هرڪو سنڌ جو حامي آ ...!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ محمد علي (مئڪش) طرفان آندل موضوعَ ‏28 آڪٽوبر 2016۔

  1. محمد علي (مئڪش)

    محمد علي (مئڪش)
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 نومبر 2015
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    131
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    حيدرآباد
    هرڪو سنڌ جو حامي آ.....!
    هر ماڻهو ، هر پارٽي ، هر ادارو ، هر ڪتاب ، هر اخبار ، زندگيءَ جي هر شعبي سان واڳيل سنڌ جي حقن جي ڳالهه ٿو ڪري ته پوءِ ڇو ڪون ٿي تبدلي ظاهر ٿئي؟ خرابي آخر ڪٿي آ ؟
    تاريخ گواه آ ته سنڌي قوم ازل کان جيدار ، زنده دل، خوش اخلاق ، مهمان نواز ، سڌي سچي، سادي، رهي آهي جنهن جو ڌارين هميشه ناجائز فائدو ورتو آهي ، هاڻي هلندڙ وقت ۾ اهي فائده نئي سنڌي قوم جا فرد پراڻن اٻوجهه سنڌين کان پنهنجا بڻجي وٺي رهيا آهن ، سنڌ جي نالي تي سنڌ وڪامجي پيئي !! سنڌي اٻوجهه انهن جي پويان اکيون ٻوٽي ڊوڙي رهيا آهن انهن مان چڱائي جي اميد ڪري رهيا آهن جيڪي انهن جي حقن جا دشمن آهن جيڪي سنڌين کي خيالي ۽ لفاظي سهڻن خوابن جون مٺيون لوريون ڏيئي غفلت جي ننڊ سمهاري پنهنجي چند ڏينهن جي زندگي کي سهڻو گذارڻ لاءِ سنڌين جا حق وڪڻي رهيا آهن ۽ سنڌي انهن جي ڪُوڙن لفاظي بيانن تي مدهوش رقص ڪري رهيا آهن ،
    پنجاه سال کان وڌيڪ ارصو ٿي ويو آهي هر اسٽيج تي چڙهي اچڻ وارو سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه ٿو ڪري ، هڪڙا مري ٿا وڃن وري انهن جي جاءِ تي انهن جا پويان اچي وري نئون ناٽڪ ٿا پيش ڪن ، ۽ وري سنڌي ويچارا نئي اميد ان اڳئين مري وڃڻ واري جي پوئين سان وابسطا ڪري ان جي پويان ڊوڙڻ شروع ٿا ڪن ، ڳالهه ساڳي سنڌ جي پئي هلي ٿي پر نتيجو ٻڙي .
    سنڌي ۽ سنڌ کي نقصان ڏيڻ وارو ڪير آ؟؟ هاڻي ته نه ڪو ارغون آ ، نه ڪو مغل آ، نه ڪو خلجي آ، نه ڪو انگريز آ، نه ڪو ترڪان آ، آخر ڪير جيڪو سنڌ جا حق ماري ٿو ؟؟ ڇا اهي ته نه اهن جيڪي اسان جي وچ ۾ ويهي اسان سان دشمني ڪري رهيا اهن، اسان جا حاڪم جيڪي اقدارن ۾ ويهي وڏين گاڏين ۾ گهمي ، هاسٽلن ۾ عيش عشرت ڪري ، پنهنجا پيٽ ڀري رهيا آهن اهي سنڌين تي ڪهڙو ٿورو ڪري رهيا آهن ، جن ووٽ سان ايوان ۾ پهتو جنهن کي ايوان ۾ اچڻ کان اڳ سائيڪل ڪون هوندي هئي اهو اڄ پيراڊو ۾ ٿو گهمي ڪروڙن جي بنگلن ۾ ٿو رهي اها ملڪيت هن ڪٿان آندي ؟؟؟ ڇا اهو ته سنڌيءَ جو دشمن ڪونهي ؟؟؟
    اڄ جي سنڌيءَ کي ضرورت آ پنهنجي دشمن کي سڃاڻڻ جي، جي سنڌي پنهنجو دشمن سڃاڻي ورتو ته سنڌي پنهنجي مقصد م ڪامياب ٿيندو جي نه ته سنڌي ڳولهيو نه لڀندو......
     
    Annie soomro هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو