پهراڻ جيان تخليقون سرجھائندڙ فرزانه شاهين!!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    پھراڻ جيان تخليقون لکندڙ شاعره فرزانا شاھين !

    اظھر امر
    سنڌ ۾ عورت شاعرائون ڪيتريون ئي آھن تن منجھ ڪجھ شاعرائون جيڪي نالي واريون آھن پنھنجي قلم سان سنڌي ادب جي ۽ سنڌ جي ماروئڙڻ لاء ڪجھ نه ڪجھ لکنديون رهن ٿيون تنھين شاعرائن منجھ فرزانا شاھين هڪ آھي فرزانا جو جڏھن پھريون ڪتاب ڪھاڻين جو ڪتاب "وجود جي ڳولا" ڇپجي پڙھندڙن جي سامهون آيو
    جتان ڪٿان واھ واھ ٿي وئي سنڌي ادب ۾ هڪ ڪھاڻيڪار جو واڌارو ٿيو آھي ڇو جو شاعرن جي ڀيٽ ۾ ڪھاڻيڪار تمام ٿورا آھن ان ڪري سنڌي ادب ۾ سُٺن ڪھاڻيڪارن جي ضرورت آھي
    فرزانا جو "جڏھن وجود جي ڳولا" ڪتاب آيو اسان سمجھیو هي ڪھاڻيڪار آھي فزرانا جي ڪھاڻيون به تمام پياريون پڪيون ۽ پُختيون آھن
    بس ٿوري ئي وقت ۾ جڏھن فرزانا شاهين جو شاعري
    جو ڪتاب "نيڻ آسائتا" ڇپجي جڏھن اسان پڙھندڙن جي سامھون آيو يقين نه په آيو تہ هو ڪھاڻيڪارہ آھي يا شاعره آھي.
    "نيڻ آسائتا" ڪتاب جو ٽائیٽل ھو ڪتاب جنھن جنھن پڙھيو تنھن ڪافي موٽ ڏني جئين ڪتاب پڙھندڙن موٽ ڏني تیئن فرزانا شاهين پنھنجو ٽيون ڪتاب پڙھندڙن جي سامھون آندو جنھن جو نالو هن "پھٹ پير پٿون ڪيا" هن ۾ تمام بھترين پڪي ۽ پُختي شاعري پنھنجي اکين جي نور ۽ هٿن جي پنج اڱرين سان سرجیل آھي هن پنھنجا خوبصورت احساس اسان پڙھندڙن جي سامھون سرجھايا آھن.
    جڏھن هن جو ڇوٿون ڪتاب اسان پڙھندڙن جي سامهون آيو آئون حيران ٿي ويس هڪ عورت ايترا ڪتاب سوء به هڪ ٻئي پُٺيان ۽ شاعري به تمام پياري پڪي ۽ پختي جنھن ۾ هن ڪمال جا نظم سرجھايا آھن
    فرزانا شاھين سندس چوٿين ڪتاب جو نالو
    "نينھن جو نوحو" رکيو آھي
    فرزانا شاھين هي شاعري مجموعو جڏھن مارڪيٽ ۾آندو مان حيران رهجي ويس هڪ عورت شاعره جيڪا هن سماج ۾ هزارين مسئلن کي منھن ڏي ٿي سڄو ڏينھن پنھنجي ڪمن ڪارن ۾ گذاري ٿي
    فرزانا پنھنجي ڪتاب "نينھن جو نوحو" ۾ پنھنجي لکيل تاثرات ۾ اُھو پڻ اعتراف ڪري ٿي تي تخليق جي واٽ ايتري سولي ناهي جيتري پڙھندڙن جي اکين ۽ ذھن ۾ محسوس ٿيندي آھي تخليقن ۾ تخليق لکندڙ جو رتُ ستُ ھوندو آھي ۽ هن جو نور به هوندو آھي اکين جا اوجاڳا تي ضرور هوندا ئي آھن بلڪل فرزانا سچ لکيو آھي شاعر جي تخليقن ۾ تيستائين سگھه ناهي هوندي جيستائين تخليقڪار اوڄاڳا ڪري نه لکندو تخليقڪار لاء اوڄاڳو آئين هوندو آھي جئين ڪوري پني تي لکڻ لاء قلم جي ضرورت هوندي آھي جئين لکڻ لاء دل ۾ احسات جو هجڻ هوندو آھي تئين ئي هن شاعره به رات ڏينھن پنھنجو آرام ڦٽائي نه صرف پنھنجي سنڌ جي مستقبل کي سُڌارڻ جي ڪوشش ڪئي بلڪه هن
    پنھنجي اوڄاڳن سان سنڌ ڌرتي جي موجود حالتن سنڌ ۾ ٿيندڙ واقعين سنڌ ۾ ٿيندڙ وارداتن کي پنھنجي تخليقن ۾ ڪجھ هن طرح بيان ڪيو آھي
    جئين سندس هي نظم آھي:

    اسان جي نينھن جو نوحو
    نه ڪنھن ڄاتو نه ڪنھن ڳاتو,
    اسان ۾ سور جي دنيا
    اهائي نور جي دنيا
    پرين جي پور جي دنيا
    دلي دستور جي دنيا
    اسان راھ الستي هون
    اسان مستان مستي هون
    اسان جي نينھن جو نوحو
    نه ڪنھن ڄاتو نه ڪنھن ڳاتو

    ٻئي نظم ۾ هو چوي ٿي:

    مظلومي آواز الاهي
    جنھن کي جڳ! ٿو بارش ڀائين
    بارش ناهي ٻيو ڪجھ آھي
    مظلومي آواز الاهي
    جي سڃاڻي ساز الاهي
    انبر جا سڀ دڙڪا آھن
    جنھن کي جڳ ٿو بارش ڀائين!

    فرزانا شاھين راتين جون راتيون اوڄاڳا ڪري هي نظم گيت غزل وائيون جيڪي پنھنجي قلم سان ڊائري ۾ اُتاريون آھن اُھو ھن آساني سان تي نه اُتاريون هونديون هن ۾ هن لڙڪن سان به جنگ ڪئي هوندي هُن زماني ۾ ڪيتري بدنظرن بدڪردار ماڻھن کان پاڻ کي محفوظ ڪيو هوندو ھن ان تخليقن لکڻ مھل اکين کي ڏنل بندن کي مضبوط ڪيو هوندو متان بند ڀڄي نه پون پوء فرزانا جون تخليقون انھن لڙڪن جي سيلاب ۾ لوڙھي نه وڃي فرزانا کي مالڪ اڃان وڌيڪ سگھ ڏي لکڻ جي, مان هر وقت فرزانا لاء دعا ڪندو رهندو آھيان هو لکندي رهي اسان پڙھندا رهون هو پنھنجن تنھين تخليقن سان منھنجي مظلوم ماڻھن جا احساس درد سور پنھنجي لفظن ۾ لکندي رهي, هن ڪتاب ۾ فرزانا شاھين جا ٽوٽل 84 نظم آھن هي شاعري مجموعو مُرڪ پبليڪيشن کان ڇپائي پڙھندڙ تائين پھچايو ويو آھي .

    اظھر امر

    14 مئي 2018 تي هلال پاڪستان ۽ ٽنڊو الھيار نيوز ۾ شايع ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو