چڱو ڀٽائي آءُ هلان ٿو _ صادق فقير جي ياد ۾ لکيل تاثراتي مضمون

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (113)”چڱو ڀٽائي آءُ هلان ٿو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ٿر جي ٻاٻيهي، نامياري راڳي صادق فقير جي ياد ۾ لکيل تاثراتي مضمونن، ايڊيٽوريل ۽ شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جا سهيڙيندڙ علي نواز آريسر ۽ زاهد اوٺو آهن.
    هي ڪتاب سنجها پبليڪيشن پاران اپريل 2015ع ۾ ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون محترم علي نواز آريسر جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    ڪتاب ۾ هيٺين ليکڪن جا مضمون ۽ تاثرات شامل آهن:

    عبدالواحد آريسر، تاج جويو، مختيار ملڪ، نصير مرزا، اياز گل، ذوالفقار هاليپوٽو، ڀارومل امراڻي سوٽهڙ، نواز شاهه ڀاڏائي، ايوب کوسو، مير حسن آريسر، پنهل ساريو، رکيل مورائي، ڊاڪٽر مخمور بخاري، ضراب حيدر، نثار کوکر، نور احمد جنجهي، ماڪن شاهه رضوي، خليل ڪنڀار، کاٽائو جاني، علي زاهد، الطاف ملڪاڻي، علي اڪبر راهمون، اشفاق لغاري، وجئه شرما، نسيم بخاري، واحد ڪانڌڙو، دودو چانڊيو، سهيل ابڙو، ساجد سنڌي، شوڪت چاچڙ، انقلاب ٿري، عزيز قاسماڻي، ڀڳڙو مل ناچيز، ممتاز نهڙيو، ساجد چانڊيو، اياز لطيف دايو، تولارام سوٽهڙ، سرواڻ سنڌي، فهميده شرف بلوچ، وحيد رزاق مستوئي، امر رائيسنگهه راجپوت، پرتاب شواڻي، ميان گل محمد ڪلهوڙو، فرزانه شاهين، ناصر مقصود گل، غريب گل سيتائي، خالد ٻانڀڻ، ارم درس، ليکراج راهي، سورٺ لغاري، دولت رام کتري، صوبدار قاسمي اوٺو، نديم گلاڻي ۽ علي نواز آريسر .
    ان کانسواءِ کوڙ سارن شاعرن جي منظوم ڀيٽا پڻ شامل آهي.


     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. معظم بلوچ

    معظم بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2014
    تحريرون:
    48
    ورتل پسنديدگيون:
    103
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Kashmore
    تمام بهترين ڪم ،
    صادق فقير هردلعزيز شخصيت هو آواز ۾ درد پنهنجائپ سمايل هو
    صادق فقير لائي شيخ اياز چيو هو ته منهنجي شاعري جنهن آواز جي انتظار ۾ ان کي اهو آواز ملي ويو اهو آواز صادق فقير جو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڪڏهن ڪڏهن سُٺي ڏات وارا ماڻهو سُٺي بات ۽ اخلاق وارا ماڻهو نه ڏسي ڏُک ٿيندو آهي. پر جيئن صورت ۽ سيرت جي سُٺي هُجڻ جو سنگم دل کي وڻي ٿو تيئن سُٺي ڏات واري ڀلي ماڻهو کي به جيءَ ۾ جايون ڏيڻ تي دل ڪندي آهي. صادق يقينن اُنهن ماڻهن مان هو جن نه رُڳو پنهنجي ڏات پر پنهجي بهترين ڪردار، ملنسار طبيعت ۽ سادگيءَ سبب خوب مڃتا ماڻي. اهڙن ماڻهن بابت ڪيل تعريف تي ڪو شڪ شبهو به نه ٿو رهي. اهڙن ئي ماڻهن تي لکڻ سونهي ٿو ۽ ان جي مرتب ڪرڻ جي به اشد ضرورت هوندي آهي.
    هن ڪتاب جي سهيڙيندڙ جي محنت کي سلام ۽ اوهان جي مهرباني جو هتي پڙهڻ لاءِ پيش ڪيؤ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو