گرمين جي موڪلن ۾ ٻارن کي هوم ورڪ ڪهڙو ڏجي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2016۔

?

اوهان جي ٻارن کي گرمين جي موڪلن ۾ ڪهڙو هوم ورڪ ملندو آهي؟

  1. لکڻ ۽ ياد ڪرڻ جو هوم ورڪ

    66.7%
  2. راند روند ذريعي سکڻ جو هوم ورڪ

    33.3%
  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    [​IMG]
    2010ع ۾ آمريڪي رسالي ٽائيم ۾ اونهاري جي موڪلن خلاف مقدمو (The Case Against Summer Vacation) جي عنوان سان هڪ مضمون ڇپيو هو جنهن ۾ ليکڪ ڊيوڊ ڊريلي موقف رکيو ته گرمين جون موڪلون آزادي ۽ ڇڙواڳي جي علامت آهن جيڪي ٻارن جي مسلسل چار هفتن جي پڙهائي جي وهنوار ۾ خلل وجهنديون آهن، جنهن جي ڪري پوري دنيا جا ٻار ان مان متاثر ٿيندا آهن جڏهن ته موڪلن ۾ گهمڻ ڦرڻ جي پهچ به گهڻن ماڻهن ۾ ناهي هوندي ان لاءِ گرمين جون موڪلون ٻارن جي پڙهائي ۾ خلل وجهڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهن، سو گرمين جي موڪلن جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي!! دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ جيڪر ان لکڻيءَ خلاف ٻارن جي عدالت ۾ ڪيس هلايو وڃي ته شايد ٻار ان ليکڪ کي سخت کان سخت سزا ڏيندي دير نه ڪن، ڇوته موڪلون دنيا جي هر ٻار کي پسند آهن ۽ دنيا جي تقريبن سمورن ملڪن ۾ ڇهه کان نوَ هفتا اونهاري جون موڪلون ٿينديون آهن، پاڪستان ۾ هرسال جون ۽ جولائي جا ٻه مهينا اسڪولن ۾ اونهاري جي موڪل هوندي آهي، اونهاري جي موڪل جو مقصد ٻارن کي آرام ڏيڻ ۽ نوَ ڏهه مهينا مسلسل پڙهائي سبب پيدا ٿيندڙ دٻاءُ جا اثر گهٽائڻ سان گڏ ٻارن کي بهتر نشونماءَ لاءِ راند روند ۽ تفريح جا موقعا فراهم ڪرڻ هوندو آهي.اونهاري جي موڪلن ۾ ٻارن جي حوالي سان خصوصي پروگرام جوڙيا ويندا آهن مائٽ پنهنجي ٻارن کي گهمائڻ لاءِ مختلف ماڳن تي وٺي ويندا آهن، جڏهن ته ڪجهه ٻار موڪلون گذارڻ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن جو رُخ ڪندا آهن موڪلن جي انهن يادگار لمحن جي ڪري سموري دنيا جا ٻار اونهاري جي موڪلن جو شدت سان انتظار ڪندا آهن.

    اونهاري جي موڪلن ۾ هر اسڪول پاران ٻارن کي هوم ورڪيعني گهر جو ڪم ڏنو ويندو آهي.ٻارن جي نفسيات ۽ پرورش تي جڳ مشهور ليکڪ ڊاڪٽر اسپوڪس جي لکيل ڪتاب بي بي اينڊ چائلڊ ڪيئر موجب شايد ڪجهه مائٽن کي اسڪول ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پڙهائي کان پوءِ به استادن پاران ٻارن کي هوم ورڪ ڏيڻ تي اعتراض هجي پر مائٽن کي هوم ورڪ استادن جي نگاهه سان ڏسڻ گهرجي، هوم ورڪ ذريعي ٻار محنت جي قدر ڄاڻي سگهندا آهن ۽ مائٽن کي وري پنهنجي ٻارن جي پڙهائي جي باري ۾ بهتر ڄاڻ ملندي آهي. ڊاڪٽر اسپوڪس موجب استاد ٽن مختلف سببن جي ڪري هوم ورڪ ڏيندا آهن، هڪ ته ٻار اسڪول ۾ سکيل سبق کي ورجائي سگهن ٻيو ته ٻار اڳئين ڏينهن جي لاءِ تيار ٿي سگهندا آهن ۽ ٻارن کي ڏکين موضوعن يا وقت طلب سبقن تي ڌيان ڏيڻ جو وڌيڪ وقت ملندو آهي جڏهن ته ٽيو ۽ سڀني کان اهم سبب اهو آهي ته ٻار اسڪول کان ٻاهر ڪم ڪرڻ جا عادي بڻجن ۽ پنهنجي زندگيءَ کي منظم ڪري سگهن. پوري دنيا ۾ ٻارن کي هوم ورڪ ڏيڻ، ان جي معيار ۽ فائدن توڙي نقصانن تي بحث ڪيو ويندو آهي پر هوم ورڪ جي حوالي سان سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته هوم ورڪ ٻارن جي تعليم ۾ بهتري آڻي ٿو پر گڏوگڏ روايتي هوم ورڪ خلاف هر ڪو سندرا ٻڌي بيٺل نظر ايندو آهي، اسان جي تعليمي نظام ۾ ٻارن جي جائزي وٺڻ جا ماپا ۽ معيار انتهائي محدود آهن جن ۾ گهڻو ڪري ٻارن جي رٽيل جوابن تي ئي نمبر ۽ شاباس ڏني ويندي آهي، جنهن جي ڪري ٻار جي ذهني اوسر انتهائي گهُٽيل ماحول ۾ ٿيندي آهي ۽ ٻار جي لڪيل صلاحيتن کي نه ته نروار ڪيو ويندو آهي نه ئي ان جي ضرورت محسوس ڪئي ويندي آهي، اونهاري جي موڪلن ۾ اسان وٽ سرڪاري اسڪولن توڙي خانگي اسڪولن ۾ استادن جي اڪثريت روايتي هوم ورڪ ڏيئي پنهنجو فرض پورو ڪندي نظر ايندي آهي. مارچ ۽ اپريل ۾ امتحانن کان پوءِ ڪجهه استاد اهو سوچي ڪورس شروع ئي ناهن ڪندا ته موڪلن ۾ ٻارن کي پڙهايل سبق وسري ويندا آهن اهڙا استاد موڪلن ۾ ٻارن کي نالي ماتر هوم ورڪ ڏيئي موڪلن کان پوءِ پڙهائي شروع ڪندا آهن يعني اهڙن استادن وٽ پڙهندڙ ٻارن جون موڪلون ڪنهن به تعليمي مقصد جي لاءِ استعمال ناهن ٿينديون جڏهن ته ڪجهه استاد وري امتحانن کان پوءِ وقت سر ڪورس مڪمل ڪرائڻ جي چڪر ۾ ڪافي سارا سبق ۽ باب لکرائي ۽ ياد ڪرائي ڇڏيندا آهن جڏهن ته موڪلن ۾ انهن سبقن ۽ بابن جي ”رٽائي“ ۽ لکائي جو هوم ورڪ ڏنو ويندو آهي موڪلن کان پوءِ انهن سبقن کي مڪمل سمجهندا استاد اڳتي پڙهائڻ شروع ڪندو آهي ان صورت ۾ ٻار کي سبق ته مڪمل ياد هوندو آهي ته سبق جي هڪ لائين به سمجهي ناهي سگهندو.ڪجهه استاد وري ٻارن کي پڙهايل سبق ڪافي ڀير لکي اچڻ جو هوم ورڪ ڏيئي پنهنجي طرفان مطمئن هوندا آهن ته ٻار موڪلن ۾ به ڪتابن سان جڙيل رهندا ۽ موڪلن ۾ انهن جي تعليم متاثر نه ٿيندي. اهي سمورا ۽ اهڙي نوعيت جا ٻيا طريقا هوم ورڪ جا روايتي طريقا آهن جن ۾ ڪنهن به ٻار جي دلچسپي ناهي هوندي ۽ انهن جو ٻارن کي ڪوبه فائدو به ناهي ٿيندو، اڪثر ٻار اهڙو جبري هوم ورڪ ڪرڻ جي حق ۾ ناهن هوندا پر انهن جا مائٽ پنهنجي ٻار جي ”بهتر مستقل“ کي نگاهه ۾ رکندي انهن مٿان سختي ڪري انهن جي سموري خوشي تي راتاهو هڻندي موڪلن ۾ انهن جو اهڙو سخت ٽائيم ٽيبل ترتيب ڏيندا آهن جو ٻارن جي موڪلن واري سموري خوشي غرق ٿي ويندي آهي، اڪثر طور تي اسان وٽ موڪلن ۾ ٻارن جي پڙهائي متاثر ٿيڻ جي ڊپ کان انهن کي مختلف ٽيوشن سينٽرن ۾ داخل ڪرايو ويندو آهي يا وري انهن کي گهرن ۾ ئي سخت قسم جو ٽائيم ٽيبل ترتيب ڏيئي ٻارن کي هوم ورڪ ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، انهن ٻارن مان گهڻا ٻار ته هوم ورڪ بابت مائٽن سان ڪوڙ هڻندي به دير ناهن ڪندا جيئن موڪلن کان پوءِ اڪثر اسڪولن ۾ ٻارن کي هوم ورڪ نه ڪري اچڻ جي ڪري سزا ڏيڻ جو سلسلو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، هوم ورڪ نه ڪرڻ يا خراب ڪرڻ جي ڊپ ۾ ٻار جيئن ئي موڪلون ختم ٿيڻ جو وقت ويجهو ايندو آهي ته مايوسيءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ انهن ۾ جوش ۽ ولولي بجاءِ خوف ۽ دهشت نظر ايندي آهي. موڪلن ۾ ملندڙ هوم ورڪ ۾ ٻارن جي دلچسپي نه هجڻ جي ڪري هڪڙا ٻار انهيءَ کي ڪرڻ ضروري ناهن سمجهندا ۽ ٻيا ٻار مائٽن جي دٻاءُ جي ڪري صرف پڙهائي جا ٿي رهجي ويندا آهن ۽ انهن کي دنيا جو ڪوبه تجربو حاصل نٿو ٿئي نه ئي اُهي ڪا شيءِ ڏسن يا سکن ٿا، جنهن سان موڪلن جو اصل مقصد ختم ٿي ويندو آهي.

    جيئن ته اونهاري جون موڪلون بنيادي طرح سان ٻارن کي آرام ڏيڻ ۽ انهن ۾ اعتماد جي بحاليءَ سميت انهن ۾ تخليقي صلاحيتن جي بيداري لاءِ هونديون آهن، استاد توڙي والدين پنهنجي روايتي طريقن ۾ ٿوري تبديلي سان ٻارن جي موڪلن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن جا استاد پنهنجي سالن جي تجربي مان اهو ته سمجهي ويا هوندا ته ٻار ڪنهن به صورت ۾ روايتي ۽ اضافي هوم ورڪ کي پسند ناهن ڪندا. اهڙين حالتن ۾ هوم ورڪ ڏيڻ ٻارن کي جبري پورهيو وٺڻ يا انهن کي سزا ڏيڻ جو بهانو تلاش ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪابه حيثيت نٿو رکي. اهڙي حالت ۾ استادن کي پنهنجي هوم ورڪ ڏيڻ جي انداز کي بدلائڻ گهرجي ۽ ٻارن کي سندن پسند وٽان هوم ورڪ ڏيڻ گهرجي ته جيئن ٻار ان هوم ورڪ ۾ دلچسپي وٺي ان هوم ورڪ کي راند سمجهي ڪن ۽ ان مان مطلوبه لاڀ به حاصل ٿي سگهي، مختلف ملڪن ۾ هوم ورڪ ڏيڻ جا ڪيئي طريقا اختيار ڪيا ويندا آهن. پر اسان وٽ گهڻو ڪري روايتي هوم ورڪ يعني لکڻ ۽ ياد ڪرڻ جو گهڻو ڪم ڏنو ويندو آهي، جڏهن ته موڪلن ۾ ٻارن کي جيڪڏهن ياد ڪرڻ ۽ لکڻ کان وڌيڪ سمجهڻ ۽ سوچڻ جو ڪم ڏنو وڃي تهجيڪر انهن ٻارن ۾ بهترين صلاحيتون نروار ٿي پونديون، هوم ورڪ قطعي اهڙو نه هجڻ گهرجي جنهن سان موڪلن ۾ ٻارن کي بوريت ۽ بيزاري محسوس ٿئي ۽ نه ئي هوم ورڪ اهڙو هجي جنهن سان ٻارن جي موڪلن جي باري ۾ ڪيل رٿابندي متاثر ٿئي، پر اها استاد جي خوبي چئبي جو هو اهڙو هوم ورڪ ڏي جنهن سان ٻار جي دلچسپي ۽ ولولي ۾ اضافو ٿيئي ۽ کيس هوم ورڪ ڪم نه پر راند محسوس ٿيئي جڏهن ته استاد جو ٻار کي سيکارڻ ۽ سمجهائڻ وارو مقصد به پورو ٿي سگهي، ڪافي اهڙا استاد آهن جيڪي روايتي هوم ورڪ بجاءِ اهڙو هوم ورڪ ڏيندا آهن جنهن ۾ ٻارن جي هوم ورڪ ۾ دلچسپي به نظر ايندي آهي ۽ ٻارن جي ڄاڻ ۾ به اضافو ٿيندو آهي، جيئن هڪڙا اهڙا به اسڪول آهن جن ۾ ٻارن کي موڪلن ۾ مختلف اينميشن فلمون ڏسڻ جو هوم ورڪ ڏيئي ان فلم جي ڪردارن بابت پنهنجا تاثرات يا پڇيل سوالن جا جواب لکي اچڻ جو چيو ويندو آهي، ڪافي سارا اسڪول اهڙا به آهن جيڪي ٻارن کي ڪتابن جا سبق رٽي اچڻ ۽ لکي اچڻ جو چوڻ بدران موڪلن ۾ جيڪي ماڳ يا ڳوٺ گهميا هوندا آهن انهن بابت مضمون لکي اچڻ جو چوندا آهن، يا وري علائقي ۾ موجود ڪنهن تاريخي ماڳ جو سير ڪري ان بابت مضمون لکڻ جو هوم ورڪ ڏنو ويندو آهي اهڙو هوم ورڪ ڏيڻ سان ٻارن ۾ هڪ ته جبري هوم ورڪ وارو تاثر نه ايندو ۽ انهن جي مشاهدو ڪرڻ ۽ تخليقي صلاحيتون پيدا ٿينديون آهن. جڏهن ته ڪورس جي ڪتابن مان جملا تلاش ڪري اچڻ، لفظ ڏيئي ان لفظ سان جملا تلاش ڪرڻ، جملا پورا ڪرڻ، لفظ ملائڻ، ملڪن، شهرن، ماڳن، شخصيتن، جانورن يا پکين وغيره جا نالا تلاش ڪرڻ، ڪتاب مان ئي صحيح غلط بيان تلاش ڪرڻ جهڙين راندين جهڙو هوم ورڪ ڏيڻ سان ٻار راند راند ۾ سمورا ڪتاب پڙهي به وٺندا آهن ۽ انهن کي محسوس به ناهي ٿيندو ته انهن ڪيترا سبق يا باب پڙهي ورتا آهن. ٻي پاسي انگريزي جي هوم ورڪ ۾ پڻ ڪتاب مان انگريزي الفابيٽ جا مختلف اکر ڏيئي انهن اکرن سان شروع ٿيندڙ لفظن جو مخصوس تعداد معني سميت لکي اچڻ جهڙا مقابلا ڪرائڻ جو هوم ورڪ ڏيڻ، انگريزي جا لفظ ڏيئي انهن مان جملا ٺاهڻ، ڪتاب ۾ موجود مختلف ڪردارن مان پنهنجي پسند جي ڪردار بابت ڪجهه جملا لکڻ، ڪتاب مان مزاحيه يا وڻندڙ جملن جي معني لکڻ يا ڪتاب ۾ موجود پوئيم (بيت) سُر سان ياد ڪري اچڻ جهڙا مقابلا ڪرائڻ جهڙا هوم ورڪ ڏيڻ ٻارن جي لاءِ اتساهيندڙ ۽ معلومات ۾ اضافو ڪندڙ ثابت ٿيندا آهن، سائنس ۾ ڊگها ڊگها مضمون لکڻ ۽ ياد ڪرڻ بجاءِ ڪو پروجيڪٽ ڏيڻ شايد ٻارن لاءِ رٽڻ کان وڌيڪ لاڀائتو ثابت ٿيندو ٻيو نه ته صرف گهر ۾ هڪ ٻوٽو پوکي ان بابت مشاهدات لکي اچڻ جو چئجي ته نه فقط سائنس جو هڪ وڏو باب ٻار سمجهي ويندا پر ٻار ۾ ٻوٽا پوکڻ جي عادت پڻ پئجي سگهي ٿي، ٻارن کي مختصر آئيڊيا ڏيئي انهن کان مفت ۽ بنهه ٿوري پئسن جا سائنسي پراجيڪٽ پڻ ٺهرائي سگهجن ٿا جن سان ٻار رٽڻ بجاءِ شين کي سمجهندا. اهڙي طرح استاد سماجي اڀياس، اسلاميات، اردو ۽ ٻين سبجيڪٽن جا پڻ هوم ورڪ ڏيئي سگهن ٿا جن سان ٻار هوم ورڪ ۾ دلچسپي پڻ وٺندا آهن ۽ انهن جي ڄاڻ ۾ به اضافو ٿيندو جڏهن ته انهن جي دلچسپي جي ڪري انهن کي هوم ورڪ پنهنجي موڪلن جو وڃاڻ نه لڳندو، ماهرن جو به خيال آهي ته روايتي هوم ورڪ ڏيڻ بجاءِ ٻارن کي اتساهيندڙ ۽ تخليقي ڪم تي مبني هوم ورڪ ڏيڻ سان ٻارن ۾ اعتماد جي بحالي سميت انهن جي بهتر نشونما پڻ ٿيندي آهي، روايتي هوم ورڪ وٺندڙ ٻارن جي والدين کي به گهرجي ته ٻارن تي سختي ڪري هوم ورڪ ڪرائڻ بجاءِ انهن لاءِ اهڙو ٽائيم ٽيبل جوڙين جنهن سان ٻارن کي راند روند ۽ چرپر ڪرڻ سميت ڪيڏانهن گهمڻ ڦرڻ جو پڻ موقعو ملي جيڪو نه صرف انهن جي جسماني توڙي ذهني تندرستي لاءِ بهتر آهي پر انهن ۾ اعتماد جي بحالي، سکڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيتن ۾ اضافو پڻ ڪري ٿو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اوهان جو آرٽيڪل جن به پڙهيو هوندو انهن کي اڄ اوچتي اعلانيل موڪلن لاءِ هوم ورڪ ڏيڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو