پيار جي درياھ ۾ ٻوڙڻـو ٿئـي ٻوڙ تون !

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 سيپٽمبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    غزل

    احمد گل

    پيار جي درياھ ۾ ٻوڙڻـو ٿئـي ٻوڙ تون!
    مان ٽُٽل ڪا آرسي جوڙڻو ٿئي جوڙ تون!

    مس ڇڏائي جند آ زندگي جي ڏيھ کان!
    ير ڀري ڀاڪيون هڻي لوڙڻو ٿئي لوڙ تون!

    منهنجي جيون جو سبيل ڪو نئون چولو ڪٿي؟
    عمر پنهنجي جو وڳو چوڙڻو ٿئي چوڙ تون!

    مان حياتي کان ڊنل ڪئن اچان ويجهو ڀلا!
    خوف جي ديوار کي ٽوڙڻو ٿئي ٽوڙ تون!

    ريت جي آھي زبان خشڪ ساري ٿي وئي!
    سمنڊ جو رُخ زندگي موڙڻو ٿئي موڙ تون!!

    توکي ارپي مون ڇڏيو پنهنجي خوابن جو بدن!
    ماس تنهن جو، اي زمان! روڙڻو ٿئي روڙ تون!!

    سڀ خسارا تون ڇڏي کوجنا جي بر اندر!!
    هاڻ احمد پاڻ کي ووڙڻو ٿئي ووڙ تون!!

    [​IMG]

    تعارف

    اصل نالو؛ احمد خان
    ادبي نالو؛ احمد گل
    جنم تاريخ؛ 03 مارچ 1988
    رحيم ڏنو سولنگي ضلعو
    نوشهرو فيروز.
    رهائش؛ مستقل پتو ساڳيو
    نمبر؛ 03063318066

    بيوس سجاد گاڏهي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو