ويراني جي ور چڙھندڙ وسندڙ ڪاڇو

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ عاشق علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2019۔

  1. عاشق علي چانڊيو

    عاشق علي چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2019
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    وارھ
    "ويراني جي ور چڙھندڙ وسندڙ ڪاڇو"

    "عاشق چانڊيو"


    ڪاڇو قمبر شھداد ڪوٽ ضلعي جي اولھ طرف واقع آھي ۽ ھڪ جابلو پٽي وارو علاءقو آھي پر تنھن ھوندي بـ ڪجھ ماروءڙا اتي پنھنجا ڪکڙا اڏي ويٺل آھن. ڪاڇي جي آبادي جو ذريعو حمل ڍنڍ جو پاڻي يا وري برساتون آھن. ھي ھڪ ريگستاني علاءقو آھي تنھن ھوندي بـ جڏھن ھو آباد ٿيندو آھي تـ سنڌڙي جي سونھن ۽ ورونھن لڳندو آھي,اءين لڳندو آھي ڄڻ تـ ڪا جنت جي ٽڪري ھجي يا اءين لڳندو آھي ڄڻ تـ ڪا ڪشمير جي وادي ھجي ھر طرف ساوڪ ءي ساوڪ ھوندي آھي.جبل پنھنجو پاڻ کي ساوڪ سان ڍڪي ڇڏيندا آھن ۽ سندس واري سان ڍڪيل زمين ٿڌي ۽ تر ٿي ويندي آھي, ھر دل خوشي سان ڀرپور ھوندي آھي.ماروءڙن جي چھرن تي مرڪون سمايل ھونديون آھن.

    پاڻي جا وھڪرا اءين لڳندا آھن ڄڻ تـ ڪو چشمن جا وھڪرا ھجن ھاري ٽيوبيل مشين تي پاڻي لفٽ ڪري آبادي ڪندا آھن.

    ڇا تـ صبح جو منظر ھوندو آھي, سياري جي ٿڌڙي ھوا, پکين جي چڻگار, ماڪيل ڪڻڪ جا ساوا ٻوٽا ۽ انھن مٿان جھرڪين جا ٽولا خوشي جو اظھار ڪندي پنھنجي مٺڙي ٻولي ٻلينديون آھن ڄڻ تـ اللہ تعالی جو شڪرانو ادا ڪنديون ھجن ۽ جڏھن ھاري پنھنجي زمينن ڏانھن روانا ٿي ڪري انھن جھرڪين کي ھڪلين, ڊرم وڃاءين ۽ ڦٽاڪا ڇوڙين تـ ايڏو تـ دل کي اتساھ ۽ چين اچي ويندو آھي جو صديون اتي رھڻ جي دل چوندي آھي پر بدقسمتي سان آء اتي رھي نـ سگھندو آھيان.

    ۽ جڏھن وري رات جي اونداھي ڏينھن جي روشني کي ڍڪي ڇڏيندي آھي تـ ماروءڙا گڏجي ڪري پنھنجي ڪکاءن اوطاقن ۾ مچ ڪچھري لڳاءيندا آھن ۽ اھڙي تـ محبت ڀري واکاڻ ڪندا آھن جو اءين لڳندو آھي ڄڻ محبت پنھنجو جنم ھتان وٺندي ھجي ۽ محبت جي ميلن جي ابتدا ھتان ٿيندي ھجي.

    پر اڄ افسوس سان چوڻو ٿو پءي تـ منھنجو وسندڙ ڪاڇو ويراني ۽ سڃ جي ور چڙھي رھيو آھي.ڪيڏي نـ دردناڪ خبر آھي تـ چمڪندڙ وسندڙ ۽ آباد ڪاڇو ويران ٿيو پيو وڃي.اھا حمل ڍنڍ جيڪا جيڪا ھزارين ماڻھون آباد ڪندي ھءي,جيڪا ھزارين ماڻھن ۽ ماروءڙن جي جيءڻ جو اپاء ھءي. اھا اڄ پاڻ اڃايل آھي ۽ پاڻي لاء سڪي رھي آھي.ڇا حمل ڍنڍ پاڻ اڃايل رھڻ گھري ٿي يا ان کي سڪل رھڻ جو شوق آھي.نـ نـ ان سان ڪا زيادتي ڪءي وءي آھي,ان کان ڪو تـ وير ورتو ويو آھي,ان ۾ ايندڙ پاڻي جا دروازا بند ڪيا ويا آھن يا وري انھن جو رخ بدلايو ويو آ.ڪا نـ ڪا تـ زيادتي ڪءي وءي ٿس نـ تـ حمل ڍنڍ تـ وڏي مھمان نواز آھي ھؤ پاڻ سڪڻ نـ ٿي گھري,ھؤ تـ آيل پرديسي پکين جي آجيان ڪندي آھي,ھؤ تـ ماروءڙن جي مھمان نوازي ڪندي آھي ۽ ماروءڙن سان گڏجي انھن جا مسءلا حل ڪندي آھي. مان سمجھان ٿو ھؤ مجبو آھي,ھؤ زيادتين ھيٺ آھي ۽ ڪنھن ڏاڍي جي ٻن مٿن واري لٺ ھٿان پيڙھجي رھي آھي ۽ پاڻ روءي رھي آھي تـ ماروءڙؤ مونکي معاف ڪجو,پرديسي پکيؤ مونکي معاف ڪجو.مان مجبور آھيان,مان جبر ھيٺ آھيان پر پوء بـ ھن جي سسءي واري ڪوشش جاري آھي.ھوء گوڏن ڀر گسڪندي پءي اچي ۽ سيني ڀر سرڪندي پءي اچي.
    خير جيڪڏھن حمل ڍنڍ جي ماروءڙن سان محبت ۽ ان سان وري سنگدلن جا ستم بيان ڪنداسين تـ ساعتون صدين ۾ تبديل ٿي وينديون پر ذڪر اڌورو رھجي ويندو.
    جيءن تـ مان مٿي ذڪر ڪري آيو آھيان تـ ڪاڇي جي آباد ٿيڻ جو ٻيو ذريعو برساتون پڻ آھن.برساتون پونديون آھن تـ جبلن تان پاڻي وھڪرو ڪري نءين جي صورت ۾ وھي ايندو آھي ۽ ماروءڙا پنھنجي آبادي ڪندا آھن.پر اڄ افسوس جو ان پاڻي کي بـ روڪي ڊيم ٺاھيا پيا وڄن.ڇا سنڌ ۽ ڪاڇي ۾ ڊيمن جي ايتري ضرورت آھي جو ماڻھن کان پيءڻ جو پاڻي بـ کسي ڪري ڊيم ٺاھيا پيا وڄن?اھي ڊيم ءي ڪھڙي ڪم جا جيڪي منھنجي ماروءڙن کي اڃايل رکن.جيءن ھڪ عام چوڻي آھي تـ "اھ سون ءي گھوريو جيڪو ڪن ڇني ." تـ اھي ڊيم ءي گھوريا جيڪي اسان کي اڃايل رکن.ماروءڙن جون مرڪون اداسين ۾ تبديل ٿينديون پءي وڄن. سڃي ديس کي اداسي وڪوڙيندي پءي وڄي. اتان جا ماروءڙا پنھنجو ديس ڇڏڻ تي مجبور ٿيندا پيا وڄن.اتان جا وھندڙ وھڪرا صديون پراڻا کوٽيل واھ ٿيندا پيا وڄن. اتان جا جبل ويراني جو ڏيک پيا ڏين.

    خدارا حمل ڍنڍ کي پاڻي ڏيو ۽ اتي جا رھندڙ ماروءڙا آباد ڪيو.ڪاڇي کي اداس ٿيڻ کان بچايو.

    عاشق چانڊیو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو