پاڪستاني

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Shabir Ahmed Qureshi طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2016۔

  1. Shabir Ahmed Qureshi

    Shabir Ahmed Qureshi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [​IMG]


    هڪ همراه فوت ٿيو .سڌي سيٽ دوزخ جي بوڪ ٿيس.اتي پهچڻ کان پوء معلوم ٿيس ته دنيا ۾ هر ملڪ جي بدڪارن لاء الڳ جهنمي ٽڪرو الاٽ ٿيل آهي . هاڻي جهنمي جي مرضي جتي رهي.. هي دنيا ۾ سياست دان هئو.سامهون دروازي تي لکيل هئو جرمني .اتي پهچي حسب عادت داروغي کان سزا جو شيڊيول معلوم ڪيائين .خبر پيس ته هتي ٻه ڪلاڪ اليڪٽرڪ چيئر تي ويهارين ، ٻه ڪلاڪ ڪوڪن لڳل پلنگ تي سمهارين .باقي وقت جرمن شيطان ڪوڙا هٿ ۾کنيو ڏوهارين کي ڪٽيندو آھي. همراه کي شيڊيول پسند نه آيو چڪر لڳائيندو معلومات حاصل ڪندو آيو هر ملڪ جي دوزخ جو لڳ ڀڳ اهو شيڊيول هئو. کيس پاڪستاني جهنم جي دروازي تي وڏي رش نظر آئي. داروغي کان شيڊيول معلوم ڪيائين ته اهو به ساڳيو …………… ٻه ڪلاڪ اليڪٽرڪ چيئر ، ٻه ڪلاڪ ڪوڪن وارو پلنگ باقي وقت ڪوڙا.………………………
    همراه حيران ته پوء ايڏي رش ڇو؟
    مزيد معلومات مان خبر پيس ته هي جهنم پاڪستاني بدروحن جي حوالي آهي .سو بدانتظامي عروج تي آهي .اليڪٽرڪ چيئر هٿ سان خراب ڪئي اٿن ڪم ڪونه ٿي ڪري. جينئن سرڪاري اسپتالن جون ايڪسري مشينون ڪم نه ڪنديون آهن.
    لوهي پلنگ جا ڪوڪا چورائي جهنمي ڪٻاڙين کي وڪرو ڪيا اٿن. ڪوڙا هڻڻ وارو بدروح هڪ پاڪستاني دفتر ۾ آفيسر هئو. سو رجسٽر تي صحي ڪري. ڪينٽين هليو وڃي .هڪ رشوتي ملازم انڊر ۾ رکيل اٿس ته وڃي لڪڻ هڻين سو هو ڪوڙا هڻڻ جا به پئسا گهري ٿو جهنمي پاڻ سڃا سو ڇا ڏيندا ……………………… سک لڳو پيو آهي
    نتيجو همراه پاڻ به لائين ۾ لڳي ويو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏27 مئي 2016
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    توهان جي موضوع تي فيسبوڪ ۾ لڳل تصويرون پڻ لڳايون ويون آهن..

    آباد هُجو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو