ضراب حيدر جانيون ڳڙڪائيندڙ سيوهڻ ڄامشورو روڊ

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ Hameed shakeelchandio طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2017۔

  1. Hameed shakeelchandio

    Hameed shakeelchandio
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2017
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ليکڪ،صحافي۽،سوشل ورڪر ۽ ڀلائي جا ڪم ڪرڻ
    ماڳ:
    ڪي اين شاھ
    ان ۾ ڪو به شڪ نه آھي ته ساھ جي تند کان وٺي ڪا به شئي مالڪ ڪائنات جي حڪم کان سواء چرپر نٿي ڪري سگهي۽ جيڪا به خلقيل شئي آھي اهو هن فاني دنيا مان فنا ٿي ويندو موت برحق آھي ۽ هر ڪنهن کي مرڻو آھي , پر هتي ذڪر ڪنداسين سيوھڻ ڄامشورو روڊ جو جيڪو هروقت ۽ هرروز رت سان ڀريل هوندو آھي سيوهڻ ڄامشورو روڊ سان ايڪسيڊنٽ ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آھي ۽ ڏينهون ڏينهن ھن روڊ سان حادثا وڌندا وڃن پيا جنهن سبب گهرن جا گهر اجڙي تباھ او برباد ٿين ٿا گهڻن کان جگر جا ٽڪرا ته ڪنهن کان پنهنجا ور,عزيز,دوست ته ڪن کان وري ڀينرون۽ ڀائروڇڙي ڏورانهين ڏيھ ھليا وڃن ٿا ته ڪنن کان وري دعا جا در ئي بند ٿي ويندا آھن اگر جي ان روڊ حادثي جوشڪار يا زخمي ٿيل بچي به وڃي ٿو ته اهو اپائج واري زندگي گهاري پنهنجي فٽل نصيب ۽ مقدر تي روئي ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگڻ تي مجبور ٿئي ٿو اهو صرف ۽ صرف سنڌ حڪومت جي ڪوتاهين سبب حادثن ۾ واڌ ٿئي ٿو,جڏھن کان سنڌو درياءُ جي ٻنهي ڪنڌين کي ڳنڍڻ لاء آمري مان پل تيار ٿي ته ان وقت کان هي روڊ موت جو گهاٽ بڻجي ويو ۽ هزارين ماڻھن جا لاش وارثن جي پلئي پيا, وڏين گاڏين جي گُذر, اور ٽيڪ, خاص۽ اهم ڳالھ اها آھي ته سيوهڻ ڄامشورو روڊ سنگل ھجڻ جي ڪري گاڏين جي رش ۽ٽريفڪ جي تمام گهڻي اچ وڃ سبب زُلمي حادثا پيش اچن ٿا جن ۾ جاني ۽مالي نقصان ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آھي ان نقصان کي مد ننظر رکي ڪري روڊ کي سنگل مان ڊبل ڪرائڻ لاء ڄامشورو ۽ سنڌ جي مختلف هنڌن مان عوام طرفان پرزور اپيلون , احتجاجي ريليون, ۽ تحريڪون هلايون ويون پر سنڌ جي حڪمرانن هن مهل تائين ان ڳالھ کي ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي ڪو به تدارڪ ڪون ٿيو نه روڊ ڊبل ڪرايو ويو نه ئي ڪو ٽريفڪ عملو ان روڊ سان ڊيوٽين تي لڳايو ويو, ان حوالي سان رائيٽر,صحافي برادري ساڃاھ وند,وڪيل برادري ۽ سڀني غير سرڪاري توڙي سرڪاري ادارن ۽ سنڌ جي عام ماڻھن ۾ ڳڻتي به ڇانيل آھي انسان جي رت سان هٿ ٺوڪي راند آخرڪڏھن بند ٿيندي, ۽ ڪجھ ڊرائيورن جون به غلطيون هونديون آھن جنهن ڊرائيور جي جيڪا مرضي هجي ڪنهن به سائيڊ سان گذري وڃي نه هن کي ڪو چوڻ وارو نه ئي کيس ڪو خوف خطرو رهي ٿو يا وري نشي جي حالت ۾ يا ننڊ جي جهٽڪن سبب بس ڏسندي ڏسندي حادثي جو شڪار ٿي وڃي ٿو آخر ۾ نتيجو اهڙو خراب نڪري ٿو جو گهرن ۾ ڪهرام مچي ٿو آنهن ۽ دانهن کانسوا ڪجھ به حاصل نه ٿو ٿئي سوچڻ سمجھڻ جي ڳالھ آ ته آخر هن روڊ لاء سنڌ حڪومت ڇو خاموش آ؟, ڇو هن روڊ کي سنگل مان ڊبل نٿو ڪيو ڃي؟ ڇا هنن حڪمرانن کي اهو روڊ هر وقت رت سان ٻڏل نظر اچي ؟۽ ھي ڏاڍو آرام ۽ سڪون سان ٻڌندا ۽ ڏسندا رهندا؟ڀلي ڪجھ به ٿئي بس ٻه لفظ مذمت جا استعمال ڪري انهن شھيدن جو حساب ان نموني سان چڪائيندا؟جيڪو سراسرغلط ۽ بي واجبي آ؟سيوهڻ ڄامشورو روڊ عبدالله شاھ جي وقتي وزارت جي دور ۾ صرف لنڪ روڊ ھيو اُن وقت ۾ عبدالله شاھ جي ڪوششن سان هي روڊ بهترين نموني ۽ نئي سر تعمير ڪرائي ويڪرو ڪيو ويو جيڪو ان ساڳي ئي حالت ۾ موجود آھي انکانپوء ڪنهن به دلچسپي نه ورتي اڳوڻي وزيراعلي سنڌ قائم علي شاھ ٺلا دلاسا ڏئي پاڻ ئي گهر ڀيڙو ٿي ويو ۽ اسان آسرن ۾ رهجي وياسين , ۽ هن وقت اڳوڻي وزيراعلي عبداالله شاھ جي فرزند سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ جي انڌ ۾ حڪومت آ ۽ لڳي نٿو ته هي به پنهنجي والد صاحب وانگي رهيل ڪم مڪمل ڪرائي سرخرو ٿي پر اندازي مطابق مشڪل ۽ ناممڪن ڪم آ سائين مراد علي شاھ کي گهرجي ته پنهنجي والد صاحب جي اڌ تي رهيل مشن کي پورو ڪري جلد کان جلد سيهوڻ ڄامشورو سنگل روڊ کي ڊبل ڪرڻ ۾ پنهنجو قردار ادا ڪري, سڪرنڊ ۽ آمري پل مٿان پابندي لڳائي وڃي ته جيئن اهڙا قيامت برپا حادثا ۽ واقعيا پيش نه اچن ڪنهن جا جگر ڪنهن کان اصل لاء ڌار نه ٿين

    حميدشڪيل
    ڪي اين شاھ
    mobil:-03000368844
     
  2. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    الله پاڪ اسان جي حڪمرانن کي هدايت ڏي عوام هر موڙ هر ويلي عذابن جون زندگيون ٿا گذارين ۽ ڀوتارن جا پيٽ ڀهرجن ئي نٿا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو