمبر پارٽي ”جنتا دل“ چون چون جو مربو گڏ هوندي به صرف 143تي مس پهتا هئا. راجيو گانڌيءَ ڪنهن سان به سودي بازي ڪانه ڪئي ۽ باقي هارايل پارٽين ڪنهن ڪنهن جي حمايت وٺي وي.پي. سنگهه کي وزيراعظم بڻائيندي حڪومت جون واڳون سنڀاليون. پر بدنيتيءَ سبب ان جا ارڪان ڏسندي صرف 11 مهينن جي قليل عرصي ۾ ئي ڀارتيه جنتا پارتيءَ ”جنتادل“ کان سپورٽ واپس ورتي ۽ نتيجي ۾ ڪمزور گورنمينٽ ماڳهين ئي پٽ اچي پيئي. بعد ۾ راجيو گانڌيءَ جنتادل جي ئي ناراض اڳواڻ چندر شيکر، جنهن کي 64 ميمبر پارليامينٽ جي پٺڀرائي هئي؛ انهن ٻاهران سپورٽ ڏيئي گورنمينٽ ٺاهرائي ته جيئن اُهي پنهنجو باقي عرصو پورو ڪري سگهن. چندر شيکر کان وري اها ڀُل ٿي ويئي جو انهن جي سرڪار طرفان راجيو گانڌيءَ جي مٿان ئي ٻه جاسوس بيهاريا ويا ته جيئن کين هرهڪ خبر پوندي رهي! اهڙو راز ڦاٽڻ تي راجيو گانڌي سپورٽ واپس وٺي؛ ان کان اڳ ئي چندر شيکر پريزيڊنٽ کي چئي پارليامينٽ منسوخ ڪرائي ڇڏي ۽ استعفيٰ ڏيندي نيون اليڪشن انائونس ڪري ڇڏيون.
    هينئر ساڳيو ئي اندرا گانڌيءَ وارو 1979ع دهرائجي رهيو هئو. ائين لڳي رهيو هئو ته راجيو گانڌي ٻيهر واپس اچي ويندو. 21 مئي 1991ع تي راجيو گانڌي تامل ناڊو ويندي صبح جو ٿوري دير لاءِ بمبئيءَ پڻ آيو. هو ساڳئي ڏينهن شام جو مدراس کان 40-ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ”سري پيرم بدور“ هڪ ڳوٺ ۾ جڏهن شام جو اليڪشن ريليءَ کي خطاب ڪرڻ پهتو؛ تڏهن رات جا 10:10 ٿيا هئا؛ جو لنڪن تمل ٽائيگر گروه جي هڪ دهشت گرد عورت ٿينموري راجا رتنم(ڌنوُ)، راجيو لاءِ ظاهري صدق جو اظهار ڪندي کيس هڪ گلن جو هار پاتائين، جنهن اندر اڳواٽ ئي بم رکيل هئو. ويرم ئي نه ٿي جو بلاسٽ ٿيندي شهيد راجيو گانڌيءَ سميت 25- ماڻهو بي گناه اجل جو شڪار ٿي ويا. اليڪشن ۾ انڊين نيسنل ڪانگريس کي جيت نصيب ٿي ۽ راجيو جو سمورن ناراض ڪانگريسي راهنمائن کي پارٽيءَ ۾ واپس آندو هئو، ته هينئر راجيو گانڌي جي شهادت کانپوءِ شرد پوار حڪومت جون واڳون سنڀالڻ جون دعوائون ڪرڻ لڳو. تڏهن نرسمهاراءُ جي چونڊ ڪيئي ويئي، جيڪو دراصل 1991ع چونڊن ۾ رٽائر ڪرڻ وارو هئو ۽ اهُو لوڪ سڀا جي چونڊ به ڪو نه وڙهيو هئو؛ ان کي 21- جون 1989ع تي هندوستان جو اٺون وزيراعظم بڻايو ويو.
    جئه هند ڪاليج اندر 92-1991ع وارو تعليمي سال سنڌي ڊپارٽمينٽ لاءِ بهتر رهيو؛ جو سهيوگ فائونڊيشن وارن بامبي ٽيلي ويزن اسٽيشن تي سنڌيءَ جي هڪ “Quiz Competition” منعقد ڪيئي؛ جنهن ۾ ٻين ڪاليجن سان گڏ اسان به جئه هند ڪاليج مان ٻن شاگردن، پريتي مسند ۽ جڳديش شرما؛ ٻن شاگردن کي موڪليوسين. سائينءَ جي مهر سان مون پنهنجي شاگردن کي جيڪا تياري ڪرائي هئي؛ ان جي نتيجي ۾ هنن بمبئيءَ جي ڪاسماپوليٽن ماحول ۾ رهندي ۽ گهٽ سنڌي ڳالهائيندي به پهريون نمبر انعام کٽي ورتو.
    اسين ڪاليج اندر ”سنڌي سرڪل“ جو ساليانه ثقافتي پروگرام 17-ڊسمبر 1991ع تي آيو جت ڪيوسين. هن سال”انٽر ڪاليجيئٽ سنڌي ڊراما ڪامپيٽيشن“ بدران ”ويرائٽي انٽرٽينمينٽ پروگرام“ رکيو هئوسين؛ جنهن لاءِ اسين گذريل سال ئي پنهنجي چاهڪن کي اهڙو اطلاع ڏيئي ڇڏيو هئو! هاڻ هڪ بهترين آرڪسٽرا گهرائيندي پنهنجي شاگردن ريتو جهويري ۽ نليش کتريءَ تي محنت ڪندي انهن جي آواز ۾ هڪ سنگيت پروگرام ڏنو ويو. پر ان جو معيار بلڪل پروفيشنل سطح جو ئي هئو؛ جنهن جو ڪريڊٽ هروڀرو صرف مان ئي پاڻ کڻان اُهو به واجب ڪو نه ٿيندو جو جئه هند ڪاليج ۾ داخلا ئي انتهائي هوشيار ترين شاگردن کي لياقت جي بنياد تي ڏني ويندي آهي. اهڙن شاگردن تي محنت ڪرڻ سان ته مثبت نتيجا ملڻا ئي آهن!
    پروگرام کي اڃا به وڌيڪ دلچسپ بڻائڻ لاءِ اسين شاگردن جي شاندار ميوزڪ پروگرام کانپوءِ پروفيشنل گايڪن گهنشام واسواڻي ۽ مهيش چندر، ٻنهي کي سلسليوار پڻ اسٽيج تي آندوسين؛ جن پنهنجي سُر ۽ ساز سان سموري هال ۾ ڄڻ هڪ جادوئي ماحول پيدا ڪري ڇڏيو. ان کانسواءِ اسين ڊانس پروگرام به رکيو هئوسين؛ جنهن لاءِ مون پنهنجي ننڍڙي نياڻي ورشا مٽلاڻيءَ کي تيار ڪيو هئو جيڪا عمر ۾ ته صرف پنج سالن جي هئي پر هن باقائده هڪ ڪوريوگرافر ڇوڪريءَ کان جيڪا سکيا ورتي هئي؛ ان سبب هن جئه هند ڪاليج جي کچاکچ ڀريل هال ۾ ايترو ته اعتماد سان پنهنجو نرتيه اسم پيش ڪيو. جو حاضرين جون ته تاڙيون پئي وڳيون ئي وڳيون پر خود آرڪسٽرا وارا به هڪ ٻارڙي جي اها بهترين ڊانس ڏسي اصل خوش ٿي ويا. جيتوڻيڪ ورشا جو اسم رڪارڊ ڊانس تي مبني هئو پر ايتري ننڍڙي نياڻيءَ کان ”ميري هاٿون مين نو نو چوڙيان هين“ تي بلڪل مفهوم جي لحاظ کان هٿ پير کڻندو ڏسي هال ۾ موجود هڪ هڪ شخص داد ڏيڻ لڳو. ڊانس جي اسم لاءِ به نه صرف ورشا مٽلاڻي؛ پر ان بعد جئه هند ڪاليج جي بهترين ڪوريوگرافر شاگردياڻي ”قومي شاه“، جيڪا اصل ۾ ته گجراتي هئي. پر ان کان به مون ڪلاسيڪل ڊانس جو اسم پيش ڪرايو هئو. ان ته ڄڻ حاضرين جون وايون ئي بتال ڪري ڇڏيون.
    اهو سڀ صرف اتي پورو نه پئي ٿيو؛ پر اسين پنهنجي هڪ شاگرد ”آنند ديوان“ جي هدايتڪاريءَ ۾ هڪ سنڌي يڪ فصلو ناٽڪ به رکيو هئوسين. اسان جا شاگرد ته ايترو پروفيشنل هوندا هئا جو انهن جي ساراه ۾ جيڪي ڪجهه به چئجي گهٽ آهي. پروگرام جي آخر ۾ ويرائٽي شو جي ڪلائيمڪس طور هڪ ” فيشن شو“ جو به بندوبست ڪيو ويو هئو:؛ جنهن لاءِ ڪنهن گارمينٽس اسٽور واري سموريون ڊريسيون فراهم ڪرايون هيون. ان فيشن شو ۾ اسان جي هڪ شاگردياڻي دلناز ايراني ، جيڪا پارسياڻي هئي ۽ پوءِ ايم.اي. (انگلش) ڪرڻ کانپوءِ بالي ووڊ جي ڪيترين ئي هندي فلمن ۾ دلناز پال جي نالي ۾ سائيڊ هيروئن به ٿيندي آئي ۽ اڄ سوڌو اها ڪجهه فلمن ۾ ڪم ڪندي رهندي آهي؛ ان به اسان واري ”فيشن شو“ ۾ اهم رول نڀايو هئو. دلناز نه صرف اسان جي ”فيشن شو“ ۾ ڪم ڪيو هئو پر ان ئي پروگرام دوران جڏهن منهنجي نياڻي، ورشا مٽلاڻيءَ جو ڊانس ائٽم ٿيڻو هئو ته ان جو ميڪ اپ توڙي سندس تياريءَ ۾ به ان ئي بيحد سهيوگ ڏنو هئو. ان پوري ”فيشن شو“ جي ڪوريوگرافي اسان جي جئه هند ڪاليج جي ئي شاگرد نتيش اُڌواڻيءَ طرفان ڪرايل هئي.
    ”سنڌي سرڪل“ جي ان سالياني پروگرام ۾ اسين شتروگهن سنها جي شريڪ حيات پونم سنها کي مکيه مهمان ڪري گهرايو هئو؛ جيڪا ڪڏهن پاڻ ”مس انڊيا“رهي چڪي هئي؛ بعد ۾ فلم هيروئن به ٿي آئي هئي پر پوءِ شتروگهن سنها سان شاديءَ کانپوءِ هن فلم ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ئي ڏنو هئو. سوناڪشي سنها، ان پونم سنها جي ئي نياڻي آهي جيڪا هينئر بالي ووڊ جي مشهور و معروف هيروئن آهي.
    پونم سنها، منچ تان پنهنجي سموري تقرير ايتري ته پياري سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪرڻ فرمائي هئي جو حاضرين بيحد خوش ٿي ويا هئا. پونم سنها کان سواءِ اسان وٽ مسز نيتا ۽ پهلاج نهالاڻي فلم پروڊيوسرس پڻ آيل هئا؛ جن کان سواءِ ان وقت جي فلم هيروئن مڌوشري ۽ فلم هيرو ميوُر به آيو هئو. ميوُر شايد ننڍي قد هئڻ سبب هيرو طور گهڻو ڪو نه هليو ۽ پوءِ لنڊن وڃي رهيو هئو انهن ڏينهن ۾ اهو ميور ئي ننڍي هوندي اميتاڀ بچن جي پالڪپڻ جا رول نڀائيندو هئو. ميور اسان جي زي هارر شو ” جيون مرتيو“ ۾ به هيرو طور ڪم ڪيو هئو.
    جئه هند ڪاليج جي مئنيجمينٽ ”سنڌ ايڊيوڪيشنسٽس ايسوسيئيشن جو صدر سنمکداس ايسراڻي ۽ ان وقت جو ڊئريڪٽر پروفيسر ٽي.جي. خوبچنداڻي به آيو هئو؛ جڏهن ته ان مهل اسان جو پرنسپال هئو اين. ڊبليو. شِوداساني؛ جنهن پڻ اسٽيج تان تقرير ڪندي منهنجي عزت افزائيءَ ۾ سنڌي سرڪل جي چيئرمن واريون جوابداريون نڀائڻ لاءِ قدردانيءَ ۾ ڏاڍي گوهر افشاني ڪئي هئي!
    منهنجي ٻنهي ڀائرن ادا پريم ۽ منوهر 1987ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان ايم.اي.(سنڌي) ريگيولر شاگرد طور ڪري ورتي هئي ۽ ادا پريم ته ان سال سمورن شاگردن ۾ اول نمبر؛ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پڻ آيو هئو. بعد ۾ منوهر ان پڙهائيءَ کي اڳيان وڌائيندي منوهر 1990ع ۾ ايم.فل.(سنڌي) به ڪري ورتي؛ جنهن لاءِ هن کي ٽي پيپر به ڏيڻا پيا هئا ته هڪ تحقيقي مقالو پڻ لکيو هئائين ” شاه جا سرمور“ حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيان ڪيل تمام هيرو ڪردارن کي پهريون ڀيرو ئي پنهنجي تحقيقي مقالي جو موضوع بڻايو هئو. جڏهن منوهر به ”شاه جا سرمور“ لاءِ ايم.فل. جي ڊگري ملي ويئي ته اسان کي به زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو شوق ٿيو ته منهنجي ايم.فل. واري تحقيقي مقالي”سچل جون واديون“ توڙي منوهر واري تحقيقي ڪاوش ”شاھ جا سرموڙ“ کي ڪتابي روپ ۾ تمام عالم ادب حضرات آڏو ڇاپي صورت ۾ آندو وڃي. مونکي 1981ع کان رام پنجواڻيءَ واري ”اڀينندن گرنٿ“ توڙي بعد ۾ سندس ڪتاب ”ست رنگ“ توڙي ماڻڪ جي ناول ”ساه مٺ ۾“ جي ڇپائيءَ دوران ڪتابن جي ڇپائيءَ جو چڱو ئي آزمودو چڪو هئو؛ جو انهن ٽنهي ڪتابن جو پروف مون ئي چيڪ ڪيو هئو.
    آءٌ 1981ع دوران جڏهن کان”اڀينندن گرنٿ“ واري ” جئه شِوُ شڪتي پريس“ ۾ اشوڪ ڀاڳچنداڻيءَ جي رابطي ۾ آيو هوس؛ ته اسان جي پاڻ ۾چڱي ويجهڙائپ ٿي ويئي هئي. ان لاءِ مون پنهنجا اهي ٻيئي ڪتاب ۾ اشوڪ کي ئي الهاس نگر واري پريس ۾ کيس ڇاپڻ لاءِ ڏنا. پر اُن مهل تائين مون کي اڃا به پروف کانسواءِ ڇپائيءَ جي باقي مرحلن جي ايتري ڄاڻ ڪو نه هئي؛ جنهن لاءِ باقي هر ڪم تي مونکي پنهنجي دوست اشوڪ ڀاڳچنداڻيءَ تي ئي اعتماد پئي ڪرڻو پيو. باقي انهن ٻنهي ڪتابن لاءِ رنگين ڪور پيج مون کيس بمبئيءَ واري چترڪار دوست رام لالچنداڻيءَ کان کيس ٺاهرائي ڏنا. تڏهن مونکي پيپر توڙي بائينڊنگ جي ايڏي سمجهه ڪو نه هئي؛ جتي آءٌ ايتري بهتر ڪارڪردگي ڪو نه ڏيکاري سگهيس؛ پر ان کانپوءِ مون جيڪي به ڪتاب پنهنجي نظرداريءَ هيٺ شايع ڪرايا اُهي سڀ جو سڀ پڪي بائينڊنگ، رنگين گيٽ-اپ ۽ جئڪيٽ سان ئي هوندا هئا. ان کانسواءِ بعد ۾ منهنجي هر هڪ ڪتاب اندر پيپر پڻ ڪوشش ڪري بلڪل سفيد ۽ ڪجهه ٿلهيرڙو ئي هوندو هئو.
    اڃا اسان وارا ڪتاب ڇپجي ئي رهيا هئا؛ جو منهنجو بمبئي جو هڪ عزيز سريش بچاڻي؛ جو گذريل سال 1991ع کان لاس ايجنلس (آمريڪا) وڃي رهيو هئو ته مون به هاڻ ادا پريم کي پنهنجي آمريڪا وڃڻ لاءِ مڃائي ورتو هئو. ان سڀ لاءِ مون کي هتان واري ڪنفرم ليڪچررشپ ڇڏڻي پئي پيئي ۽ هوڏانهن آمريڪا وڃي بلڪل نئين سري وري زيرو کان سفر شروع ڪرڻو پوي ها! پر منهنجو لاس اينجلس وارو عزيز، سريش بچاڻي جو مونکي پوري سهاتيا ڏيئي رهيو هئو ته ڀل سندن گهر ۾ وڃي رهان جيسين اُتي منهنجو ٻيو ڪو به بندوبست ٿئي! اهڙي صورت ۾ هاڻ مان وري پنهنجي ڀائرن کي مڃائي ئي ورتو ته جڏهن هيڪر سنڌ مان نڪتا آهيون ته پوءِ اڳو پوءِ آمريڪا ڇوته هلي رهجي!
    مون ڀائرن جي سهمتيءَ سان” ٽوڊيز فوٽو“ واري ادا پريم جي ڀائيوار گورڌنداس ڏاندواڻي ۽ ڪجهه ٻين همراهن کان آمريڪا جي ويزا بابت چڱي ئي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي. منهنجو ڪيس به چڱو مضبوط هئو؛ جو مونکي جئه هند ڪاليج جي ڪنفرم ليڪچررشپ هئي ۽ مالي حالت پڻ مضبوط هئي. اهڙي طرح آءٌ پوري تياري ڪندي هڪ ڏينهن 26- مارچ 1992ع تي سوير صبح جو بمبئيءَ جي وارڊن روڊ تي آمريڪا جي ڪنسليٽ ۾ وڃي ويزا لاءِ لائين لڳائي.
    انهن ڏينهن ۾ ويزا جو پروسيس ڏاڍو سولو هوندو هئو.ڪنسليٽ آفيس مان ئي هڪ پني وارو ويزا فارم بلڪل مفت ۾ ملندو هئو؛ جيڪو ڀري ڪري ٻه فوٽو ڏيئي ويزا في ڀرڻي هئي. پر ويزا في ڀرڻ کان اڳ پرسنل انٽرويو ٿيندو هئو. اسان کي ته پنهنجو ئي اسٽوڊيو هئو ته آءٌ فوٽو به گهران ئي تيار ڪري ويو هوس ۽ فارم ڀري وڃي لائين ۾ بيٺس. پوءِ جڏهن نمبر لڳو ته ڪائونٽر واري همراه منهنجا فوٽو معمولي ڳالهه تي رد ڪري ڇڏيا. هنن کي بيڪ گرائونڊ بلڪل ئي صفيد کپندو هئو؛ جڏهن ته ادا پريم ان کي هو بهو اهڙو ڪونه رکيو هئو. ان لاءِ هينئر معمولي ڳالهه سبب ڀرسان ئي هڪ اسٽوڊيو تي وڃي ڏيڍ سئو رپيا ڀري اهي فوٽو ٻيهر ڪڍائڻا پيا ۽ ارجنٽ ڊليوري وٺي اچي فارم ڀريو؛ جنهن کانپوءِ ئي مٿي فرسٽ فلور تي انٽري ملي جتي هڪ وڏي لابيءَ ۾ ويهاريو ويو. اتي نمبر جي حساب سان هر هڪ کي مختلف ڪائونٽر تي سڏ ٿي رهيو هئو!

    مون انگريزي ٻوليءَ وارو ڪائونٽر گهريو هئو. جڏهن منهنجو نمبر آيو ته اُتي ويٺل آمريڪن شخص جو اُچار سمجهڻ ڪجهه ڪجهه ڏکيو لڳي رهيو هئو. پر هو همراه هر موڙ تي تعاون ڪندو رهيو ۽ انٽرويو هلندي هوُ مون کان بلڪل مطمئن پئي نظر آيو پوءِ ته اوچتو ئي هن مون کان سيونگ بئنڪ اڪائونٽ جي پاس بوڪ جي گهر ڪيئي؛ جنهن لاءِ نه ته مونکي گورڌن ڏاندواڻي ۽ نه ٻئي ڪنهن ڪجهه ٻڌايو هئو؛ جڏهن ته اُهو ايڏو ضروري هئو جو ان کانسواءِ ڪنهن کي به آمريڪن ويزا لاءِ انٽرويو تي وڃڻ جي جيڪر صلاح ئي نه ڏجي! نه صرف اهڙو پاس بوڪ کڻي وڃجي پر ان اڪائونٽ ۾ چڱو بيلنس به هئڻ کپي ته جيئن ويزا آفيسر اسان کان مطمئن ٿي سگهي!
    مون کان جو اهڙي ڳالهه جي گهر ٿي؛ جيڪو آءٌ گهران کڻي ئي ڪو نه آيو هوس؛ ته ان جي جواب ۾ مون جيتوڻيڪ ٻيون ڪيتريون ئي سيڙپ واريون رسيدون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪيئي؛ پر هن کي ڪيش اڪائونٽ بيلنس کپندو هئو؛ جنهن جي ناپيد هئڻ سبب ڪائونٽر واري ويزا آفيسر به دير ئي ڪو نه ڪيئي ۽ فٽافٽ منهنجي پاسپورٽ جي آخرين صفحي تي ويزا جو ناڪاري ٺپو هڻي پٺيان بيٺل اميدوار جو انٽرويو شروع ڪري ڇڏيو. پوءِ ته مون لاءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪو نه هئو. تڙ تڪڙ ۾ سمورا ڪاغذ سنڀاليندي نراش من سان ڪنسليٽ مان نڪري آيس!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 20 مارچ 2016
    ____
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 51
    مان توکي چار ڏينهن کان ڳولهي رهي آهيان!
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي



    منوهر ۽ منهنجو؛ ٻيئي ڪتاب ”شاھ جا سرموڙ“ ۽ ”سچل جون واديون“ ڇپجي چڪا هئا ۽ مونکي انهن لاءِ ”بوڪ رليز فنڪشن“ رکڻو هئو. مونکي فلم پروڊيوسر /ڊئريڪٽر پهلاج نهالاڻيءَ لاءِ بيحد صدق هئو. مون جيئن ئي کيس فون تي اهڙي فنڪشن بابت ٻڌايو ته هن هڪدم ئي هاڪار ڪيئي! پوءِ آءٌ گوپ روپچنداڻيءَ سان گڏ بمبئيءَ جي هڪ سٺي هوٽل ”روزووڊ“ جي مالڪ ڀاءُ چندر منگهناڻيءَ سان گڏيس؛ جنهن ان فنڪشن لاءِ ”هاءِ ٽي“ پنهنجي طرفان ڏيڻ جي آڇ ڪئي. پر مون کيس عرض ڪيو ته آءٌ اهو فنڪشن ڪجهه وڌيڪ سٺي نموني ٿو ڪرڻ چاهيان؛ مونکي صرف اِهو کپي ته مون کان مناسب بل ورتو وڃي ۽ ڪاڪٽيل لاءِ پنهنجو سامان آڻڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن به فٽافٽ منهنجي هر ڳالهه مڃڻ لاءِ پنهنجي سهمتي ڏيکاري!
    مون دراصل اهڙي فنڪشن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجي لاڙڪاڻه جي استاد ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌي“ صاحب کي پئي گهرائڻ چاهيو؛ جنهن منهنجي ڪتاب ” سچل جون واديون“ جو مهاڳ به لکيو هئو پر جيئن ته ساڳين ئي ڏينهن ۾ سائين جن کي عمرو ڪرڻ لاءِ سعودي عرب وڃڻو هئو ته اهڙي صورت ۾ مون کي سندن موجودگي نصيب ڪونه ٿي سگهي! باقي بمبئيءَ ۽ آسپاس جا سڀ سنڌي اديب حضرات گوبند مالهي، پوپٽي هيراننداڻي، ڪرشن راهي، شام جئسنگهاڻي، منوهر چگهه، گنو سامتاڻي؛ مون وٽ ”بوڪ رليز فنڪشن“ ۾ آيل هئا.
    فنڪشن شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهه ،دير هئي جو مون پهلاج نهالاڻي کي فون ڪيئي؛ تڏهن ان جي شريڪِ حيات نيتا مان خبر پيئي ته هنن جي فلم ”شعله اور شبنم“ لاءِ ڪجهه مسئلو هوندي پهلاج اوچتو دهليءَ هليو ويو هئو. اهڙي خبر ٻڌي مان ته منجهي ويس. مون نيتا کي چيو:
    ”ديدِي! هاڻ ته منهنجو نالو خراب ٿي ويندو. مون دادا کانسواءِ ڪنهن به ڊگنٽريءَ کي ڪو نه گهرايو آهي!“
    پوءِ ته جيتوڻيڪ هن ٻڌايو ته کيس زبردست تيز بخار هئو ۽ ڊاڪٽر کيس گهر اچي انجيڪشن لڳائي ويو هئو؛ پوءِ به هن چيو ته ٺيڪ آه، جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته آءٌ ٿي پهلاج جي جاءِ تي اچان. پوءِ ته اسين مهمانن کي رفريشمينٽ ڏيڻ ۾ ڪجهه وڌيڪ وقت ئي لڳائي ڇڏيوسين ۽ ٿوري ئي دير ۾ نه صرف نيتا نهالاڻي اڪيلي آئي پر پاڻ سان گڏ هڪ فلم هيروئن به وٺي آئي؛ جيڪا هن جي ڪنهن موجوده فلم ۾ ڪم ڪري رهي هئي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ساڻن گڏ پهلاج نهالاڻيءَ جو ننڍو ڀاءُ مهيش به آيو هئو.
    اسان جي بوڪ رليز فنڪشن جي صدارت نيتا پهلاج نهالاڻيءَ ڪرڻ فرمائي؛ جڏهن ته منوهر ۽ منهنجي طرفان پنهنجي پنهنجي ڪتاب ”شاه جا سرموڙ“ ۽ ” سچل جون واديون“ تي روشني وجهڻ کانپوءِ منوهر جي ڪتاب تي پوپٽي هيراننداڻيءَ پنهنجا رايا تفصيل سان پنهنجا تاثرات بيان ڪيا ته ” سچل جون واديون“ جو وري تفصيلوارانه جائزو گوبند مالهيءَ طرفان ڏنو ويو. مقررين ۾ رامڪرشن آڏواڻي ”راهي“ءَ ٻنهي ڪتابن بابت ڳالهايو. ڀيڻ نيتا نهالاڻيءَ پنهنجي مختصر صدارتي تقرير ۾ اسان ٻنهي ڀائرن لاءِ نيڪ تنمائن جو اظهار ڪندي پنهنجي بي پناه مسرتن جو بيان ڪيو. بوڪ رليز فنڪشن اسان جي معزز مهمانن جي هٿن کان ٻنهي ڪتابن جي نقاب ڪشائي ٿي؛ تقريرون ٿيون ۽ آخر ۾ مون تمام مهمانن جي شڪر ادائي ڪندي آيل سڀني مهمانن کي مٿي ٽيرس تي هلڻ لاءِ عرض ڪيو؛ جو اُتي ڪاڪٽيل ڊنر پارٽيءَ جو اهتمام ڪيل هئو. ڀيڻ نيتا نهالاڻيءَ جي طبيعت جي ناسازيءَ سبب ان کي ڇڏڻو پيو ! مٿي ٽيرس تي رات جو دير تائين ڏاڍي سٺي پارٽي هلي رهي هئي؛ پر ڪيترن ماڻهن جي ذوق ۽ مزاج جي تڏهن خبر پئي؛ جڏهن اهي موڪلائڻ مهل دروازي تي منوهر ۽ منهنجي بدران ان هوٽل جي مالڪ چندر منگهناڻيءَ اهڙي شاندار پارٽيءَ لاءِ شڪر ادائي ڪري رهيا هئا. موٽ ۾ چندر کي اُن هر هڪ شخص کي سمجهائڻو پئي پيو ته ” بابا! شڪريو ٻلديو ۽ منوهر جو مڃيو، جن توهان کي گهرايو آهي ۽ جن هن سموري پارٽيءَ جو بل ڀريو آه!“
    تعليمي سال 93-1992ع هر سال جيان هينئر 20 جنوري کان شروع ٿيو ته منهنجو دوست گوپ روپچنداڻي جيئن ته هن ئي سال رٽائر ڪرڻ وارو هئو ته اُهو پنهنجي جاءِ تي هندي ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ ليڊي ٽيچر ڊاڪٽر پرميلا سنگهه جي اپوائنٽمينٽ ڪرائيندي پاڻ ٻن مهينن جي موڪل تي هليو ويو. پروفيسرس ڪامن روم ۾ لاڪر رکيل هوندا هئا؛ جن مان اهڙو هڪ هيٺيون لاڪر مونکي الاٽ ٿيل هئو. هڪ ڏينهن جڏهن مونکي ڪجهه فري ليڪچر هئا ته آءٌ ان سموري لاڪر مان سامان سڙو ٻاهر ڪڍي فرش تي ئي ويٺي سنڀالي رهيو هوس ته اُها نئين اپوائنٽ ٿيل هنديءَ واري ٽيچر ڊاڪٽر پرميلا سنگهه منهنجي ڀرسان اچي بيٺي ۽ ڇوٽ ۾ چئي ڏنائين ته ”مٽلاڻي تون آهين! مان توکي چار ڏينهن کان ڳولي رهي آهيان!“
    مون کان ته ڇرڪ نڪري ويو ته آخر اڻڄاڻائيءَ ۾ مونکان ڇا ٿي ويو؛ جو هيءَ نئين ٽيچر منهنجي ڳولا ڪري رهي هئي! پوءِ هن ٻڌايو ته چار ڏينهن اڳ جڏهن گوپ روپچنداڻي موڪل تي وڃي رهيو هئو ته ان مهل مون سان ۽ گوپ روپچنداڻيءَ سان هڪ چاپئين ڏاڙهي رکيل شخص مهراج منوهر لال ملڻ آيو هئو ۽ گوپ روپچنداڻيءَ پرميلا کي پري کان مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو هئو ته سندس غير حاضريءَ ۾ هوءَ مٽلاڻيءَ کان ئي ڪهڙي به قسم جي راهنمائي وٺي سگهي ٿي! پوءِ سائين اُهو مهراج ويو ته گوپ روپچنداڻيءَ به موڪل تي هليو ويو پر پرميلا کي جو اُهو مهراج ڪو نه پئي مليو ته هن کي ڪجهه پڇڻو هئو ته ويچاري پريشان لڳي پيئي هئي ته روپچنداڻي ته موڪل تي ويو پر هيءُ مٽلاڻي ڪيڏانهن هليو ويو! آخر چار ڏينهن کانپوءِ جڏهن مونکي لاڪر صاف ڪندي ڪنهن ”مٽلاڻي“ چوندي سڏ ڪيو هئو تڏهن مس وڃي ويچاريءَ کي ساه پيو هئو ته ٻيلي مٽلاڻي لڌو! هاڻ پرواه ناهي! ان کان ڪجهه به پڇي وٺبو!
    پوءِ پرميلا جا مسئلا حل ٿيندا رهيا؛ پر منهنجي مٿان هڪ ڀؤُ طاري هوندو هئو ته سنڌيءَ ۾ ڊاڪٽوريٽ صرف ڪنهن مافوق الفطرت ماڻهوءَ کي ئي ملي سگهي ٿي ۽ جنهن لاءِ مون ڪيترا ئي تلخ آزمودا به پرايا هئا؛ ان سموري مفروضي کي ڀڃڻ لاءِ ڊاڪٽر پرميلا سنگهه منهنجي بيحد همت افزائي ڪيئي. مون 1987ع ۾ ڊاڪٽر ديال ”آشا“ جي راهنمائيءَ ۾ ايڊميشن وٺڻ کان پوءِ اڌ کن ڪم مڪمل ڪندي به اڌ ۾ ڇڏي ڏنو هئو ڄڻ خبر هجي ته ايڏي وڏي ڊگري اسان کي ملڻي ئي ناهي! پر هاڻ پرميلا کي جڏهن مون پنهنجي گائيڊ جي نيڪ نيتيءَ بابت ٻڌايو ته هوءَ روز مون کان پڇندي رهي ته ڪالهه آءٌ ڪيترا ڪلاڪ ٿيسز تي ڪم ڪيو. هن جي اڏي چوڪسي رکڻ ۽ پنهنجي بهتريءَ سبب مون به هاڻ جئه هند ڪاليج مان الهاس نگر موٽندي ”فلم سٽي“ اسٽوڊيو تي وڃڻ گهٽائيندي ڪافي وقت پنهنجي پي.ايڇ.ڊي.ءَ کي ڏيڻ لڳس. ائين ڪرڻ سان مونکي پنهنجي امڙ ۽ ڪجهه ڪجهه ادا پريم جي به ڪڏهن ڪڏهن ناراضگي سهڻي پئي پيئي؛ پر روزانه لڳاتار ڪم هلندي هلندي پنهنجي منزل کي پهچڻ لڳو. ٻه مهينا پوءِ گوپ روپچنداڻي موڪل تان موٽي آيو به ڊاڪٽر پرميلا سنگهه ڊگري ڪاليج ڇڏي اسان وٽ جئه هند ڪاليج ۾ ئي جونيئر ڪاليج هندي شعبي لاءِ پارٽ ٽائيم ڪم ڪندي رهي!
    1992ع دوران ڀارت جي مرڪزي سرڪار جي تعليمي کاتي طرفان قائم ڪيل ”سينٽرل هندي ڊئريڪٽوريٽ“ اندر ”سنڌي سيل“ وارن بمبئيءَ ڀرسان ديولالي ڪيمپ(ناسڪ) ۾ سنڌي مضمون نويسيءَ تي هڪ هفتي جو نوَن سنڌي ليکڪن لاءِ هڪ ورڪشآپ لاءِ لوڪل آنرري ڊئريڪٽر هئو الهاس نگر جو ئي رهواسي شام بڻجيا؛ جيڪو اتفاق سان مونکان ئي ڪڏهن آر.ڪي.تلريجا ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ٽيچر رهي چڪو هئو ۽ بعد ۾ 1978ع ۾ آءٌ ان جي ئي جاءِ تي وڃي اُتي ڀرتي ٿيو هوس.
    هينئر ان ورڪشاپ لاءِ نينڍ آئي ته مون به اُتي هڪ هفتي لاءِ شرڪت ڪيئي. ايڪسپرٽس ۾ مون کان سواءِ به ٻيا به هئا ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ هيروٺڪر، شرڪت ڪندڙ نون ليکڪن ۾ ڀوپال جو جهمون ڇڳاڻي به هئو ته دهليءَ جو هڪ شاگرد روي ٽيڪچنداڻي به هئو ۽ انهن کانسواءِ ٻيا روز صبح کان شام جو 5.00 وڳي تائين ليڪچرس هلندا هئا. اسين ٽيئي ڄڻا واري وتيءَ ٽائيم ٽيبل جي حساب سان پنهنجو پنهنجو ليڪچر وٺندا هئاسين. پوءِ ٿوري دير آرام ڪري شام جو روز ڪيڏانهن پنڌ تي پنڌ نڪري ويندا هئاسين، جو ديولالي هڪ کليل علائقو اهي ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ چڱيون ئي پنڪنڪ پوائنٽس هونديون هيون. هڪ اهم ڳالهه ته اسين شام جو جيڪو گڏجي چڪر لڳائيندا هئاسين، ڊاڪٽر جيٽلي جي مون سان ويجهڙائپ ان چڪر هڻندي يا ائين چئجي ته ان ديولاليءَ واري ورڪشاپ دوران ئي ٿي. خاص طور شام واري چڪر دوران سائين جيٽلي صاحب جيڪو ٻاهران ٻاهران زبردست گنڀير نظر ايندڙ هئو؛ اهو به پنهنجي نجي محفل ۾ اهڙا ته زبردست چٽڪلا ٻڌائيندو هو؛ جو اصل سڀني کي کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويندو هئو.
    ورڪشاپ جي هڪ هفتي بعد پڄاڻيءَ تي جيڪو فنڪشن ڪندي اسين بهرو وٺندڙ نون ليکڪن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهاياسين؛ ان فنڪشن دوران ناسڪ جي هڪ سنڌي شاعر ڀاءُ ميارام ڪڪريجا ”درد“ جي مون سان ڏاڍي ويجهڙائپ ٿي ويئي. هو بيحد يار ويس ماڻهو هئو هندوستان جي ادب دوست حضرات جي برادريءَ ۾ اهڙا ماڻهو تمام تمام گهٽ هوندا آهن جيڪي اندر به دل جا صاف هجن ته پاڻ سان گڏ تمام عالم انسانيءَ جو پڻ خير چاهين!
    1992ع دوران ئي مونکي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ساه کڻڻ جي تڪيلف ٿي پيئي، ڪڏهن اسان جي سي-بلاڪ واري پاڙي ۾ اسان جو دوست هوندو هئو ڊاڪٽر نريش ڪلياڻي، مون ان کان ڏاڍيون دوائون ڪيون؛ ڪيتريون ئي اينٽي بايوٽڪ ورتيون؛ پر فائدو ڪو نه پئي پيو. ٻه اڍائي مهينا ڏاڍو لوڙڻو پيو. هر روز رات جو تڪليف ايترو پئي وڌي ويئي جو سمهان ته ساه به ڪو نه کڻي سگهان. پوءِ ته اُتي ويهي نڙي صاحب ڪرڻ لاءِ زوريءَ به کنگهڻ جي ڪوشش ڪيان ۽ ڪڏهن ته کنگهي کنگهي ساڻو ٿي پوان تڏهن ٻه ٽي ڪلاڪن کانپوءِ ساڻائپ ۾ مس وڃي ننڊ ڪري سگهان!
    آءٌ صبح جو روز 8:00 بجي واري جنهن لوڪل ٽرين ۾جئه هند ڪاليج لاءِ بمبئيءَ ويندو هوس. ان ۾ لوڪل ٽرين هڪ مسٽر ڀاٽيه صاحب هوندو هئو؛ جيڪو هندوستان جي برلا خاندان طرفان بمبئيءَ ۾ ٺاهيل ”بامبي هاسپيٽل“ اندر انڊين اوورسيز بينڪ ۾ مئنيجر طور ڪم ڪندڙ هو. مون ان کي پنهنجي پيڙا ٻڌائي ته هن همراه مونکي بامبي هاسپيٽل وٺي وڃي جنرل فزيشن ”ڊاڪٽر شرما“ سان ملايو. ٻئين ڏينهن ڪيتريون ئي ٽيسٽون ڪيون ويون؛ پر ڪهڙي به ٽيسٽ ۾ بيماريءَ جو پتو ئي ڪو نه پئي پيو. آخر ڊاڪتر شرما صاحب ڪجهه ڪجهه منهنجي شڪل ڏسندي به پنهنجي طرفان ڌُڪو هڻي ڪري مونکي ڇهن مهينن لاءِ ٽي.بي.ءَ جون دائون ڏيئي ڇڏيون؛ جڏهن ته ان لاءِ ڪيل ٽيسٽ ۾ منهنجي جسم ۾ ڪابه خرابي ڪو نه نڪتي هئي! خير! الله جي ڪرڻي وري اهڙي؛ جو اهي دوائون وري ڪم ڪري ويون! مان بلڪل نارمل ٿي ويس ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪو نه هئو! پر ڌُڪا هڻي کاڌل دوائن جو اثر ديرپا ٿي ڪونه سگهيو هئو ۽ وري جلد ئي ٻن سالن ۾ ئي ساڳئي مرض ساڳي شدت سان منهن ڪڍيو هئو!
    93-1992ع جو تعليمي سال شروع ئي ٿيو هئو؛ جو فلم ڊئريڪٽر تلسي رامسي مونکي فون ڪري پروفيسرس ڪامن روم ۾ اچي مون سان مليو. هن کي اسان جي پرنسپال نانڪ شوداساڻيءَ ۾ ڪجهه ڪم هئو؛ سو مٿي ڪامن روم ۾ اچي پهريائين ته مونکي به خوش ڪرڻ لاءِ چوڻ لڳو ته آءٌ کيس ڪڏهن سندس فلمن ۾اسٽل فوٽوگرافيءَ لاءِ چيو هئو؛ سو هينئر هن تازو ئي ”زي “ ٽيلي ويزن چينلتي ”زي هارر شو“ شروع ڪيو هئو؛ ان لاءِ هن مونکي اسٽل فوٽوگرافي ڪرڻ جي آڇ ڪيئي. مون کيس هيٺ وٺي وڃي آفيس ۾ پرنسپال نانڪ شوداساڻيءَ سان ملايو ۽ سندس ڪم به ٿي ويو. پوءِ مون کيس اهو به چيو ته ان ڪم سبب هو مونکي پاڻ وٽ اسٽل فوٽوگرافي شروع نه ڪرائي! پر هن اهڙي ڪنهن به ڳالهه کان انڪار ڪندي پاڻ مونکي ياد ڏياريو ته هو مونکي 1988ع واري وقت کان اسٽل فوٽو گرافيءَ جي ڪم ڏيڻ لاءِ تيار هئو پر تڏهن فلم اسٽار راجيش کنا کي اسان وٽ ڪاليج ۾ مکيه مهمان ڪري مڃائڻ واري چڪر ۾ اهو ڪم شروع ڪو نه ٿي سگهيو هئو!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 27 مارچ 2016
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 52
    منٽن ۾ روڊ رستا سڀ خالي ٿي ويا !

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    اسان پنهنجي پراڻي گهر ”سي-بلاڪ“ مان گول ميدان طرف فليٽس ۾ عارضي طور ان لاءِ آيا هئاسين ته تيسين اُتي ٽي ماڙا بلڊنگ ٺاهينداسين، جئين هر هڪ ڀاءُ کي هڪ هڪ ماڙو ملي سگهي؛ پر وچ شهر ۾ گول ميدان طرف آياسين ته اسان جي عورتن کي انهن فليٽن جي لائيف ۽ پرائيويسيءَ سان گڏ وچ شهر واري لوڪيشن به وڌيڪ پئي وڻي. آخر ادا پريم سوچيو ته جيڪڏهن فليٽن ۾ ئي رهڻو آهي ته پوءِ ڪنهن خلاصي فليٽ جي بوڪنگ ڪرائجي. اسين ”ڪلا نڪيتن“ ۾ جتي رهندا هئاسين؛ ان جي ڀر ۾ ئي هڪ بلڊنگ ”پشپم پئليس“ پئي ٺهي جنهن ۾ اڳيان وارا فليٽس سترهن سترهن سئو اسڪوائر فوٽن جا هئا. ادا پريم، اسان واري سئوٽ پرتاب کي وٺي هلي ان جي بلڊر جيراج ڪلياڻيءَ سان ٽن فليٽن جو سودو ڪيو؛ جو پرتاب هينئر پراپرٽيز جي دلالي به ڪندو هئو.
    29 ڊسمبر 1992ع تي اسين جئه هند ڪاليج ۾ ”سنڌي سرڪل“ ۾ ساليانه اُتسو منعقد ڪيوسين. اُتي هن سال مون پنهنجن ئي شاگردن تي محبت ڪري کين سنڌي گيت تيار ڪرايا؛ جيڪي اڳ ئي هندي ۾ ڪاليج اندر بهترين گايڪ طور مشهور هئا. شلپا جئسنگهه نليش کتري ۽ ريتو جهويري سنڌي شاگردن کي ته تيار ڪيو ئي! پر هڪ ڪرسچن ڇوڪري هئي روشل ڊسوزا، اُن کي به طالب الموليٰ جي ڪلام ”تو دلڙي يار ڌتاري“ لاءِ تيار ڪيو. پروفيشنل گايڪن ۾ هن سالن اسين چندرو آتما کي گهرايوسين!
    پروگرام جي آغاز ۾ دراصل شاگردن ئي پنهنجي آواز سان سنڌي ڪلامن جي ڌوم مچائي ڇڏي. روشل ڊسوزا، جيڪا گهر ۾ به انگلش ڳالهائيندي هئي؛ ان سنڌي اُچار پڻ اهڙا ته صاف پئي ڪڍيا جو ڀانءُ ته ڪا سنڌي ڇوڪري ئي ڳائي رهي هئي. اهم ڳالهه ته آرڪسٽرا وارا سنگيت جو ساٿ به بهترين انداز ۾ ڏيئي رهيا هئا.
    ساز ۽ آواز جو سنگيت ميه پروگرام پورو ٿيو ته هن سال مون پنهنجي ننڍڙن ٻارڙن ورشا ۽ ڌيرج؛ ٻنهي کي تيار ڪيو هئو. هن سال ته انهن ٻنهي به الڳ الڳ رڪارڊ ڊانس تي اهڙي موج مچائي ڇڏي جو ٻنهي کي ڪيترو وقت حاضرين مان زبردست ڪليپنگ ملندي رهي! هن سال اسان جي مکيه مهمان هئي فلم اسٽار رينا راءِ! ان کي منهنجي پٽ ڌيرج مٽلاڻي جنهن کي گهر ۾ اسين ”سني“ سڏيندا آهيو، اُنجي ڊانس ايترو پسند آئي جو هن پاڻ به پنهنجي پرس مان ڪجهه پيسا ڪڍي هڪ لفافي ۾ بند ڪري سنيءَ کي اسٽيج تي گهرائي اهو انعام ڏنو! ڌيرج ۽ ورشا سان گڏ مون انهنجي ماسات ديپتي هرجاڻيءَ کي به تيار ڪرايو هئو جنهن پڻ بهترين ڊانس جو نماءُ ڪيو. انهن ٽنهي ٻارن کان پوءِ اسين پنهنجي شاگردياڻي قومي شاه جو به نرتيه اسم پيش ڪيو جو مون هر هڪ ڪيٽيگريءَ ۾ ڪلائيميڪس انتهائي بلندين وارو پئي چاهيو. قومي شاه ته هتي بامبي ۾ ئي چرني روڊ وٽ چوپاٽيءَ سامهون پنهنجي ڪوريوگرافيءَ جو هڪ ڪلاس هلائيندي الائي ڪيترين سيکڙاٽن کي ٽريننگ ڏيندي هئي!
    سنگيت جي ستن سُرن ۽ نرتيه جي پيرڙن کانپوءِ مون پنهنجي شاگردن جو هڪ ايڪانڪي ناٽڪ ”ٽائيم پاس“ پڻ رکيو هئو جنهن کي مون پنهنجي ڪاليج جي بهترين ڪلاڪار شاگرد ميهُل جهويريءَ کان ڊئريڪٽ ڪرايو هئو. سڀ کان آخر ۾ اڳ جيان هينئر به اسين نتيش اُڌواڻيءَ جي ڪوريوگرافيءَ ۾ ”فيشن شو“ رکيو هئوسي؛ جنهن ان مهل جي شاگردياڻيءَ موجوده فلم ڪلاڪاره، دلناز کانسواءِ ٻين شاگردن به بهترين ماڊلنگ جو نماءُ ڪيو هئو.
    پروگرام جي آخر ۾ اسين پنهنجي معزز مهمانن فلم اسٽار رينا راءِ، فلم پروڊيوسر نيتا پهلاج نهالاڻي ۽ سندن فرزند بال ڪلاڪار چراغ نهالاڻيءَ کانسواءِ فلم پروڊيوسر منوهر اگيچا کي به مٿي اسٽيج تي وٺي آياسين. ان ڏينهن فلم ايڪٽريس رينا راءِ زبردست موڊ ۾پئي لڳي ۽ پنهنجي زندگيءَ جون ڪيتريون ئي پياريون پياريون ڳالهيون هن حاضرين سان منچ تان شيئر ڪيون! پروفيسر ٽي.جي.خوبچنداڻي ۽ پرنسپال نانڪ شوداساڻي جيڪي فن. مقرريءَ ۾ اصل ماهر هئا. انهن ته سنڌيءَ ۾ به بهترين تقرير ڪندي. منهنجي عزت افزائيءَ ۾ ڪابه ڪسر باقي نه ڇڏي! هن سال اسان وٽ ”سنڌي سرڪل“ ۾ اسان جي جهوني شاگرد ”ونيه اميسر“جي ننڍي ڀاءُ ”سنجيه اميسر“ سيڪريٽري طور ڪم ڪيو هئو؛ جنهن سان گڏ ٻه ٻيا شاگرد دنيش ڪمل ۽ سنجيه گلاباڻي پڻ بهترين ٻانهن ٻيلي بڻيا هئا.
    جيراج ڪلياڻيءَ کان اسين ٽن فليٽس جي بوڪنگ ته ڪرائسين؛ پر هن بلڊنگ اهڙو ته تيزيءَ سان ٺاهڻ شروع ڪيئي ۽ ڏاڍو جلدي جلدي اسان کي قسطين جي گهر ڪندو آيو، جو اسان کي اهڙي پوئواريءَ ۾ پنهنجو ”سي-بلاڪ وارو بنگلو C-68/253 وڪڻڻو ئي پيو؛ نه ته جيڪر اسان جي رٿا موجب آهسته اهسته ڪم هلي ها ته اسان سان شايد اهڙي نوبت ڪو نه اچي ها!
    6 ڊسمبر 1992ع تي هڪ مخصوص مذهب جي مخصوص گروپ وارن ماڻهن ايوڌيا (اتر پرديش) ۾ گڏ ٿيندي سورمين صديءَ کان هلي ايندر متضاد ”بابري مسجد“ جو ڍانچو ئي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. تڏهن يو.پيءَ ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي طرفان ڪلياڻ سنگهه جي سرڪار هئي ته مرڪز ۾ ڪانگريس طرفان وزيراعظم نرسمهاراءُ جي حڪومت هئي.
    ان ٽوڙ ڦوڙ ملڪ ۾ ايڏا ته وڳوڙ پيدا ڪيا جو بعد ۾ مذهبي فسادن باعث گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار ماڻهن کي اجل جو شڪار ٿيڻو پيو. پوءِ ته 7-جنوري 1993ع تي بمبئيءَ جي ڍونگري علائقي ۾ فوٽ پاٿ تي سمهيل ڪجهه ماڻهن کي رات جي اونداهي ۾ ئي ري گناھ اجل جو شڪار ڪيو ويو؛ جنهن جي نتيجي ۾ بمبئيءَ ۾ ڪجهه مذهبي فساد هِتي هُتي منهن ڪڍڻ لڳا؛ انهن جو بهانو وٺي مرڪزي ڪابينه جي هڪ فرد شردپوار انهن فسادن کي بهانو بڻائي مهاشٽرا جي مکيه وزير سڌاڪر راءُ کي هٽائيندي. پاڻ اچي هتي مکيه وزير بڻيو.
    12 مارچ 1993ع تي اسين جئه هند ڪاليج ۾ هئاسين. اسان ڊگري ڪاليج ٽيچرس جي سيلري ته ڀر واري يونين بئنڪ ۾ سڌوئي اسانجي نجي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيو ويندي هئي؛ پر جونير ڪاليج پاڙهيندڙ ٽيچرس جي پگهار واري مهاراشٽرا گورنمينٽ مان سڌوسنئون انهن ٽيچرس جي صرف ”بينڪ آف مهاشٽرا“ واري اڪائونٽ ۾ ئي جمع ٿيندي هئي، ان ڏينهن مونکي ڊاڪٽر پرميلا سنگهه چيو، ته هل ته ڏه منٽن جي پنڌ تان فورٽ ايريا واري بينڪ مهاشٽرا برانچ مان پگهار ڪڍائي اچون. منجهند جو ٽائيم هئو ۽ مونکي به فري ليڪچر هئو. سو آءُ به ساڻس گڏ اوڏانهن ويس. جيسين پرميلا جي چيڪ پاس ٿئي ئي ٿئي ۽ کيس ڪائونٽر کان پگهار ملي؛ ان وچ ۾ هڪ زبردست ڌماڪي جو آواز ٻڌڻ ۾آِو. ڪنهن کي به ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ٿيو هئو! اسين تڪڙ تڪڙ ۾ ڪائونٽر تان پيسا وٺي هيٺ لٿاسين ته خبر پيئي ته متوازي گهٽيءَ ۾ ”بامبي اسٽاڪ ايڪسچينج“ بلڊنگ ٻاهران هڪ زبردست بم وسڦوٽ ٿيو ۽ ڪيترائي ماڻهو ان جي چپيٽ ۾ آيا هئا.
    ماحول ۾ ڏاڍي ڪشيدگي لڳي پيئي هئي. تڪڙ تڪڙ ۾ بازارون بند پئي ٿينديون ويون. بمبئيءَ جا عام ماڻهو جيڪي گهڻو ڪري زبردست خود غرض هوندا آهن، اُهي وري وقت تي هڪٻئي جي ڪم به ايندا آهن. تڏهن ڪيترن ويچارن زخمين کي کڻي ڪري ڀر وارين اسپتالن ۾ به پهچايو پئي. اسين، ڊاڪٽر پرميلا سنگهه ۽ مان به تڪڙا تڪڙا جئه هند ڪاليج واپس وڃڻ لاءِ فورٽ واري بامبئي يونيورسٽي جي هيڊ آفيس واري قديم عمارت ڪراس ڪري اڳتي پئي وڌياسين ته روڊ تي هڪڙو ماڻهوءَ جا ڪپڙا رتوڇاڻ لڳا پيا هئا. هن جيڪا ٽيڪسي روڪي پئي ته انجي حالت ڏسي ڪو به ٽيڪسيءَ وارو بيهي ئي ڪونه رهيو هئو. جڏهن اسين هن جي ڀرسان لنگهاسين ته ان ٻڌايو ته هو پاڻ زخمي ناهي پر ٻين زخمين جو خون سندس ڪپڙن تي اچي لڳو هئو. جنسي قيامت وارو ڏينهن هئو. منٽن ۾ روڊ رستا سڀ خالي خالي ٿي ويا هئا ڄڻ راڪاس گهمي ويو هجي.
    اسين اڃا پنهنجي ڪاليج ۾ مس آياسين ته خبر پيئي ته ڀرسان ئي ”ايئر انڊيا“، بلڊنگ ۾ به هڪ زبردست ڌماڪو ٿيو هئو. پوءِ ته ٿوري ئي دير مان ادا پريم مونکي ڪاليج ۾ فون ڪندي خبردار ڪيو ته اسين لوڪل ٽرين جي لنبي مسافري ڪندي الهاس نگر نه اچون ۽ هتي بمبئيءَ ۾ ئي پنهنجي دوست رام لالچنداڻيءَ وٽ هليا وڃون؛ جو ”پريل“ جي لوڪل ريلوي اسٽيشن تي به اهڙو ئي هڪ ڀيانڪ وسڦوٽ ٿيو هئو. رام لالچنداڻيءَ سان منهنجي اهڙي دوستي هوندي هئي؛ جو هوُ الهاس نگر ۾ ڪنهن وٽ به ڪم سان ايندو هئو ته رات مون وٽ رهندو هئو ۽ ڪڏهن تڪليف ۾ مونکي هتي بمبئيءَ ۾ رهڻو پوندو هئو ته آءٌ وڃي رام لالچنداڻيءَ وٽ ماهيم ۾ سندس فليٽ ۾ رهندو هوس.
    جلد ئي ڪاليج ٻه بند ڪيا ويا. اسين، گوپ روپچنداڻيءَ مان پرميلا سان گڏ چرچگيٽ تان لوڪل ٽرين تي اچي چڙهياسين. اڌ ڪلاڪ کن ۾ اسين ماهيم اسٽيشن تي اچي لٿاسين؛ پرميلا پنهنجي گهر ”وَسئي“ لاءِ اڃا به اڳيان هلي ويئي. گوپ ۽ مان اسٽيشن جي ڀرسان ئي رام لالچنداڻيءَ نؤجيون ڪالوني“ واري فليٽ ۾ آياسين ته ان همراھ ڏاڍو پيار پئي ڏنو. اُتي پهتاسين ته خبر پيئي ته منجهند جو 1:30 بجي ”بامبي اسٽاڪ ايڪسچينج“ سان پهريون ڌماڪو شروع ٿيندي الڳ الڳ جاين تي ڪل تيرهن سيريل بلاسٽ زويري بازار، پلازه سنيما، سينچري بازار، ڪٿا بازار، هوٽل جهُو سنيٽار“، ورلي ۽ پاسپورٽ آفيس وغيره ۾ ٿي چڪا هئا. جتي پهريون ڀيرو اهڙي بلاسٽ لاءِ خطرناڪ ڪيميڪل آر.ڊي.ايڪس استعمال ڪيو ويو هئو. 257 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا ته 700 ماڻهو زخمي ٿيندي اسپتال ۾ سور کان رڙيون ڪري رهيا هئا. پر ڪجهه خبرن موجب ته ٽي سئو ماڻهن جي بي گناه موت سان گڏ چوڏهن سئو کن ماڻهو زخمي ٿيا هئا.
    اسان کي رام لالچنداڻيءَ جي گهر ماهيم ۾ ٻه راتيون ۽ ٽي ڏينهن رهڻو پيو؛ جو اڃا تائين ماحول ۾ زبردست ڪشيدگي هئي ۽ ادا پريم جي ئي صلاح موجب اسان کي ٽرين ۾ الهاس نگر وڃڻ جي رسڪ نه کڻڻي هئي! اهو سمورو وقت ته رام لالچنداڻيءَ لاءِ به ڄڻ زبردستيءَ واري ڇٽي ٿي ويئي؛ جو مارڪيٽ ئي بند لڳا پيا هئا ۽ اهڙي صورت ۾ هن کي ٻاهر نڪرڻو ئي ڪو نه هئو.
    گهڻي وقت کان سنڌ ۾ جو مشهور هوندو هئو ته ” سنڌي هندو“ معنيٰ ”ڏڪڻو“ ۽ ”ڊرپوڪ“؛ اها صفت هن جي هتي به هلي آئي آهي. عام طور هنن ۾ مجموعيت جي ڀلي لاءِ زره به همت ڪانه هوندي آهي؛ همت ته ڇڏيو پر ڪڏهن ڪڏهن ته مونکي ڪنهن جي نيت تي به شڪ ٿيڻ لڳندو آهي. لوڪل ٽرين جي دٻي ۾ گهڻي ۾ گهڻا ماڻهو سنڌي هوندا؛ پر ڪنهن اٻوجهه سنڌي ٻار کان ڪا معمولي به غلطي ٿيو ويندي يا اُن ڪنهن غير سنڌيءَ سان احتجاج ڏيکاريو ته هيڏي ساري سنڌين واريءَ دٻي ۾ ان معصوم کي ماري ماري ناڙُ ڪري ڇڏيندا پر مجال جو هيءُ هٽا ڪٽا سنڌي ماڻهو اُٿي ڪري ان معصوم ٻارڙي کي بچائڻ جي ڪوشش به ڪن!
    اهو ئي سبب آهي جو ورهاڱي کانپوءِ هتي لڏي آيل سنڌي هندو نانگ بلائن وارين جهرندڙ بئرڪن ۾ رهندي به ڪڏهن ڪا ٻڙڪ به ڪو نه ٻولي سگهيا؛ ڀل ڪير غير سنڌي هنن جي پنهنجي شهر الهاس نگر ۾ وڃي به کين عزت کي ضرب پهچائي. اهڙي صورت ۾ هڪ نوجوان پپو ڪالاڻي، جنهن جو اصل نالو سريش هئو ۽ هتي الهاس نگر ۾ ئي 1951ع ۾ ان جو جنم ٿيو هئو. ان ۾ اها همت هئي جو هن سنڌين کي مجموعي طور گڏجي پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ يڪمشت ٿيڻ جي ترغيب ڏني. ان هڪ پپو ڪالاڻيءَ همت ڏيکاري ته باقي ٻيا سنڌي ڀل پاڻ ڪجهه به نه پئي ڪري سگهيا؛ پر ان پپو ڪالاڻيءَ کي هنن 1986ع ۽ 1990ع ۾ زبردست ميجارٽيءَ سان انڊين نيشنل ڪانگريس جي سيٽ تي مهاشٽرا صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ڪري چونڊيو. پوءِ ته ڪجهه حالتون اهڙيون اچي بڻيون جو اهو ساڳيو پپو ڪالاڻي 1995ع ۽ 1999ع ۾ آزادنه طور اها ساڳي اليڪشن وڙهيو به جيلن ۾ بند هوندي به هر گهڙي اها اليڪشن کٽندو رهيو، بعد ۾ 2004ع واري اهڙي اليڪشن ۾ هن کي ريپبلڪن پارٽي آف انڊيا (اٺاولي گروپ) جي ٽڪيٽ تي به جيت نصيب ٿي!
    اوچتو ئي اسان سنڌين جي بدنصيبيءَ سبب الهاس نگر ۾ گروهي تصادم ٿي پيو. پوءِ ته 19 ڊسمبر 1992ع تي پپو ڪالاڻيءَ تي ڳريون چارجز لڳائي کيس گرفتار ڪيو ويو. پپوءِ ڪالاڻي جي گرفتاري ڇا ٿي؛ ڄڻ الهاس نگر ۾ ائين پئي لڳو ته اهو هندستان هڪ جمهوري ملڪ جو حصو ئي نه هجي ۽ اُتي مارشل لا لڳايو ويو هجي. شام جو بمبئيءَ مان لوڪل ٽرين تي جيڪي سروس تان موٽندڙ ماڻهو الهاس نگر پنهنجي گهر آيا پئي؛ ”شهد“ اسٽيشن ٻاهران الائي ڪيترن معصوم سنڌين کي بي گناه لٺيون پئي هنيون ويون ڄڻ انهن ڪرفيو قانون جي ڀڃڪري ڪيئي هجي! ڪجهه شهر واسين اهڙي قهرام خلاف احتجاج ڪندي ڪجهه ڌرڻو ڪڍيو ته انهن مٿان به لٺيون وسايون ويون. نه صرف ايترو پر هراس واري ماحول ۾ جڏهن مارڪٽ بند ٿي ويا ته ڪيترن ئي غير سماجي، غير سنڌي ماڻهن جا ميڙ نڪري ڪري سنڌين جا در دروازا ۽ دوڪان وغيره ڀڃڻ لڳا. پوءِ ته ساڳيو پپو ڪالاڻي جيڪو جيئن اندر بند رهندي به صوبائي اسيمبليءَ جي ٻه ٻه ڀيرا اليڪشن کٽي سگهيو پئي؛ اُهو ساڳئي پپو ڪالاڻي جڏهن ضمانت تي ٻاهر نڪري الهاس نگر ميونسپل ڪارپوريشن جون واڳون سنڀاليون ته هاڻ ڪم نه ڪرڻ سبب همراھ جو اهڙو انجام ٿيو؛ جو هڪ شخص ڪمار آئلاڻي، جيڪو 2004ع ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي اليڪشن به ڪو نه کٽي سگهيو هئو؛ اهو به کيس 2009ع واري صوبائي اسيمبلي اليڪشن ۾ هارائي ويو!
    مونکي پپو ڪالاڻيءَ جي قربت 89-1988ع دوران آرڪٽيڪٽ نيلم ناگراڻيءَ معرفت ٿي سگهي؛ جڏهن هڪ فوٽوگرافر جي حيثيت ۾ مون هن جا ڪيترا ئي فوٽوگراف ڪڍيا هئا. 1990ع دوران مون هن جون ڪجهه ٽرانسپيرنسيز به ڪڍيون هيون. جيڪي سلائيڊ پروجيڪٽر تي هلائڻ لاءِ ٽلسن مارڪيٽ ۾ هڪ خاص پروگرام رکيو ويو هئو ۽ منهنجي طرفان پپو ڪالاڻيءَ جا ڪڍيل. اُهي تمام سلائيڊس بيحد پسند ڪيا ويا هئا. 1990ع ۾ اسان وٽ رتوديرو مان اسان جو سڪ جو مامو سريچند سيڊاڻي به گهمڻ آيو هئو؛ جنهن کي پڻ مون اهي سلائيڊس ڏيکاريا هئا.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 2 اپريل 2016
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 53 جو مواد ناهي مليو
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 54
    وارو ڪر! ڇَٽي ٿي وڃيئي!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    1993ع جا پويان ڏينهن هئا، منهنجو ڊاڪٽوريٽ جو ڪم تقريباً تڪميل کي پهچي چڪو هئو. آءٌ بامبي يونيورسٽيءَ کي پنهنجي ٿيسز جا ٽِپ اول ئي ڏئي چڪو هوس؛ هينئر اُتي ٿيسز جمع ڪرائڻي هئي. جئه هند ڪاليج ۾ انگلش جو سينير ٽيچر ڊاڪٽر گووند شاهاڻي؛ جنهن انگلش ۾ پي ايڇ.ڊي. ڪيئي هئي، اهو منهنجي ڀلي خاطر مونکي ياد ڏياري رهيو هئو ته ٿيسز جمع ڪرڻ کان اڳ ان کي چڱيءَ طرح ڏسي ڇڏڻ ضروري هوندو آهي جيئن ڪابه غلطي نه وڃڻ گهرجي! ڊاڪٽر شاهاڻي صاحب جي صلاح ته منهنجي ڀلي لاءِ هئي؛ پر مون 1994ع جي پهرئين هفتي ۾ ئي انٽرويو کان اڳ اها ٿيسز جمع ڪرائي ڇڏي ته جيئن انٽرويو دوران چئي سگهان ته آءٌ پنهنجي ڊاڪٽوريٽ جي رزلٽ جو انتظار ڪري رهيو آهيان.
    6 جنوري 1994ع تي بامبي يونيورسٽيءَ جي فورٽ ڪيمپس ۾ وائيس چانسلر آفيس ۾ اسان جو انٽرويو هئو. منوهر ۽ مان ٻيئي پنهنجا پنهنجا ڊاڪيومينٽس کڻي اُتي وقت سر پهچي ويا هئاسين. دراصل منهنجي خواهش اها هئي ته الله ڪري منوهر جي سليڪشن ٿئي؛ پر ڪنهن چڱي مڙس مونکي به انٽرويو ۾ ضرور وڃڻ جي صلاح ڏني هئي؛ جو هڪ ته يونيورسٽي جو سنڌي شعبو 1992ع کان خالي پيو هئو ۽ ڀؤُ هئو مبادا يونيورسٽيءَ وارا ڪنهن به ڳالهه کان ماڳهين ڊپارٽمينٽ ئي نه بند ڪري ڇڏين. پر منهنجي انٽرويو ڏيڻ جي صورت ۾ وري پنهنجي ليکي ئي منوهر جا مواقع گهٽجي پئي ويا. بهرحال اسين انٽرويو تي پهتاسين ته سڀ کان پهريائين هڪ ڇوڪريءَ جو انٽرويو ٿيو؛ جنهن کي مون ايم.اي. ۾ پڙهايو هئو.
    اُها جو انٽرويو تان موٽي ته ٻاهر نڪرندي ئي ٽهڪ ڏيئي رهي هئي. جنهن مان ڪير به سمجهي پئي سگهيو ته هوءَ هر لحاظ کان اندر انٽرويو وٺندڙن کي مڪمل طور مطمئن ڪري ٻاهر نڪتي هوندي. بهرحال ان ڇوڪريءَ کان پوءِ منوهر کي سڏ ٿيو ۽ سڀني کان آخر ۾ مونکي گهرايو ويو. تڏهن ڊاڪٽر ايس.ڊي. ڪارنڪ وائيس چانسلر هوندو هئو؛ جيڪو پنهنجي سخت انتطاميه کان بيحد مشهور هئو. پر انٽرويوءَ دوران هوُ مونکي بيحد تعاون ڪندڙ شخصيت لڳو ۽ جيئن جيئن آءٌ پنهنجو صحيح انٽرويو ڏيندو آيس ته هن جي مون ۾ دلچسپي وڌندي پيئي رهي. ان طرح وائيس چانسلر، گورنر جي نمائندن توڙي ٽن سبجيڪٽ ايڪسپرٽس طرفان هلندڙ انٽرويو جڏهن پورو ٿيڻ تي هئو؛ ته مون وائيس چانسلر کي انتهائي تعظيم مان عرض ڪيو ته جيڪڏهن منهنجي چونڊ ڪيئي ويئي ته آءٌ جيئن ته اڳواٽ ئي جئه هند ڪاليج ۾ سينئر ليڪچرر طور ڪم ڪري رهيو هوس؛ ان لاءِ منهنجي سينيئر ليڪچرر واري گريڊ ۾ مليل انڪريمينٽس جو تحفظ ڪيو وڃي. وائيس چانسلر سائينءَ جي مهر سان مون مان ايڏو خوش لڳو پيو هئو، جو هن اُتي جو اُتي ئي چيو ته منهنجي هر هڪ اڌڪار جو مڪمل خيال رکيو ويندو.
    رب پاڪ جي مهر سان سچ پچ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ مونکي بامبي يونيورسٽيءَ جو سنڌي شعبو جوائن ڪرڻ لاءِ آرڊر اچي ويو. زندگيءَ جو ڪيڏو نه حسين اتفاق هئو! پرائي ڌرتي، پراوا ماڻهو؛ بامبي يونيورسٽيءَ جي ست ست انتهائي اڪابر عالم فاضل حضرات سامهون انٽرويو ڏيندي به ڪاميابي ٻانهون کولي ڪري کنڀيندي اڳيان، گهڻو اڳيان وٺڻ پئي آئي؛ جڏهن ته صرف ٻه ڏهاڪا اڳ پنهنجي جنم ڀومي ۽ سڀ جو سڀ پنهنجا سٻاجها سنڌي ماڻهو؛ اُهي سليڪشن ٿيڻ باوجود به ڄڻ ڌِڪو ڏيئي گمناميءَ جي اونده ۾ ڌڪيليو ويو هئو! واه! منهنجا سائين! منهنجا مالڪ! تنهنجي قدرت کي قبول ڪرڻو پوندو! هو جيڪي به ڪجهه ڪري ٿو، اُن ۾ اسان جو ڀلو ئي سمايل آهي! وڏي ضرورت آهي ان ۾ ايمان رکڻ ۽ خالق جي ڪارسازيءَ ۾ دخل اندازي نه ڪندي مٿس مڪمل اعتماد هئڻ جو ته جيڪي ڪجهه به ٿي رهيو آهي؛ ان ۾ ڪا نه ڪا رمز سمايل آهي! انسان جو ڪم آهي ڪرم ڪرڻ ۽ ان جي موٽ جو نتيجو بغير ڪنهن توقع جي سائينءَ تي ڇڏي ڏيڻ!
    مونکي ائين پئي لڳو ڄڻ ڌڻي پاڪ مونکي ٻه ڏهاڪا اڳ واري سلڪيشن جو آرڊر اڄ وياج سوڌو موٽائي ڏنو هئو!! قادر جي قدرت به عجيب آه! ڇا پي.وي.اسڪول. لاڙڪاڻه جو پرائمري پڙهندڙ ڏڏُ شاگرد جنهن کان مالڪ والد صاحب جي شفقت به کسي ورتي هجي، اڄ ان کي بارگاه دوجهان کان ايڏو وڏو انعام عطا ٿي رهيو هئو!
    پي.وي.اسڪول، لاڙڪاڻه جو ذڪر نڪتو آهي ته ان کي ياد ڪندي ئي پوري جسم مان هڪ شفي لهر پئي ڊوڙجيو وڃي. اُتان جا اُستاد، اتان جو ماحول، اُتان جي موسم؛ پنجاه پنجاه ٽيمپريچر واري گرمي هوندي به ڪراس ايئر پئسيج سبب هر هڪ ڪلاس روم ڄڻ ايئرڪنڊيشنڊ جيان ٿڌو لڳو پيو هوندو هئو. سياري ۾ وري سيءُ اهڙو پوي جو ڪنبڻي پاسو ئي نه ڇڏي! تڏهن ڪئين ڀيرا ته پي.وي.اسڪول ۾ اسان جو ڪلاس ٽيچر سڀني شاگردن کي ٻاهر ڪڍي اُس جي تڙڪي تي هلي پڙهائيندو هئو. لاڙڪاڻه جو سيءُ به ابا اهڙو هوندو هئو جو سويٽر، ڪوٽ، اوورڪوٽ ۽ مفلر پائڻ سان به سيءُ ڪو نه ويندو هئو!
    تڏهن 60-1959ع وارو زمانو هئو جو ڪڏهن ڪڏهن سائين؛ ڪلاس جو سمورن شاگردن کان الائي هڪ ٽڪو يا هڪ آنو وٺي گڏ ٿيل پيسا، هڪ پاڙيسري ڪلاس ميٽ غلام مصطفيٰ (مصطوُءَ)، کي ڏيندو هئو، جيڪو وڃي پنهنجي واڙي تان کير وٺي ايندو هئو. هوڏانهن هڪ ٻاٽلو ۽ ڪچي چانهن پتي به ڪنهن کان گهرائي وٺبو هئو؛ پوءِ اُتي ڪلاس روم جي ٻاهران ورانڊي ۾ ئي چانهن تيار ٿيندي هئي. سڀ شاگرد چانهن پيئندي ڪجهه ڪجهه نفسياتي طور به سيءَ کان نجات پائيندا هئاسين.
    اُن پنجاه ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ويسٽ پاڪستان گورنمينٽ جو ٻاهرين ملڪن سان ڪو سٺو ناتو هوندو هئو ۽ وزارت خارجه ۽ وزارت تعليم وارا صحيح ڪم ڪندا هئا جو اسان وارو پي.وي. اسڪول لاڙڪاڻه، جيڪو صرف سنڌي ميڊيم ئي هوندو هئو پوءِ به اُتي ٻاهرين ملڪن خاص طور برطانيه مان تعليمدانن جا وفد ريگيولرلي ايندا ئي رهندا هئا. اُتي اسان کي موقعه بموقعه ٻاهرايل آيل کير جا دٻا هڪ هڪ شاگرد کي سنڀالي ڏنا ويندا هئا، جيڪي اسين گهر کڻي ويندا هئاسين نه صرف گهر لاءِ اُهي دٻا ملندا هئا؛ بلڪه اهو کير وارو پائوڊر شايد ايترو ته وٽامنس سان ڀرپور هوندو هئو جو ان جو کير ٺاهي ٽانڪيون ڀري اسان کي اسڪول ۾ به هڪ هڪ گلاس پيئاريندا هئا. هر هڪ ٻار کي اسڪول ۾ ئي مهل تي ويڪسينيشن جا ٽُڪا لڳندا هئا ته جيئن پوري زندگي اهو ٻار ان مخصوص بيماريءَ کان محفوظ رهي سگهي.
    پي.وي. اسڪول ۾ استادن جو شاگردن سان انتهائي پنهنجائپ وارو وهنوار هوندو هئو. هيڪر ڪو شاگرد هڪ ٻه ڏينهن لڳاتار غير حاضر رهيو ۽ خبر پيئي ته ان جي صحت به ٺيڪ آهي ته اسان جي ڪلاس ٽيچر چار شاگرد ان جي گهر موڪلي کيس ٽنگا ٽولي ڪندي ڪلاس ۾ گهرايو ته جيئن اهو ٻار ٻئي دفعي نه گسائي ۽ پڙهڻ ڏانهن مائل ٿئي.
    آءٌ شايد چوٿون سنڌي پڙهندو هوندس؛ جو اسان جي ڪلاس ٽيچر شاگردن کي ٽيوشن وٺڻ لاءِ آماده ڪيو. هڪ هڪ ٻار کي ماهوار پنج روپيا ڀرڻا هئا؛ پر آءٌ جڏهن ٻڌايومانس ته والد صاحب جي غير حاضريءَ ۾ منهنجي والده اهو بوجهه نه سهي سگهندي ته هن پنج روپيه بدران صرف ٻه روپيه وٺندي مونکي به انهن ئي شاگردن سان شام جو پنهنجي گهر ۾ ٽيوشن ڏني هئي. اهو استاد؛ سائين جان محمد ڪرما باغ جي به چڱو پريان ميموريل ڪمال اتاترڪ وٽ رهندو هئو. اسين ٻار اسڪول ڇُٽڻ کان پوءِ ان استاد سان ئي گڏ موٽندا هئاسين. رستي تي پوسٽ آفيس کانپوءِ جاڙل شاه محله ۾ منهنجو گهر ايندو هئو ته آءٌ پنهنجي گهر هليو ويندو هوس. وري شام جو اسين سڀ ٻار سائين جان محمد وٽ ان جي گهر پهچي ويندا هئاسين جتي هُو اسان کي ٽيوشن ڏيندو هئو. 1961ع ۾ اسان جي اسڪول ۾ جون-جولاءِ جي وئڪيشن هئي؛ جو اسان جي امڙ ڪوشليا، جنهن کي اسين ڀاڀي ڪري سڏيندا هئاسين اُها اسان کي لاهور-امرتسر ريلوي واري طرف کان هندوستان ناناڻن ۾ گهمائڻ وٺي هلي. مان چوٿون درجو سنڌي پڙهندو هوس ۽ ادا پريم چوٿين سنڌيءَ کانپوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ٽيون درجو انگريزي (VII Std.) پڙهندو هئو. منوهر ته اڃا ٽن سالن جو هئو. اسين سڄا سارا ٽي ڏينهن کن ٽرين جو سفر ڪندي لاهور کان امرتسر ۽ پوءِ اُتان سڌو ئي بامبي طرف ويندڙ ٽرين ۾ ڪلياڻ اچي لٿاسين.
    ڪلياڻ پهتاسين، ته هتي ڏاڍي جهڙيالي لڳي پيئي هئي، بلڪ جيئن ئي بمبئيءَ جي ويجهو پئي ٿيندا وياسين ته رستي تي ئي مينهن وڌندو پئي ويو جو چوماسي ۾ بمبئي ۽ سائوٿ انڊيا طرف ڏاڍو مينهن پوندو آهي. اسين ڪلياڻ اسٽيشن تي لهي ٻاهر اچي الهاس نگر طرف ويندڙ لوڪل بس ۾ الهاس نگر ٽئين نمبر ”شواجي چوڪ“ وٽ پيرامائونٽ سنيما ٻاهران اچي لٿاسين. ريجنٽ ۽ پرامائونٽ، اِهي ٻيئي سنيمائون تقريبن گڏوگڏ ئي هيون، جن جي ٻاهر چڱو وڏو وسيع روڊ هئو پر مينهن سبب نجي گپ ئي گپ لڳي پيئي هئي. اسان بس مان لهي هڪ مزدور کان سامان کڻائي ڏه منٽ کن پنڌ ڪندي ماسي گڻيسيءَ جي گهر آياسين؛ جنهن کي سيڪشن-21 وارين بئرڪن ۾ هڪ روم مليل هئو. ماسيءَ وارا اسان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي ويا.
    اسين سڀ وهنجي سهنجي تيار ٿياسين، ته ادا پريم، ماسات اندر سان بازار طرف نڪري ويو جتي هو فخر سان پنهنجي دوستن کي ٻڌائي رهيو هئو ته هيءُ اسان وٽ سنڌ (پاڪستان) مان آيا آهن ۽ سچي گيهه جي ٺاهيل مٺائي آندي اٿائون! لڳي ٿو ته هتي بمبئيءَ ۾ ان دور ۾ ئي سچو گيهه نه پر رفائينڊ آئل ۾ مٺائيون ٺهڻ شروع ٿي ويون هيون ۽ گهرن ۾ به اهو ئي استعمال ڪيو ويندو هئو.
    ادا پريم کي ان ننڍي عمر ۾ به ڪتابن پڙهڻ جو ايترو ته شوق هئو؛ جو اسين الهاسن نگر-1 ۾ جڏهن پنهنجي سئوٽ گلابراءِ جي گهر ويندا هئاسين ته ان جي بئرڪ جي ڀر واري روم ۾ هڪ براهمڻي رهندي هئي؛ جتان ادا پريم هن جا رکيل ڪتاب هڪ هڪ ڪري کڻي پڙهي ڪري کيس واپس ڪندو هئو. تڏهن الهاس نگر ٽئين نمبر، شواجي چوڪ تان الهاس نگر پهرئين نمبر وڃڻ لاءِ لوڪل بس ۾ نوان پنج پيسا لڳندا هئا؛ پر ادا پريم ۽ مان اُهي به بچائيندي پنڌ ئي پنڌ نڪري ويندا هئاسين.
    انهن ڏينهن ۾ سمورو الهاس نگر خالي خالي لڳو پيو هوندو هئو. پهاڙي نما ڌرتيءَ تي نه پورا روڊ رستا ٺهيل هوندا هئا ۽ نه ماڊرن دوڪان وغيره ئي هوندا هئا. ڪيترا دوڪان ته ڄڻ تنبوءَ نما هوندا هئا جيڪي الله جي آسري پيا هلندا هئا. ڪجهه وقت اڳ ورهاڱي مهل جڏهن الهاس نگر کي سنڌي ڪالونيءَ ۾ بدلائيندي سنڌ مان لڏي آيل سنڌين کي هيٺئين ڪلاس جي فوجين جي ڀڳل بئرڪن ۾ رهايو ويو هئو ته پوري الهاس نگر جي پنجن ئي نمبرن ۾ هڪڙي به فلور مل ڪو نه هوندي هئي ۽ سنڌ مان آيل زميندارن کي به ڪڻڪ جا دٻا پنهنجي ڪلهن تي کڻي ٽي ڪلوميٽر پنڌ ڪري ڪلياڻ شهر ڏانهن اٽو پيهائڻ وڃڻو پوندو هئو. شهر ائين ته سنسان لڳو پيو هوندو هئو، جو ڪڏهن ته نانگ به نڪري ايندا هئا. گهٽين ۾ ڪتا هوندا هئا، جيڪي ويچارن ابهم ٻارڙن کي به چڪ پائي ڇڏيندا هئا ته انهن معصومن کي سينٽرل هاسپيٽل ۾ لائين ۾ بيهي چوڏهن چوڏهن سيون لڳائڻيون پونديون هيون. ان مهل منهنجي عمر اٺ سال مس هئي. هيڪر شواجي چوڪ تان الهاس نگر پهرئين لاءِ بس ۾ چڙهيس؛ پر بس بجاءِ اُتر طرف پهرئين نمبر وڃڻ جي اوڀر طرف امبرناٿ واري پاسي ڏانهن وڃڻ لڳي. مان اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيس ته بابا مونکي لاهيو؛ امبرناٿ ۾ ته مان الائي ڪٿي پهچي ويندس، تڏهن ڊرائيور ۽ ڪجهه مسافرن ٻڌايو ته اهڙي ڳالهه ناهي؛ صرف ٿورو اڳيان هلي اُتر طرف پهرئين نمبر ئي هلبو؛ تڏهن مس وڃي ساه ۾ ساه پيو.
    هڪ ڀيري ادا پريم ۽ مان پنڌ ئي پنڌ الهاس نگر ٽئين نمبر وٽان ماسيءَ جي گهر کان پهرئين نمبر ڏانهن وڃي رهيا هئاسين. تڏهن شهر خالي خالي لڳو پيو هوندو هئو. فضا ۾ جهڙيالي هئي پر مينهن بند ٿي چڪو هئو. اسين ادا پريم ۽ مان ڳالهائيندا ڳالهائيندا وڃي رهيا هئاسين جو تيز هوا لڳڻ سبب ادا جي هٿن کان ڇٽي ڇڏائجي وڃي هڪ نالي ۾ ڪري پيئي. پوءِ ته ادا پريم تڪڙو تڪڙو وڃي ان کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيئي؛ پر نالي جي پاڻيءَ ۾ وهڪرو ايڏو ته تيز هئو؛ جو اسين تيز ڊڪندي به ان ڇٽيءَ جي رفتار سان ان تائين ڪونه پهچي سگهاسين. آخر همت هاري ڇٽيءَ جي پچر ئي ڇڏي ڏنيسي. پوءِ وري آهسته آهسته پهرئين نمبر دادا گلابراءِ جي گهر واري بئرڪ-71 جي پٺئين پاسي کان اُتي پهچڻ وارا هئاسين ته ساڳئي ئي نالي وٽ هينئر اسان واري اُها ساڳي ڇٽي آهسته آهسته لڙهندي پئي نظر آئي. مون رڙ ڪري ادا کي چيو : وارو ڪر ڇٽي ٿي وڃيئي! ادا پريم به تڪڙ ۾ ڊڪي وڃي ان نالي مان ڇٽي ته ڪڍي ورتي پر ان هلچل ۾ هن جي گوڏن کي پهاڙي نما ڌرتيءَ کان ڇلجندي اهڙو ته ڦٽ ٿي پيو؛ جو پوءِ پاڻي لڳڻ سبب اهڙو وڌي ويو جو مهيني کن کانپوءِ اندور وڃي مس ڇٽو هئو!
    انهن ڏينهن ۾ راجڪپور جي فلم ”جس ديش مين گنگا بهتي هئي“ رليز ٿي هئي؛ جيڪا ريجنٽ سنيما ۾ هلي رهي هئي ۽ ڀرسان ئي پيرامائونٽ سنيما ۾ راجيندر ڪمار جي فلم ”سسرال“؛ جنهن جو مشهور گانو هئو ” تيري پياري پياري صورت ڪو ڪسي ڪي نظر نه لگي!“ ان جي تقريبن ڪاربن ڪاپي فلم پوءِ اُتي پاڪستان ۾ به ”داماد“ نالي ٺهي هئي جنهن ۾ ڪمال هيرو طور ڪم ڪيو هئو.
    اسين ان کان اڳ 1958ع دوران پڻ هيڏانهن هندوستان گهمڻ آيا هئاسين. تڏهن ته اسان جا ناناڻا بامبي ۽ الهاس نگر وچ ۾ ”ٿاڻا“ شهر ۾ رهندا هئا؛ پر پوءِ منهنجي ننڍي مامي امر لال کي اُتي ڪا غلط سنگت ملي پيئي ته منهنجا ناناڻا اتان لڏي اندور ڏانهن شفٽ ڪري ويا هئا جتي منهنجي امڙ جا ناناڻا رهندا هئا.
    هينئر اسين اندور ڪيئن پهچون، ان لاءِ ماما امر لال خاص طور اسان کي وٺڻ لاءِ اندور مان هيڏانهن الهاس نگر آيو هئو؛ جيڪو اسان کي اندور وٺي ويو. اندور، مڌيه پرديش صوبي جو خوبصورت ترين شهر آهي. جيتوڻيڪ اتان جي گاديءَ جو هنڌ ڀوپال آهي؛ پر پوري مڌيه پرديش جو وڌ ۾ وڌ ڪاروبار اندور ۾ ئي ٿيندڙآهي. انهن ڏينهن ۾ ماما امر لال ۽ ان جو وڏو ڀاءُ ماما ڀڄن لال ٻيئي ڄڻا اُتي اندور ۾ هڪ بسڪيٽ فيڪٽريءَ تي ڪم ڪندا هئا. اُتان جو مالڪ پڻ هڪ سنڌي ئي هئو؛ پر هنن جو ڪم ايڏو ته ڏکيو هوندو هو جو ڪيترا ڀيرا ته کين کوري تي وڃي بسڪيٽن جون ناديون اندر موڪلي بسڪيٽ پچائي اتان ٻاهر ڪڍڻا پوندا هئا؛ جتي ڏاڍي گرمي هندي هئي ۽ ڪم ڪندي ماما جا پگهر پيا وهندا هئا. اُتي اسان ٻار مفت ۾ بسڪيٽ پيا کائيندا هئاسين. هيڪر ڪجهه بسڪيٽ مان پنهنجي پينٽ جي کيسي ۾ وجهي گهر کڻي آيس ته ماما امر لال مونکي ڏاڍي مار ڏني هئي، ڇو ته گهر کڻي اچڻ چوريءَ جو ڪم هئو جيڪو مونکي نه ڪرڻ کپندو هئو. اندور ۾ ماما امر لال توڙي اسان جي امڙ جو ماما سڳنومل به ڀاڀي ۽ اسان ٻارن کي فلم تي وٺي هلندا هئا. اسان انهن ڏينهن ۾ گرودت جي فلم ” سانجهه او سويرا“اندور ۾ ئي ڏٺي هئي.
    بعد ۾ لاڙڪاڻه موٽڻ مهل ماما سڳنو مل اسان کي ميٽر گيج ٽرين تي اندور کان رتلام تائين ڇڏڻ هليو؛ جتي اسان کي بمبئيءَ کان ايندڙ امرتسر واري ٽرين ۾ چاڙهي آيو. امرتسر پهتاسين ته جيسين اسان کي لاهور واري ٽرين ملي تيسين اسين اُتي پليٽ فارم تي ئي ويٺا هئاسين. امرتسر جي پليٽ فارم تي ته سردار ئي سردار پيا نظر اچن. هڪ سردار کي هيڏي ساري تلوار چيلهه سان ٻڌل هئي. ادا پريم کانئس پڇيو ته ڇا کيس سچي تلوار آهي. اُن تي هن همراه سچ پچ پنهنجي مياڻ مان نئين نڪوري چانديءَ جيان چمڪندڙ تلوار ڪڍي ڏيکاري هئي!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 17 اپريل 2016

     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 55
    خبر الله کي جو نه وري اهي انگريز مليا ۽ نه پتو ئي پيو!
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    لاڙڪاڻي ۾ پرائمري اسڪول پڙهندي اسين پاڙي جا ٻار گل حسن، غلام مصطفيٰ (مصطوُ)، غلام علي، گَنوُ، صفدر ڀٽو، غضنفر ڀٽو ۽ هادي بخش پاڻ ۾ ست کلئي بال سان هڪٻئي کي ڪٽيندي راندي ڪندا هئاسين. ڪڏهن وري ڪجهه ٻارن سان سموري شهر جا روڊ ۽ رستا گهمندي سگريٽ جا خالي پاڪيٽ ميڙيندا هئاسين. جيترو مهانگو سگريٽ، اوترو ئي ان جي خالي پاڪيٽ جو هڪ پاسو ڄڻ ٻاراڻي ڪرنسيءَ جو وڌيڪ قيمتي نوٽ هوندو هئو. اُهي پاڪيٽ ڳولهڻ ۾ مون سان ماسي وزيران ماءُ جو پٽ گل حسن گهڻو ڪري گڏ هوندو هئو. هڪ ڀيري غلام عليءَ سان انهن خالي پتن جي راند ڪندي مون جڏهن سڀ پتا هارايا؛ ته بس پوءِ مون اها راند ڪرڻ ئي بس ڪري ڇڏي. ڪرڪيٽ راند ڪندا هئاسين، ته ڀت تي ٽي لائينون ڪڍي صرف هڪ بيٽ ٽائيپ ڪجهه به سوٽي وغيره هوندي هئي جنهن سان ڪرڪيٽ راند ڪندا هئاسين! ڀت تي ڪوئلي سان ٽي لائينون لڳائي اسٽمپ جي سامهون بالنگ لاءِ اسٽمپس بدران صرف هڪ سر رکندا هئاسين، اسان جو ڪم نڪري ويندو هئو، ڪڏهن ڪڏهن چِدي راند به ڪندا هئاسين. اُن چِدن واري راند ۾ منهنجو نشانو سٺو هوندو هو؛ پر آءٌ جلد ئي پاڙي جي ٻارن سان اُها راند کيڏڻ به ڇڏي ۽ پنهنجي ئي مخصوص دنيا ۾ محدود ٿي رهجي ويو هوس. پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هوس؛ پر اثر ويٺل هئو ته آءٌ جڏو آهيان. ساڳيو ئي ليڪچر ٻين شاگردن کي سمجهه ۾ اچي؛ پر هادي بخش ۽ مان نڪورا جو نڪورا رهجي ويندا هئاسين!

    هڪ ڀيري پي.وي. اسڪول ۾ پرائمري پڙهندي آءٌ اسڪائوٽ ۾ شامل ٿيو هوس؛ تڏهن بانس جي لڪڙي وٺڻ لاءِ به پنهنجي امڙ کان خرچيءَ کان وڌيڪ پيسا وٺڻ لاءِ مس مس مڃائي سگهيو هوس. پوءِ اسڪول جي طرفان اسان سڀني اسڪائوٽس جي ”موهن جو دڙو“ لاءِ پڪنڪ ڪيئي ويئي؛ جنهن لاءِ اسان کي صرف اٺ آنا ڀرڻا هئا. 1960ع واري دور ۾ چوٿون درجو پڙهندي اهي اٺ آنا جمع ڪرڻ کان به محروم رهجي ويو هوس! ٻيا سڀ ٻارڙا لاڙڪاڻه شهر کان ڏوڪريءَ طرف 27 ڪلوميٽر ٻاهر وڃي ”موهن جو دڙو“ گهمي آيا؛ مونکي صرف ڪتابن ۾ ان جا فوٽو ڏسي مطمئن رهڻو پيو! تڏهن مونکي والد صاحب جي محروميءَ جو شدت سان احساس ٿيندو هئا؛ پر اهي سڀ ڳالهيون انسان جي وس کان ٻاهر هونديون آهن ۽ اسين صرف رانديڪا بڻجي رهجي ويندا آهيون. سائين پنهنجي مرضيءَ سان اها راند جيئن وڻيس تيئن کيڏندو رهندو آهي!

    اسان جي گهر جي سامهون ”مدرسه اسڪول“ هوندو هو؛ جيڪو هينئر گرلس ڪاليج ٿي ڪري هلندڙ هئو؛ ان جي اولهه ۾ ڏکڻ واري طرف رائل سنيما ۽ اتر طرف قائم شاه بخاريءَ ڏانهن ويندڙ روڊ هوندو هئو جتي مدرسه اسڪول جي بلڪل سامهون گرلز اسڪول هوندو هئو گرلس اسڪول جو صدر دروازو ٻارهوئي بند پيو هوندو هئو. شام جو جڏهن اهو اسڪول بند هوندو هئو ته اسين پاڙي جا ٻار اُن بند دروازي هيٺان ٿوري ڇڏيل جاءِ مان سمهي ڪري گرلس اسڪول ۾ اندر هليا ويندا هئاسين، جتان ڪجهه زيتون ۽ انبڙيون پٽيندا هئاسين. پر ڪڏهن ڪڏهن مالهي اڃا پري کان رڙ مس ڪندو هئو؛ ته اسين سڀ ڀڄي اچي ان دورازي کان ٻاهر نڪري ايندا هئاسين. پڪڙجڻ جو ڏاڍو ڀؤُ ٿيندو هئو پر الله جي مهر سان اهڙي نوبت ڪڏهن به ڪونه آئي. اسين گرلس اسڪول جي اندر ويا به صرف ٻه ٽي ڀيرا مس هونداسين؛ پوءِ ڊپ کان نجات پائڻ لاءِ مون اوڏانهن وڃڻ به بند ڪري ڇڏيو هئو.

    مون 1962ع جي مارچ مهيني ۾ پي.وي.پرائمري اسڪول مان پنجون (سنڌي) پاس ڪيو. جنهن ڏينهن رزلٽ آيو ته اسان سڀني شاگردن کي سنڌيءَ ۾ ئي ”ليونگ سرٽيفڪيٽ“ ٺاهي ڏنو ويو هئو، جيئن ڪنهن به هاءِ اسڪول ۾ وڃي باقي پڙهائي پهريون انگريزي .VI Std کان شروع ڪري سگهون. ادا پريم اڳ ئي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ان سال اٺون پاس ڪري نائين درجي ۾ ويو هئو؛ جو اهو مون کان پڙهڻ ۾ ٽي سال مٿي هوندو هئو. منوهر کي اسان سينٽ جوزف(انگلش) اسڪول ۾ ويهاريو هئوسين. هو پڙهڻ ۾ ٻين تمام شاگردن کان وڌيڪ مضبوط هوندو هئو. ان لاءِ جڏهن هو اڃا پرائمريءَ دوران ٻيون درجو پڙهندو هئو ته هنن جي اسڪول ۾ ڪنهن هاير اٿارٽيءَ وارن جي وزٽ ٿي هئي. منوهر جو انهن جي سوالن جا فٽافٽ جواب پئي ڏنا ته انهن منوهر کي صرف زباني ئي ٻئين درجي مان نڪري ڪري ٽئين درجي واري ڪلاس ۾ وڃي ويهڻ لاءِ چيو. پوءِ سچ پچ ان کي ٽئين درجي ۾ ئي کنيو ويو هئو.

    اسان ٽنهي ڀائرن ۾ سڀ کان وڌيڪ انٽيليجنٽ ادا پريم هوندو هئو. پر هو ننڍي هوندي کان ئي ٽيڪسٽ بوڪ کان وڌيڪ پهرين رومانوي ۽ پوءِ جاسوسي ناولن پڙهڻ ۾ وقت صرف ڪندو هئو؛ ان لاءِ فطرتن هو. پنهنجي لياقت آهر مارڪون به ڪو نه کڻي سگهندو هئو. ها! باقي هيڪر ادا پريم کي سيڪنڊري اسڪول دوران عربي سبجيڪٽ ۾ هڪ سئو مان چوراسي مارڪون مليون هيون ۽ پوري اسڪول ۾ پهريون نمبر آيو هئو. تڏهن هڪ مُلان هوندو هئو، جيڪو لاهوري محله ۾ رهندو هئو ۽ اسڪول ۾ عربي پڙهائيندو هئو. اهو تمام اهل ايمان شاگردن کي ٽوڪي رهيو هئو ته ” هڪ واڻيو به توهان کان عربيءَ ۾ وڌيڪ مارڪون ٿو کڻي وڃي!“

    مون 1962ع ۾ پنجون (سنڌي) پاس ڪيو ته گورنمينٽ هاءِ اسڪول، لاڙڪاڻه ۾ ڇهين درجي جي داخلا لاءِ انٽرنس ٽيسٽ ڏيئي آيس. اڃا ٽيسٽ ڏيئي گهر پهتس ۽ گهر جي رنڌڻي ۾ پنهنجي امڙ کان ماني وٺي کائي پوري ڪئي ته ادا پريم اچي مون کان سوالنامي وارو پيپر وٺي جواب پئي پڇيا نه پر مان ته گهر پهچي به جڏهن انهن سوالن جا جواب ٻڌائڻ کان قاصر هوس يا غلط جواب ٻڌائي رهيو هوس ته ادا مونکي هڪ هڪ جواب تي ڀرَُ ڪري زور سان چماٽ هڻي رهيو هئو. هن کي سخت غصو اچي رهيو هئو ته جيڪڏهن مونکي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ داخلا نه ملي ته پوءِ ٻنهي کي الڳ الڳ اسڪول ۾ وڃڻو پوندو. ايندڙ ڏينهن تي ادا پريم مون کي ساڻ وٺي ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ”انٽرنس ٽيسٽ“ جو رزلٽ ڏسڻ هليو ته اُتي ٻن الڳ الڳ بورڊن تي پاس ٿيل ۽ ناپاس ٿيل شاگردن جو رزلٽ لڳايل هئو. ادا پريم ڇا ڪيو جو سِڌو ئي هليو ان ناپاس واري لسٽ ڏانهن؛ پر اُتي جو ڳولهيندي به منهنجو نالو نه پئي مليو ته ادا کي حيرت پئي ٿي ته شايد مون اهڙو ته بڪواس پيپر ڪيو هوندو جو هنن مونکي ناپاس ٿيل شاگردن ۾ به شامل ڪونه ڪيو هئو. ادا پريم جي پريشاني گهٽائڻ لاءِ مون کيس عرض ڪيو ته هڪ دفعو هلي اها پاس ٿيل شاگردن جي لسٽ به ڏسجي؛ پر ادا دانهون ڪري رهيو هئو ته مون لکيو ئي غلط آهي ته پاس وري ڪيئن هوندس! پوءِ به صرف گهر واپس هلڻ کان اڳ منهنجي زور ڀرڻ تي اها ٻين پاس ٿيل شاگردن جي لسٽ به هن ڏٺي ته آءٌ پاس لڳو پيو هوس. منهنجي ڳالهه ته ڇڏيو ته پر ڪيترا ٻيا شاگرد ته مون کان به گهٽ مارڪون کڻي پاس ٿيا هئا؛ جن جا نالا منهنجي به هيٺيان لکيل هئا. ائين الله پاڪ جي مهر سان مونکي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پهريون انگريزي (Std .VI) ۾ داخلا ملي سگهي. شايد گهٽ مارڪون هيون جو مونکي ”E“ ڊويزن ۾ رکيو ويو هئو. جڏهن ته اسان کان پوءِ هڪ ٻي “F” ڊويزن به هئي. ڇهون درجو (پهرئين انگريزي) ۾ اسان جو ڪلاس ٽيچر هئو سائين اسدالله؛ جنهن پهرئين ڏينهن انگريزي الفابيٽ سيکاريندي سڀني شاگردن کي پنهنجي پنهنجي نالي جي انگريزي صورتخطي لکي ڏني. ان طرح مونکي پڻ منهنجي نالي جي صحيح اسپيلنگ سائين اسد الله جي ڏنل آهي.

    هڪ ڏينهن اسان جو ڪلاس ٽيچر؛ مانيٽر کي ڊائس تي بيهاريندي پاڻ ڪنهن ڪم سان نڪري ويو. ابا! اوچتو هڪ برٽش اسڪالرس جي ٽيم اچي نڪتي. ٺيڪ ان وقت جڏهن اسان جو ڪلاس ٽيچر ئي ڪو نه هئو! اهي انگريز تعليمدان اسان جي هيڊ ماستر عبدالواحد شيخ صاحب سان اسان جي ڪلاس ۾ وزٽ ڪرڻ آيا هئا. اُهي انگريز اسان شاگردن کان ڪجهه سوال پڇي رهيا هئا. مان ڀل جڏو هوندو هوس؛ پر پنهنجي عادت انوسار پهرين قطار ۾ وچين ڊيسڪ تي ويهندو هوس. هنن جي سوال پڇڻ تي مان به هر گهڙيءَ پنهنجو هٿ مٿي پئي کنيو؛ پوءِ ڪڏهن مون کان جواب پڇيو به هوندائون؛ پر خبر ناهي ته مان ڇا ٻڌايو هئو! بهرحال جڏهن سوال جواب پورا ٿيا ته اسان جي ڪلاس مان هنن چار شاگرد چونڊيا؛ جن کي ڪجهه دير پوءِ سائنس هال ۾ گهرايو ويو هئو؛ انهن مان هڪ مان به هوس. ڪجهه وقت پوءِ اسان جو ڪلاس ٽيچر موٽي آيو ۽ کيس سموري ڳالهه ٻڌائي ويئي ته هن کي سمجهه ۾ ڪو نه اچي رهيو هئو ته چارئي جڏا شاگرد چونڊيا اٿائون يا هوشيار! ليبارٽريءَ ڏانهن وياسين ته جيڪڏهن مون کي ٻئي ڏنائين ته جڏن جي چونڊ پئي لڳس،. پر مون کانسواءِ جو باقي ٽيئي شاگرد هن جي نظر ۾ هوشيار هئا، ته کيس سمجهه ۾ ڪجهه به نه پئي آيو بعد ۾ جڏهن اسين چارئي شاگرد سائنس اُتي هر هڪ ڪلاس جي چونڊ شاگردن کي گهرايو ويو هئو. انهن انگريزن اسان کي ڪجهه فارم ڏنا ۽ هڪ ٽيپ رڪارڊر هلايائون جتان ڪجهه ٻڌي ڪري اُن ڏنل پروفارما ۾ هڪ هڪ سوال جو جواب ٽڪ ڪرڻو هئو. مونکي ته ڪجهه به ڌپو ڪو نه پئي پيو. اهو ٽيپ رڪارڊر انگريزيءَ ۾ الائي ڇا پيو چوي ۽ اسان الائي ڇا پيا ٽڪ ڪيون! خبر الله کي، جو نه وري اُهي انگريز مليا ۽ نه پتو ئي پيو!

    اسان جي پاڙي ۾ سائين علي گوهر خان کهڙو رهندو هئو. ان جو پٽ جاويد اسان سان گڏ ڇهون درجو ”A“ ڊويزن ۾ پڙهندو هئو. اهو روز پنهنجي جيپ ۾ اسڪول ويندو هئو. ڪڏهن ڪڏهن واپس اچڻ مهل مونکي به پاڻ سان گڏ وٺي ايندو هئو. گهڻو ڪري آءٌ منجهند جو موڪل وارو گهنڊ لڳڻ مهل ئي مٿي فرسٽ فلور تي وڃي ادا پريم سان گڏ ٿيندو هوس ۽ ان سان گڏ گهر موٽي ايندو هوس. هڪ ڀيري منجهند جو آءٌ پنهنجي ڪلاس ۾ ويٺي گهنڊ لڳڻ جو انتظار پئي ڪيو ۽ جيئن ئي گهنڊ لڳو ته مان ڪتاب کڻي ڀڳس فرسٽ فلور تي مٿي چڙهڻ لاءِ؛ ته پٺيان سائينءَ رڙ ڪئي ”ابا هيءُ موڪل جو گهنڊ ناهي!“ ان ڏينهن پٽيوالي ڪو ڀُل ۾ صرف گهنڊ کي ڇهيو ئي مس هئو پر اڃا گهنڊ لڳايو ڪو نه هئائين. مان ته جنهن اسپيڊ سان ڀڳو هوس وري ساڳئي اسپيڊ سان واپس به موٽي آيس ۽ تڪڙ ڪرڻ سبب ڪجهه ڪجهه شرمسار به ٿيس پئي! پوءِ ته جلد ئي جڏهن سچ پچ گهنڊ لڳو به مان ڏاڍو آهستگيءَ سان مٿي ويس ته ڪٿي اهو به ريهرسل وارو نه گهند هجي!

    ادا پريم اسڪول ۾ هاڪي ٽيم ۾ هوندو هئو؛ جيڪي روز شام جو اسڪول واري عمارت جي پٺئين گرائونڊ تي ئي پريڪٽس ڪندا هئا؛ جڏهن ته باقي سمورن ڪلاسن کي ڪرڪيٽ ڪِٽ ملندي هئي. اسين موڪل کانپوءِ صرف گهران ماني کائي موٽي ايندا هئاسين ۽ شام جو هر هڪ ڪلاس جا شاگرد پنهنجي پنهنجي ڪٽ کڻي اسڪول جي وسيع ميدان تي پنهنجي پنهنجي الاٽ ٿيل دائري ۾ وڃي ڪرڪيٽ راند ڪندا هئا.

    مان پڙهڻ ۾ ڀل جڏو هوس؛ پر ”P.T. “ ڪرڻ ۾ ڀڙُ هوس. سموري اسڪول جي جيڪا ٽيم ٺاهيل هئي؛ مونکي ان تي به کنيو ويو هئو ۽ گهڻو ڪري پهرين قطار ۾ ئي بيهاريندا هئا. هڪ دفعي لاڙڪاڻه ضلعي جي تمام اسڪولن جي ”پي.ٽي.ڪامپٽيشن“ هئي؛ جنهن لاءِ انسٽرڪٽر اسان کي اهڙو ته زبردست تيار ڪيو هئو جو صرف پهرين سيٽي لڳڻ سان ئي اسين سڀ جو سڀ شاگرد ملٽريءَ جيان بلڪل نظام سان هٿن سان هٿ ملائيندي سڄا سارا ٽيهارو کن ايٽم ڪري ويندا هئاسين. اهڙي ميچ جي فائينل ريهرسل پئي هلي. پي.ٽي.ٽيچر پٺاڻ هوندو هئو؛ جيڪو مونکان بيحد متاثر هندو هئو؛ جو سنهو هئڻ سبب مون ۾ ڏاڍي لچڪ هوندي هئي ۽ آءٌ پنهنجي ان ڪم ۾ مان زبردست ماهر هوندو هوس. اها ريهرسل ڏسڻ لاءِ اسسٽنٽ هيڊ ماستر قريشي صاحب آيو؛ جيڪو گهڻو ڪري هميشه فل سوٽ ۾ ملبوس هوندو هئو. اسان جي ريهرسل پئي هلي؛ جو هن مونکي نڪرڻ لاءِ چيو. سبب اهو پئي ڏنو ويو ته منهنجي سينڌ سٺي نڪتل ڪونه هئي. دراصل اهو سبب اسان جي پي.ٽي.ٽيچر کي به سمجهه ۾ ڪو نه پئي آيو؛ پر هن مداخلت مناسب نه سمجهي ۽ چپ رهيو. مونکي ته نڪرڻو ئي پيو ۽ فطرتن ڏاڍو ڏک ٿيو هئو. پوءِ خبر پيئي ته اسانجي ٽيم پوري ضلعي ۾ پهريون نمبر آئي هئي. انعام ۾ هر هرڪ شاگرد کي هڪ گنجي ڏني ويئي؛ پر مونکي سخت صدمو رسيو هئو. پوءِ اسڪول جي ساليانه راندين واري ڏينهن تي جڏهن ”پي.ٽي.ٽيم“ جو فوٽو پئي ڪڍيو ويو ته ان پٺاڻ پي.ٽي.ٽيچر مونکي به گهرايو هئو ته جيئن مان به ان ٽيم جو حصو ٿيندي اهو فوٽو ڪڍائي سگهان.

    مارچ 1963ع ۾ جڏهن اسان جو ڇهين درجي جو ساليانه امتحان ٿيو ته اسان جي اسڪول ۾ رواج هئو ته امتحانن کانپوءِ ڪنهن مقرر ڏينهن تي هيڊ ماستر عبدالواحد شيخ هڪ هڪ ڪلاس ۾ اچي ڪري پاڻ پاس ٿيندڙ شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائيندو هئو؛ جنهن کانپوءِ ايندڙ ڏينهن تي اسين پروموٽ ٿيندي هڪ درجو مٿي چڙهندا هئاسين. اسان جو جنهن ڏينهن ڇهين درجي جو رزلٽ اچڻ وارو هئو؛ ته هيل تائين منهنجو پاڙيسري هادي بخش ۽ مان ٻيئي جڏا هوندي به گهلبا آيا هئاسين ۽ ڪلاس ۾ به ٻيئي گڏ ئي ويهندا هئاسين. ان ڏينهن جڏهن شيخ صاحب جي هٿن کان سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا ته آءُ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيو هوس پر منهنجو ڀائڙو هادي بخش ان کان محروم رهجي ويو. پوءِ ته هن پڙهڻ ئي ڇڏي ڏنو ۽ والد صاحب جي مينهن جي واڙي تي ئي لڳي ويو. اسان لاءِ ستين درجي ۾ هڪ ڊويزن گهٽائي “F” کي بند ڪيو ويو ته هاڻ مونکي “C” ڊويزن ۾ رکيو ويو؛ جتي وري منهنجو سئوٽ موتي ۽ امر آهوجا پڻ ساڳئي ڪلاس ۾ مون سان گڏ پڙهندا هئا!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 24 اپريل 2016
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 56
    مولا! ادا پريم کي گاڏي ڇٽڻ کان اڳ واپس موڪل!
    ٻلديو مٽلاڻي


    7 آڪٽوبر 1958ع تي پاڪستان جي صدر اسڪندر مرزا آئين منسوخ ڪندي ملڪ ۾ ”مارشل لا“ نافذ ڪيئي؛ پر صرف ويهه ڏينهن پوئي 27 آڪٽوبر تي پاڪ فوج جي ڪمانڊر ان چيف جنرل احسان رضا وري فوجي انقلاب آڻي ڇڏيو ۽ اسڪندر مرزا کي استعفيٰ ڏيڻي پيئي. ايوب خان کي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ وزيراعظم اقتدار طور سونپيو ويو. اسڪندر مرزا کي پهرين ڪوئيٽا ۾ آندو ويو، پوءِ صرف هڪ مهيني اندر ئي 27 نومبر تي کيس لنڊن ڏانهن اماڻيو ويو. ايوب خان صدر ۽ وزارت عظميٰ جي آفيسن کي ملائي هڪ ڪري ڇڏيو. هن جيڪا پهرين ڪيبينيٽ ٺاهي ان ۾ هوائي فوج جو ايئرمارشل اصغر خان به هئو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي پڻ ڪابينه ۾ پهرين پهرين داخلا ملي سگهي هئي. ايوب خان جلد ئي ڪمانڊر ان چيف جا حقَ ترڪ ڪندي ان جاءِ تي محمد موسيٰ کي مقرر ڪيو؛ جنهن کي ان مهل جي سپريم ڪورٽ به ”وقت جي ضرورت“ جي بنياد تي صحيح ٺهرايو هئو.
    1960ع ۾ ايوب خان، پاڪستان ۾ ” بنيادي جهوريت“ جو پايو وڌو؛ جنهن هيٺ اٺ سئو کان هڪ هزار ماڻهن طرفان ”بيسڪ ڊيموڪريسي ميمبر“ يا ”بيسڪ ڊيموڪريٽ“ چونڊجي آيا؛ انهن گڏجي ريفرينڊم ذريعي ايوب خان جي صدارت واري عهدي تي فائز هئڻ کي جائز قرار ڏنو. بعد ۾ اهڙي ٻين جيڪا ”بي.ڊي.ميمبرس“ جي چونڊ ٿي؛ ان لاءِ لاڙڪاڻه شهر کي ست حصن ۾ ورهايو ويو؛ جتي اهڙي اليڪشن ٿيڻي هئي. لاڙڪاڻه ۾ ڪيترائي هندو پڻ اهڙي سوجهه ٻوجهه رکندا ها ۽ اُهي پڻ ستن ئي تڪن مان بيٺا هئا. ان مهل ذوالفقار علي ڀٽو؛ ايوب گورنمينٽ ۾ وزير خارجه هئو. هن اسان جي هڪ پاڙيسري موٽو مل ڀانساليءَ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ پنهنجو تڪ ڇڏي باقي ڇهن ئي تڪن مان هندن کي هٿ کڻايو؛ باقي هن کي پنهنجي تڪ لاءِ کيس ڀروسو ڏنو. پر جنهن ڏينهن تي اها اليڪـشن ٿيڻي هئي؛ ان کان هڪ ڏينهن اڳ ذوالفقار ڀٽو ؛ ٻيهر موٽو مل ڀانساليءَ کي پاڻ وٽ سڏ ڪرايو ۽ کيس پنهنجي نامزدگيءَ تان به هٿ کڻڻ لاءِ چيو. اها ڳالهه موٽو مل کي ڪو نه آئڙي ته هن سندس اهڙو ڪو به حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
    ٻئين ڏينهن تي موٽو مل ڀانساليءَ واري ”بيسڪ ڊيموڪريٽ“ اليڪشن اسان جي گهر جي اولهه ۾ گرلس هاءِ اسڪول ۾ ٿي رهي هئي. موٽو مل جو هڪ پٽ شام، ادا پريم جو هم ڪلاسي هئو ته هڪ پٽ ليکوُ وري مون سان گڏ پڙهندو هئو. ان لاءِ اسين ٻار به سڀاويڪ ڏاڍي چاه سان ان اليڪشن لاءِ اسڪول جي اولهه طرف صدر دروازي تي وڃي بيٺاسين. اليڪشن شروع ٿئي ٻه ٽي ڪلاڪ ٿي چڪا هئا؛ جو ڪجهه گاڏين ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب؛ سيد خادم حسين شاه سان گڏ آيو ۽ گاڏيءَ مان لهندي ئي هڪ ننڍڙي موبائل لائوڊ اسپيڪر تي اسڪول جي گيٽ وٽ بيهي تمام ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هن جي پٺڀرائي موٽو مل ڀانساليءَ لاءِ نه؛ پر سيد احمد دهلويءَ لاءِ آهي؛ جنهن لاءِ هن ووٽ ڪرڻ جي پٺڀرائي ڪيئي.
    ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ته اها تقرير ڪري هليو ويو؛ پر موٽو مل وارا پريشان ٿي ويا. اُهي هاڻ بازي هارائبي ڏسندي پنهنجي ماڻهن کي پاڻ لاءِ نه، پر سيد احمد دهلويءَ کي ڇڏي صغير حسين غوريءَ کي ووٽ ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪري رهيا هئا. پوءِ ته خود موٽو مل جي پنهنجي گهر وارا به جڪي پوءِ ووٽ ڏيڻ آيا، ته انهن به صغير حسين غوريءَ کي ووٽ ڪيو؛ جيڪو ”غوري آرٽ اسٽوڊيو“ هلائيندڙ شخص جو والد صاحب هئو.
    ساڳئي ڏينهن شام جو جڏهن ووٽن جي ڳڻپ ٿي ته سيد احمد دهلويءَ کي سڀني کان گهٽ ووٽ مليا؛ ٻيون نمبر موٽومل ڀانسالي آيو هئو ۽ صغير حسين غوريءَ سڀني کان وڌيڪ ووٽ کڻندي اليڪشن کٽي ورتي هئي. جيئن ئي اليڪشن جو رزلٽ انائونس ٿيو ته غوريءَ جي ماڻهن سڀ کان پهرين ڀر ۾ بيٺل موٽو مل کي پنهنجي ڪلهن تي کڻي خوشيءَ ۾ نعرا هنيا ۽ سندس شڪر ادائي مڃي؛ ڇو ته ان جي ئي مڪمل ساٿ سبب غوري صاحب اها اليڪشن کٽي سگهيو هئو!
    جتي ذوالفقار علي ڀٽو طرفان موٽو مل ڀانساليءَ کي بيحد تلخ آزمودو مليو هئو؛ اُتي ئي صرف هڪ هفتو کن پوءِ ڀٽو صاحب کي اسلام آباد ۾ خبر پيئي ته هر هڪ ضلعي مان هڪ منارٽي ميمبر پڻ ان بيسڪ ڊيموڪريسيءَ تي چيئرمن طور سرڪار کي نامزد ڪرڻو آهي هان وري هن اُتان لاڙڪاڻه نياپو موڪليو ته اهڙو فارم موٽو مل ڀانساليءَ کان ڀرائي ان کي اُتي اپوائنٽ ڪيو وڃي؛ جنهن لاءِ موٽومل ياعمر ڀٽو صاحب جا اُهي ٿورا به پيو هميشه ڳائيندو هئو.
    1962ع ۾ انڊيا ۽ چين جي جنگ لڳي هئي؛ جنهن کان اڳ چين انڊيا جو بهترين ساٿي هوندو هئو ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ”هندي-چيني ڀائي ڀائي“ نعرا هنيا ويندا هئا. پر هاڻ ساڳئي چين؛ هندوستان تي چڙهائي ڪري تبت تي قبضو ڪري ورتو ته ان واقعي هندوستان جي وزيراعظم جواهر لال نهرو کي سخت صدمو رسايو. صدمو به اهڙو جو صرف ٻن سالن جي عرصي ۾ ئي 27 مئي 1964ع تي جواهر لال نهرو دل جي دوري پوڻ سبب هن فاني جهان کي الوداع ڪندي هميشه هميشه لاءِ راهِ عدم ڏانهن راهي ٿي ويو.
    اسان وٽ لاڙڪاڻه ۾ جون-جولاءِ جا مهينا وئڪيشن ملندي هئي؛ ته ان سال اسين ٽيئي ڀائر ادا پريم، منوهر ۽ مان پنهنجي والده سان گڏ کوکرا پار واري طرف کان ريل رستي ناناڻن ڏانهن هندوستان گهمڻ وياسين. پاڪستان طرفان اميگريشن ۽ ڪسٽم کوکرا پار ۾ ڪيو ويو ته هندوستان طرفان وري اميگريشن کوکرا پار جي ڀر ۾ هندوستان جي پهرين سرحدي ڳوٺ ”مونا باءُ“ ۾ ڪيو ويو؛ جنهن لاءِ سڀني مسافرن کي سامان گاڏيءَ ۾ ئي ڇڏي هيٺ لهي تنبُن ۾ وڃي لڳايل اميگريشن آفيس ۾ پاسپورٽ تي انٽري ڪرائڻي پيئي. جنهن بعد جڏهن ٽرين اڳيان وڌي ته هلي ” ٻاڙمير“ تي بيهي رهي؛ جتي وري ڪولين کان سامان کڻائي هيٺ ڪسٽم آفيسرس وٽ پنهنجي سامان جي چڪاس ڪرائڻي پيئي. انهن ٻنهي بارڊرس تي اميگريشن توڙي ڪسٽم واري مرحلي تي هر هنڌ سڪون سان اڳيان وڌڻ ته ڄڻ ممڪن ئي ڪو نه هئو. فرق صرف اهو هئو ته کوکرا پار ۾ اگهه وڌيڪ هئو ۽ هتي ٻاڙمير ۾ ڪسٽم آفيسر ڏڪندي ڏڪندي به ٿورو ڪجهه وٺڻ کانپوءِ ئي اڳيان ڇڏي رهيا هئا. وري ٻيهر ڪولين کان سامان کڻائي ريل جي دٻي ۾ واپس اچڻو هئو. اُها ٽرين شايد جوڌر پور ڏانهن اڳيان وڃڻي هئي؛ پر اسين رستي تي ئي هڪ اسٽيشن ”لوڻي“ تي لهي پياسين.
    ”لوڻي“ اسٽيشن ڇا هئي؛ اصل بلڪل سنسان لڳي پيئي هئي. ٻه ٻه پليٽ فارم هوندي به مسافر شايد صرف اسين ئي هئاسين. آخر اُتان ٽرين ملي ته وري اڳيان هلي ”مارواڙ“ اسٽيشن تي لهڻو پيو؛ جو اُتان رتلام لاءِ ٻين ٽرين ملڻي هئي. ”مارواڙ“اسٽيشن تي جيڪو کاڌو پئي مليو؛ ان ۾ لوڻ ئي ڪونه پيل هئو. اسان سنڌي ماڻهن کي ته اهڙو کاڌو هلي ئي ڪو نه پيو؛ پر مڙيو ئي وقت ڪڍڻو هئو!
    اسان جي امڙ لاڙڪاڻه مان دراصل ايترا پئسا کڻي آئي هئي؛ جو اسين آرام سان پنهنجي پهرين منزل ”اندور“ پهچي سگهون ها؛ پر رستي تي جو همراهن کي ڏيڻو وٺڻو پيو هئو ته هاڻ اسان جي والده وٽ کاڌي لاءِ به پيسا ڪو نه بچيا هئا. اهڙي صورت ۾ ڀاڀيءَ اداپريم کي پنهنجون ٻه چوڙيون لاهي ڏنيون؛ جو ڪنهن اسٽيشن تي اسان واري ٽرين کي هڪ ڪلاڪ کن بيهڻو هئو ته ادا پريم هڪ ڪوليءَ سان گڏ ٻاهر ڪنهن سوناري وٽ اهي سونيون چوڙيون وڪڻڻ ويو. پٺيان اسين الله کي پئي ٻاڏائيندا رهياسين ته ”مولا! ادا پريم کي گاڏي ڇٽڻ کان اڳ واپس موڪل!“ آخر ۽ گاڏي اصل ڇٽڻ واري ئي هئي جو ادا پريم به اچي گاڏيءَ ۾ چڙهيو، پر ٻڌايائين ته اُتان جا سونارا ڦيٽ گهٽ وڌ جو بهانو ڏيئي روپئي جا چار آنه به مس ڏيئي رهيا هئا؛ جنهن ڪري ادا پريم ته اهو سون بغير وڪڻڻ جي ئي واپس موٽي آيو هئو.
    جيسين ادا پريم اسان وٽ گاڏيءَ ۾ موٽي؛ تيسين اسين پنهنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ مهاجر فيمليءَ سان پئي ڳالهايوسين؛ جن کي لکنؤ وڃڻو هئو، ادا پريم جو سون وڪڻي ئي ڪو نه آيو ۽هاڻ اسين اُن لکنؤ واري فيمليءَ سان چڱو مانوس ٿي چڪا هئاسين ته اهڙي صورت ۾ انهن اسان کي ڏيڍ سئو رپيا روڪ امانتوَ ڏنا، جيڪي اسان کي اندور پهچندي ئي کين مني آرڊر ڪرڻا هئا. اُن زماني جو ڏيڍ سئو معنيٰ تقريبن ڏيڍ تولو سون جو؛ شاباس ۽ آفرين آهي انهن نيڪ انسانن کي جن اسان کي ڪوڙيءَ جي اگهه ۾ سون وڪڻڻ کان بچائي ورتو هئا. پوءِ ته اڳيان رتلام اسٽيشن تي اسان جي والده جو ماما سڳنومل اسان کي وٺڻ آيو هئو؛ جتان لهي ڪري ميٽر گيج واري هڪ ٻي ٽرين تي اندور پهتاسين ته پهرئين ئي ڏينهن يعني 6 جون 1964ع تي ئي ماما سڳنومل انهن نيڪ انسانن کي لکنؤ جي ائڊريس تي سندن امانتوَ ڏيڊ سئو رپيا مني آرڊر ڪري به آيو. جيتوڻيڪ ان کانپوءِ وري نه ڪڏهن اُهي مليا ۽ نه اسين ئي کين ملياسين؛ پر جيسين ڌرتي قائم آهي اهڙا نيڪ انسان هميشه ڳائبا رهبا!
    هندوستان جو کليل ماحول ۽ سستائي ڏسي اسان کي ڏاڍو لطف اچي رهيو هو. اندور ۾ انب ايڏا ٿيندا آهن؛ جو کائڻ وارا هڪڙا ته چوسڻ وارا ٻيا! چوسڻ وارا انب وري ايڏا سستا جو ڪهڙي به گاڏي تان هڪ سڄي جو سچو انب کڻي چوسي کائي ڏس؛ جيڪڏهن وڻي ته وٺ نه ته اڳيان هل! اهڙي ڳالهه اسان وٽ سنڌ ۾ ته سوچڻ کان به ٻاهر هئي! ادا پريم اندور ۾ به هڪ لائبريري ڳولهي ڪڍي؛ جتان اردو ناول کڻي پڙهڻ شروع ڪيائين. اسان اُتي پهرين فلم جيڪا ڏٺيسين؛ اها پرٿوي راج، راجيندر ڪمار ۽ وجينتي مالا جي سماجڪ فلم ”زندگي“ هئي. هن ڀيري اسان جي والده جا ڀائر ڀڄن لال ۽ امر لال بيڪريءَ جي نوڪري ڇڏي ٻنهي الڳ الڳ، هڪ جدا جدا گاڏو ڪڍي چاپ ڇولا بريڊ ۽ پڪوڙا لڳائڻ شروع ڪيو هئو؛ جيڪو ڪم هو بمبئيءَ ڀرسان ٿاڻا شهر ۾ ان کان به گهڻو اڳ پڻ ڪري چڪا هئا.
    ننڍي ماما امر لال جي شادي به ٿي چڪي هئي؛ جڏهن ته وڏو ماما ڀڄن لال سڄو ڏينهن صرف هتي هتي مندرن ۽ گهرن ۾ پوڄا پاٺ ٿيندي شبد ڪيرتن ڪندو رهندو هئو. ان دوري مهل ادا پريم ڪتاب به پيو پڙهندو هئو ته وري ماما ڀڄن لال سان مختلف گهرن ۽ مندرن ۾ وڃي ڀڄن پڻ ڳائيندو رهندو هئو. هو اسان سان گڏ الهاس نگر هليو ئي ڪو نه! اهڙي صورت ۾ منوهر ۽ مونکي ڀاڀيءَ سان اڪيلو ئي اوڏانهن وڃڻو پيو هئو.
    الهاس نگر ۾ انهن ڏينهن دوران زبردست مينهن پئجي رهيو هئو. اسين الهاس نگر ٽئين نمبر ۾ پنهنجي ماسي ۽ ماسڙ وٽ اچي لٿا هئاسين؛ پر ڪجهه ڏينهن پهرئين نمبر ۾ پنهنجي سئوٽ دادا گلابراءِ وٽ به رهياسين. ڪجهه ڏينهن ٿاڻا شهر ۾ والده جي دور جي سئوٽن وٽ به رهياسين؛ جتي اسان جي امڙ جي سئوٽ گوپيءَ جي شريڪِ حيات مايا، اسان کي اشوڪ سنيما ۾ راجڪپور جي تازو ئي رليز ٿيل فلم ”سنگم“ ڏيکاري آئي هئي. انهن ڏينهن ۾ ”سنگم“ فلم جي ڌوم لڳي پيئي هئي. چيو ائين ويندو هئو ته بمبئي شهر ۾ ”سنگم“ لاءِ مين سنيما ”اپسرا“ ۾ ٽن مهينن تائين ايڊوانس بوڪنگ ٿي چڪي هئي. راجڪپور، راجيندر ڪمار ۽ وجينتي مالا جي فلم ”سنگم“ جي شوٽنگ لنڊن، پيرس، روم، سئٽزرلينڊ ۽ ڪجهه ٻين دوردراز علائقن ۾ ڪيل هئي؛ جنهن جي هڪ هڪ فريم جو ڪهاڻيءَ سان واسطو هئو. الائي ڪيترن ماڻهن ته اُها ساڳي فلم ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي دفعا پئي ڏٺي، جو ان فلم ۾ شنڪر جئه ڪشن طرفان ميوزڪ پڻ بيحد جاندار ڏنل هئي.
    انهن ڏينهن ۾ هندوستان جي تمام سنيما وارن کي سرڪار طرفان ٺاهيل ڊاڪيومينٽري فلم ضرور هلائڻي پوندي هئي. ان سلسلي ۾ تڏهن جيڪا ڊاڪيومينٽري پئي ڏيکاري ويئي؛ ان ۾ جواهر لال نهروءَ جون آخري رسومات پئي ڏيکاريون ويون. اهڙين تقريبات لاءِ ڪيترن ئي وڏن وڏن ملڪن جا سربراه، نهروءَ کي عقيدت ڏيڻ لاءِ اچي شريڪ ٿيا هئا جڏهن ته پاڪستان مان اُتان جو وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو آيو هئو. پر ڊاڪيومينٽريءَ ۾ جيڪا چند سيڪنڊن جي اُها جهلڪي پئي ڏيکاري ويئي اُن ۾ جتي ٻين ليڊران کي غمزده پئي ڏيکاريو ويو ته اُتي ئي ذوالفقار علي ڀٽو ٽهڪ ڏيئي کلي رهيو هئو؛ جيڪا ڳالهه ڪجهه اڻ وڻندڙ پئي لڳي.
    اسين الهاس نگر مان ٿي اندور ۾ واپس پهتاسين ته آءٌ به گهڻو ڪري ادا پريم سان گڏ ماما سڳنو مل جي اَٽي جي چڪيءَ تي وڃي ويهندو هوس؛ جو ان سان توڙي سندس پٽ ديال سان ڪچهريون ڪندي مزو ايندو هئو. هڪ ڀيري ماما سڳنو مل جي چڪيءَ ڀرسان ئي چار غنڊه عناصر ادا پريم کان عمر ۾ ڪجهه ٿورو ئي وڏا هوندا، جيڪي اسان سان بي گناه اٽڪي پيا ۽ ادا پريم سان جنسي وڙهڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ ادا پريم ۾ چڱي همت هوندي هئي. هو اڪيلو ئي انهن چار چار غنڊن سان وڙهي رهيو هئو؛ جڏهن ته مان وري اهڙو ته ڪمزور هوس جو صرف روئي رهيو هوس. اوچتو الائي ڪٿان سول ڊريس ۾ هڪ پوليس واري اچي انهن چئني غنڊن ۽ ادا پريم کي پڻ پڪڙي ڪري ڀرسان ئي پوليس ٿاڻي تي وٺي هليو. لڳي ائين ٿو ته اُهي ڇورا ڪو اڳ ئي اُتي بدنام هوندا جو اسان جڏهن ٿاڻي تي وياسين ته سڀاويڪ هڪ خوف ته ٿي رهيو هئو؛ پر پوءِ اهو پوليس وارو اُتي جڏهن سڀني جي ائڊريس لکي رهيو هئو ته ادا پريم مان جڏهن خبر پيس ته اسين لاڙڪاڻه (سنڌ) مان هتي اندور ۾ گهمڻ آيا آهيون ته هن صرف ادا پريم کي ايترو چيو ته ”تون پاڪستان مان هتي وڙهڻ آيو آهين! “ جنهن بعد هن اُتي جو اُتي انهن غنڊن کي اُتي ٿاڻا ۾ ئي ويهاريندي ادا پريم ۽ مونکي ڇڏي ڏنو ته ڀل اسين پنهنجي گهر وڃون!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 1 مئي 2016
     
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 58
    رات جو رام ليلا ڪرڻي هئي ۽ سج لٿي تائين صندل پئي کڻاياسين!
    ٻلديو مٽلاڻي


    گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول، لاڙڪاڻه ۾ اٺون درجو پڙهندي اسان کي ”سنڌي“ سبجيڪٽ، سائين فيض محمد ڪرائيندو هئو. ان اسان کي هڪ مضمون لکڻ لاءِ چيو هئو، جيڪو مون فيئر ڪاپيءَ ۾ لکيو هئو. هڪ ڏينهن ادا ادا پريم گهر ۾ ويٺي منهنجي اُها سنڌيءَ واري ڪاپي ڏسي ورتي ۽ مضمون پڙهيائين ته کيس بيحد پسند آيو. هن مونکي سڏ ڪري چيو ته :

    ”تنهنجي سنڌي ڏاڍي سٺي آهي!“ ادا پريم جي لفظن منهنجي دل خوش ڪري ڇڏي ته واه مولا! وري به ڪجهه ته اچي ٿو!

    ويهين صديءَ جو ستون ڏهاڪو برصغير لاءِ انتهائي افراتفريءَ وارين حالتن سان سرڪار رهيو. 1962ع ۾ هندوستان کي چين سان سرزد ٿيل جنگ جي نتيجي ۾ زبردست نقصان پهتو. هندوستاني مؤقف موجب پاڪستاني حڪمرانن ان جو فائدو وٺندي هندوستان واري زير تسلط ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 1965ع تي ”آپريشن جبرالٽر“ شروع ڪندي ٽيٽيهه هزار فوجي ماڻهن کي لوڪل ڪشميرين جي ڊريس ۾ ”لائين آف ڪنٽرول“ ڪراس ڪرائيندي هندوستان اماڻيو هئو. پاڪستان کي ان مان ٻه فائدا ٿيڻا هئا؛ هڪ ته هندوستان اڃا چين واري جنگ جي نقصان مان اڀري به نه سگهيو هئو ۽ ٻيون ته کيس اميد هئي ته ڪشمير جي عام ماڻهن وٽ سندن استقبال ڪيو ويندو! هندوستان کي جيئن ئي ان جي سُمڪ ملي ته هن پنهنجي هٿياربند فوج موڪلي ڏني ان وچ ۾ پاڪستان کي تيٿوال، اُڙي ۽ پونڇ ۾ ڪافي ڪاميابي ملي چڪي هئي؛ پوءِ ته ڀارت به تڪڙ تڪڙ ۾ پاڪ-ڪشمير جي اٺ ڪلوميٽر اندر ”حاجي پير پاس“ تي قبضو ڪري ورتو.

    هڪ پاڪستاني ميجر(رٽائرڊ) آغا همايون موجب پاڪستان جي وزارت خارجه ڊي.ايم.او. گل حسن سوڌو هڪ ”ڪشمير سيل“ ٺاهيو هئو؛ جنهن کي خارجه سيڪريٽري عزيز احمد چيو هئو ته صدر ايوب جي هدايتن موجب هند- ڪشمير ۾ گوريلا جنگ ڪرڻ لاءِ ٻه منصوبا ٺاهڻا آهن. ان وقت جي ڪمانڊر ان چيف جنرل موسيٰ، 1983ع ۾ دعويٰ ڪئي ته ذوالفقار علي ڀٽو ان وقت جي بري فوج جو ايڏو ته برين واش ڪري ڇڏيو هئو، جو اُهي سڀ ان مغالطي ۾ هئا ته ”آپريشن جبرالٽر“ سئو سيڪڙو ڪامياب ٿيڻ واري آهي.

    پهرين سيپٽمبر 1965ع تي پاڪستان طرفان ”آپريشن گرانڊ سليم“ نالو ڏيندي جموءَ ۾ اکنور“ شهر تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڀاري حملو ڪيو ويو ته جيئن هندوستان طرفان پنهنجي فوج کي رسد پهچائڻ وارو رستو ئي بند ڪيو وڃي. ايوب خان جو اندازو هئو ته ان جبري لڙائي ۾ هندو ماڻهو ڪونه بيهي سگهندا؛ پر اُن دوران ”آپريشن جبرالٽر“ فلاپ ٿي چڪي هئي.

    پاڪستان کي جيئن ته ڀارت کان ڪجهه قدر وڌيڪ ماڊرن هٿيار پنوهار هئا، ته شروعات ۾ هنن کي ڀارت مٿان اوچتي جهڙپ ڪندي ڪافي فائدو رسيو؛ پر پوءِ ڀارت طرفان جلدئي ايئرفورس کي گهرايو ويو ۽ هنن کي جو لڳو ته پورو ڪشمير ئي ٿو هٿن مان وڃي؛ ته انهن وري 6 سيپٽمبر 1965ع تي باقائده جنگ جو اعلان ڪندي مغربي پاڪستان طرف لاهور مٿان حملو ڪري ڇڏيو. ان جي جواب ۾ پاڪستان کي مجبور ٿيندي پنهنجي فوج ڪشمير مان ڪڍي مغربي بارڊر طرف موڪلڻي پيئي ته جيئن باقي سرحدن جي حفاظت ڪري سگهجي. ان طرح ”آپريشن گرانڊ سليم“ به ناڪام ٿي ويئي.

    هندوستاني فوج 6 سيپٽمبر 1965ع تي اولهه پاڪستان وارو بارڊر ڪراس ڪندي ”اچوگل ڪينال“ ٽپي لاهور انٽرنيشنل ايئرپورٽ تائين پهچي ويئي. تڏهن آمريڪا وچ ۾ پيئي عارضي طور جنگ بندي ڪرائيندي پنهنجا تمام آمريڪن شهري پنهنجي ملڪ واپس گهرائي ورتا. هوڏانهن پاڪستان وري”کيم ڪرن“ تي قبضو ڪري ورتو.

    10 سيپٽمبر 1965ع تي پاڪستان طرفان راجسٿان طرف هوائي حملو ڪندي هندوستاني سرحدي شهر ” مونا بائو“ تي قبضو ڪيو ويو ۽ ”چَوِندا“ طرف هند فوج کي پٺيان ڌڪيليندي پاڪستان جي اها ڪوشش رهي ته کيم ڪرن وٽ ”آپريشن وائينڊ-اپ“ انجام ڏيندي هند فوج کي ايترو ته پٺيان هٽايو وڃي، جيئن امرتسر تي قبضو ڪرڻ ۾ سهوليت ٿي سگهي. پر پاڪ فوج، کيم ڪرن کان اڳتي وڌي ئي ڪو نه سگهي؛ جو هندوستاني فوج جي G.O.C. ميجر جنرل گربخش سنگهه ”اصل اتر“ واري علائقي جي آس پاس پاڪ فوج مٿان ”U“ جي شڪل ۾ گهيرو ڪري ڇڏيو. اُتي ڪمند جو فصل پوکيل هئو؛ جنهن سبب هند فوج پوشيده رهندي پاڪستاني فوج جي ايترو ته ويجهو پهچي ويئي؛ جو پوءِ اُهي اڌ منو ڪلوميٽر مان پاڪ ٽينڪن مٿان مار پئي ڪري سگهيا. ان سيڪٽر واري جنگ ۾ هڪ مسلمان هندوستاني سپاهي، عبدالحميد زبردست بهادري ڏيکاريندي شهادت پاتي؛ جنهن کي بعد ۾ هندوستان جو اعليٰ ترين فوجي اعزاز ” پرم وير چڪر“ پڻ ڏنو ويو.

    پوءِ ته جنگ ايتري قدر وڌي ويئي. جو هندوستاني فوج 758.9 اسڪوائر ميل (1920 اسڪوائر ڪلوميٽر) سيالڪوٽ، لاهور، ۽ ڪشمير وارو پاڪستاني علائقو پنهنجي قبضي ڪري ورتو؛ ۽ پاڪستان وري 210 اسڪوائر ميل(550 اسڪوائر ڪلوميٽر) هندوستاني علائقو خاص طور راجسٿان طرف مونا بائو ۽ ڪشمير طرف ڇمب واريون ڪجهه هندوستاني حدون پنهنجي قبضي ڪري ورتيون.

    بعد ۾ روس جي وزيراعظم اليڪسي ڪوسيجن جي ڪوششن سان ايوب خان ۽ لال بهادر شاستريءَ وچ ۾ تاشقند ۾ هڪ اقرارنامو صحيح ڪيو ويو، جنهن موجب ٻنهي ملڪن جو فوجون آگسٽ کان اڳ واري پوزيشن تي وڌ ۾ وڌ 25 فيبروي 1966ع تائين واپس موڪليون ويون. اها جنگ جيئن ته بند ٿيڻ مهل هندوستان جي فائدي ۾ هئي؛ ان لاءِ پاڪستان لاءِ ته اهو اقرارنامو يڪدم قابل قبول هئو پر ڀارت کي به بين الاقوامي زوربار سبب امن و امان جي قيام لاءِ اهو سڀ قبول ڪرڻو پيو. 22 سيپٽمبر 1965ع تي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل يڪراءِ هڪ بل بحال ڪندي هندوستان ۽ پاڪستان، ٻنهي ملڪن کي غير مشروط جنگ بنديءَ لاءِ زور آندو ۽ نتيجي ۾ ايندڙ ڏينهن 23 سيپٽمبر 1965ع تي ئي اها جنگ پنهنجي اختتام کي پهتي.

    اها جنگ هلندي لاڙڪاڻه ۾ هر رات جڏهن ”بليڪ آئوٽ“ ٿيندو هئو، ته اسان جي پاڙي ۾ بيحد سازگار ماحول برقرار پئي رهيو. ايتري قدر جو هڪ ڀيري ته اسان جي گهر سامهون رهندڙ منظور آرائين صاحب، رات جو اسان جي بند دري وئي ٻاهران کڙڪائيندي چيو ته ” پٽ! ڪجهه ڏارن مان ٻاهر روشني اچي رهي آهي؛ اُتي ڪجهه ڪارو ڪپڙو وغيره لڳائي ڇڏيو!“ اهـڙي طرح اسان هندن کي سنڌ جي سماج ۾ رهندي ڪهڙي به اڻ برابري ڪو نه پئي ڏسڻي پيئي؛ پر جنگ دوران گورنمينٽ ليول تي هندن ۾ هراس ڦهلائڻ لاءِ اٽڪل هر هڪ هندو گهر مان هڪ هڪ فرد گرفتار ڪندي پهرين لاڙڪاڻه ۽ پوءِ سکر سينٽرل جيل اماڻيا ويا.

    اسان جو گهر ان سبب لاءِ بچيل هئو؛ جو اسين تڏهن اڃا ٻار هئاسين ۽ پوري پاڙي ۾ صرف اسان جو ئي هڪ هندو گهر هئو جنهن لاءِ شهر ۾ ڪيترن کي ته خبر به ڪونه هوندي هئي ته ان پاڙي ۾ به ڪير هندو رهندڙ آهي! ان سڀ جي باوجود سنڌ جي سماج ۾ هر هڪ هندوءَ لاءِ تمام گهڻي عزت هوندي هئي. تهذيب يافته ماڻهو هر هڪ هندو شخص کي ”ديوان“ ڪري مخاطب ڪندا هئا. هنن کي هندو ماڻهوءَ تي اعتماد به ايڏو هوندو هئو، جو سيد خاندان به خوشيءَ سان ان کي پنهنجي گهر به وٺي ايندا هئا. اڄ اهو سڀ ياد ڪندي ۽ اکيون آليون پيون ٿيون وڃن!

    1965ع دوران اسڪول ۾ نائون درجو پڙهندي فزڪس جو پيرڊ هلي رهيو هئو. اسين سڀ سائنس ليباريٽريءَ ۾ هئاسين. هڪ پنجابي ٽيچر هئو ” بٽ صاحب“، جيڪو فزڪس ڪرائيندو هئو. ان ڏينهن هن ”پرزم“ ذريعي روشني مان پيدا ٿيندڙ مختلف رنگ ويٺي سمجهايائين. بعد ۾ ڪجهه پريڪٽيڪل ڏيئي بٽ صاحب ڪلاس خالي ڇڏي ڪيڏانهن هليو ويو، ته سمورن شاگردن وري پريڪٽيڪل گهٽ پئي ڪيو ۽ پاڻ ڳالهيون وڌيڪ پئي ڪيون. اسان جو ڪلاس ميٽ ۽ منهنجو سئوٽ موتي مٽلاڻي، ان دؤران پنهنجي گهران به ٿي آيو ته منهنجي گهران وري مون لاءِ منجهند جي ماني به کڻي آيو. مان ته خوش ٿي ويس؛ جو بک به ڏاڍي لڳي هئي.

    آءٌ اهو ٽفن باڪس کڻي ليباريٽريءَ جي پوئين ڇيڙي تي ڪٻٽن پٺيان ويٺي ماني کاڌي جو ڪجهه شاگردن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. دراصل ڪلاس مان ”پرزم“ جي چوري ٿي ويئي هئي ۽ ڪجهه شاگرد مونکي غير حاضر ڏسي منهنجي لاءِ چئي رهيا هئا ته اهو مون کنيو آهي . آءٌ ته اڌ ۾ ئي ماني ڇڏي واپس ڪلاس ۾آيس ته خبر پيئي ته اها تهمت منهنجي مٿان مڙهي ويئي آهي. ان وچ ۾ ٽيچر بٽ صاحب به موٽي آيو؛ ته سخت غصي ۾ هئو. مون وڃي کيس چيومانس ته جيئن ته اها تهمت منهنجي مٿان مڙهي يوئي آهي ته ڀل منهنجي تلاشي ورتي وڃي ۽ منهنجا ڪتاب به چڪاس ڪيا وڃن؛ جو هاڻ ته موڪل ملڻ واري هئي ۽ آءٌ پنهنجي گهر وڃي سگهان! پر بٽ صاحب منهنجي ڪجهه ٻڌي ئي نه رهيو هئو؛ صرف اهو پئي چيائين ته سڀاڻي هو سڀني شاگردن آڏو ان چوريءَ جو الزام منهنجي مٿان مڙهيندي مون کي اسيمبليءَ ۾ بيهاريندو ته ڀلي ٻين کي به خبر پوي!

    مونکي ته ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو. ٽيچر، هڪ تهمت مڙهيل شاگردن جو بيان ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ٻڌل ڳالهين تي پڪ ڪري ويٺو آهي! ته چور ئي مان آهيان تلاشي به نه وٺندو ۽ ايندڙ ڏينهن تي منهنجي چور هئڻ جو فيصلو پڻ صادر ڪندو! آءٌ بيحد نراشائيءَ منجهان پنهنجا ڪتاب کڻي گهر پهتس. ادا پريم کي ڳالهه ڪيئي، هو به ته مون کان صرف اڍائي سال ئي عمر ۾ وڏو هئو ۽ زندگيءَ جو گهڻو تجربو ته کيس هئو ڪو نه! هن کي ٻيو ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ته هن مونکي چيو ته آءٌ ايندڙ ڏينهن تي اسڪول ئي ڪو نه وڃان! پر جيئن ته اهو مسئلي جو حل ته نه پئي ٿي سگهيو، ان لاءِ مونکي ته ٻئين ڏينهن اسڪول وڃڻو ئي پيو. پر خبر ناهي پٺيان ڇا ٿيو هئو. جو ايندڙ ڏينهن تي نه ته اسيمبليءَ ۾ ڪجهه ٿيو ۽ نه ان کانپوءِ ئي ان ”پرزم“ جو ڪو ذڪر ئي ڪيو ويو! بهرحال اهي ڪجهه اهڙا آزمودا آهن؛ جو هڪ ڏينهن اڳ سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته چوريءَ جي هيڏي وڏي تهمت کان بي داغ ڪيئن ٻاهر نڪريو؛ ۽ هاڻ سائينءَ پاڻ ئي ان جو حل ڪيئن ڪڍيو هئو؛ اڄ سوڌو خبر ئي ڪو نه پيئي!

    لاڙڪاڻه ۾ رائل سنيما جي ڀر ۾ اسٽيشن طرف هڪ ”شِوُ مندر“ هوندو هئو؛ جنهن کي اسين ”شِوالو“ ڪري سڏيندا هئاسين. اُتي مندر سنڀالڻ لاءِ جيڪو مهراج رهندو هئو؛ اُن ”هندي“ ٻولي سيکارڻ جو ڪلاس شروع ڪيو. ان لاءِ ادا پريم ۽ مان ٻنهي وڃي داخلا ورتي. اُهي ڪلاس هر روز شام جو هلندا هئا. هندي ٻولي سکڻ ۾ منهنجو دماغ به سٺو هلندو هئو. ٻه چار مهينن جو اهو ننڍو ڪورس هئو؛ پر اسين جلد ئي هندي ٻوليءَ جي الفابيٽ، ماترائون ۽ ان کانپوءِ وارا هندوستان مان گهرايل پهرئين ۽ ٻئين درجي جا هندي ڪتاب چڱي طرح پڙهي ڇڏياسين. اصل ۾ هندوستان جون هندي فلمون ڏسي ائين لڳندو هئو ته هندي ۽ اردو تقريبن هڪ ئي زبان آهي؛ پر درسي ڪتابن جي سطح تي ائين نه هئو. صرف گرامر ساڳيو هئو؛ پر هندي ۾ ته ڪيترائي لفظ نج سنسڪرت وارا هئا؛ جيئن ته ”صرف“ کي چون ”ڪيوَل“؛ اندر لاءِ لکن ”ڀيتر“؛ ”ارادو“ کي ”نشچيه“ سڏين؛ ”انجام“ لاءِ ”پرتگيا“ ڪم آڻين. پوءِ به اُهي ٽيڪسٽ بوڪ وارا مضمون پڙهندي وابسته مواد جي لحاظ کان لفظن جي معنيٰ سمجهي ئي ويندا هئاسين؛ نه ته به سمجهاڻي ڏيڻ لاءِ اُهو استاد ته هئو ئي! ان ڪلاس ۾ به شهر جي ڪيترن ئي هندو ڇوڪرن داخلا ورتي هئي، پر ادا پريم ۽ مون جنهن نموني دل سان اهو ڪورس سکيو، اوترو شوق تمام ٿورن شاگردن ۾ هئو!

    اسان جي شهر ۾ هڪ مهراج رهندو هئو رامچند!، اُن هندوستان مان سنڌي (ديوناگري) ڪتاب گهرايا هئا. ٻيهر ان به هندي سيکارڻ لاءِ ڪجهه شاگردن کي داخلا ڏني ۽ گهر ۾ ئي پڙهائيندو هئو. ان وٽ ادا پريم ڪو نه هليو؛ جو اُتي گهڻو ڪري سڀ جو سڀ ڇوڪرا مون کان به ننڍا هئا. آءٌ جو ڪجهه ڪجهه هندي اڳواٽ ئي سکيل هوس، ته مهراج رامچند کان سنڌيءَ جو ديوناگري اسڪرپٽ سمجهڻ ۾ مونکي ڏاڍي سهوليت پئي ٿي. مهراج رامچند مونکي اُتي هندي ڪلاس ۾ مانيٽر بڻائي ڇڏيو، ان وٽ ڀل اسين صرف ديوناگري اسڪرپٽ جي ماڌيم سان؛ پر پڙهندا سنڌي ٻولي ئي هئاسين! پوءِ به ان ڪورس کي اسان جو اهو استاد ٿوري ٻيا سڀ شاگرد ” هندي ڪلاس“ ڪري سڏيندا هئا ته هيءَ اسين ”هندي“ سکي رهيا آهيون. اُتي ته مان اهڙو ڀڙ لڳو پيو هوندو هوس؛ جو گهڻي ئي ڀيرا مهراج رامچند جي بدران مان ئي باقي شاگردن کان امتحان وٺندو هوس ۽ سليٽ يا ڪاپيءَ تي لکيل سندن جواب پڻ چيڪ ڪندو هوس.

    اسان ڪجهه ٻار روز شام جو کٽاڻ بازار جي طرف ملڪي رام جي ٽڪاڻي ۾ ويندا هئاسين؛ جتي سک پنٿ جي پاڪ پستڪ گروگرنٿ صاحب، جو پاٺ ٻڌندا هئاسين. اُتي مکي گوبند رام ڀاٽيه جو پاڙيسري عيدن داس ايندو هئو؛ جيڪو وري روز اسان کان ”رامائڻ“ ، ”مهاڀارت“ ۽ ”گيتا“ مان ڪجهه سال پڇندو هئو. انهن سوالن جا جواب ڏيندي ڏيندي به اسان کي چڱي ڄاڻ ملي ويندي هئي. هيڪر وڏن طرفان ٿيندڙ ”رام ليلا“ (رامائڻ ناٽڪ) پوري ٿي؛ جنهن ۾ آءٌ ڪنهن سال شرَوَڻ ته ڪنهن سال ڪيڪئي بڻبو هوس! هاڻ اسان ٻارن کي به شوق ٿيو ته اسين وري ٻارڙن طرفان هڪ الڳ ”رام ليلا“ ڪريون. ان لاءِ ڊائلاگس سوڌو سمورو اسڪرپٽ مون لکيو ۽ پوري ناٽڪ جي ڊئريڪشن به مون ئي ڪئي. ان مهل هيرو ”شري رامچندر“ جو ڪردار مون ئي ادا ڪيو هئو ۽ ٻيا ڪردار به مون ئي ٻارڙن کي ورهائي ڏنا هئا. اسان جي پاڙي ۾ٽانگا اسٽينڊ وٽ رهندڙ موٽو مل جي فرزند دولت کي مون راوڻ جو رول ڏنو هئو. ڪجهه ئي ڏينهن جي ريهرسل کانپوءِ جڏهن اسين اهو ناٽڪ ”شوالي“ ۾ ڪرڻ وارا هئاسين؛ ته ان ڏينهن به اسين ٻار ئي شهر مان چندو ڪرڻ نڪتا هئاسين. ڪنهن اٺ آنا پئي ڏنا ته ڪنهن هڪ يا ٻه روپيه به ڏنا هوندا. دڙي محله واري بازار ۾ ڊاڪٽر نامديو هوندو هئو. ان وٽ چندي لاءِ وياسين ته ان ئي وڌ ۾ وڌ ٻه رپيا ڏنا هئا. ڪل چندو ڏه – ٻارنهن روپيه مس جمع ٿيو هوندو؛ جنهن مان اسين ڪجهه گهرن مان صندل کڻائڻ لاءِ گڏه گاڏي جو ڪرايو ڪري ڀريوسين ۽ ميڪ اپ جو ڪجهه سامان پڻ ورتوسين ته پراپرٽيءَ لاءِ تير-ڪمان وغيره به ٺاهياسين. ماڻهن کي اها ”رام ليلا“ ڏسڻ لاءِ به ان ڏينهن ئي چئي رهيا هئاسين، رات جو ”رام ليلا“ ڪرڻي هئي ۽ سج پئي لٿو پر اسان اڃا مختلف گهرن مان صندل پئي کڻاياسين. پوءِ جلدي جلدي شوالي ۾ اچي اسٽيج ٺاهيسين، ڊرامه لاءِ پردو ٺاهيوسين؛ جنهن ۾ پردو کلڻ ۽ بند ڪرڻ لاءِ رسيون پڻ مون ئي ٻڌيون.

    جج جا فرائض انجام ڏيڻ لاءِ اسين مکي گوبند رام ۽ ڪجهه ٻين چڱن ماڻهن کي گهرايو هئوسين. رات اچي ٿي ۽ اسين هڪ پاسي اسٽيج پئي سجائي، ته ٻئي پاسي اندر اداڪارن جو ميڪ اپ هلي رهيو هئو. ان ڏينهن الائي ڪٿان لاڙڪاڻه ۾ رهندڙ ڀاءُ قلندر، جنهن کي پيار مان ماڻهو ”قلوُ“ ڪري سڏيندا هئا؛ جنهن گورنمينٽ ڪاليج ۾ الائي گهڻا سال ته بي.اي. ڪرڻ ۾ لڳايا هئا، جيئن هوُ اتي هر سال ناٽڪ ۾ بهرو وٺي سگهي. ان اُتي اچي اسان جي ڏاڍي مدد ڪئي؛ اٽڪل ميڪ اپ جي سموري جوابداري ته هن جي طرفان ئي نڀائي ويئي. ڏسندڙ حاضرين جو به چڱو تعداد اچي نڪتو ۽ شوالي ۾ مندر وارو اندريون هال سمورو ئي ڀرجي ويو، جنهن جي هڪ ڪنڊ ۾ اسين اسٽيج لڳائي هئي. ناٽڪ، ماڻهن کي بيحد پسند آيو هئو. انعامن جي انائونسمينٽ ٿي ته موٽومل جي پٽ دولت کي راوڻ جو ڪردار ڪرڻ لاءِ پهريون نمبر مليو هئو؛ جڏهن ته ٻيون نمبر ”شري رامچندر“ جي ڪردار لاءِ مونکي ۽ ٽيون نمبر انعام مکي گوبند رام جي ئي فرزند ڀيروءَ کي شروڻ جي ڪردار لاءِ مليو هئو. ايندڙ ڏينهن تي سمورو خرچ پورو ڪرڻ کانپوءِ چار آنا کن بچيا هئا ته دولت، مان ۽ هڪ ٻيو به ڪو ڇوڪرو هئو؛ اسين ٽانگا اسٽينڊ وٽ هڪ هڪ آني واريون ٽي چاهيون ۽ ڪجهه ننڍيون ڊبل روٽيون کائي سمورو بجيٽ پورو ڪيو هئوسين!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 15 مئي 2016
     
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 59
    وري الائي ڪڏهن پنهنجن سان ملڻ ٿيندو!


    1965ع تعليمي سال دوران ادا پريم ٻارهون (سائنس) انجنيئرنگ گروپ ۾ پڙهندڙ هئو. تمام دوستن ۾ ادا پريم زبردست هوشيار هوندو هئو؛ پر ان سال ئي اسان هڪ ڪيرم بورڊ خريد ڪيو هئو. ۽ جيئن ئي ادا پريم ڪاليج مان گهر موٽي ته اوطاق ۾ دوست پهچي وڃي ۽ پوءِ سمورو ڏينهن ”ڪيرم راند“ جو دؤر شروع ٿي وڃي. گهر ۾ ڪير مرد بزرگ ته هئو ڪونه جيڪو اسان ٻارن کي سمجهائي سگهي. جيتوڻيڪ اسان جي ئي گهر ۾ مٿي فرسٽ فلور تي ڀاءُ ڄيٺانند وارا رهندا هئا؛ جن جو والد صاحب جمن داس حيات هئو پر اهو وري پنهنجي فطرت موجب اسان ٻارڙن سان پيار ڪندي به اسانجي نجي جيون ۾ بلڪل ئي دخل ڪونه ڏيندو هئو. ادا پريم جا دوست هرگن بدلاڻي، شِون هرجاڻي، شام ڀانسالي، ماڻڪ، الاهي بخش عباسي ۽ ڪجهه ٻيا پيا ايندا هئا ۽ پورو ڏينهن ڪيرم راند ڪندي سڀاويڪ رات جو ادا پريم ٿورو ئي پڙهڻ شروع ڪري ته ٿڪ سبب ننڊ اچڻ لڳي ۽ ائين ڪيرم ۽ ننڊون ڪندي ادا پريم کي سندس ذهانت واري مليل تقدير به تدبير جي ناپيد هئڻ سبب وڏو سبق سيکاري ڇڏيو. جتي انجنيئرنگ ۾ داخلا لاءِ گهٽ ۾ گهٽ فرسٽ ڪلاس کپندو هئو، اُتي ادا سيڪنڊ ڪلاس جي دائري کان ٻاهر ئي ڪو نه نڪري سگهيو. هنن جي دوستيءَ ۾ هڪڙو هرگن بدلاڻي ئي ٻارهون فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪندي، سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ۽ ڏيال هرجاڻي، بي.ايس سي(آنرس) ڪرڻ ڄامشورو هليا ويا. شِون هرجاڻي ۽ادا پريم گورنمينٽ ڪاليج، لاڙڪاڻي ۾ ئي بي. ايس سي. پڙهڻ لڳا؛ جڏهن ته شام ڀانسالي بي.اي پڙهڻ لڳو.

    اسان جي سئوٽ چنديرام مٽلاڻيءَ جي هڪ دوست حسين بخش کي جناح باغ ۽ پاڪستان ڇوڪ کي ڳنڍيندڙ روڊ تي سنڌ ميڊيڪل اسٽورز هوندو هئو؛ جتي چنديرام کان چوارائي ادا پريم ميڊيڪل اسٽور جو ڪم سکڻ شروع ڪيو. هوڏانهن چنديرام هر روز صبح جو ڪسرت ڪرڻ لاءِ اُستاد ممتاز جي آکاڙي تي ويندو هئو ته ادا پريم ۽ مون به اُتي وڃڻ شروع ڪيو. ادا پريم ته اُتي باڪسنگ جو به چڱو کلاڙي ٿي پيو، جڏهن ته مان وري هڪ ڏينهن اهڙو رڪارڊ ٺاهيو جو هيل تائين اُتي ڪير به ڪو نه ڪري سگهيو هئو. اُستاد ممتاز وٽ هڪ ٿَلهو ٺهيل هئو؛ جتي بيهي هڪ ڏنڊي جو سهارو وٺي اٿ ويهه ڪرڻي پوندي هئي. عام طور ڪنهن ماڻهوءَ اٺ-ڏه ڀيرا اها اٿ ويهه ڪيئي ته ٿڪجي پوندو هئو. گهڻو گهڻو ته ويهه پنجويهه دفعا اهو ئي شخص ڪري سگهندو جنهن جي جسم ۾ پوري لچڪ هوندي!

    هڪ ڏينهن مان ان ٿلهي تي بيٺس ته پنجويهه پنجاه سئو ٻه سئو؛ يڪي اُٿ ويهه ڪري ويس. پوءِ به مون ۾ اڃا به سگهه هئي ان لاءِ بيٺس ڪونه، پر ٽي سئو-چار سئو! مون سوچيو ته پنج سئو تائين اٿ ويهه جو رڪارڊ پهچائيندي پوءِ ئي هيٺ لهندس! پر ابا! پنج سئو تي پهتس ته بدن ۾ ايڏي ته لچڪ هئي جو مون هيٺ لهڻ جو ضرور ئي ڪو نه سمجهيو؛ پوءِ ته ڇهه سئو، ست سئو ساڍا ست سئو، اُستاد ممتاز کي خبر پيئي ته ان مونکي وڌيڪ ڪرڻ جي اجازت ئي ڪو نه ڏني!

    اُستاد ممتاز جو آزمودو بلڪل صحيح هئو. ساڍا ست سئو تي پهچندي منهنجو بدن ته اُٿ ويهه تي ته هري ويو؛ پر هيٺ جو لٿس ته گهمڻ ته ڇڏ؛ صحيح نموني بيهي به ڪو نه پئي سگهيس! پوءِ ته سڀني جي ڪسرت پوري ٿيڻ جو به اچي ٽائيم ڀريو ؛ سو مان به آهسته آهسته گهمندي ادا پريم سان گڏ گهر آيس؛ پر ٽنگن ۾ ڏاڍو ٿڪ پئي محسوس ڪيو. ٿڪ به اهڙو جو ايندڙ ڏينهن تي آکاڙي تي روزمره واري ڪسرت ڪرڻ به ڪونه وڃي سگهيس ۽ هڪ ڏينهن جو ناغو ڪندي ٻئين ڏينهن وڃي استاد ممتاز وٽ حاضري ڀري!

    لاڙڪاڻه ۾ ڪل ٻه پهلوان هوندا هئا؛ هڪ عاشق پهلوان جيڪو هيڪر ڪنهن سرڪس ۾ روز ٿيندڙ ٽن الڳ الڳ شوز ۾ ٽي ڀيرا پنهنجي ڇاتيءَ مٿان هاٿي گهمارائيندو هئو. پر گهڻو ڪري هر ڀيري جڏهن استاد عاشق پوءِ اُٿڻ جي ڪندو هئو ته چڪر اچڻ سبب ڪجهه دير ويهي رهندو هئو! ٻيون هيءُ استاد ممتاز هئو، جنهن وٽ وري لاڙڪاڻه جا ڪيترائي هندو نوجوان ڪسرت ڪرڻ ايندا هئا. استاد ممتاز سڀاءُ جو به اهڙو ته شفيق هوندو هئو جو ڀانءِ ته اسان جو وڏو ڀاءُ هجي! آکاڙي ۾ ايندڙ هڪ هڪ شاگرد کي ڄڻ پنهنجي فيملي ميمبر جيان ڀائيندو هئو. انهن ۾ به چنديرام مٽلاڻيءَ سان هن جي ڪجهه وڌيڪ ئي لڳندي هئي؛ جنهن جي معرفت ئي اسين اُتي پهتا هئاسين!

    ڊسمبر 1965ع ۾ ڀاءُ ڄيٺانند جي شادي رتوديرو مان اسانجي سڪ جي ماما ڪرتار لال سيداڻيءَ جي سئوٽ سلوچنا سان ٿي! ڏاڍا سيءُ هئا. تڏهن لاڙڪاڻه ۾ ڪينيڊي مارڪيٽ سامهون سنڌي هندن جي هڪ ننڍي ڌرمشالا هوندي هئي؛ جتي ڀاءُ ڄيٺانند جي شادي منجهند جو ڪيئي ويئي هئي. ڄيٺو ته گهوٽ ٿيو ئي هئو پر اسين به سڀ گهر جا ڀاتي بيحد خوش لڳا پيا هئاسين. ڄيٺي جي شاديءَ کان اڳ به مان ته گهڻو ڪري مٿي فرسٽ فلور تي ڄيٺي ۽ اما وٽ ئي هوندو هوس. هاڻ جو ڀاڄائي آئي ته اُها ڄيٺي ۽ مون سان ويٺي ڪچهريون ڪندي هئي. ڪڌهن ڪڏهن ڄيٺو پاڪستان چوڪ ڀرسان هڪ چانهن جي دوڪان تان چانهن پيئڻ ويندو هئو ته مان به ساڻس گڏ ويندو هوس. ڄيٺو چانهن جي دوڪان تي وڃڻ کان اڳ ، پاڪستان چوڪ تي هڪ بيڪريءَ تان ٻه مٺا رُس ڪيڪ خريد ڪندو هئو ۽ پوءِ مونکي به ان رس ڪيڪ سان گڏ چانهن پيئاريندو هئو. هڪ گهر ۾ گڏ رهندي اسان هڪٻئي سان بيحد گهڻو پيار ڪندا هئاسين.

    منهنجي امڙ کي ادا پريم جي شادي ڪرائڻ لاءِ به ڏاڍي تڪڙ هئي؛ سو هن ننڍي ئي ڀائي جيئورام جي چوڻ تي ادا پريم جو مڱڻو سکر ۾ حفيظ سنيما ڀرسان ڌرمشالا ۾ رهندڙ هڪ فيملي، گوبند رام جي نياڻي پتليءَ سان ڪرائي ڇڏيو. تڏهن اسين سڀ ڪاڪا جمن داس سان گڏ سکر ويا هئاسين؛ جتي مڱڻي مهل اسان جو ڏاڍو سٺو آدرڀاءُ ڪيو ويو هئو.

    ڪجهه ڏينهن پوءِ وري ادا پريم جي ساهرن مان دور جو هڪ سالو رامچند جيڪو رنگ روپ توڙي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ زبردست خوبصورت لڳندو هئو. اهو جيڪب آباد مان ٿيندو پنهنجي هڪ دوست جي پٽ سان اسان جي گهر لاڙڪاڻه آيو. هن ادا پريم ۽ امڙ کي منهنجي لاءِ چيو ته اُهي اجازت ڏين ته هو مونکي ڪراچي گهمائي اچي. مان ته اصل خوش ٿي ويس. اسڪول مان گرمين جي وئڪيشن مليل هئي؛ سو ادا پريم وارن به گهڻو اعتراض ڪو نه ڏيکاريو ۽ هنن ٻنهي سان گڏ مان به تيار ٿي ويس. رامچند جو چوڻ هئو ته اُهي نياڻيءَ جي گهر ڪجهه به نه کائيندا آهن! ان لاءِ هوُ مونکي ۽ جيڪب آباد مان آندل ٻار کي وٺي ڪري پهرين ته پاڪستان چوڪ واري ”ڪيفي مدينه“ تي هليو جتي هن سان گڏ اسان به ٻيهر رات جي ماني کاڌيسين پوءِ رات واري ڪراچيءَ ڏانهن ۾ ويندڙ ٽرين ۾ سفر ڪندي ايندڙ ڏينهن سوير صبح جو ”ڄامشورو“ اسٽيشن تي لٿو؛ جتي سنڌ يونيورسٽيءَ جي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ هن جو هڪ دوست رهندو هئو. اسين ان جي هاسٽل ۾ وڃي وٽس رهياسين.

    پوءِ ته ڪڏهن سنڌونديءَ وٽ ”المنظر“ تي ته ڪڏهن حيدرآباد وڃي ”راڻي باغ“ پئي گهميوسين. جيستائين ايل.ايم.سي. هاسٽل ۾ هئاسين ته ڏاڍو سٺو پئي لڳو. اسان لاڙڪاڻي جا ماڻهو هڪ ته ڄامشورو جي پهاڙي ڏاڍي وڻي پيئي؛ ٻيو ته رامچند جي دوست اسان کي سڪ به سٺي پئي ڏني. پوءِ وري. رامچند ان کان موڪلائي حيدرآباد شهر ۾ هڪ هوٽل ۾ اچي رهيو؛ جتي اسان ٻنهي ٻارن کي ويهاري هو سڄو سڄو ڏينهن ڪيڏانهن هليو ويندو هو. اهڙي صورت ۾ اسين ٻيئي ٻار ڏاڍو بور پئي ٿياسين؛ صرف هوٽل واري روم جي دريءَ کان ٻاهر روڊ جو نظارو ويٺا ڏسندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ ٽانگا ڏاڍا هلندا هئا ۽ سڄو ڏينهن ويٺا گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ ٻڌندا هئاسين.

    بعد ۾ رامچند اُتي هڪ ٻه ڏينهن رهائي اسان کي ڪوٽڙيءَ کان ٽرين ذريعي ڪراچيءَ وٺي هليو؛ جتي ڪراچي (سٽي) اسٽيشن کان بولٽن مارڪيٽ ويندي لڪشي مارڪيٽ کان اڳ گهٽيءَ ۾ ”دلڪشا هوٽل“ ۾ هڪ روم وٺي اچي رهئاسين. ايندڙ ڏينهن تي منگهوپير روڊ تي ”هاف مين بيوريجز“ جي فيڪٽري هئي؛ اُتي هو اسان کي گڏ وٺي هليو. اُتي هن جو هڪ دوست ٽرڪ ڊرائيور طور ڪم ڪندو هو. خبر پيئي ته اُهو ته ڊليوري ڪرڻ نڪري ويو آهي ۽ هاڻ شام جو اُتان واپس ايندو. پوءِ ته سمورو ڏينهن ان جي آفيس ۾ ويٺي انتظار ڪيوسين. دراصل رامچند جي پرسنلٽي ۽ هن جي ڳالهائڻ جو انداز ڪنهن به شخص کي ايترو ته موهي وجهندو هئو جو ان جا سڀ ڪم ٿي ويندا هئا؛ نه ته ڪير به پنهنجي آفيس ۾ سمورو ڏينهن ڇو انتظار ڪرڻ ڏيندو. ان وچ ۾ جڏهن به اُڃ پئي لڳي ته هن همراھ ”هاف مين ڪولا“ پئي پيئاري ۽ هو نيڪ شخص ڄاڻي واڻي اهو چئي رهيو هئو ته اسان جي فيڪٽريءَ تي پاڻي به اهو ئي آهي.

    الله! الله! ڪندي اچي شام ٿي ۽ مس همراه پنهنجي ڊليوري ٽرڪ کڻي اچي واپس فيڪٽريءَ پهتو. مونکي الائي ڇو ان جي ملندي ئي وٽس رامچند لاءِ ايترو پيار نظر نه آيو. ان کان ته هڪ اڻ ڄاڻ شخص پنهنجي آفيس ۾ ان لاءِ انتظار ڪندي به اسان کي ڪجهه وڌيڪ ئي اٽينڊ ڪري رهيو هئو. رامچند جي دوست ته اُتي ئي موڪلايو ۽ ايندڙ ڏينهن تي دلڪشا هوٽل ۾ اچي ملڻ لاءِ چيو؛ پر وري ڪيترا ڏينهن ته نظرئي نه آيو. ان وچ ۾ آهسته آهسته رامچند جا پيسا به ختم ٿيڻ لڳا ته هيڪر لڪشمي مارڪيٽ جي ڀر ۾ ڪنهن هوٽل جي ويٽر وٽ اسان ٻنهي ٻارڙن کي ڇڏي ويو؛ جنهن اسان کي پنهنجي هوٽل جي ٽيرس تي وٺي وڃي دال چانورن واري ماني کارائي، اسان به شايد هڪ ٻه ڏينهن کان ماني ئي ڪو نه کاڌي هئي؛ اهي دال چانور کائي به ايڏو ته خوش ٿي وياسين جو ڇا ڳالهه ڪجي!

    بعد ۾ وري بولٽن مارڪيٽ واري هندو هوٽل جي اڳيان هڪ بزرگ پنجابيءَ جو فروٽ اسٽال هئو؛ ان سان رامچند ڪڏهن اسان جي حاضريءَ ۾ مليو هئو ته هيڪر مونکي چيائين ته ان فروٽ اسٽال واري کي وڃي چوان ته رامچند جو ايڪسينڊنٽ ٿي ويو آهي ۽ سول هاسپيٽل ۾ داخل آهي؛ ان کانئس ڏه رپيا اڌارا گهرايا آهن. مون به ائين ئي ڪيو؛ جيئن هن سمجهايو هئو. ويچاري بزرگ فٽافٽ ڏهين روپئي جو نوٽ مونکي ڏيئي ڇڏيو. حال ته اسان لاءِ هڪ ٻه ويلا مانيءَ جا نڪري ويا.

    هڪ ڀيري وري نارائڻ مندر جي گيٽ وٽ صدر واري پاسي هڪ ريسٽارنٽ هئي، رامچند اتي هلي اسان کي ماني کارائي. جڏهن ماني کائي پوري ڪئيسين ته چيائين، ”توهان ويهو! مان ڪٿان هن جي بل لاءِ پئسا هٿ ڪري اچان!“ پوءِ جو ويو ته ڪلاڪ، ٻه؛ ٽي-شام ٿي ويئي! اسان ته ويٺي ويٺي سُڪي وياسين. ريسٽارنٽ وارو به ڪڍي اسان کي ان ڪري ڪو نه پيو جو همراه کي مانيءَ جا پيسا ئي ڪو نه مليا هئا. آخر شام جو دير سان رامچند موٽيو ته ڪائونٽر تان بل ڇڏائي نارائڻ مندر اندر ڌرمشالا واري حصي ۾ گيٽ وٽ کاٻي کان پهرين روم ۾ هڪ هندو-گجراتي فيميلي رهندي هئي؛ جيڪي نارائڻ مندر جي ڌرمشالا سنڀاليندا هئا؛ انهن وٽ اڳ به رامچند ڪڏهن اسان کي وٺي هليو هئو. هن ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي نالي ادا پريم کي ٽيلي گرام ڪرائي هئي ته رامچند جا پيسا ختم ٿي ويا آهن ۽ هو ڏيڍ سئو رپيا مني آرڊر ڪري موڪلي؛ جنهن لاءِ ڪائي ايڊريس به ڏني هئائين! ان مهل هڪ سئو رپئي تولو سون هوندو هئو؛ معنيٰ ته هيءُ همراه هاڻ اسان کي گهر واپس پهچائڻ لاءِ ڏيڍ تولو سون جو گهري رهيو هئو.

    پوءِ جو هڪ ڏينهن رامچند اسان کي نارائڻ مندر اندر گجراتي فيملي وارن وٽ ڇڏيو ويو ته هفتو کن ظاهر ئي ڪو نه ٿيو! پٺيان اسان ٻيئي ٻارڙا ان گجراتي فيمليءَ جي گلي پئجي وياسين. اُتي اسان کي ماني ته وقت سان ملي پيئي؛ پر ڪنهن وٽ ايترو تانوڻ ٿيڻ ان عمر ۾ به اسان کي سٺو ڪو نه لڳي رهيو هئو. ان لاءِ اُتي جيڪي گجراتي ماءُ ۽ ڌيءَ سمورو ڏينهن ويچاريون پاپڙ ڪنديون هيون، ته مان وري تڪڙ تڪڙ ۾ اهي کڻي ڪري ٻاهر اُس جي تڙڪي تي سڪائڻ لاءِ ڦهلائيندو ويندو هوس. اُهي ويچارا گجراتي هونئن به رحمدل هوندا هئا؛ پر اسين جو سندن ٿورو گهڻو ڪم به ڪندا هئاسين ته هنن کي به ٿورو گهڻو سٺو لڳندو هئو. ڪيترائي ڀيرا ويچارا اسان سان ئي ويٺي حال احوال اوريندا هئا ته رامچند اسان کي ڇڏي ڪيڏانهن گم ٿي ويو!

    گهر ۾ ڪنهن ڪنهن مهل پاپڙن وجهڻ جو ڪم نه هوندو هئو ته اسين ٻيئي ٻار؛ نارائڻ مندر مان ٻاهر نڪري مفت ۾ ئي ٽرام جو چڪر هڻندا هئاسين. مفت ۾ ائين؛ جو جڏهن ڪنڊڪٽر اسان جي ڀرسان پهچي ته اسين اڳ ئي هلندڙ ٽرام مان لهي پوندا هئاسين. ڀلا اسان وٽ کيسي ۾ ڏوڪڙ ئي ڪو نه هئو ته ڪنڊڪٽر کي ڏينداسين ڇا! وري ائين ئي هڪ ٻه ٽرام بدلائيندا نارائڻ مندر موٽي ايندا هئاسين.

    انهن ڏينهن ۾ اسان کي جيڪو بک جو؛ پيسي جو ۽ پنهنجي گهر وارن جو احساس ٿيو هوندو؛ ان جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي! جيسين رامچند اسان وٽ موٽي، تيسين ان نارائڻ مندر ۾ ڪجهه شاگرد رهندا هئا ۽ ڪجهه نوجوان مستقل طور اُتي ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪندڙ به رهندا هئا ته منهنجي انهن سان ويجهڙائپ ٿي ويئي. ڪڏهن ڪڏهن واندڪائيءَ ۾ اُهي به اسان سان ڪچهريون ڪندا هئا. خاص طور هڪ ڇوڪرو گيٽ وٽ داخل ٿيڻ سان ساڄي طرف پهرين روم ۾ رهندو هئو؛ اهو ته ڄڻ بلڪل پنهنجن جيان هلندو هئو.

    آخر هفتي کن کان پوءِ جڏهن رامچند هڪ ڏينهن اوچتو ئي اسان کي وٺڻ آيو ته خبر پيئي ته همراه وٽ ادا پريم جو مني آرڊر پهچي چڪو هئو، تڏهن هو ظاهر ٿيو هئو. رامچند اسان کي وٺي سڌو بولٽن مارڪيٽ وٽ دلڪشا هوٽل ۾ آيو؛ جتي بنا ٻڌائڻ جي ئي هن اُتي وڃڻ بند ڪيو هئو. خبر پيئي ته هوٽل واري ٻه ٽي ڏينهن انتظار ڪري پوءِ تالا ڀڃي اُها روم کولي هئي. جيستائين اها روم هن ڪو نه کولي هئي؛ اوترن ڏينهن جو ڪرايو پڻ ڀري ورتائين ۽ اسان جو سامان به اسان جي حوالي ڪيائين.

    هيڪر رامچند وٽ پيسا آيا، ته خبر ناهي هن جا دوست به ڪٿان پهچي ويا. اهو ”هاف مين بيوريجز“ وارو ڊرائيور هاڻ رامچند سان ائين هلي رهيو هئو ڄڻ ان کانسواءِ کيس آرام ئي ڪو نه ايندو هجي! هاڻ ته جڏهن روم ۾ ئي ويٺي هيٺان روم سروس مان ماني گهرائي ته اهو ساڳيو ماڻهو ڪليجي ۽ الائي ڇا ڇا فرمائش ڪري رهيو هئو. رامچند به مٿس ڄڻ عاشق هجي. هن جيڪي به گهريو پئي؛ سو سڀ گهرائيندو پئي ويو. هاڻ هو ڪچهريون به ڪري رهيو هئو ته ڪيئن هو ”هاف مين“ ڇڏي ڪجهه سال ڪويت وڃي نوڪري ڪري آيو هئو. اُتان جون ڪجهه ڪجهه ڳالهيون ٻڌائي رهيو هئو!

    ايندڙ ڏينهن تي به رامچند هلڻ جي ڪو نه پئي ڪيئي؛ پر مون کيس زور ڪري مڃايو ته هاڻ قرب ڪري واپس هلو! تڏهن مس وڃي همراه هوٽل مان چيڪ آئوٽ وٺي رات واري ٽرين تي ڪراچي(سٽي) اسٽيشن تان روهڙي ويندڙ گاڏي پڪڙي. گاڏيءَ ۾ رش ايڏي هئي جو ڇا ڳالهه ڪجي! رامچند پوليس واري دٻي ۾ کين ڪجهه ڏيڻ وٺڻ جي ڳالهه ڪري چڙهي پيو. دٻي ۾ اندر اول ئي اسان جهڙا ڪجهه ٻيا مسافر به ويٺا هئا. پوءِ جڏهن پولس وارن اوڳڙ ڪرڻ شروع ڪيئي ۽ رامچند وٽ پهتو ته هن کيس ٻڌايو ته ايتري ۾ هو ان جي به سينيئر آفيسر کي پٽائي چڪو هئو؛ جنهن اسن کان ڪجهه به نه وٺڻ لاءِ چيو هئو. ائين همراه پوليس واري دٻي ۾ به اسان کي مفت ۾ وٺي اچي ايندڙ ڏينهن روهڙي اسٽيشن تي لٿو. اُتان پهرين اسين جيڪب آباد وياسين؛ جتي رامچند جي دوست کي ڪپڙي جو دڪان هئو ۽ جنهن جو پٽ اسان سان گڏ هليو هئو. اُتي اُن جو پٽ پهچائي منجهند جي ماني کائي شام تائين لاڙڪاڻي پهتاسين ۽ هڪ عجيب و غريب ٽوئر جي پڄاڻي ڪري آءٌ به پنهنجي گهر پهچي رب جا شڪرانا مڃيا؛ نه ته لڳي ائين پيو ته وري الائي ڪڏهن پنهنجن سان ملڻ ٿيندو!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 22 مئي 2016
     
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو