پي ڊي ايف فائلز جي سائيز گهٽايو..

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪاڳرن کي اسڪين ڪري انهن جي پي ڊي ايف فائلزجي سائيز تمام گهڻي ٿيندي آهي.. جنهن جو سبب هوندو آهي انهن جي هائي ريزيولوشن .. اڪثر اهڙيون فائيلز اي ميل ڪرڻ يا ڪاٿي اپلوڊ ڪرڻ جي ضرورت پوي ته ڪم تمام ڏکيو ٿي ويندو آهي.. اهو ئي سبب آهي جو سليمان وساڻ اڪثر ملندڙ اهڙن ڪتابن کي سنڌ سلامت لائيبريري ۾ شامل ڪرڻ کان به قاصر رهندو آهي...
    هتي دوستن جي سهولت لاءِ هڪ سافٽويئر “پي ڊي ايف ڪمپريسر” جو ذڪر ڪندس .. جيڪو اهڙي مشڪلاتن کي آسان ڪرڻ لاءِ موجود آهي.. هي وذني ۽ تصويرن سان جڙيل پي ڊي ايف فائيل جي سائيز کي حيران ڪن حد تائين يعني ڪمپريشن جو ريشو 23 سيڪڙو تائين گهٽائي ٿو.. ٻين لفظن ۾ 30 ايم بي فائيل کي ري سائيز ڪندي 8 ايم جي سائيز تائين آڻي ٿو... اهو به اهڙي طرح جو ان جي ڪوالٽي متاثر نه ٿئي...
    اهڙي طرح توهان جي ڪمپريسڊ ٿيل فائلز کي اي ميل ڪرڻ، اپلوڊ ڪرڻ يا اسڪائيپ تي چيٽ دوران موڪلڻ سولو ٿيو وڃي..

    [​IMG]

    هن سافٽويئر ذريعي جيڪڏهن ڊاڪومينٽس فائيل کي ڪمپريس ڪجي ته هي اصلي فائيل جي هڪ ڪمپريسڊ شده فائيل الڳ سان ٺاهي ساڳي فولڊر ۾ محفوظ ڪندو آهي ته جيئن اصلي فائيل پنهنجي اصلي حالت ۾ الڳ سان محفوظ رهي... پر جيڪڏهن توهان وٽ اسٽوريج جو به مسئلو هجي ته توهان اصلي فائيل جي مٿان اوور رائيٽ پڻ ڪري سگهو ٿا... ان طرح وذني پي ڊي ايف فائلز تي موجود ترميم نه ڪرڻ جي پابندي به ختم ڪري سگهي ٿو.. ان کان علاوه هن کي استعمال ڪرڻ لاءِ ايڊوبي ايڪروبيٽ ريڊر جو انسٽال ڪرڻ به ضروري نه آهي..

    رڳو 2.6 ايم بي جو حامل هي سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ سندن آفيشل سائيٽ جو ڦيرو ڀريو..
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    زبردست يار ...
    مون وٽ کوڙ سارا ڪتاب آهن جن جي سائيز اسڪين هجڻ سبب وڏي آهي. هاڻي مسئلو ڪجهه آسان ٿيندي نظر پيو اچي. مان اڄ ئي انسٽال ڪري ان کي ڏسي ٿو وٺان.
    لک لائق .... شاندار شيئرنگ لاءِ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    واه سائين مسئلو حل هاڻي.
    بهترين ونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب ادا ، جڙيا هجو شال
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    واقعي! ضرورت ته هئي اهڙي سافٽويئر جي. استعمال ڪرڻ جو طريقو به آسان آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو