مادري ٻولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ مجيب سنڌي ڪورائي طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2016۔

  1. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    [​IMG]

    مادري ٻولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.

    مجيب سنڌي

    دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ پنهنجي قومي ٻولين کي اهميت ڏني ويندي آهي، پر پاڪستان ۾ پاڪستاني حڪومت توڙي حڪومتي ادارا پاڪستان جي چئني صوبن جي مادري ٻولين، قومي ٻولين کي اهميت نه ڏيندي مادري ٻولي، قومي ٻولين کي دفنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سنڌ، بلوچستان، پنجاب توڙي خيبرپختونخواهه صوبن جي اديبن ۽ ساڃاهه وندن پاران ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن کان جدوجهد هلي رهي آهي، پر پاڪستاني حڪومت ملڪ جي چئني صوبن جي قومي ٻولين واري مطالبي طرف ڌيان نه ڏئي رهي آهي، دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ تعليمي نصاب اتان جي قومي ٻولين ۾ پڙهايو وڃي ٿو، پر پاڪستان اهڙو ملڪ آهي جتي چئني صوبن ۾ اسڪولن، ڪاليجن توڙي يونيورسٽين ۾ شاگردن کي ڌاريون ٻوليون پڙهڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، انگريزي توڙي اردو ٻوليون هتان جي شاگردن جون قومي ٻوليون نه آهن ۽ پاڪستان ۾ انهن ئي ٻولين طرف وڌيڪ ڌيان ڏيندي اڻ سڌريل ملڪن جي لسٽ ۾ پاڻ کي هٿ وٺي شامل ڪيو پيو وڃي، پاڪستان جي چئني صوبن ۾ سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۾ ڌاريون ٻوليون وڏي فخر سان استعمال ڪيون پيون وڃن، پر ياد رکڻ گهرجي ته دنيا جي جن به ملڪن ترقي ڪئي آهي انهن پنهنجين قومي ٻولين کي اهميت ڏيندي قومي ٻولي کي ئي عام ڪيو آهي، اتان جي تعليم توڙي هر قسم جي ڪاروهنوار ۾ اتان جي قومي ٻولي ئي استعمال ڪئي ويندي آهي.
    سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي حوالي سان سنڌ اندر ايشيا توڙي سنڌ جي اديبن جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت پاران جاڳرتا مهم ۽ سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ احتجاج پڻ ڪيو پيو وڃي، هر سال قومي ٻولين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌي ادبي سنگت پاران سڄي سنڌ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون آهن ۽ اهو مطالبو ڪيو ويندو آهي ته سنڌ جي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل پاران شروع ڪيل ان عملي جدوجهد جي ڪري ڪجهه عرصو اڳ سنڌ جي تعليم کاتي واري وزير نثار احمد کهڙي پاران سنڌ جي سرڪاري توڙي پرائيوٽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي لازمي پڙهائڻ جي تنبيهه ڪئي هئي، پر تعليم کاتي جي وزير نثار کهڙي جو اهو حڪم تعليم کاتي خاص ڪري پرائيوٽ اسڪول وارن ٺڪرائي ڇڏيو ۽ پرائيوٽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي نه پڙهائڻ جي روايت برقرار رکي آهي، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ اڪثر پرائيوٽ اسڪولن ۾ اڄ به سنڌي ٻولي کي اهميت نه پئي ڏني وڃي، جڏهن ته صرف نالي ماتر ڪجهه اسڪولن ۾ 3 درجي کان پوءِ هڪ اڌ ڪتاب نصاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي، پر هن وقت به سنڌ ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا اهڙا آهن جتي تعليمي نصاب ۾ سنڌي جو هڪ به ڪتاب شامل نه آهي، جنهن جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته سنڌي ماڻهن جا مستقبل جا معمار مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ باوجود پنهنجي مادري ٻولي کي لکي پڙهي نٿا سگهن، ڪيڏي افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو سنڌ جي سنڌي شاگردن کي پنهنجي مادري ٻولي لکڻ ۽ پڙهڻ نٿي اچي، سنڌ جي ٻارن کان پنهنجي مادري ٻولي، قومي ٻولي، سنڌي ٻولي آخر ڇو پئي کسي وڃي؟
    سنڌ صدين کان تعليم جي حوالي سان مالا مال رهي آهي، سنڌ جا ماڻهو پڙهيل لکيل ۽ ترقي يافته رهيا آهن، سنڌي ماڻهو تعليم جي حوالي سان هميشه سلجهل قومن ۾ شمار ٿيندا رهيا آهن، سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن جو انگ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن سان ڀيٽي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته سنڌي ماڻهو تعليم جي حوالي سان انهن ترقي يافته قومن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهن، پاڪستان توڙي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سنڌي ماڻهن کي وڌيڪ تعليم يافته ڏٺو ويو آهي ۽ سنڌ جي سنڌي ٻولي سدائين پنهنجي اوج تي رهي آهي پر ڪجهه وقت کان سنڌي ٻولي کي پاڪستان توڙي سنڌ جا حڪمران نظر انداز ڪري رهيا آهن ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ کي ملڪ جي ادارن ۾ پڻ گهٽ اهميت ڏني پئي وڃي، جنهن سبب سنڌ جا ماڻهو ڳڻتي ۾ مبتلا آهن.
    اسان جا سنڌي حڪمران توڙي قومپرست اڳواڻ خاموش تماشائي ٿي تماشو ڏسي رهيا آهن، بنيادي تعليم پنهنجي مادري ٻولي، قومي ٻولي، سنڌي ٻولي ۾ حاصل ڪرڻ سنڌ جي هر ٻار جو حق آهي، وقت جي حڪمرانن کي گهرجي ته سنڌ صوبي ۾ صوبي جي مادري ٻولي، کي قومي ٻولي جو درجو ڏيندي سنڌ جي تعليم واري کاتي سميت هر اداري ۾ سنڌي ٻولي جي استعمال کي لازمي قرار ڏنو وڃي، اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين سميت سمورين درسگاهن ۾ سنڌي ٻولي کي اهميت ڏيندي نئون نصاب آندو وڃي ته جيئن سنڌ به دنيا جي سڌريل ملڪن جي قطار ۾ اوچي ڳاٽ سان نظر اچي.
    Mk.sindhi123@gmail.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وقت جي حڪمرانن کي گهرجي ته سنڌ صوبي ۾ صوبي جي مادري ٻولي، کي قومي ٻولي جو درجو ڏيندي سنڌ جي تعليم واري کاتي سميت هر اداري ۾ سنڌي ٻولي جي استعمال کي لازمي قرار ڏنو وڃي، اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين سميت سمورين درسگاهن ۾ سنڌي ٻولي کي اهميت ڏيندي نئون نصاب آندو وڃي ته جيئن سنڌ به دنيا جي سڌريل ملڪن جي قطار ۾ اوچي ڳاٽ سان نظر اچي.

    اهم ڳالهه ... ڪاش حڪمران سمجهي سگهن ....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    محمد سليمان وساڻ سائين اوهانجي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو