ڪمپيوٽر جي ونڊوز جو پاسورڊ محفوظ ڪيئن ڪجي

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ محمد راشد شر طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2017۔

  1. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڄ اسان سکنداسين ته ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ جي ونڊوز جو پاسورڊ محفوظ ڪيئن ڪجي.

    اڪثر ائين ٿيندو آهي ته ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پاسورڊ ڀلجي ويندو آهي يا وساري ويهندو آهي. ان صورت ۾ ان مسئلي جو حل تمام گھٽ ماڻهن وٽ هوندو پر عام حل اهيو هوندو آهي ته ڪمپيوٽر جي ونڊوز وري نئين سر ڪجي. يقينن اها اوهان کي خبر هوندي ته ونڊوز ڪرڻ ته ڪو مسئلو ناهي پر نئين ونڊوز ڪرڻ سان اڳ وارا ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ڪيل سمورا سافٽويئر ختم ٿي ويندا. يعني انهن سڀني کي وري نئين سر انسٽال ڪرڻو پوندو. سو ان قسم جو صدمو اهڙن ماڻهن لاءِ ناقابل برداشت هوندو آهي. جن جي ڪمپيوٽر ۾ تمام گھڻا سافٽويئر انسٽال ٿيل هوندا آهن. جن کي هو وقت آهر استعمال ڪندا آهن. ليڪن انهن لاءِ ڪو مسئلو ناهي جيڪي فقط فيسبڪ کي استعمال ڪن ٿا.

    چوڻ جو مقصد ته پنهنجي ونڊوز جي پاسورڊ کي اهڙي ريت محفوظ رکو جو مستقبل ۾ ان قسم جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو نه پوي. سو اچو ته ونڊوز جي پاسورڊ کي محفوظ ڪرڻ سکون.








    1. پنهنجي ڪمپيوٽر مان اسٽارٽ مينيو جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو ۽ سرچ باڪس ۾ لکو. User Accounts يا ڪنٽرول پينل ۾ وڃي User Accounts جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.



    [​IMG]



    2. کلندڙ ڊائلاگ باڪس مان Create a password reset disc تي ڪلڪ ڪريو.



    [​IMG]

    Next جو بٽڻ دٻايو

    [​IMG]



    پنهنجي ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ ۾ ڪا به Removable Disc لڳايو.

    مثال طور: يو ايس بي USB يا موبائل فون.

    3. پنهنجي گهربل ڪنهن ڊسڪ کي جنهن ۾ اوهان پاسورڊ محفوظ ڪرڻ چاهيو ٿا ان جو انتخاب ڪريو ۽ Next جو بٽڻ دٻايو.

    [​IMG]

    4. هاڻي پنهنجي ونڊوز جو پاسورڊ لکو. ۽ Next جو بٽڻ دٻايو.

    [​IMG]

    تنهن کان پوءِ ڪمپيوٽر جي ونڊوز توهان جي پاسورڊ کي چونڊ ڪيل ڊسڪ ۾ محفوظ ڪندي.

    [​IMG]

    [​IMG]



    اهڙي ريت اوهان جي ونڊوز جو پاسورڊ اوهان جي چونڊ ڪيل ڊسڪ ۾ محفوظ ٿي ويو. جيڪڏهن هاڻي اوهان کان ونڊوز جو پاسورڊ وسري به وڃي ته اوهان ان ڊسڪ جي مدد سان پنهنجي ونڊوز جو پاسورڊ آساني سان بدلائي سگھو ٿا. ڪنهن به ڏکيائي جي صورت ۾ سوال ڪري سگھو ٿا.

    هي موضوع جو فقط پهريو حصو آهي. تنهن کان پوءِ سکنداسين ته ان ڊسڪ جي ذريعي پاسورڊ ڪيئن بدلائجي.



    نوٽ: هي موضوع اڃا هلندڙ آهي.

    هي موضوع پياري دوست عبيد ٿهيم جي فرمائش تي ٺاهيو اٿم. هي موضوع ٺاهڻ لاءِ ڪافي محنت ڪئي اٿم، سو هن موضوع تي ڪيل محنت آئون نالي ڪريان ٿو، جيڪو هڪ سٺو دوست به آهي ته استاد به آهي. جيڪو بغير ڪنهن لالچ جي سنڌ سلامت تي سکيا ڏئي ٿو. جنهن مونکي ڪمپيوٽر جي حوالي سان پيش ايندڙ مشڪلاتن جو حل ٻڌايو ۽ سکيا ڏني. اهڙي ريت ڪو اسڪول جو استاد به رهنمائي ناهي ڪندو توڙي جو ان کي فيس به ادا ڪندا آهيون. پر هن شخص بغير لالچ جي ان استاد کان به بهتر رهنمائي ڪئي آهي/ڪري ٿو. عبيد الله (عبيد ٿهيم) You are Great dear
     
    ايس ايم درس ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  2. عبدالله جروار

    عبدالله جروار
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماشاءَ الله زبردست ادا
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    حقيقت ۾ آئون ڪُجهه به ناهيان.. هر شخص ڪنهن نه ڪنهنکان سکندو آهي، پر بهترين شخص اهو هوندو آهي جيڪو علم کي اڳتي ڦهلائي... مون سائين رشيد ۽ سجاد چنا جَن کان سکيو، جڏهن اُنهن به مونسان ڪا ڳالھ نه لِڪائي ته آئون به ڪا ڳالھ ناهيان لڪائيندو، جيڪو پڇندو آهي ٻُڌائيندو آهيان...
    اوهان جون محبتون جو اِهو مضمون اوهان منهنجي نالي ڪيو :)
    شال جُڙيا رهو :) آباد هُجو
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ًGhulalm Shabir

    ًGhulalm Shabir
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 ڊسمبر 2018
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    سا نئين پاسورڊ محفوظ نٿو ٿي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو