سنڌواسين لاء ھڪ نئون تحفو، اجرڪ بلاگر ٽيمپليٽ

'سنڌي بلاگنگ' فورم ۾ عامر خان چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2016۔

  1. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
    اسلام عليڪم ورحمت الله وبرڪاته

    انتظار جون گھڙيون ختم ٿيون، پيش آهي اوهان جي خدمت ۾ هڪ نئون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ جنهن جو نالو آهي ”اجرڪ“.. جي ها! توهان سمجهي سگهو ٿا ته اگر مان هن ٽيمپليٽ جو نالو اجرڪ رکيو آهي ته ضرور ان ۾ ڪا اجرڪ واري خاصيت هوندي ، توهان جو اندازو بلڪل صحيح آهي هن ٽيمليٽ ۾ موجود هڪ اهڙو حصو به آهي جنهن ۾ اجرڪ جا گل لڳايا ويا آهن.. دوستو مونکي بلڪل خبر نه هئي ته مان اهڙو ٽيمپليٽ ٺاهيندس پر يقين ڪريو اڃان به مونکي يقين نه پيو اچي ته هي مان ٽيمپليٽ ٺاهيو آهي پر چوندا آهين ته اگر توهان سچي دل سان ڪو ڪم ڪرڻ جو خيال ڪيو ۽ اهو ڪم الله ۽ انجي رسول جي نالي سان شروع ڪريو ته ان ڪم ۾ الله توهان جي مدد ڪندو آهي، مون سان به اهو ئي ٿيو آهي مان الله ۽ ان جي رسول جو نالو وٺي ڪري هي ٽيپمليٽ ٺاهڻ شروع ڪيو هو ۽ ٽيمپليٽ ٺاهڻ کان پهريان مان هن ٽيمپليٽ جي ڊزائين فوٽو شاپ تي ٺاهي ۽ مان دل ۾ فيصلو ڪيو ته مونکي اهو ڪم انسانيت ۽ سنڌين جي خدمت لاءِ ڪرڻو آهي.. هي منهنجي زندگي جو پهريو بلاگر ٽيمپليٽ آهي ان کان اڳ مان ڪڏهن سوچيو به نه هيو ته مان ٽيمپليٽ ٺاهيدُس پر هاڻي انشاءالله مان اوهان جي خدمت ۾ ٻيا به بلاگ ٽيمپليٽ پيش ڪندُس ۽ آئون خاص ٿورائتو آهيان سائين عبدالرشيد جو جنهن مونکي سنڌ سلامت جا فونٽ هِن ٽيمليٽ ۾ لڳائڻ جي اجازت ڏني، سچ پُڇو ته فونٽ کانسواءِ هي ٽيمپليٽ ايئن لڳي ها جيئن بنا چارجنگ جي سمارٽ فون :D:D:D:D ۽ ٻيو نمبر مان ٿورائتو آهيان ادا عبيدالله عرف عبيد ٿهيم صاحب جو جن هي ٽيمپليٽ ٺاهڻ ۾ منهنجي هر مشڪل وقت تي رهنُمائي ڪرڻ فرمائي. جنهن جي مدد کانسواءِ شايد هي ٽيمليٽ مان رليز نه ڪريان ها.

    ٽيمپليٽ جا فيچرز :

    • هن ٽيمپليٽ کي ريسپانسِو بڻايو ويو آهي (پر ريسپانسوِ ۾ ڪجهه خاميون آهن جيڪي تمام جَلد دُرست ڪبيون، جيئن فونٽ امبيڊنگ وغيره)
    • سرچ انجن آپٽيمائيزيشن (SEO)
    • موضوعن ۽ صفحن جي عنوانن لاءِ الڳ سان ڊيٽا ويريئيبل..
    • ايڇ ٽي ايم ايل جي سادي ڪوڊنگ جيئن سرچ انجن روبوٽس بلاگ تي موجود مواد کي آساني سان پڙهي سگهن..
    • بناوٽ جي ڪوڊنگ کي ٽن ٽيگس ( H1 بلاگ ٽائيٽل لاءِ، H2 سائيڊ بار ۽ پوسٽ ٽائيٽل لاءِ جڏهن ته H3 سب هيڊنگ لاءِ) ۾ سرچ انجن روبوٽ جي گهرجن مطابق ورهايل..
    • ڪيٽگريون، تبصره، محفوظ ڪيل مواد کي سرچ ڪندڙ روبوٽس جي سيٽنگ مطابق رکيل..
    • بلاگ ۾ جيڪيوري ۽ سي.ايس.ايس سان سجيل خوبصورت سلائيڊر.
    • بلاگ جي هيڊر ۾ سوشل آئيڪان سجيل..
    انٽرفيس:
    • اجرڪ سنڌي بلاگ ٽيمپليٽ ۾ هڪ ئي وقت ٽي(3) سنڌي فونٽس (ايم بي نرگس، ايم بي لطيفي،ايم بي خورشيد) کي پڻ امبيڊ ڪري ٽيمپليٽ ۾ سجايو ويو آهي.. جنهن ڪري جيڪڏهن پڙهندڙ وٽ سنڌي فونٽ انسٽال ٿيل نه هوندا تڏهن به فونٽن جي نمائش بهتر ٿي سگهندي..
    • ٽيمپليٽ ۾ جيڪوري پروگرام تحط مينيوبار لڳايو ويو آهي ته جيئن بلاگ ڏسندڙ تصويرن کي سولائيءَ سان ڏِسي سگھن.
    • ٽيمپليٽ کي لڳ ڀڳ 98 سيڪڙو سنڌي رکيو ويو آهي ايسيتائين جو جيڪي جملا بلاگر کي ڪرڻا هوندا آهن اهي به اڳ ئي ڪري ڊيفالٽ سيٽنگ ۾ لڳايا ويا آهن.. ۽ صرف اهي جڳهيون جيڪي گوگل بلاگر پاڻ وٽ رکيون آهن کي ترجمو ناهي ڪيو ويو ..
    • هيڊر، ڪنٽينٽ ريپر، پوسٽ سيڪشن، سائيڊ بار سيڪشن کي خوبصورت وجيٽس سان سينگاريو ويو آهي.. جيئن بلاگ تي ڦرندي مزا ماڻي سگهجن..
    • بلاگ تي مواد ڳولهڻ لاءِ هيڊر ۾ سوشل آئيڪان سان گڏ سرچ آئيڪان لڳايو ويو آهي جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ سان الڳ سان سرچ باڪس کُلي پوندو.
    • هِن ٽيمپليٽ جي پريويو ۾ توهان چيٽ سسٽم ڏِسندا جيڪو مون لڳايو آهي، اگر اُهو لڳائڻ چاهيو ته ضرور ٻُڌائجو :)
    ٽيمليٽ اپلوڊ ڪرڻ جو طريقو

    1
    [​IMG]
    2
    [​IMG]
    3
    [​IMG]
    اميد ٿو ڪريان اوهان کي منهنجي ٺهيل ٽيمليٽ پسند آئي هوندي

    هن ٽيمپليٽ ۾ فونٽ جا پراڻا لنڪس استعمال ٿيل آهن اگر توهان وٽ هن ٽيمپليٽ ۾ فونٽ شو نٿا ٿين ته فونٽ فيس هيٺيون استعمال ڪروي
    ڪوڊ:
    @font-face {
    font-family: 'Conv_MBKhursheed';
    src: url('[URL]http://sindhsalamat.com/soft/fonts/MBKhursheed.eot');[/URL]
    src: local('☺'), url('[URL]http://sindhsalamat.com/soft/fonts/MBKhursheed.woff[/URL]') format('woff'), url('[URL]http://sindhsalamat.com/soft/fonts/MBKhursheed.ttf[/URL]') format('truetype'), url('[URL]http://sindhsalamat.com/soft/fonts/MBKhursheed.svg[/URL]') format('svg');
    font-weight: normal;
    font-style: normal;
    }
    @font-face {
    font-family: 'Conv_MBNargis';
    src: url('[URL]http://sindhsalamat.com/soft/fonts/MBNargis.eot');[/URL]
    src: local('☺'), url('[URL]http://sindhsalamat.com/soft/fonts/MBNargis.woff[/URL]') format('woff'), url('[URL]http://sindhsalamat.com/soft/fonts/MBNargis.ttf[/URL]') format('truetype'), url('[URL]http://sindhsalamat.com/soft/fonts/MBNargis.svg[/URL]') format('svg');
    font-weight: normal;
    font-style: normal;
    }
    @font-face {
    font-family: 'Conv_MBLateefi';
    src: url('[URL]http://sindhsalamat.com/soft/fonts/MBLateefi.eot');[/URL]
    src: local('☺'), url('[URL]http://sindhsalamat.com/soft/fonts/MBLateefi.woff[/URL]') format('woff'), url('[URL]http://sindhsalamat.com/soft/fonts/MBLateefi.ttf[/URL]') format('truetype'), url('[URL]http://sindhsalamat.com/soft/fonts/MBLateefi.svg[/URL]') format('svg');
    font-weight: normal;
    font-style: normal;
    }
     
    آخري ترميم: ‏7 آڪٽوبر 2016
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مونکي بيحد خُوشِي پَئِي ٿئي ته عامر خان اهو ٽيمپليٽ سنڌسلامت جي پليٽفارم تان رليز ڪيو آهي :)
    مبارڪون ۽ واڌايون پيارا عامر

    مون پنهنجي وَس آهر هرڪنهن جي مدد پئي ڪئي آهي، چاهي اُهو فيسبوڪ جو سنگتي هُجي يا سنڌسلامت جو، ڇوته علم ورهائڻ سان وڌندو آهي ۽ هيستائين منهنجي علم ۾ واڌارو آيو آهي ڇوته مان ڪا به ڳالھ لڪائيندو ناهيان (ها ڪجهه اهڙيون شيون به آهن جيڪي لڪائڻ ضروري سمجهان ٿو، جَن کي ٻُڌائي مان ڪنهن ٻئي جي ساکَ متاثر ڪرڻ نه چاهيندس، ڇوته اُهي شيون منهنجيون پنهنجيون ناهن)...
    وري به مبارڪ ٿو ڏيان عامر کي جنهن هي سُهڻو ٽيمپليٽ ڊزائين ڪيو، هِن ٽيمپليٽ ۾ مونکي چيٽ سسٽم ڏاڍو پسند آيو (شايد توهان اهو ٽيمپليٽ ۾ نه رکيو آهي پر اهو به ٻُڌايو ها ته ڀلو ٿئي ها..)
    اميد ته آئنده اهڙيون سوکڙيون اسان تائين پهچائيندا رهندا..
    آباد هُجو..
     
    خليق جمالي، خدابخش مشاخ ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    وعليڪم السلام ورحمت الله وبرڪاته ، سهڻي ڪوشش ادا ، بيشڪ الله پاڪ ۽ اُنجي رسول صلي الله عليه وسلم جو نانءُ وٺي جيڪا شيءِ شروع ڪجي ته ڪاميابي ۽ برڪت حاصل ٿئي ٿي ، لک قرب شال سدا سلامت هجو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
    عبدالغني لوهار صاحب اوهان جا لک قرب جو اوهان منهنجي ٽيپليٽ کي پسبد ڪيو آهي
     
  5. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
    عبيدالله ٿهيم ادا مهرباني ، ۽ هي چيٽ سيسٽم هڪ ويبسائيٽ جي مدد سان آندو اٿم جنهن جو نالو آهي ان تائين پهچڻ لاء هتي ڪلڪ ڪريو ادا اميد آهي ته اڳتي توهان پاڻ ئي سمجهي ويدا ته ڪيئن چيٽ رکڻي آهي اگر وري به اوهان کي ڪجه سمجه نه اچي ته مان هر فورم تي اوهان سان گڏ آهيان ؟ ۽ انشاءالله ان جي باري ۾ جلد ئي هڪ ويڊيو ٺاهيدُس
    هن ۾ صرف هڪ لنڪ توهان کي ڏني ويندي اُها اوهان کي بلاگ ڪوڊنگ ۾ رکڻِ آهي باقي سڀ سيٽنگ ان ويبسائيٽ مان ئي ٿيندي آهي ادا
     
  6. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا عامر خان تمام سٺي محنت ڪئي اٿو. مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو اسان جا سنڌي دوست پنهنجي ٻولي ۾ بلاگ جا ٽيمپليٽ ترجمو ڪري ۽ خوبصورت رنگن ۾ رکي رهيا آهن. اها سنڌي ڪمپيوٽنگ جي هڪ خدمت آهي. الله پاڪ سڀني دوستن کي آباد رکي. آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
    پيارا ڀاء اوهان جا لک قرب ۽ مونکان جيترو ٿي سگهيو مان پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندُس انشاءالله
     
  8. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
    سنڌ سلامت ٽيم ميمبرن ک گذارش آهي ته منهنجي موضوم ۾ موجود فائيل اٽيچمينٽ ختم ڪيو وڃي ڇو ته اها فائيل پراڻي آهي انکانپو ان فائيل ۾ مان ترميم ڪري نئي فائيل اپلوڊ ڪري چڪيو آهيان مهرباني
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پيارا توهان جي ٽيمپليٽ کي نئين لنڪ تي آيل ٽيمپليٽ سان ريپليس ڪيو ويو آهي.. جيئن ته هي انتهائي اهم موضوع آهي.. ۽ توهان جي انتهائي محنت سان جڙيل ٽيمپليٽ بابت آهي ان ڪري ٻنهي لنڪس کي لائيو رکڻ جي صلاح ڏجي ٿي... ته جيئن دوستن جنهن به طرح چاهين سولائي سان ڊائونلوڊ ڪري سگهن... وڌيڪ توهان کي اهو حق هر وقت حاصل آهي .. جڏهن چاهيو ختم ڪرائي سگهو ٿا.. :)
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
    ادا سائين توهان جي مهرباني
     
  11. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
    پيارا دوستو مان هن ٽيمپليٽ ۾ 2 نيون اپڊيٽس شامل ڪيون آهن
    1. ڪمينٽ باڪس ۾ اجرڪ جو پيٽرن ۽ فيسبڪ ڪميٽ باڪس نئين لنڪ تبديل ڪري ڇڏي آهي مهرباني

    [​IMG]
     
  12. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هيڊر ۾ ڏنل تصوير جي سائيز ڪيتري آهي ۽ چيٽ باڪس جي ڊيڪوريشن ڪهڙي ريت ڪئي اٿوَ
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
    ادا ان باڪس ۾ اچو
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    منهنجي بلاگ تي فونٽس جو مسئلو ٿو اچي.....
    ڪير دوست رهنمائي ڪري
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  15. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڪھڙو مسئلو ٿو اچي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو