ڀارتي شهري 50 رپين مان ڪروڙ جو مالڪ بڻجي ويو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Salma Naz طرفان آندل موضوعَ ‏12 مارچ 2016۔

  1. Salma Naz

    Salma Naz
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏19 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    نيوز ڪاسٽر
    [​IMG]
    ڪيرالا:ڀارتي شهري تي قسمت ان وقت مهربان ٿي پئي،جڏهن هو پنهجو گهر ڇڏي ڪيرالا مذدوري ڪرڻ آيو ۽ لاٽري جي انعامي رقم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هڪ ڪروڙ جو مالڪ بڻجي ويو،قسمت جڏهن جنهن تي مهربان ٿئي ته ڪک پتي مان ماڻهو ڪرورڙ پتي ٿيو وڃي.اولهه بنگال مان ڪيرالا مذدوري ڪرڻ لاءِ ايندڙ هڪ ڇوڪرو ڪروڙ پتي بڻجي ويو.22 سالن جو رحيما شيخ غربت مان تنگ اچي پنهنجو گهر وغيرا سڀ ڪجهه ڇڏي،ڪيرالا مذدوري ڪرڻ آيو.50 رپيا ملڻ تي معذور کان لاٽري جي ٽڪيٽ ورتي.رحيما ان وقت پريشان ٿي ويو جڏهن ٽن ڏينهن کانپوءِ 50 رپئي جي لاٽري مان هڪ ڪروڙ جو انعام نڪتو،نوجوان تڪڙوئي ويجهي ٿاڻي تي پهچي پنهنجي حفاظت لاءِ سيڪيورٽي گهري ۽ موڪلن کانپوءِ بينڪ مان پنهنجا پئسا ڪڍرايا.خوش قسمت نوجوان جو چوڻ آهي ته انهن پئسن مان پنهنجو گهر خريد ڪندس.جڏهن ته 22 سالن جو نوجوان شادي شدا ۽ هڪ 8 مهينن جي ڌيءَ جو پيءُ به آهي.


    مزيد خبرن لاءِ وزٽ ڪيو sindhi news
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 مارچ 2016
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو