وڪيپيڊيا تي مضمون ڪيئن رکجي ؟

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2016۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    السلام عليڪم دوستو! اميد ته خيريت سان هوندا. اڄ توهان کي وڪيپيڊيا سِنڌيءَ ۾ مضمون رکڻ جو طريقيڪار ٻُڌايان ٿو، اميد ته توهان به مضمون رکي وڪيپيڊيا کي سنواريندا.

    سڀ کان پهرين وڪيپيڊيا تي لاگ اِن ٿيو. جيڪڏهن کاتو ناهي ته کاتو کوليو.

    [​IMG]

    لاگ اِن ٿيڻ لاءِ کاٻي پاسي ”لاگ اِن ٿيو“ جي لِنڪ تي ڪلڪ ڪريو. ان کان پوءِ پاسورڊ ۽ يوزر نالو داخل ڪريو ۽ ”لاگ اِن“ جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

    ( ياد رهي ته توهان لاگ اِن ٿيڻ کان بغير به مواد رکي سگھو ٿا )


    لاگ اِن ٿيندي ئي توهانجي برائوزر ۾ مکيه صفحو کُلي پوندو، مُکيه صفحي ۾ کاٻي پاسي ”ڳوليو“ جي خاني ۾ اُهو لفظ لکو جيڪو توهان جي مضمون جو عُنوان هُجي، مثال طور مون ”ڀٽ شاھ“ لکيو آهي. مونکي ڀٽ شاھ شهر بابت معلومات رکڻي آهي، انڪري ڀٽ شاھ لکيم، جيڪڏهن توهان ڪنهن به مضمون جو عنوان لکندا ۽ اُهو مضمون وڪيپيڊيا تي اڳ ۾ موجود نه هوندو ته ڳولا جي نتيجن ۾ نه ايندو ۽ create page لکجي ايندو. توهان کي هاڻ ڳاڙهي رنگ ۾ ڏيکاريل عُنوان تي ڪلڪ ڪرڻو آهي. (جيئن تصوير ۾ ڏيکاريل آهي.)

    [​IMG]


    جيئن ئي توهان اُن ڳاڙهي رنگ ۾ ڏِنل عُنوان تي ڪلڪ ڪندا ته هڪ الڳ صفحو کُلي پوندو، جنهن ۾ ”زيرِ تخليق **“ لکجي ايندو. هاڻ اِن صفحي جي ٽيڪسٽ باڪس ۾ پنهنجو مواد رکو.

    [​IMG]



    مٿئين تصوير ۾ مواد ڏيکاريل آهي. جنهن ۾ پهرئين لفظ ”ڀٽ شاھ“ کي ٽي ڀيرا (’’’) ڏنل آهي، جنهن جو مطلب ٿُلها اکر (Bold Text) آهي. اکرن کي ٿُلهو ڪرڻ لاءِ پهرين لفظ کي سليڪٽ ڪريو ۽ ايڊيٽر ۾ ڏنل A واري ٽيگ تي ڪلڪ ڪريو.


    [​IMG]


    مضمون ۾ ”بيهڪ“ کي اڳيان ۽ پويان ٻه ڀيرا برابر جِي نشانِي ڏنل آهي، جنهن جو مطلب اِها ”سُرخِي“ (Heading) آهي. ڪنهن به مضمون ۾ جيڪڏهن هيڊنگ لڳائِڻي هُجي ته ٻه ڀيرا اڳيان ۽ پويان برابر (=) جِي نشاني لڳايو جيڪڏهن ”ذيلي سُرخي“ (sub heading) ڏيڻي هُجي ته ٽي ڀيرا برابر جِي نشاني لڳايو.

    آخر ۾ ”حوالا“ لکِي اُنکي به هيڊنگ ڏيو ۽ حوالا جي هيٺيان پنهنجي طرفان ڪوبه حوالو نه لکو. جڏهن توهان ”ايڊيٽر“ ۾ ڏنل ڪِتاب واري بٽڻ تي ڪلڪ ڪندا ته توهان کان لِنڪ گھُرندو (ڏِسو هيٺ تصوير ۾) ۽ اُتي توهان حوالو ڏَئي ڪيبورڊ مان Enterجي بٽڻ دٻائيندا ته پاڻمرادو ”حوالا“ جِي سُرخي هيٺيان مذڪوره حوالا اچي ويندا. (اها وڪيپيڊيا جي پروگرامنگ آهي)


    [​IMG]


    جڏهن توهان مُطمئن ٿيو ته هاڻ مضمون مُڪمل آهي ته مضمون وڪيپيڊيا تي رَکڻ لاءِ، ٽيڪسٽ ايڊيٽر جي هيٺيان ”صِفحو سانڍيو” جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو. هِن ۾ ٻه ٻيا به بٽڻ آهن، ”پيش نگاه“ هِن بٽڻ کي ڪلڪ ڪرڻ سان توهان مطلوبه مضمون کي ڏِسي سگھو ٿا ته اِهو وڪيپيڊيا تي اپلوڊ ڪرڻ کان پوءِ ڪهڙي شِڪل سان ظاهر ٿيندو. ”تبديليون ڏيکاريو“ بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ کان پوءِ توهان مضمون ۾ ڪيل تبديلين کي ڏِسي سگھندا.


    [​IMG]


    جيڪڏهن توهان پروگرامنگ جي جنجھٽ کان بَچَڻ چاهيو ٿا ته ”وڪيپيڊيا“ جو ”وزيوئل ايڊيٽر“ پڻ استعمال ڪري سگھو ٿا، جيڪو نهايت آسان آهي. توهان مطلوبه مضمون کوليو ۽ اُن ۾ ڏِنل ”سنواريو“ جي ٽيب (Tab) تي ڪلڪ ڪريو.


    [​IMG]


    ساٿيو! مُنهنجي ليپٽاپ ۾ مائڪ ڪم نه پئي ڪري تنهنڪري وڊيو ٽُٽوريل ٺاهي نه سگھيس، اِنشاءَ الله ڪجهه ئي ڏينهن ۾ وڊيو ٽُٽوريل پڻ پيش ڪندس. تيستائين اميد ٿو ڪريان ته توهان به هڪ اڌ مضمون سنواري چُڪا هوندا.
     
    محمد راشد شر ۽ عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو