ڪا ”ڊيل“ ٿي آهي يا ”ڍر“ ملي آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ڪجهه ڏينهن کان اهو سوال وري پاڪستان جي سياستي ماحول ۾ تيزيء سان گردش ڪرڻ لڳو آهي ته ڇا حڪومت يا ”ڏيڻ وارن“ اڳوڻي سزا يافتا وزير اعظم ميان نواز شريف کي وري ماضيء جيان ڪو اين آر او ڏيئي ڇڏيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ طبي معاملن کي بنياد بنائي کيس باعزت نموني پرڏيهه اماڻيو ويندو؟ اهو سوال ڪو نئون ناهي.جڏهن ميان نواز شريف پاڪستان موٽڻ بعد ڊگھي خاموشي اختيار ڪئي هئي ۽ جيئن سندس ”انقلابي“ ڌيء جي سخت ٽويٽر وارين توبن جو منهن بند ٿي ويو هو ان وقت به ان قسم جا افواهه يا دعوائون سامهون آيون هيون ته اندر ئي اندر مصالحتي مامرا بحث هيٺ ضرور آهن.هونئن ته جولاء ۾ چونڊن کان اڳ نواز شريف ۽ مريم نواز لنڊن مان واپسيء تي راولپنڊيء جي اڍيالا جيل هليا ويا هئا ۽ اتان ڪنهن به قسم جا سياسي بيان ڏيڻ جي گنجائش نه هئڻ جي برابر هئي پر ايون فيلڊ رفرنس جي ڪيس ۾ سزا بعد ٻنهي پيء ۽ ڌيء کليل نموني اسٽيبلشمينٽ خلاف بيان ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا جيڪي پهرين ته رڳو ”مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟“ جي مقبول نعري تائن محدود هئا.سيپٽمبر ۾ ميان نواز شريف سندس گھر واري بيگم ڪلثوم نواز جي وفات بعد سندس آخري رسمن ۾ شرڪت لاء پيرول تي آزاد ٿيو ته سوڳ واري فضا سبب سياست تي ڪنهن به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي پر ٻيهر جيل ويندي ئي ٻن ڏينهن بعد اسلام آباد هائي ڪورٽ سندس سزا معطل ڪري ڇڏي ته عام خيال اهو ئي هو ته هاڻي نواز شريف سياسي مامرن تي دل کولي ڳالهائيندو پر صورتحال ان جي ابتڙ رهي.آخر اهڙو ڇا ٿيو جو ميان نواز شريف خاموش رهيو؟ ڇا ڪو اندروني ٺاهه ٿي چڪو هو؟ان سوال تي سياسي معاملن جا تجزييڪار ان خيال جا آهن ته انهن کي اها پڪي ڄاڻ ڪانهي ته ڪو اڻ اعلانيل معاهدو ٿيو آهي پر فطري طور تي جيڪڏهن نواز شريف جو خيال آهي ته هن سان اهو سڀ ڪجهه اسٽيبلشمينٽ ڪرائي رهي آهي ۽ ڪجهه مقتدر قوتون چاهين ٿيون ته هو سامهون نه اچي ته ان صورت ۾ هو ثابت ڪرڻ گھري ٿو ته هو پاڻ ئي خاموش آهي ۽ مصلحت سبب اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪندو.ان سان گڏ هو اهو به نٿو چاهي ته پنهنجي لاء ڪي وڌيڪ محاذ کولي.ميان نواز شريف کان سواء جيڪر ڳالهه ڪجي ته سندس صاحبزادي مريم نواز پنهنجي پيء کان وڌيڪ سرگرم هئي ۽ پنهنجن سخت ۽ ڪڙن بيانن سبب خبرن جي سرخين ۾ رهندي هئي جنهن جو هڪ مثال اهو آهي جو هن لنڊن کان پاڪستان اچڻ کان اڳ هڪ وڊيو ۾ چيو هو ته ڊڄن ٿا بندوق وارا هڪ بيوس نيگريء کان..ته ڇا مريم به ڪنهن خاص مصلحت هيٺ خاموش آهي؟ مريم نواز جو ڪوبه بيان سامهون نه آيو آهي ته ثابت ته اهو ئي ٿو ٿئي ته هوء اهو سڀ پنهنجي پيء جي مرضيء سان ڪري رهي آهي.لڳي ٿو ته ميان صاحب کي اهو احساس ٿي ويو آهي ته سندس جي ٽي روڊ واري پاليسيء سان کيس ڪو فائدو حاصل نه ٿي سگھيو ۽ نه ئي اليڪشن کان عين اڳيان لنڊن کان پاڪستان اچڻ جو ڪو فائدو ٿيو ته بهتر اهو ئي آهي ته چوڌري نثار ۽ شهباز شريف واري لائين اختيار ڪندي آرام سان گھر ويهجي.سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا مسلم ليگ نون اهو سڀ ڪنهن خاص حڪمت عمليء هيٺ ڪيو هو؟سياسي تجزيا نگارن جي خيال ۾ اهو ظاهر ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت جو گڏيل فيصلو هو ته في الحال کلي ڪري سامهون نه اچجي ۽ اهو فيصلو گھڻي قدر نواز شريف جو ئي آهي جنهن ۾ اعليٰ قيادت يعني نواز،شهباز ۽ مريم جارحاڻو انداز اختيار نه ڪن ۽ پارٽيء مان سندن هيٺئين درجي جي قيادت جارحاڻي رهي جن ۾ مشاهدالله خان،خاقان عباسي ، سعد رفيق ۽ ٻيا اڳواڻ شامل آهن.ان جو سبب اهو جو تحريڪ انصاف کي پنجاب صوبي ۾ حڪومت ڪرڻ ۾ گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.تجزيي نگارن مطابق کين خبر نٿي پوي ته هن وقت پنجاب ۾ پاور سينٽر ڪير آهي جتي هڪ طرف چوڌري پرويز الاهي فيصلا ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف گورنر پنجاب چوڌري سرور پنهنجا فيصلا ڪري رهيو آهي پر صوبي جو وڏو وزير ڪو فيصلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نظر نٿو اچي ته ان صورتحال ۾ مسلم ليگ نون سمجھي ٿي ته اها سخت موقف اختيار ڪري ۽ سياسي طور تي تحريڪ انصاف تي حملو ڪري. تحريڪ انصاف جي صوبي ۾حڪومت جي انداز ۾ مسئلن سبب مسلم ليگ نون قيادت ظاهر ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي ته ڏسو ۽ صحيح وقت جو انتظار ڪريو جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي ۽ نون ليگ جي في الحال اها ئي پاليسي رهندي ۽ خاص طور تي جڏهن اعليٰ قيادت خلاف ڪيس عدالتن ۾ آهن ته هو سمجھن ٿا تههن وقت جارحاڻي حڪمت عمليء جي گھرج ڪانهي ڇوته چونڊن ۾ اڃا پنج سال پيا آهن پر بلدياتي چونڊون ويجھيون اچڻ تي شايد پاليسيء ۾ تبديلي اچي.حڪومت سان ڪنهن اين آر او يا ڊيل جي حوالي سان نون ليگ قيادت مڪمل نموني ترديدون ڪندي آئي آهي سندن چوڻ آهي ته هن وقت ملڪ جون حالتون ڪجهه اهڙيون آهن جو اسان ۽ ٻي اپوزيشن جڏهن به ڪا ڳالهه ڪيون ٿا ته حڪومت ۽ سندن حمايتي انهيء کي سازش سمجھڻ لڳن ٿا پر هن وقت حڪومت ۽ سندن حامي پنهنجو پاڻ ئي ايتريون غلطيون ڪري رهيا آهن جو نون ليگ جي خيال ۾ ميان صاحب سمجھي ٿو ته تحريڪ انصاف جي اصليت پاڻهي سامهون اچي ويندي ۽ اسان جي ڪنڌن تي ڪا ذميداري به نه ايندي.پر ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ مسلم ليگ نون جي اڳواڻ رانا مشهود خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي فوج سان معاملن بابت سوال جي جواب ۾ چيو هو ته سندس خيال ۾ هاڻي گھڻي حد تائين معاملا ٺيڪ ٿي چڪا آهن.جنهن تي صحافيء سوال ڪيو هو ته معاملا ڪيئن درست ٿي چڪا آهن؟ ته ان تي رانا مشهود چيو ته معاملو ٺيڪ ان طرح سان ٿيو آهي جو شايد هن(فوج) کي سمجھه اچي ويئي آهي ته انهن جنهن کي گھوڙو سمجھيو هو سو خچر نڪتو ۽ جيڪي خچر آهن سي ڊليور نه ڪري رهيا آهن.فوج هڪ ٽويٽ ذريعي رانا مشهود جي بيان کي غير ذميواراڻو بيان قرار ڏيئي ملڪي سالميت لاء نقصان قرار ڏنو هو.نون ليگ قيادت مطابق سندن اهو قدم سمجهه ڀريو آهي جيڪو سندن جماعت لاء سٺو ثابت ٿي رهيو آهي ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت غلطين مٿان غلطيون ڪندي ٿي وڃي جنهن ۾ عمران خان سان منسوب اهو بيان به سامهون آيو هو ته يوٽرن وٺڻ جائز آهي جيڪا هن جي زندگيء جي سڀ کان وڏي غلطي هئي ۽ ٻين اڳواڻن هن کي پهرين کان ئي وڪوڙي رکيو هو ۽ عمران خان انهن کي سخت رويو اختيار ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪري ڇڏيو هو.جڏهن رانا افضل کان پڇيو ويو ته وزير اعظم عمران خان اين آر او نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته ڇا اهو اين آر او مسلم ليگ نون جي قيادت گھري رهي آهي ته ان تي رانا افضل جو چوڻ هو ته اهي ماڻهو ڪهڙو اين آر او ڏيئي سگھن ٿا،اين آر او جي پويان ته فوج ويٺي آهي،اها ڏيئي سگھي ٿي،هائي ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ڏيئي سگھي ٿي،نيب ڏيئي سگھي ٿي پر ان سان عمران خان جو ڪهڙو تعلق؟هن وڌيڪ چيو ته هن وقت جيڪر فوج به اين آر او ڏيڻ گھري ته ڇا ميان صاحب خلاف ڪيس ختم ٿي ويندا،ڇا نيب بيهي رهي ۽ فوج ماڻهن کي منهن ڏيکاري سگھندي،منهنجي خيال ۾ هاڻي گھڻي دير ٿي چڪي آهي.

    ٻئي طرف پي پي اڳواڻ چوڌري منظور دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي اين آر او ملي ويو آهي ۽ هاڻي هو ميڊيڪل بنيادن تي ضمانت ملڻ بعد باهرئين ملڪ روانو ٿي ويندو،جيڪر عمران خان روڪي سگھي ٿو ته نواز شريف کي روڪي ڏيکاري.هن چيو ته پي ٽي آئي پاران وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون وينديون آهن ته روڪي سگھو ته روڪي ڏيکاريو،هاڻي آئون عمران خان کي چوان ٿو ته جيڪر هو روڪي سگھي ٿو ته نواز شريف کي روڪي ڏيکاري.هوڏانهن شيخ رشيد به اهڙي ڪنهن ڊيل طرف اشارو ڪندي عمران خان کان گھر ڪئي آهي ته هو ان معاملي تي کين اعتماد ۾ وٺي. ان کان اڳ جي يو آءِ جو اڳواڻ جان محمد اچڪزئي به اها دعويٰ ڪري چڪو آهي ته نوازشريف سان ڊيل ٿي چڪي آهي ۽ هو جلد علاج بهاني ملڪ کان ٻاهر نڪري ويندو. جيستائين سوال شريف ڀائرن کي رليف پهچائڻ جو آهي ته ان ڏس ۾ سياسي ۽ عوامي نقطه نظر سان صورتحال ڏسجي ته ان ڳالهه جو چڱي نموني اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سزا يافته نوازشريف ڊيل ڪندڙ نوازشريف کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ طاقتور ۽ عوام همدردي حاصل ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو پر لڳي ٿو ته ڌرين مفاهمت جو سوچي ورتو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن وزيراعظم آفيس جي ترجمان افتخار دراني جي بيان جو جائزو وٺجي، جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته نظام هلائڻ لاءِ اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن، ساڳي ريت تحريڪ انصاف جي هڪ ٻئي اهم اڳواڻ علي محمد خان جو سواليا انداز ۾ ڏنل بيان به خدشا پيدا ڪيا آهن، جنهن ۾ هن چيو آهي ته عمران خان اين آر او ڏئي پنهنجي مقصد تان ڪيئن ٿو هٽي سگهي؟

    هڪ طرف نوازشريف پاڻ کي نظرياتي قرار ڏي ٿو ته ٻئي طرف صلح ڪرڻ جون ڳالهيون به ڪيون ٿيون وڃن، اهڙي متضاد پوزيشن مسلم ليگ (ن) جي قيادت کي گهڻو نقصان پهچائي سگهي ٿي. هن وقت گهڻن سياستدانن ۽ تجزيه نگارن جو اهو خيال آهي ته نيب جي پراسيڪيوٽر اهي ثبوت فراهم نه ڪري سگهيو، جيڪي اسلام آباد هائيڪورٽ بئنچ ۾ شامل جج گهري رهيا هئا ته پوءِ ڇا واقعي ڊيل ٿي وئي آهي؟ ڇا ماضيءَ جيان ڪنهن ٻاهرين ملڪ مداخلت ڪري معاملا طئي ڪرائي ورتا آهن؟ اهي اهڙا خدشا آهن، جيڪي اڳ به سچ ثابت ٿيا ۽ هاڻي به اهي ساڳيا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ۽ گڏوگڏ بي يقيني ۽ مونجهاري واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، جنهن جا جمهوري نظام تي منفي اثر پيا ۽ جيڪڏهن هاڻي به اهڙي قسم جو ڪو معاهدو ڪيو ويو ته ان سان جمهوري نظام تي سواليا نشان لڳندو. جيتوڻيڪ مسلم ليگ (ن) توڙي حڪمران جماعت پاران ڊيل جي خبرن جي ترديد ڪئي پئي وڃي، پر جيڪڏهن اهي ترديدون رڳو زباني آهن ۽ پردي پٺيان ڊيل ٿي رهي آهي ته اهو قدم جمهوريت لاءِ خطرا کڻي ايندو، ساڳئي وقت نه رڳو عدالت جي فيصلن جي توهين به ٿيندي ۽ حڪومت توڙي مسلم ليگ (ن) جي سياست تان عوام جو ويساهه به کڄي ويندو، ٻيو ته رليف حاصل ڪرڻ وارو قدم نه صرف شريف ڀائرن لاءِ سياسي خودڪشي برابر هوندو بلڪه موجوده حڪمران جماعت تحريڪ انصاف جو به سڀ کان وڏو يوٽرن هوندو ۽ ان عمل سان ملڪي سياست هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪندي، جهڙي ريت ماضي ۾ هتي ٿيندو رهيو آهي.



    ۔
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو