ويسٽ انڊيز جي عورت ۽ مرد ٽيمن ٽي 20 عالمي ڪپ جا فائنل کٽي ورتا

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪالهه ڀارتي شهر ڪولڪتا ۾ ويسٽ انڊيز جي عورت ۽ مرد ٽيمن ٽي 20 عالمي ڪپ جا فائنل کٽي ورتا. ڪاري آنڌاري گورن کي سور ڏئي روئاري ڇڏيو. ميچون کٽڻ کانپوءِ سندن جشن به شاندار رهيو ... ڊانس ڪندا رهيا.

    ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي فائنل ۾ ۾ انگلينڊ کي چئن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ورلڊ چيمپئن بڻجي وئي آهي. ڀارتي شهر ڪولڪتي ايڊن گارڊن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي 155 رنسون ٺاهيون، ويسٽ انڊيز جي ٽيم آخري اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو. ويسٽ انڊيز جي بريٿ ويٽ آخري اوور جي چئن بالن تي چار ڇڪا هڻي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
    ٽاس ويسٽ انڊيز جي ڪپتان ڊيرن سمي کٽيو ۽ پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. انگلينڊ جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 155 رنسون ٺاهيون. انگلينڊ جي بيٽنگ جي شروعات سٺي نه هئي. انگلينڊ جو پهريون بيٽسمين ٻڙيءَ تي آئوٽ ٿيو. انگلينڊ پاران رُوٽ سڀ کان وڌيڪ 54 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته بٽلر 36، ويلي 21 رنسن سان نمايان رهيا. ويسٽ انڊيز جي بالرن ۾ ڊين براوو ۽ بريٿ وايٽ 3_3 وڪيٽون ورتيون. جڏهن ته بيدري 2، اينڊريو رسل 1 وڪيٽ ورتي.
    انگلينڊ جيان ويسٽ انڊيز جي شروعات به خراب ٿي، ويسٽ انڊيز جي پهرين وڪيٽ صرف هڪ رنس تي ڪري پئي 11رنسن تي ويسٽ انڊيز جون 2 وڪيٽون ڪري چڪيون هيون ڪرس گيل ۽ هيلس آئوٽ ٿيا. ڪرس گيل 4 رنسون ٺاهيون، چارلس هڪ، سائمنس ٻڙي تي آئوٽ ٿيو. بعد ۾ براوو ۽ سيموئلز ٽيم کي سنڀالي ورتو. ڊين براوو 25 رنسون ٺاهيون، ان کانپوءِ آندري رسل به 1 رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو ۽ ڪپتان ڊيرن سمي 2 رنسون ٺاهيون. ويسٽ انڊيز جي بيٽنگ هلندي لاها چاڙها ايندا رهيا. آخري اوور ۾ ويسٽ انڊيز کي 19 رنسون کپنديون هيون ۽ لڳي رهيو هو ته ويسٽ انڊيز هي فائنل ميچ هارائي ويندو پر بريٿ ويٽ آخري اوور جي شروعاتي چئن بالن تي چار ڇڪا هڻي انگلينڊ جي بالر اسٽوڪس کي رت جا ڳوڙها روئائي ڇڏيا. بريٿ 10 بالن تي 34 رنسون ٺاهيون. ويسٽ انڊيز جي سيموئلز شاندار بيٽنگ ڪئي. جنهن 85 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو. انگلينڊ پاران ويلي 3 وڪيٽون ورتيون، روٽ 2 ۽ راشد هڪ وڪيٽ ورتي.
    وومين ورلڊ ٽي ٽوئنٽي جي فائنل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم مسلسل 3 ڀيرا چيمپيئن رهندڙ آسٽريليا کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ پنهنجي نالي ڪري ورتو. ڪلڪتي جي ايڊن گارڊنز گرائونڊ تي کيڏي ويندڙ ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 148 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ڪپتان ميگ ليننگ 52، اليز ولاني 52 ۽ اليز پيري 28 رنسون ٺاهي نمايان رهيون. اليسا هيلي 4 ۽ ايرن اسبورن ڪا به رنس نه ٺاهي سگهي، جڏهن ته ايليڪس بليڪ ويل 3 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي. ويسٽ انڊيز طرفان ديندرا ڊوٽن 2، هيلي ميٿيوز ۽ انيسا محمد هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ويسٽ انڊيز وومين جي اوپنرن بهترين بيٽنگ ڪندي آسٽريلين ٽيم جي بالرن جا پگهر ڪڍي ڇڏيا ۽ پهرين وڪيٽ تي 120 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي. ويسٽ انڊيز طرفان هيلي ميٿيوز 66 ۽ اسٽيفني ٽيلر 59 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيون، جنهن کانپوءِ ڊوٽن 18 ۽ ڪوپر 3 رنسون ٺاهي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ۽ ٻئي ڪريز تي موجود رهيون. ويسٽ انڊيز جي رانديگرياڻين گهربل ٽارگيٽ آخري اوور جي ٽئين بال تي 2 وڪيٽون وڃائي حاصل ڪري ورتو ۽ 8 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. آسٽريليا طرفان فيرل ۽ بيمس هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي. بهترين ڪارڪردگي پيش ڪرڻ تي ويسٽ انڊيز جي اوپنر هيلي ميٿيوز کي ميچ جي بهترين رانديگرياڻي قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ميگا ايونٽ جي بهترين رانديگرياڻي پڻ ويسٽ انڊيز جي اسٽيفني ٽيلر کي قرار ڏنو ويو. ويسٽ انڊيز وومين ٽيم آسٽريليا کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پنهنجي نالي ڪيو، جڏهن ته آسٽريليا جي ٽيم لڳاتار 3 ڀيرا ورلڊ ڪپ کٽيو هو ۽ چوٿون ڀيرو فائنل ۾ پهتي پر ٽائيٽل پنهنجي نالي نه ڪري سگهي.جڏهن ته مارلن سيموئلز کي شاندار بيٽنگ ڪرڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ڀارت جي ويرات ڪوهلي کي مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو. ويرات ڪوهلي جو ايوارڊ سوراو گنگولي وصول ڪيو. وننگ ٽرافي وصول ڪرڻ وقت ويسٽ انڊيز جي ڪتپان ڊيرن سمي سڄي ٽيم کي ڪاميابي جو ڪريڊٽ ڏنو. هن چيو ته ٽيم جي هر رانديگر ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سڀني صرف ملڪ لاءِ کيڏيو. هن چيو ته سموري ٽيم ۽ مينيجمينٽ جو ٿورائتو آهيان جن سپورٽ ڪئي. ڊيرن سيمي چيو ته سڀئي ڄاڻين ٿا ته ويسٽ انڊينز چيمپئنز آهن. واضح رهي ته ويسٽ انڊيز ٻيو ڀيرو ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪپ کٽي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڪپ کٽڻ جو اعزاز ماڻي ورتو. ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي تاريخ ۾ پهريون ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڀارت کٽيو. ٻيو ڪپ پاڪستان يونس خان جي ڪپتاني ۾ کٽيو. ٽيون ورلڊ ڪپ انگلينڊ، چوٿون ويسٽ انڊيز، پنجون سري لنڪا ۽ هاڻي ڇهون ورلڊ ڪپ ويسٽ انڊيز کٽيو آهي. هوڏانهن ايونٽ کان اڳ ئي ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي ڪپتان مارڪ نڪولس ٽيم تي تنقيد ڪندي بي وقوف هجڻ جو طعنو ڏنو هو. انهي حوالي سان موجوده ڪپتان ڊيرن سيمي چيو ته ايونٽ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي طعنو ملڻ تي ٽيم متحد ٿي ڪاميابي حاصل ڪئي.

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪپ کٽڻ کانپوءِ خوشيون ملهائيندي هيءَ تصوير به سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي وئي

    A kiss of Champion

    [​IMG]
     
    1 person likes this.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )

هن صفحي کي مشهور ڪريو