بي درد حڪمرانن جي ديس ۾...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    هڪ طرف ڪرپشن خلاف جهاد جي ڳالهه ته ٻئي پاسي ڪرپشن جي ٻئي طرف ڪرپشن جي الزامن هيٺ آيل سمورا شينهن مڙس هڪ هڪ ٿي آزاد ٿيندا ٿا وڃن،هڪ طرف غريبن جي احساس ۾ جڙندڙ نئين وزارت ته ٻئي طرف تيل،بجلي ، گئس ۽ دوائن جا وڌندڙ اگھه ،هڪ پاسي ملڪ جي ايڪسپورٽ وڌائڻ جون ڳالهيون ته ٻئي طرف پوري صنعت بي يقينيء جو شڪار،هاري ويچارا ته رلي ويا آهن،ڊالر جو اڳيان اڃا ڇا ٿيڻ وارو آهي ڪا خبر ناهي.اها آهي هن معاشي ٽيم جي ڪارڪردگي جنهن ٻاويهه سالا اپوزيشن سٺي،ٻاويهه سالن بعد به هوم ورڪ زيرو،رڳومونجهارا،ڪابه ڊائريڪشن ناهي،پوليس سڌارن جو پتو ناهي.ادارتي سڌارن جي ٻيڙي خبر ناهي ڪهڙي ڪن ۾ ڦاسي پيئي.غربت مٽايو پلان ڪهڙي راهه ۾ رلي ويو.پنجاهه لک گھر،هڪ ڪروڙ نوڪريون،نئون صوبو به ٺهڻو هو،ڪنهن به شيء جو نه ته مٿو ٿو سمجھه ۾ اچي نه پڇ.ٻن ٽن وزيرن کي ڇڏي ڪري ٻيا سوين وزير مشير ڪهڙي ڪرت ۾ لڳل آهن،خبر ناهي.اڌ پاڪستان اهڙي ماڻهوء حوالي آهي جيڪو چئي ٿو ته هو اڃا تربيت هيٺ آهي.ڳالهيون ٻڌو ته مٿو پٽڻ تي دل گھري ٿي.پورو سياسي ڪلچر چند وزيرن حوالي،ايئن لڳي ٿو ته موصوف زبان سان ئي حڪومتي ڪارڪردگيء کي آسمان جون بلنديون عطا ڪري رهيا آهن بلڪه بدزبانيء جي معراج.اٺن مهينن ۾ ڪا هڪڙي به ڍنگ جي ڳالهه ٻڌڻ لاء ناهي ملي.منجھائن سندن اتحادي تنگ،پنهنجا پراوا سڀ بيزار.ايجنڊا عمران خان جي بيوروڪريسي شريفن جي.سياسي ٽيم پي پي،ليگين وارو داغي مال،ايجنڊا تي ڌيان بدران هر ڪنهن سان روپيو ڏيئي وڙهڻ.حڪومت ۾ هوندي به سڀ جا سڀ ملڪه جذبات،سڀ جا سڀ مولا جٽ ۽ سلطان راهي.اسحاق ڊار،حسن حسين کي واپس آڻڻو هو پر لنڊن گھڻو پري هلي ويئي.شهباز شريف کان ڪرپشن جو حساب برابر ڪرڻو هو پر هو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيء جو چڱو مڙس بڻجي ويو۽ کيس اختيار ڏنو ويو ته ياد ماضي دل نه ڪر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو.احتساب زرداري صاحب جو ڪرڻو هو پر چڙهائي سنڌ تي ٿي ويئي.منهن ڀر ڪرڻو پيو ته هاڻي نه خدا ملا نه وصال صنم وارو معاملو آهي.هاڻي ڀٽي جو ڏوهٽو پي پي بدران ڪرپشن جو دفاع ڪري رهيو آهي.ڊاڪٽر عاصم،شرجيل،انور مجيد،ڪرپشن،مني لانڊرنگ،جمهوريت،آئين،ارڙهين ترميم،صوبائي خود مختياري سڀ معاملا پاڻ ۾ گڏ مڏ ٿي ويا آهن،خبر نٿي پوي ته ڪير ڪنهن سان ظلم پيو ڪري.ماڻهن کي سنڌ حڪومت جي سڀ ڪرپشن وسري ويئي،خراب حڪمراني به هضم ٿي ويئي،بکن کان مرندڙ معصوم به وسري ويا،ايستائين جو لاڙڪاڻي جا اٿلجندڙ گٽر پڻ.بلاول ۽ زرداري صاحب کي تقريرن کان واندڪائي ناهي،گلابي اردو،شتابي لهجو،گلي ڦاڙ ڌمڪيون ۽ سورن جي سمنڊ ۾ غوطا کا.ئيندڙ بي وس عوام.ڳالهيون ٻڌو ته کلي کلي ساهه نڪري وڃي،گذريل ڏهن سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪندڙ مسلسل پنهنجن مجبورين،محرومين ۽ مظلوميت جا داستان ڳائي ماڻهن کان داد وصول ڪري رهيا آهن.سنڌ ۽ سنڌين لاء نه ته وفاقي حڪومت وٽ ڪجهه آهي نه ئي سندن پنهنجي صوبائي حڪومت وٽ ڏيڻ لاء ڪا شيء.نواز شريف جن ادارن تي چڙهائي ڪئي،ٽڪي ٽڪي جون ڳالهيون ٻڌايون انهن ئي ادارن کان کيس رليف ملي رهيو آهي.زرداري صاحب جن کي روزانو تڙيون لڳائي ٿو انهن مان ئي فائدو کڻي رهيو آهي.مطلب اهو ته قانون جو احترام رڳو غريب ڪري ۽ قانون جون مارون به رڳو غريب سهي.اڳي پاناما تي جي آئي ٽي وارن سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون ڏنيون ته کين جان جو خطرو آهي،تحفظ ڏنو وڃي .هاڻي مني لانڊرنگ جي آئي ٽي وارن ۽ شاهدن سميت چوونجاهه ماڻهن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڪري چڪا آهن ته ساڻن گڏ سندن ڪٽنبن کي به جان جو خطرو آهي يعني جن کي ٻين کي ڊيڄارڻو هو اهي پاڻ ڊنل آهن.ثابت ٿيو ته پاڪستان گاڊ فادر ۽ سسيلين مافيا جو ملڪ آهي. پي پي ۽ ليگي مطلب ته ڀٽي ۽ ضياء جو وري اتحاد ٿي چڪو،قاتل اعليٰ خادم اعليٰ تسليم ٿي چڪو.شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو ساڳي گاڌيء ۾ سوار ٿي چڪا.زرداري صاحب جو اهو فرمان ته نواز شريف درندو،ڌرتيء جو ناسور،هاڻي کيس معاف ناهي ڪرڻو،معاف ڪيوسين ته الله اسان کي معاف نه ڪندو ۽ شهباز شريف جو اهو چوڻ ته زرداري آئون توکي ٽنگيندس.گهليندس،پيٽ ڦاڙيندس.بلاول جو اهو چوڻ ته شهباز قاتل اعليٰ،اهو سعد رفيق ۽ خواجا آصف تائين سڀني جو زرداريء جو نالو اچڻ تي ڪنن کي هٿ لڳائن.ڇو ته ٻنهي ڌڙن جي جان ساڳئي وڪڙ ۾آهي،ٻنهي جي بقا ساڳي دوا ۾ آهي،ٻنهي جو مشن پنهنجي کل بچايو،آل بچايو ۽ مال بچايو آهي سو ٻنهي گڏجي سياسي ٻه نمبريء جي نئين تاريخ لکي ورتي آهي.خود زرداري صاحب ۽ شريف ڀائرن وٽ ته پنهنجي بچاء ۾ نه شاهد نه گواهه،نه ثبوت نه جواز پر رضا ربانيء کان اعتزاز ۽ احسن اقبال کان مريم اورنگزيب تائين سڀ اڃا به زرداري صاحب ۽ شريفن جو دفاع ڪري رهيا آهن.حيرت رڳو ان تي آهي ته جن کي پنهنجن ڪرتوتن سبب منهن لڪائڻو هو ٻيا انهن کان منهن لڪائڻ تي مجبور نظر اچن ٿا.جن کي پاڪستان جي ٻاويهه ڪروڙن جو ڪيس وڙهڻو هو اهي پنهنجن خاندانن جا وڪيل نڪتا.جن کي ايندڙ نسلن جو سوچڻو هو اهي پنهنجن ٻارن جو مستقبل سنوارڻ ۾ لڳل رهيا.ڪالهه جيڪي نواز شريف ۽ مريم نواز کي انقلابي مڃي انقلاب جون خبرون ٻڌائي رهيا هئا،اڄ اهي انهن جي پر اسرار چپ مان حڪمتون ڳولهي رهيا آهن.ڪلهه تائين جيڪي زرداري صاحب کي مفاهمت جو گرو مڃي سندس ساراهن جا ڍڪ ڀريندا هئا اهي اڄ سندس انقلابي هئڻ تي فخر جو اظهار ڪري رهيا آهن.حيرت اها به آهي ته قوم مان زيان جو احساس ئي ختم ٿي ويو،انهن وٽ ڪرپشن،مني لانڊرنگ،ڦرلٽ،ڪوڙ ۽ ٻه نمبري ڪا حيثيت نٿي رکي.ڪلهه به ميان صاحب جا مست نعرا لڳي رهيا هئا اڄ به وڄي رهيا آهن.ڪلهه به هر گھر مان ڀٽو نڪري رهيو هو ۽ اڄ به هر گھر مان ڀٽو نڪري رهيو آهي.سڀني کي خبرآهي ته ڀٽي کي قتل ضياء ڪيو پر ڀٽو ازم جو قتل ڪنهن ڪيو؟پوء به انهيء ئي اسٽيج تان اهو نعرو بلند ٿئي ٿو ته ڪلهه به ڀٽو زندهه هو ۽ اڄ به ڀٽو زندهه آ.

    حمزا شهباز جو چوڻ آهي ته هن کي نيب ڪيسن جي ڪا پريشاني ناهي پر مهانگائيء ۽ بي روزگاريء ۾ ورتل غريب عوام جو درد کيس سمهڻ نٿو ڏئي،زرداري صاحب فرمائي ٿو ته جيڪر هاڻوڪن حڪمرانن کي ترت گھر ڀيڙو نه ڪيو ويو ته عوام کين معاف نه ڪندو.مولانا صاحب جو ارشاد آهي ته جيڪر عمران نيازيء مان ترت جان آجي نه ڪرائي ويئي ته ملڪ کي ناقابل برداشت نقصان رسندو.شيخ رشيد جو فرمان مبارڪ آهي ته جون تائين سڀ جا سڀ ڪرپٽ سياستدان جيل اندر هوندا.عمران خان جو چوڻ آهي ته هن ميان شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيء جو چيئرمين بنائي عظيم غلطي ڪئي.فواد چوڌريء جو حڪم آهي ته جن تي ڪرپشن جا ڪيس آهن اهي ڏوڪڙ ڏين پوء ڀلي پرديس هليا وڃن،اسد عمر جو چوڻ آهي ته عوام کي ايندڙ ڏيڍ کان ٻن سالن تائين صبر جو مزو چکڻو پوندو ۽ پوء ملڪ ۾ غريبن لاء مزا ئي مزا هوندا.اچو ته بيدرد حڪمرانن جي ديس ۾ اهڙيون مزيدار ڳالهيون ٻڌون ۽ پنهنجي دل وندرايون!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو