ڇا “ مائينس ٿري” فارمولا تي عمل ٿي رهيو آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏2 اپريل 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    شريف ڀائرن کي تازو ملندڙ “رعايت“ تي ڪنهن کي ڪا حيرت نه هئڻ گھرجي جو اهو سڀ ڪجهه اڳ ۾ ئي لکيل اسڪرپٽ جي عين مطابق ٿي رهيو آهي. عمران مخالف ڌريون جڏهن اها ڳالهه ڪن ٿيون ته ڪپتان کي ”آڻڻ وارن “ حڪومت ۾ آندو آهي ته اهي رڳو اڌ سچ ڳالهائي رهيون آهن.پورو سچ اهو آهي ته هن ملڪ ۾ هر حڪومت ”آڻڻ وارن“ جي مرضيء سان ئي ايندي رهي آهي سو ان معاملي ۾ سياستدانن جا هڪ ٻئي کي طعنا ۽ مهڻا ڏيڻ اجايا آهن.تجزيي نگارن موجب گذريل ڪيترن سالن کان ملڪي سياست ۾ “مائينس ٿري “ وارو فارمولو طي ڪيو ويو هو جن مان مائينس ون واري فارمولي يعني لنڊن واري ”پهلوان“ کي ملڪي سياست مان آئوٽ ڪرڻ تي عمل ٿي چڪو آهي. باقي فارمولي موجب ميان نواز شريف کي آئوٽ ڪري سندس جاء تي شهباز شريف ۽ آصف زرداريء کي آئوٽ ڪري بلاول زرداريء کي اڳيان آڻڻو هو جن مان ڪنهن به هڪ ”پاڪ ٿيل“ پارٽيء کي پي ٽي آئي سان گڏجي پاور شيئرنگ ڪرڻي هئي پر اهي معاملا ڪجهه گڙ ٻڙ جو شڪار ٿي ويا هئا جو ميان نوازشريف پنهنجي صاحبزاديء جي چوڻ تي” مزاحمت“ جو رستو اختيار ڪندي پنهنجي ننڍي ڀاء کي نون ليگ جي قيادت سونپڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ساڳيو ئي معاملو زرداري صاحب جو آهي جنهن پڻ بلاول زرداريء کي سياسي طور تي ”عاقل ۽ بالغ“ تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.تنهن هوندي به سنڌ ۾ چونڊن دوران پيپلز پارٽيء کي مليل ڳرو مينڊيٽ انهن ئي سگھارين ڌرين جي خاموش راضپي سواء ممڪن نه هو جو کين اميد هئي ته زرداري صاحب آخر مجبور ٿي هڪ ڏينهن پيپلز پارٽي بلاول جي حوالي ڪري ڇڏيندو.ملڪي سياست تي نظر رکندڙ تجزيي نگارن موجب مائينس ٿري وارو اهو فارمولو اڃا رول بيڪ ناهي ٿيو ۽ انهيء تي عمل درآمد جون ڪوششون جاري آهن.حالتون ٻڌائين ٿيون ته نيٺ ميان نواز شريف به آڻ مڃي ورتي آهي ۽ ايڏيون وڏيون سخت سزائون برداشت ڪرڻ سندس وس جي ڳالهه ناهي رهي.تازو هن کي جيل جي فضا مان ڪجهه ڏينهن لاء ان ڪري ٻاهر ڪڍيو ويو آهي ته جيئن هو ٻاهر وڃي” پرسڪون“ ماحول ۾ ٿڌي دماغ سان سوچي سمجھي فيصلو ڪري ۽ پوء قانون موجب نيب سان ڏيتي ليتي ڪري ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي .ميان شهباز شريف کي حديبيه ڪيس کان ويندي ٻين سمورن ڪيسن ۾ مليل رعايت، ماڊل ٽائون سانحي جي جي آئي ٽي جي معطليء کان ويندي کيس ملندڙ ضمانتون ۽ اي سي ايل مان نالو هٽائڻ وارا سمورا فيصلا ان طرف ئي اشارو ڪن ٿا ته ”سياستدانن کي سنڀاليندڙ“ عمران خان جي سياسي متبادل طور هر حالت ۾ ميان شهباز شريف کي ”محفوظ“ رکڻ گھرن ٿا ۽ انهيء سان گڏ پنجاب ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ سندس ” اڻ سڌي“سياسي ڪردار کي امڪان کان ٻاهر قرار ڏيئي نٿو سگھجي.هن وقت ملڪ جو حڪومتي ۽ انتظامي نظام بلڪل بيهي چڪو آهي ۽ گڏوگڏ اسيمبليون به جمود جو شڪار آهن.جيئن ته اهو طيء آهي ته عالمي،علاقائي ۽ ملڪي حالتن سبب ”بوٽن“ جي چرپر جو ڪو امڪان ناهي ان ڪري اسٽيبلشمينٽ کي هاڻوڪي سياسي نظام مان ئي ڪم ٽپائڻو آهي. ممڪن آهي ته پنجاب ۾ حڪومتي سطح تي ايندڙ ڏينهن ۾ ڪا وڏي تبديلي ڏسڻ ۾ اچي جنهن ۾ ميان شهباز شريف پلس چوڌري ڀائرن جي گڏيل آشيرواد سان ڪو نئون وڏو وزير بزدار جي جڳهه والاري.اها ڳالهه نه وسارڻ گھرجي ته هن وقت به چوڌري ڀائرن جا ميان شهباز شريف سان سياسي لاڳاپا موجود آهن. چوڌري نثار علي خان جيڪو اڃا تائين خاموش نظر اچي ٿو ان جو ايندڙ وقت ۾ هڪ اهم ڪردار پسي سگھجي ٿو.ٻئي طرف سنڌ ۾ پيپلز پارٽيء جي حڪومت کي به في الحال ڪو خطرو نظر نٿو اچي. سيد مراد علي شاهه اصل واڳ ڌڻين لاء هن وقت به ”فيوريٽ وزير اعليٰ“ آهي ۽ آئيندي به رهندو البت زرداري صاحب کي هر حالت ۾ سياست مان آئوٽ ڪرڻ ۽ ميان نواز شريف جيان پئسن جي ڏيتي ليتي ڪري باقي عرصو دبئيء ۾ گذارڻ لاء ڪم ٿي رهيو آهي.جن سياسي تجزي نگارن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي اهي گذريل ڪجهه عرصي کان ڪجهه حڪومتي وزيرن ۽ خود وزير اعظم عمران خان جي بيانن جو جائزو وٺندا ته ڳالهه سمجھڻ سولي ٿي پوندي.جيئن وفاقي وزير فواد چوڌريء جو چوڻ آهي ته ميان نواز شريف کي جيڪر ملڪ کان ٻاهر وڃڻو آهي ته هو نيب سان قانوني پلي بارگين ڪري پوء ڀلي ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي جڏهن ته شيخ رشيد ڪيئي ڀيرا پوري زور سان چئي چڪو آهي ته شهباز شريف اين آر او گھري رهيو آهي.عمران خان بار بار هڪ ڳالهه ورجائي رهيو آهي ته ڪنهن کي به ڪو اين آر او نه ڏنو ويندو.جيڪر پردي پويان اين آر او جي باري ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه ئي نه پيئي ٿئي ته پوء خان صاحب کي بار بار ان وضاحت جي ضرورت ڇو پيش اچي رهي آهي؟خان صاحب پنهن جي جڳهه تي صحيح آهي ته هو ڪنهن کي ڪو اين آر او نه ڏيندو پر سوال اهو آهي ته ڪنهن کي اين آر او ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو اختيار عمران خان کي آهي يا ڪنهن ٻئي کي؟ان ۾ هاڻي ڪنهن شڪ جي گنجائش گھٽ نظر اچي ٿي ته ميان نواز شريف ۽ زرداري صاحب کان ڪجهه ڏوڪڙ وصول ڪري منجھائن هٿ ڪڍڻ ۽ ميان شهباز شريف،بلاول زرداري ۽ سيد مراد علي شاه سان خاص ”رعايت“ ڪرڻ جون ڳالهيون پردي پويان ضرور هلي رهيون آهن ۽ اهي ڳالهيون اهڙي هنڌ ٿي رهيون آهن جتي ويچاري عمران جي ڪجهه به نه هلندي.هو في الحال ان معاملي تي ڪجهه مزاحمت ڪندي نظر اچي ٿو پر مزاحمت جي ان عمل ۾ هو اڪيلو آهي ايستائين جو سندس پنهن جي وزيرن ۽ مشيرن جي اڪثريت پڻ ان عظيم”مفاهمت ۽ مصلحت“ جي حق ۾ آهي ته جيئن هاڻوڪي حڪومت جو مٿي جو سور ختم ٿي سگھي ۽ سياسي ۽ حڪومتي معاملا اڳتي هلي سگھن.تازو عمران خان جو گھوٽڪيء واري جلسي ۾ اهو بيان ته“ اهي پئسا ڏين پوء ئي انهن مان هٿ ڪڍبا“ ان طرف ئي اشارو ڪري ٿو.پر عمران خان لاء هڪڙو مسئلو نهايت ئي ڊيڄاريندڙ آهي جو مفاهمت يا اين آر يا ان قسم جي ڊيل سان سندس سياسي ساک کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو امڪان آهي جو هن پنهن جي سموري سياست توڙي چونڊ مهم جو بنياد ئي ان نڪتي تي رکيو هو ته هو اقتدار ۾ اچي ڪرپٽ مافيا کي قانون مطابق سخت کان سخت سزائون ڏيندو ۽ ڪنهن کي به ڪا رعايت نه ڏني ويندي پر اسڪرپٽ لکندڙ هن وقت جنهن سياسي صورتحال ۽ معاشي ڏکيائين ۾ منجهي پيا آهن انهن حالتن ۾ “ رعايت“ ڏيڻ سواء ڪم اڳتي نٿو هلي.معاملو نيشنل ايڪشن پلان جو هجي يا فوجي عدالتن جي عرصي ۾ واڌ جو،معاشي استحڪام هجي يا آئين ۾ ڪنهن ترميم يا وري ڪنهن به نئين قانونسازيء جو مخالف ڌر جي مرضيء ۽ شرڪت سواء ڪوبه معاملو حل ٿي نه سگھندو ان ڪري عمران خان کي اها ڪڙي گوري کائڻ لاء راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي ۽ لڳي ٿو ته عمران خان نيٺ اها گوري چاهيندي يا نه چاهيندي ڳوري وٺندو.هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پوء ”احتساب“جو ڇا ٿيندو؟ ان جو جواب اهو ته ”ٽارگيٽيد احتساب“ جو عمل ساڳيء طرح جاري رهندو پر قيدن ۽ جيلن جي سزا بدران مقصد اهو ئي رهندو ته هرڪو قانوني طور تي پلي بارگين ڪري ڪجهه پئسا واپس ڪري ته جيئن ملڪ جي خالي خزاني ۾ في الحال ڪجهه ڏوڪڙ به اچي ۽ ملڪ ۾ ڪا گھڻي سياسي ڇڪتاڻ به پيدا نه ٿئي.پر ان جو مطلب اهو ناهي ته پردي جي پويان رڳو اهو هڪڙو ئي ”مائينس ٿري“ فارمولو ويچار هيٺ آهي پر ٻيا به ڪجهه فارمولا آهن.جيڪر اهو پهريون فارمولو ڪامياب نٿو ٿئي ته پوء هاڻوڪي سياسي نظام جي بچڻ جي ڪا اميد قائم نٿي رهي پوء هاڻوڪيون اسيمبليون ٽٽي به سگھن ٿيون،ڪنهن صدارتي آرڊينسس ذريعي معاشي ايمرجنسي به نافذ ٿي سگھي ٿي، ڪنهن ريفرينڊم جو اعلان به ٿي سگھي ٿو ۽ ملڪ صدارتي نظام ڏانهن به وڃي سگھي ٿو.اهي سڀ آپشن بهرحال موجود آهن پر هن وقت تائين ”مرضيء وارن “ جي مرضي اها آهي ته هاڻوڪي سياسي نظام مان ئي ڪم ٽپايو وڃي.عملي طور تي ”مائنس ٽو“ سمجھو ته ٿي چڪو آهي ۽ رهيل ”ٿري“ مائينس ٿڻيو آهي،ڏسجي ته اهو آسانيء سان مائنس ٿئي ٿو يا نه!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو