پنهنجي سوشل نيٽ ورڪس کي پنهنجي مرضي مطابق پرائيوٽ بڻايو...

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سوشل نيٽ ورڪس خاص طور فيس بوڪ جي پرائيوسي اڪثر ساٿين کي بهتر طريقي سان سيٽ ڪرڻ اچي ڪونه... اهو ئي سبب آ جو ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه اهڙن رڪنن جي پروفائيل تي به وڃڻ ٿيو پر ڪنن کي هٿ لائي واپسي ڪيم.. کائن پڇڻ تي سدائين اهو جواب مليو ته کين فيس بوڪ جي پرائيويسي ڏکي هجڻ ڪري سيٽ ڪرڻ اچي ئي ڪونه....
    هتي اهڙن دوستن لاءِ خاص طور ۽ باقي ساٿين لاءِ عام طور هڪ پرائيوسي فڪس شيئر ڪرن چاهيندس .. اي وي جي پرائيويسي فڪس نالي هي پلگ ان مفت ۾ موجود آهي.. هي گوگل ڪروم ۽ فائرفاڪس کان علاوه سمارٽ فونز يعني اينڊرائيڊ ۽ آئي فون لاءِ به موجود آهي.. هن جي مدد سان توهان صرف هڪ ڪلڪ اسڪين ڪري ڏسي سگهجي ٿو ته توهان جي پرائيوسي کي ڪهڙا خطرا آهن ۽ انهن کي ڪيئن درست ڪري سگهجي ٿو...

    يقينن اها ڳالهه توهان جي علم ۾ هوندي ته ويب سائيٽس توهان جي جاسوسي ڪنديون آهن.. اهي توهان جي پسند ۽ لاڙن کي ڏسنديون آهن ته جيئن ان حساب سان توهان کي اشتهار ڏيکاري سگهن... جڏهن اشتهار توهان جي پسند جو هوندو ته ظاهر آهي توهان ان تي ڪلڪ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا... هي پلگ ان لڳ ڀڳ 1200 اهڙن ٽريڪرز کي بلاڪ ڪندو آهي جيڪي توهان جي جاسوسي ڪندا آهن.. فيس بوڪ ۽ گوگل کان علاوه لنڪڊ ان ۽ ٽويٽر جي پرائيويسي به بهتر بنائڻ جا آپشن هن ۾ موجود آهن...

    [​IMG]

    فيس بوڪ
    هي توهان جي فيس بوڪ کاتي کي اهڙي طرح پرائيويٽ بڻائيندو آهي جهڙي طرح توهان چاهيو.. ان کان علاوه توهان هن ذريعي اهو به ڪنٽرول ڪري سگهندو ته ڳولا نتيجن ۾ توهان بابت اچي ڇا پيو... ان طرح توهان فيس بوڪ جي ٽريڪنگ کي ختم ڪري سگهندو.. هن پلگ ان ذريعي توهان اهو به معلوم ڪري سگهندو ته فيس بوڪ تي توهان جي اهميت ڪيتري آهي.. ۽ فيس بوڪ جڏهن به پرائيويسي سيٽنگ ۾ ڪا تبديلي آڻيندو توهان کي فورن هڪ الرٽ ذريعي آگاهي ڏني ويندي.. ان کان علاوه هن پلگ ان ذريعي پراڻي فيس بوڪ ايپليڪيشنز کي ڏسي سگهجي ٿو ۽ انهن ۾ ڏنل اختيارن کي واپس وٺي به سگهجي ٿو...

    گوگل
    هن پلگ ان ذريعي ڄاڻي سگهبو ته گوگل توهان جي باري ۾ ڪهڙي معلومات گڏ ڪري رهي آهي.. ۽ ڏسي سگهبو ته توهان بابت گوگل ۾ موجود نتيجن جي ڪهڙي اهميت آهي...

    ٽوئٽر
    هن پلگ ان جي مدد سان اهو چونڊي سگهجي ٿو ته ڪير توهان کي تصويرن ۾ ٽيگ ڪري سگهي ٿو، پنهنجي لوڪيشن پرائيويٽ رکي سگهجي ٿي، اي ميل ذريعي توهان کي ڳولڻ کان بلاڪ ڪري سگهجي ٿو .. ۽ ان کان علاوه ٽوئٽر جي ٽريڪنگ پڻ بند ڪري سگهجي ٿي..

    ته پوءِ هي ضروري ۽ اهم پلگ ان ڊائونلوڊ ڪرڻ ۾ دير ڇو...؟

    اينڊرائڊ لاءَ اهم پلگ ان ڊائونلوڊ
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 اپريل 2015
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو